وَالصّٰفّٰتِ صَفًّا (آيت : 1) |
قطار ڪري صفن ٻڌڻ وارين جماعتن جو قسم آهي. |
فَالزّٰجِرٰتِ زَجرًا (آيت : 2) |
پوءِ جهڻڪ ڏيئي ڌمڪائڻ وارين (جماعتن) جو. |
فَالتّٰلِيٰتِ ذِكرًا (آيت : 3) |
پوءِ ڪتاب کي پڙهڻ وارين (جماعتن) جو |
إِنَّ إِلٰهَكُم لَوٰحِدٌ (آيت : 4) |
ته بيشڪ اوهان جو حاڪم هڪ آهي، |
رَبُّ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَما بَينَهُما وَرَبُّ المَشٰرِقِ (آيت : 5) |
جو آسمانن ۽ زمين جو ۽ جو ڪجهه انهن ٻنهين جي وچ ۾ آهي تنهن جو پاليندڙ آهي ۽ جو اڀرڻ وارن طرفن جو پاليندڙ آهي. |
إِنّا زَيَّنَّا السَّماءَ الدُّنيا بِزينَةٍ الكَواكِبِ (آيت : 6) |
بيشڪ اسان دنيا جي آسمان کي تارن جي سونهن سان سينگاريو آهي، |
وَحِفظًا مِن كُلِّ شَيطٰنٍ مارِدٍ (آيت : 7) |
۽ سڀڪنهن سرڪش شيطان کان (ان کي) حفاظت ۾ رکيو سون، |
لا يَسَّمَّعونَ إِلَى المَلَإِ الأَعلىٰ وَيُقذَفونَ مِن كُلِّ جانِبٍ (آيت : 8) |
اهي (ملائڪن جي) سڀ کان مٿئين جماعت ڏي ڪَنُ به نه ٿا لڳائي سگهن ۽ مٿن سڀ ڪنهن پاسي کان (تارا) اڇلايا وڃن ٿا، ڀڄائڻ لاءِ |
دُحورًا وَلَهُم عَذابٌ واصِبٌ (آيت : 9) |
۽ انهن لاءِ هميشة جو عذاب آهي، |
إِلّا مَن خَطِفَ الخَطفَةَ فَأَتبَعَهُ شِهابٌ ثاقِبٌ (آيت : 10) |
پر جيڪو (شيطان) ڪڏهن (ڪا ڳالهه) جهٽي وٺي ٿو. ته ان جي پٺيان ٻرندڙ اماڙي پوي ٿي. |
فَاستَفتِهِم أَهُم أَشَدُّ خَلقًا أَم مَن خَلَقنا إِنّا خَلَقنٰهُم مِن طينٍ لازِبٍ (آيت : 11) |
پوءِ تون انهن کان پُڇ ته سندن پيدا ڪرڻ زياده مشڪل آهي يا (ٻين جو) جن کي اسان پيدا ڪيو. بيشڪ اسان کين چيڪيءَ مٽيءَ مان پيدا ڪيو آهي. |
بَل عَجِبتَ وَيَسخَرونَ (آيت : 12) |
پر (اي پيغمبر !) تون (سندن انڪار تي) عجب ڪرين ٿو. ۽ اهي مسخريون ڪن ٿا. |
وَإِذا ذُكِّروا لا يَذكُرونَ (آيت : 13) |
۽ جڏهن کين نصيحت ڪئي وڃي ٿي ته ڌيان نه ٿا ڪن. |
وَإِذا رَأَوا ءايَةً يَستَسخِرونَ (آيت : 14) |
۽ جڏهن ڪا نشاني ڏسن ٿا ته مسخريون ڪن ٿا. |
وَقالوا إِن هٰذا إِلّا سِحرٌ مُبينٌ (آيت : 15) |
۽ چون ٿا ته هي رڳو ظاهر جادو آهي. |
أَءِذا مِتنا وَكُنّا تُرابًا وَعِظٰمًا أَءِنّا لَمَبعوثونَ (آيت : 16) |
ڇا جڏهن اسين مرنداسون ۽ مٽي ۽ هڏا ٿينداسون ته ڇا اسان کي وري جيئرو ڪيو ويندو. ڇا؟ |
أَوَءاباؤُنَا الأَوَّلونَ (آيت : 17) |
اسان جا پهريان ابا ڏاڏا به |
قُل نَعَم وَأَنتُم دٰخِرونَ (آيت : 18) |
(اي پيغمبر !) چئو ته هائو (اوهان کي جيئرو ڪيو ويندو) ۽ اوهين خوار هوندا. |
فَإِنَّما هِىَ زَجرَةٌ وٰحِدَةٌ فَإِذا هُم يَنظُرونَ (آيت : 19) |
پوءِ اهو (جيئرو ڪري اٿارڻ) رڳو هڪ سخت هڪل آهي پوءِ ان وقت ئي اهي (جيئرا ٿي) ڏسڻ لڳندا. |
وَقالوا يٰوَيلَنا هٰذا يَومُ الدّينِ (آيت : 20) |
۽ چوندا ته اسان لاءِ هاءِ ارمان! هي حساب جو ڏينهن آهي. (اسين چونداسون ته هائو) هي فيصلي جو ڏينهن آهي. |
هٰذا يَومُ الفَصلِ الَّذى كُنتُم بِهِ تُكَذِّبونَ (آيت : 21) |
جنهن کي اوهين ڪوڙو چوندا هئا. |
احشُرُوا الَّذينَ ظَلَموا وَأَزوٰجَهُم وَما كانوا يَعبُدونَ (آيت : 22) |
۽ (ملڪن کي حڪم ڪنداسون ته) ظالمن کي ۽ سندن سنگتين کي. ۽ جن جي اهي الله کانسواءِ عبادت ڪندا هئا تن کي گڏ ڪريو. |
مِن دونِ اللَّهِ فَاهدوهُم إِلىٰ صِرٰطِ الجَحيمِ (آيت : 23) |
پوءِ کين دوزخ جو رستو ڏيکاريو |
وَقِفوهُم إِنَّهُم مَسـٔولونَ (آيت : 24) |
۽ کين بيهاريو ڇو ته انهن کان پڇيو ويندو |
ما لَكُم لا تَناصَرونَ (آيت : 25) |
ته اوهان کي ڇا ٿيو آهي جو (دنيا وانگر هتي) هڪ ٻئي جي مدد نه ٿا ڪريو |
بَل هُمُ اليَومَ مُستَسلِمونَ (آيت : 26) |
پر اهي اڄ ڪنڌ نوائيندڙ آهن. |
وَأَقبَلَ بَعضُهُم عَلىٰ بَعضٍ يَتَساءَلونَ (آيت : 27) |
۽ هڪڙا ٻين جي سامهون ٿي هڪ ٻئي کان پڇندا. |
قالوا إِنَّكُم كُنتُم تَأتونَنا عَنِ اليَمينِ (آيت : 28) |
(تابعدار سردارن کي) چوندا ته اوهان ئي اسان وٽ سڄي پاسي کان ايندا هئا. |
قالوا بَل لَم تَكونوا مُؤمِنينَ (آيت : 29) |
(سردار) چوندا ته (نه) پر اوهين (خود) ايمان آڻيندڙ نه هئا. |
وَما كانَ لَنا عَلَيكُم مِن سُلطٰنٍ بَل كُنتُم قَومًا طٰغينَ (آيت : 30) |
۽ اسان جو اوهان تي ڪو زور نه هو پر اوهين حد کان لنگهندڙ قوم هئا. |
فَحَقَّ عَلَينا قَولُ رَبِّنا إِنّا لَذائِقونَ (آيت : 31) |
پوءِ اسان جي پاليندڙ جو حڪم اسان تي ثابت ٿيو ته بيشڪ اسين (سڀئي عذاب جو مزو) چکندڙ آهيون. |
فَأَغوَينٰكُم إِنّا كُنّا غٰوينَ (آيت : 32) |
پوءِ اسان اوهان کي گمراه ڪيو ڇو ته اسين (پاڻ به) گمراهه هئاسون. |
فَإِنَّهُم يَومَئِذٍ فِى العَذابِ مُشتَرِكونَ (آيت : 33) |
پوءِ بيشڪ اهي (سڀئي) ان ڏينهن عذاب ۾ ڀائيوار هوندا. |
إِنّا كَذٰلِكَ نَفعَلُ بِالمُجرِمينَ (آيت : 34) |
بيشڪ اسين ڏوهارين سان اهڙيءَ طرح ئي ڪريون ٿا. بيشڪ (اهي اهڙا سرڪش هئا جو) |
إِنَّهُم كانوا إِذا قيلَ لَهُم لا إِلٰهَ إِلَّا اللَّهُ يَستَكبِرونَ (آيت : 35) |
انهن کي جڏهن چيو ويندو هو ته الله کانسواءِ ڪو به حاڪم نه آهي ته وڏائي ڪندا هئا. |
وَيَقولونَ أَئِنّا لَتارِكوا ءالِهَتِنا لِشاعِرٍ مَجنونٍ (آيت : 36) |
۽ چوندا هئا ته ڇا اسين هڪ چرئي شاعر لاءِ پنهنجا معبود ڇڏڻ وارا آهيون؟ |
بَل جاءَ بِالحَقِّ وَصَدَّقَ المُرسَلينَ (آيت : 37) |
(ائين نه آهي) پر اُن حق آندو ۽ پيغمبرن کي سچو چيائين. |
إِنَّكُم لَذائِقُوا العَذابِ الأَليمِ (آيت : 38) |
بيشڪ اوهين دردناڪ عذاب (جو مزو) چکڻ وارا آهيو. |
وَما تُجزَونَ إِلّا ما كُنتُم تَعمَلونَ (آيت : 39) |
۽ جيڪي اوهين پيا ڪريو تنهن کانسواءِ ٻيو بدلو اوهان کي نه ڏنو ويندو، |
إِلّا عِبادَ اللَّهِ المُخلَصينَ (آيت : 40) |
پر الله جا پسند ڪيل ٻانهان |
أُولٰئِكَ لَهُم رِزقٌ مَعلومٌ (آيت : 41) |
تن لاءِ مقرر (ٿيل) روزي آهي، |
فَوٰكِهُ وَهُم مُكرَمونَ (آيت : 42) |
ميوا آهن ۽ کين عزت ڏني ويندي، |
فى جَنّٰتِ النَّعيمِ (آيت : 43) |
نعمت وارن باغن ۾ ، |
عَلىٰ سُرُرٍ مُتَقٰبِلينَ (آيت : 44) |
پلنگن تي هڪ ٻئي جي سامهون، |
يُطافُ عَلَيهِم بِكَأسٍ مِن مَعينٍ (آيت : 45) |
(۽) مٿن وهندڙ شراب مان (ڀريل) پيالو ڦيرايو ويندو |
بَيضاءَ لَذَّةٍ لِلشّٰرِبينَ (آيت : 46) |
جو اڇي رنگ جو پيئندڙن لاءِ مزيدار هوندو، |
لا فيها غَولٌ وَلا هُم عَنها يُنزَفونَ (آيت : 47) |
نه ان ۾ مٿي جي ڦيري هوندي ۽ نه ان جي ڪري نشو ئي ٿيندن. |
وَعِندَهُم قٰصِرٰتُ الطَّرفِ عينٌ (آيت : 48) |
۽ وٽن هيٺ نهاريندڙ سهڻين اکين واريون (زالون) هونديون، |
كَأَنَّهُنَّ بَيضٌ مَكنونٌ (آيت : 49) |
ڄڻ ته اهي ڍڪي رکيل (شتر مرغ جا) آنا آهن. |
فَأَقبَلَ بَعضُهُم عَلىٰ بَعضٍ يَتَساءَلونَ (آيت : 50) |
پوءِ (اهي جنتي) هڪ ٻئي ڏي منهن ڪري پڇندا |
قالَ قائِلٌ مِنهُم إِنّى كانَ لى قَرينٌ (آيت : 51) |
انهن مان هڪ چوندڙ چوندو ته بيشڪ منهنجو هڪ سنگتي هو. |
يَقولُ أَءِنَّكَ لَمِنَ المُصَدِّقينَ (آيت : 52) |
هو چوندو هو ته ڇا تون (قيامت کي) مڃيندڙن مان آهين؟ |
أَءِذا مِتنا وَكُنّا تُرابًا وَعِظٰمًا أَءِنّا لَمَدينونَ (آيت : 53) |
ڇا جڏهن اسين مرنداسون ۽ مٽي ۽ هڏا ٿينداسون ته ڇا اسان کي جزا ڏني ويندي؟ |
قالَ هَل أَنتُم مُطَّلِعونَ (آيت : 54) |
(وري پنهنجي سنگتين کي) چوندو ته ڇا اوهين جهاتي پائي ڏسندا؟ |
فَاطَّلَعَ فَرَءاهُ فى سَواءِ الجَحيمِ (آيت : 55) |
پوءِ (پاڻ به) جهاتي پائيندو ته ان کي دوزخ جي وچ ۾ ڏسندو. |
قالَ تَاللَّهِ إِن كِدتَ لَتُردينِ (آيت : 56) |
چوندو ته الله جو قسم ته تو مونکي ذري گهٽ هلاڪ ٿي ڪيو. |
وَلَولا نِعمَةُ رَبّى لَكُنتُ مِنَ المُحضَرينَ (آيت : 57) |
۽ جيڪڏهن منهنجي پاليندڙ جو احسان نه هجي ها ته آءُ (تو وانگر) حاضر ڪيلن مان هجان ها. |
أَفَما نَحنُ بِمَيِّتينَ (آيت : 58) |
ڇا (ائين نه آهي ته هتي) اسين مرڻ وارا نه آهيون؟ |
إِلّا مَوتَتَنَا الأولىٰ وَما نَحنُ بِمُعَذَّبينَ (آيت : 59) |
رڳو پهرئين ڀيري جو مرڻ هو ۽ اسان کي عذاب نه ڏنو ويندو. |
إِنَّ هٰذا لَهُوَ الفَوزُ العَظيمُ (آيت : 60) |
بيشڪ هيءَ ئي وڏي ڪاميابي آهي. |
لِمِثلِ هٰذا فَليَعمَلِ العٰمِلونَ (آيت : 61) |
پوءِ اهڙيءَ (ڪاميابي) لاءِ ڪم ڪندڙ ڪم ڪن. |
أَذٰلِكَ خَيرٌ نُزُلًا أَم شَجَرَةُ الزَّقّومِ (آيت : 62) |
ڇا اها مهماني وڌيڪ چٽي آهي يا ٿوهر جو وڻ؟ |
إِنّا جَعَلنٰها فِتنَةً لِلظّٰلِمينَ (آيت : 63) |
بيشڪ اسان ان کي ظالمن لاءِ هڪ عذاب ٺهرايو آهي. |
إِنَّها شَجَرَةٌ تَخرُجُ فى أَصلِ الجَحيمِ (آيت : 64) |
بيشڪ اهو هڪ وڻ آهي جو دوزخ جي تري مان نڪري ٿو، |
طَلعُها كَأَنَّهُ رُءوسُ الشَّيٰطينِ (آيت : 65) |
ان جو ڦر ڄڻ ته نانگن جون ڦڻيون آهن. |
فَإِنَّهُم لَءاكِلونَ مِنها فَمالِـٔونَ مِنهَا البُطونَ (آيت : 66) |
پوءِ بيشڪ اهي ان مان کائيندا پوءِ ان مان پيٽن کي ڀريندا. |
ثُمَّ إِنَّ لَهُم عَلَيها لَشَوبًا مِن حَميمٍ (آيت : 67) |
وري بيشڪ انهن لاءِ ان (کاڌي) تي گرم پاڻيءَ جي ملاوت هوندي. |
ثُمَّ إِنَّ مَرجِعَهُم لَإِلَى الجَحيمِ (آيت : 68) |
وري کين دوزخ ڏي موٽڻو پوندو. |
إِنَّهُم أَلفَوا ءاباءَهُم ضالّينَ (آيت : 69) |
بيشڪ انهن پنهنجن ابن ڏاڏن کي مراهه لڌو، |
فَهُم عَلىٰ ءاثٰرِهِم يُهرَعونَ (آيت : 70) |
پوءِ هي به سندن نشانن تي ڊوڙندا وڃن ٿا. |
وَلَقَد ضَلَّ قَبلَهُم أَكثَرُ الأَوَّلينَ (آيت : 71) |
بيشڪ انهن کان اڳ پهرين مان گهڻا گمراهه ٿيا آهن. |
وَلَقَد أَرسَلنا فيهِم مُنذِرينَ (آيت : 72) |
۽ بيشڪ انهن ۾ (به) اسان ڊيڄاريندڙ موڪليا. |
فَانظُر كَيفَ كانَ عٰقِبَةُ المُنذَرينَ (آيت : 73) |
پوءِ (اي پيغمبر !) ڏس ته ڊيڄاريلن جي پڇاڙي ڪيئن ٿي؟ |
إِلّا عِبادَ اللَّهِ المُخلَصينَ (آيت : 74) |
الله جي پسند ڪيل ٻانهن کانسواءِ. |
وَلَقَد نادىٰنا نوحٌ فَلَنِعمَ المُجيبونَ (آيت : 75) |
۽ بيشڪ اسان کي نوح سڏيو پوءِ (اسين) چڱا سڏ تي پهچندڙ آهيون. |
وَنَجَّينٰهُ وَأَهلَهُ مِنَ الكَربِ العَظيمِ (آيت : 76) |
۽ اسان کيس ۽ سندس گهر وارن کي وڏيءَ گهٻراهٽ کان بچايو. |
وَجَعَلنا ذُرِّيَّتَهُ هُمُ الباقينَ (آيت : 77) |
۽ اسان سندس اولاد کي ئي باقي رهندڙ ڪيو. |
وَتَرَكنا عَلَيهِ فِى الءاخِرينَ (آيت : 78) |
۽ پوين ۾ سندس تعريف ڇڏي سون. |
سَلٰمٌ عَلىٰ نوحٍ فِى العٰلَمينَ (آيت : 79) |
شال نوح تي سڀني جهانن ۾ سلام هجي. |
إِنّا كَذٰلِكَ نَجزِى المُحسِنينَ (آيت : 80) |
بيشڪ اسين نيڪي ڪندڙن کي اهڙيءَ طرح بدلو ڏيون ٿا. |
إِنَّهُ مِن عِبادِنَا المُؤمِنينَ (آيت : 81) |
بيشڪ هو اسان جي ايمان وارن ٻانهن مان هو. |
ثُمَّ أَغرَقنَا الءاخَرينَ (آيت : 82) |
وري ٻين کي ٻوڙيوسون. |
وَإِنَّ مِن شيعَتِهِ لَإِبرٰهيمَ (آيت : 83) |
۽ بيشڪ سندس پيروي ڪندڙن مان ابراهيم آهي. |
إِذ جاءَ رَبَّهُ بِقَلبٍ سَليمٍ (آيت : 84) |
جڏهن پنهنجي پاليندڙ وٽ سالم دل سان آيو. |
إِذ قالَ لِأَبيهِ وَقَومِهِ ماذا تَعبُدونَ (آيت : 85) |
جڏهن پنهنجي پيءُ ۽ پنهنجيءَ قوم کي چيائين ته ڪهڙيءَ شيءَ جي عبادت ڪريو ٿا. |
أَئِفكًا ءالِهَةً دونَ اللَّهِ تُريدونَ (آيت : 86) |
ڇا الله کانسواءِ هٿرادو معبودن کي گهرو ٿا؟ |
فَما ظَنُّكُم بِرَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 87) |
پوءِ جهانن جي پاليندڙ بابت اوهان جو ڪهڙو خيال آهي. |
فَنَظَرَ نَظرَةً فِى النُّجومِ (آيت : 88) |
پوءِ (نجومين وانگر) تارن ۾ هڪ ڀيرو چتائي ڏٺائين. |
فَقالَ إِنّى سَقيمٌ (آيت : 89) |
پوءِ چيائين ته بيشڪ آءُ بيمار ٿيڻ وارو آهيان. |
فَتَوَلَّوا عَنهُ مُدبِرينَ (آيت : 90) |
پوءِ ان کان پٺ ڏيئي ڦريا (ڇڏي ويا) |
فَراغَ إِلىٰ ءالِهَتِهِم فَقالَ أَلا تَأكُلونَ (آيت : 91) |
پوءِ لڪي لڪي سندن معبودن ڏي ويو پوءِ چيائين ته اوهين ڇو نه ٿا کائو؟ |
ما لَكُم لا تَنطِقونَ (آيت : 92) |
اوهان کي ڇا ٿيو آهي جو نه ٿا ڳالهايو؟ |
فَراغَ عَلَيهِم ضَربًا بِاليَمينِ (آيت : 93) |
پوءِ مٿن وڃي پيو (انهن کي) سڄي هٿ سان ڌڪ هڻڻ لڳو. |
فَأَقبَلوا إِلَيهِ يَزِفّونَ (آيت : 94) |
پوءِ اهي ان ڏي ڊوڙندا آيا. |
قالَ أَتَعبُدونَ ما تَنحِتونَ (آيت : 95) |
چيائين ته جن کي (پاڻ) گهڙيو ٿا تن جي عبادت ڪريو ٿا ڇا؟ |
وَاللَّهُ خَلَقَكُم وَما تَعمَلونَ (آيت : 96) |
هوڏانهن اوهان کي ۽ جيڪي اوهين بنايو ٿا تن کي الله پيدا ڪيو آهي. |
قالُوا ابنوا لَهُ بُنيٰنًا فَأَلقوهُ فِى الجَحيمِ (آيت : 97) |
چيائين ته ان لاءِ (کوري جهڙي هڪ جاءِ) بنايو. پوءِ کيس (باهه جي) آڙهه ۾ وجهو! |
فَأَرادوا بِهِ كَيدًا فَجَعَلنٰهُمُ الأَسفَلينَ (آيت : 98) |
پوءِ انسان بڇڙي تدبير جو ارادو ڪيائون پوءِ اسان کين هيٺ ڪيو. |
وَقالَ إِنّى ذاهِبٌ إِلىٰ رَبّى سَيَهدينِ (آيت : 99) |
۽ (ابراهيم) چيو ته بيشڪ آءُ پنهنجي پاليندڙ ڏي وڃي رهيو آهيان اهو مونکي رستو ڏيکاريندو. |
رَبِّ هَب لى مِنَ الصّٰلِحينَ (آيت : 100) |
اي منهنجا پاليندڙ! مونکي صالحن مان (ڪو پُٽ) بخشي ڏي. |
فَبَشَّرنٰهُ بِغُلٰمٍ حَليمٍ (آيت : 101) |
پوءِ اسان کيس هڪ بردبار ڇوڪري جي خوشخبري ڏني. |
فَلَمّا بَلَغَ مَعَهُ السَّعىَ قالَ يٰبُنَىَّ إِنّى أَرىٰ فِى المَنامِ أَنّى أَذبَحُكَ فَانظُر ماذا تَرىٰ قالَ يٰأَبَتِ افعَل ما تُؤمَرُ سَتَجِدُنى إِن شاءَ اللَّهُ مِنَ الصّٰبِرينَ (آيت : 102) |
پوءِ جڏهن ان سان گڏ ڊوڙڻ (جي عمر) کي پهتو تڏهن چيائين ته اي منهنجا پٽڙا! بيشڪ آءُ خواب ۾ ڏسان ٿو ته آءُ توکي ڪهان ٿو پوءِ تون ڏس ته تنهنجي صلاح ڇا آهي؟ چيائين ته اي منهنجا پيءٌ! جو توکي حڪم ڪيو وڃي ٿو سو ڪر. جيڪڏهن الله گهريو ته تون مون کي صبر ڪرڻ وارن مان لهندين. |
فَلَمّا أَسلَما وَتَلَّهُ لِلجَبينِ (آيت : 103) |
پوءِ جڏهن ٻنهين حڪم مڃيو ۽ (ابراهيم) ان کي پيشانيءَ ڀر ليٽايو. |
وَنٰدَينٰهُ أَن يٰإِبرٰهيمُ (آيت : 104) |
تڏهن اسان کيس سڏي چيو ته اي ابراهيم! |
قَد صَدَّقتَ الرُّءيا إِنّا كَذٰلِكَ نَجزِى المُحسِنينَ (آيت : 105) |
بيشڪ تو خواب کي سچو ڪري ڏيکاريو. بيشڪ اسين نيڪي ڪندڙن کي اهڙيءَ طرح بدلو ڏيون ٿا. |
إِنَّ هٰذا لَهُوَ البَلٰؤُا۟ المُبينُ (آيت : 106) |
بيشڪ هيءَ ئي پڌرو امتحان آهي. |
وَفَدَينٰهُ بِذِبحٍ عَظيمٍ (آيت : 107) |
۽ هڪ وڏي قرباني ان جي بدلي ۾ ڏني سون. |
وَتَرَكنا عَلَيهِ فِى الءاخِرينَ (آيت : 108) |
۽ پوين ۾ سندس تعريف ڇڏي سون. |
سَلٰمٌ عَلىٰ إِبرٰهيمَ (آيت : 109) |
شال ابراهيم تي سلام هجي. |
كَذٰلِكَ نَجزِى المُحسِنينَ (آيت : 110) |
نيڪي ڪندڙن کي اهڙيءَ طرح بدلو ڏيون ٿا. |
إِنَّهُ مِن عِبادِنَا المُؤمِنينَ (آيت : 111) |
بيشڪ اهو اسان جي ايمان وارن ٻانهن مان هو. |
وَبَشَّرنٰهُ بِإِسحٰقَ نَبِيًّا مِنَ الصّٰلِحينَ (آيت : 112) |
۽ اسان کيس اسحاق جي خوشخبري ڏني جو صالحن مان (هڪ) نبي هوندو. |
وَبٰرَكنا عَلَيهِ وَعَلىٰ إِسحٰقَ وَمِن ذُرِّيَّتِهِما مُحسِنٌ وَظالِمٌ لِنَفسِهِ مُبينٌ (آيت : 113) |
۽ اسان ابراهيم تي ۽ اسحاق تي برڪت ڪئي ۽ انهن ٻنهين جي اولاد مان ڪو نيڪي ڪندڙ آهي ۽ ڪو پاڻ تي پڌرو ظلم ڪندڙ آهي. |
وَلَقَد مَنَنّا عَلىٰ موسىٰ وَهٰرونَ (آيت : 114) |
۽ بيشڪ اسان موسيٰ ۽ هارون تي احسان ڪيو. |
وَنَجَّينٰهُما وَقَومَهُما مِنَ الكَربِ العَظيمِ (آيت : 115) |
۽ انهن ٻنهين کي ۽ سندن قوم کي وڏي گهٻراهٽ کان بچايوسون. |
وَنَصَرنٰهُم فَكانوا هُمُ الغٰلِبينَ (آيت : 116) |
۽ سندن مدد ڪئي سون پوءِ اهي ئي غالب رهيا. |
وَءاتَينٰهُمَا الكِتٰبَ المُستَبينَ (آيت : 117) |
۽ انهن ٻنهين کي پڌرو ڪتاب ڏنوسون. |
وَهَدَينٰهُمَا الصِّرٰطَ المُستَقيمَ (آيت : 118) |
۽ انهن ٻنهين کي سڌو رستو ڏيکاريوسون. |
وَتَرَكنا عَلَيهِما فِى الءاخِرينَ (آيت : 119) |
۽ انهن ٻنهين جي پوين ۾ تعريف ڇڏي سون. |
سَلٰمٌ عَلىٰ موسىٰ وَهٰرونَ (آيت : 120) |
شال موسيٰ ۽ هارون تي سلام هجي. |
إِنّا كَذٰلِكَ نَجزِى المُحسِنينَ (آيت : 121) |
بيشڪ اسين نيڪي ڪندڙن کي اهڙيءَ طرح بدلو ڏيون ٿا. |
إِنَّهُما مِن عِبادِنَا المُؤمِنينَ (آيت : 122) |
بيشڪ اهي ٻئي اسان جي ايمان وارن ٻانهن مان هئا. |
وَإِنَّ إِلياسَ لَمِنَ المُرسَلينَ (آيت : 123) |
۽ بيشڪ اِلياس پيغمبرن مان هو. |
إِذ قالَ لِقَومِهِ أَلا تَتَّقونَ (آيت : 124) |
جڏهن پنهنجي قوم کي چيائين ته ڇا اوهين (الله کان) نه ٿا ڊڄو؟ |
أَتَدعونَ بَعلًا وَتَذَرونَ أَحسَنَ الخٰلِقينَ (آيت : 125) |
ڇا اوهين بعل (نالي بت)کي سڏيو ٿا ۽ سڀني کان چٽي بنائيندڙ کي ڇڏيو ٿا، |
اللَّهَ رَبَّكُم وَرَبَّ ءابائِكُمُ الأَوَّلينَ (آيت : 126) |
جو الله اوهان جو پاليندڙ ۽ اوهان جي اڳين ابن ڏاڏن جو پاليندڙ آهي. |
فَكَذَّبوهُ فَإِنَّهُم لَمُحضَرونَ (آيت : 127) |
پوءِ اُنهن ان کي ڪوڙو ڪيو پوءِ بيشڪ اهي حاضر ڪيل هوندا. |
إِلّا عِبادَ اللَّهِ المُخلَصينَ (آيت : 128) |
الله جي پسند ڪيل ٻانهن کان سواءِ. |
وَتَرَكنا عَلَيهِ فِى الءاخِرينَ (آيت : 129) |
۽ پوين ۾ سندس تعريف ڇڏي سون. |
سَلٰمٌ عَلىٰ إِل ياسينَ (آيت : 130) |
شال الياس تي سلام هجي. |
إِنّا كَذٰلِكَ نَجزِى المُحسِنينَ (آيت : 131) |
بيشڪ اسين نيڪي ڪندڙن کي اهڙيءَ طرح بدلو ڏيون ٿا. |
إِنَّهُ مِن عِبادِنَا المُؤمِنينَ (آيت : 132) |
بيشڪ اهو اسان جي ايمان وارن ٻانهن مان هو |
وَإِنَّ لوطًا لَمِنَ المُرسَلينَ (آيت : 133) |
۽ بيشڪ لوط پيغمبرن مان هو. |
إِذ نَجَّينٰهُ وَأَهلَهُ أَجمَعينَ (آيت : 134) |
(ياد ڪر) جڏهن ان کي ۽ سندس سڀني گهرن وارن کي بچايو سون. |
إِلّا عَجوزًا فِى الغٰبِرينَ (آيت : 135) |
هڪ ٻڍيءَ زال کانسواءِ جا (پٺتي) رهيلن مان ٿي. |
ثُمَّ دَمَّرنَا الءاخَرينَ (آيت : 136) |
(ان کان) پوءِ ٻين کي برباد ڪيوسون. |
وَإِنَّكُم لَتَمُرّونَ عَلَيهِم مُصبِحينَ (آيت : 137) |
۽ بيشڪ اوهان جو مٿن گذر ٿئي ٿو ڪڏهن صبح جو ۽ (ڪڏهن) رات ۾ . |
وَبِالَّيلِ أَفَلا تَعقِلونَ (آيت : 138) |
ڇا پوءِ اوهين عقل کان ڪم نه ٿا وٺو؟ |
وَإِنَّ يونُسَ لَمِنَ المُرسَلينَ (آيت : 139) |
۽ بيشڪ يونس پيغمبرن مان هو. |
إِذ أَبَقَ إِلَى الفُلكِ المَشحونِ (آيت : 140) |
جڏهن (هو) ڀريل ٻيڙيءَ ڏي ڀڳو. |
فَساهَمَ فَكانَ مِنَ المُدحَضينَ (آيت : 141) |
پوءِ (ٻيڙيءَ وارن سان) پکُو وڌائين ته خطا وارن مان نڪتو. |
فَالتَقَمَهُ الحوتُ وَهُوَ مُليمٌ (آيت : 142) |
پوءِ مڇي کيس ڳهي ويئي ۽ اهو قابل ملامت هو. |
فَلَولا أَنَّهُ كانَ مِنَ المُسَبِّحينَ (آيت : 143) |
پوءِ جيڪڏهن اهو تسبيح چوندڙن مان نه هجي ها، |
لَلَبِثَ فى بَطنِهِ إِلىٰ يَومِ يُبعَثونَ (آيت : 144) |
ته جنهن ڏينهن ۾ (مئل جيئرا ڪري) اٿاريا ويندا تنهن ڏينهن تائين ان جي پيٽ ۾ رهي ها. |
فَنَبَذنٰهُ بِالعَراءِ وَهُوَ سَقيمٌ (آيت : 145) |
پوءِ کيس صاف ميدان ۾ اڇليوسون ۽ اهو بيمار هو. |
وَأَنبَتنا عَلَيهِ شَجَرَةً مِن يَقطينٍ (آيت : 146) |
۽ مٿس هڪ وڻ ڪدوءَ جي قسم مان ڄمايو سون |
وَأَرسَلنٰهُ إِلىٰ مِا۟ئَةِ أَلفٍ أَو يَزيدونَ (آيت : 147) |
۽ ان کي هڪ لک يا (ان کان) وڌيڪ (ماڻهن) ڏي موڪليوسون. |
فَـٔامَنوا فَمَتَّعنٰهُم إِلىٰ حينٍ (آيت : 148) |
پوءِ انهن ايمان آندو پوءِ کين هڪ وقت تائين آسودو رکيو سون. |
فَاستَفتِهِم أَلِرَبِّكَ البَناتُ وَلَهُمُ البَنونَ (آيت : 149) |
(اي پيغمبر !) تون انهن (مڪي وارن) کان پڇ ته ڇا |
أَم خَلَقنَا المَلٰئِكَةَ إِنٰثًا وَهُم شٰهِدونَ (آيت : 150) |
تنهنجي پاليندڙ لاءِ ڌيئرون آهن ۽ انهن لاءِ پٽ آهن يا اسان ملائڪن کي زالون ڪري بنايو ۽ اهي ڏسي رهيا هئا. |
أَلا إِنَّهُم مِن إِفكِهِم لَيَقولونَ (آيت : 151) |
خبردار! بيشڪ اهي پنهنجو هٿراڌو ڪوڙ چون ٿا |
وَلَدَ اللَّهُ وَإِنَّهُم لَكٰذِبونَ (آيت : 152) |
ته الله (اولادکي) ڄڻيو آهي ۽ بيشڪ اهي ڪوڙا آهن. |
أَصطَفَى البَناتِ عَلَى البَنينَ (آيت : 153) |
ڇا پٽن کان ڌيئرن کي پسند ڪيو اٿس؟ |
ما لَكُم كَيفَ تَحكُمونَ (آيت : 154) |
اوهان کي ڇا ٿيو آهي؟ ڪيئن فيصلو ڪريو ٿا. |
أَفَلا تَذَكَّرونَ (آيت : 155) |
ڇا پوءِ ڌيان نه ٿا ڪريو. |
أَم لَكُم سُلطٰنٌ مُبينٌ (آيت : 156) |
ڀلا اوهان وٽ ڪا ظاهر ثابتي آهي ڇا؟ |
فَأتوا بِكِتٰبِكُم إِن كُنتُم صٰدِقينَ (آيت : 157) |
ته پوءِ پنهنجو ڪتاب آڻيو جيڪڏهن اوهين سچا آهيو. |
وَجَعَلوا بَينَهُ وَبَينَ الجِنَّةِ نَسَبًا وَلَقَد عَلِمَتِ الجِنَّةُ إِنَّهُم لَمُحضَرونَ (آيت : 158) |
۽ انهن (ڪافرن) الله جي وچ ۾ ۽ جنن جي وچ ۾ هڪ مائٽي مقرر ڪئي آهي ۽ بيشڪ جنن ڄاتو آهي ته کين (حساب لاءِ) ضرور حاضر ڪيو ويندو. |
سُبحٰنَ اللَّهِ عَمّا يَصِفونَ (آيت : 159) |
جيڪي اهي بيان ڪن ٿا، تنهن کان الله پاڪ آهي. |
إِلّا عِبادَ اللَّهِ المُخلَصينَ (آيت : 160) |
الله جي پسند ڪيل ٻانهن کان سواءِ. |
فَإِنَّكُم وَما تَعبُدونَ (آيت : 161) |
پوءِ بيشڪ اوهين ۽ (اهي سڀ) جن جي عبادت ڪيو ٿا |
ما أَنتُم عَلَيهِ بِفٰتِنينَ (آيت : 162) |
(ڪنهن کي به) اوهين الله کان ڦيرڻ وارا نه آهيو. |
إِلّا مَن هُوَ صالِ الجَحيمِ (آيت : 163) |
سواءِ ان جي جيڪو دوزخ ۾ داخل ٿيڻ وارو آهي. |
وَما مِنّا إِلّا لَهُ مَقامٌ مَعلومٌ (آيت : 164) |
۽ (ملائڪ چون ٿا ته) اسان مان ڪوبه اهڙو نه آهي جنهن لاءِ مقرر جاءِ نه هجي |
وَإِنّا لَنَحنُ الصّافّونَ (آيت : 165) |
۽ بيشڪ اسين صفون ٻڌي بيهندڙ آهيون. |
وَإِنّا لَنَحنُ المُسَبِّحونَ (آيت : 166) |
۽ بيشڪ اسين پاڪائي بيان ڪندڙ آهيون. |
وَإِن كانوا لَيَقولونَ (آيت : 167) |
۽ بيشڪ اهي (مڪي جا ڪافر) چوندا هئا |
لَو أَنَّ عِندَنا ذِكرًا مِنَ الأَوَّلينَ (آيت : 168) |
ته جيڪڏهن اسان وٽ اڳين جو ڪو ڪتاب هجي ها |
لَكُنّا عِبادَ اللَّهِ المُخلَصينَ (آيت : 169) |
ته ضرور اسين الله جا پسند ڪيل ٻانهان هجون ها. |
فَكَفَروا بِهِ فَسَوفَ يَعلَمونَ (آيت : 170) |
پوءِ ان (قرآن) جو انڪار ڪيائون پوءِ (ان جو نتيجو) ڄاڻي ويندا. |
وَلَقَد سَبَقَت كَلِمَتُنا لِعِبادِنَا المُرسَلينَ (آيت : 171) |
۽ بيشڪ اسانجن ٻانهن پيغمبرن لاءِ اسان جو حڪم ٿي چڪو آهي |
إِنَّهُم لَهُمُ المَنصورونَ (آيت : 172) |
ته بيشڪ اهي فتحمند آهن. |
وَإِنَّ جُندَنا لَهُمُ الغٰلِبونَ (آيت : 173) |
۽ بيشڪ اسان جو لشڪر ئي غالب آهي. |
فَتَوَلَّ عَنهُم حَتّىٰ حينٍ (آيت : 174) |
پوءِ (اي پيغمبر !) تون انهن (ڪافرن) کان هڪ وقت تائين منهن موڙ |
وَأَبصِرهُم فَسَوفَ يُبصِرونَ (آيت : 175) |
۽ کين ڏسندو رهه پوءِ اهي به (نتيجو) ڏسندا. |
أَفَبِعَذابِنا يَستَعجِلونَ (آيت : 176) |
ڇا پوءِ اهي اسان جي عذاب جي جلد اچڻ جي گُهر ڪن ٿا؟ |
فَإِذا نَزَلَ بِساحَتِهِم فَساءَ صَباحُ المُنذَرينَ (آيت : 177) |
پوءِ جڏهن سندن اٽڻ ۾ (عذاب) لهندو ته ڊيڄاريلن جو صبح بڇڙو ٿيندو. |
وَتَوَلَّ عَنهُم حَتّىٰ حينٍ (آيت : 178) |
۽ (اي پيغمبر !) تون کانئن هڪ وقت تائين منهن موڙ |
وَأَبصِر فَسَوفَ يُبصِرونَ (آيت : 179) |
۽ ڏسندو رهه! پوءِاهي به (پنهنجو نتيجو) ڏسندا. |
سُبحٰنَ رَبِّكَ رَبِّ العِزَّةِ عَمّا يَصِفونَ (آيت : 180) |
(اي پيغمبر !) جيڪي اهي بيان ڪن ٿا تنهن کان تنهنجو پاليندڙ عزت جو مالڪ پاڪ آهي. |
وَسَلٰمٌ عَلَى المُرسَلينَ (آيت : 181) |
۽ پيغمبرن تي سلام هجي. |
وَالحَمدُ لِلَّهِ رَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 182) |
۽ سڀ تعريفون الله لاءِ آهن جو جهانن جو پاليندڙ آهي. |