القرآن الڪريم

  • اينڊرائيڊ ايپليڪيشن
  • سهڪار
  • پراجيڪٽ ٽيم
  • پراجيڪٽ بابت
  • مترجمين
    • قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)
    • ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)
    • بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)
    • سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)
    • احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)
    • الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)
    • فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)
    • نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)
    • البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)
    • تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)
    • القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)
    • قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)


 

رڪوع : 5 سُوۡرَۃُ الصّٰٓفّٰت مَکِّیَّۃٌ آيتون : 182


بِسۡمِ اللهِ الرَّحمٰنِ الرَّحِيۡمِ

وَالصّٰفّٰتِ صَفًّا (آيت : 1)

قسم آهي قطار ڪري صفون ٻَڌَندڙ جماعتن جو.

فَالزّٰجِرٰتِ زَجرًا (آيت : 2)

پوءِ (براين تي) سختي سان جهڻڪڻ وارين جماعتن جو قسم.

فَالتّٰلِيٰتِ ذِكرًا (آيت : 3)

پوءِ ڪتابن کي پڙهڻ وارين جماعتن جو قسم.

إِنَّ إِلٰهَكُم لَوٰحِدٌ (آيت : 4)

بيشڪ توهان جو معبود هڪ ئي آهي.

رَبُّ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَما بَينَهُما وَرَبُّ المَشٰرِقِ (آيت : 5)

(جيڪو) آسمانن ۽ زمين ۽ جيڪي انهن ٻنهين جي وچ ۾ آهي (سڀني جو) مالڪ آهي ۽ جيڪو اُڀرندَن جو مالڪ آهي.

إِنّا زَيَّنَّا السَّماءَ الدُّنيا بِزينَةٍ الكَواكِبِ (آيت : 6)

بيشڪ اسان دنيا واري آسمان کي تارن جي سونهن سان سينگاريو آهي.

وَحِفظًا مِن كُلِّ شَيطٰنٍ مارِدٍ (آيت : 7)

۽ هر سرڪش شيطان کان (ان کي) محفوظ ڪيو آهي.

لا يَسَّمَّعونَ إِلَى المَلَإِ الأَعلىٰ وَيُقذَفونَ مِن كُلِّ جانِبٍ (آيت : 8)

اُهي (شيطان) سڀ کان مٿين (مقرب ملائڪن جي) جماعت ڏانهن ڪَنُ به نه ٿا لڳائي سگهن ۽ اهي (اُماڙين سان) هر طرف کان چُٽيا وڃن ٿا.

دُحورًا وَلَهُم عَذابٌ واصِبٌ (آيت : 9)

انهن کي ڀڄائڻ لاءِ ۽ انهن لاءِ هميشه جو عذاب آهي.

إِلّا مَن خَطِفَ الخَطفَةَ فَأَتبَعَهُ شِهابٌ ثاقِبٌ (آيت : 10)

مگر جيڪو (شيطان) هڪ ڀيرو (فرشتن جي ڪا ڳالهه) جَهٽي وٺي ٿو ته ٻرندڙ اُماڙي ان جي پٺيان پوي ٿي.

فَاستَفتِهِم أَهُم أَشَدُّ خَلقًا أَم مَن خَلَقنا إِنّا خَلَقنٰهُم مِن طينٍ لازِبٍ (آيت : 11)

پوءِ انهن کان پڇ ته سندن پيدائش زياده مشڪل آهي يا (ٻيون) اُهي شيون جن کي اسان پيدا ڪيو آهي. بيشڪ اسان انهن کي چِيڪِي مٽيءَ مان پيدا ڪيو آهي.

بَل عَجِبتَ وَيَسخَرونَ (آيت : 12)

بلڪه تون عجب ڪرين ٿو ۽ اُهي مسخريون ڪن ٿا.

وَإِذا ذُكِّروا لا يَذكُرونَ (آيت : 13)

۽ جڏهن انهن کي نصيحت ڪئي وڃي ٿي ته نصيحت قبول نه ٿا ڪن.

وَإِذا رَأَوا ءايَةً يَستَسخِرونَ (آيت : 14)

۽ جڏهن ڪو معجزو ڏسن ٿا ته مسخريون ڪن ٿا.

وَقالوا إِن هٰذا إِلّا سِحرٌ مُبينٌ (آيت : 15)

۽ چون ٿا ته: ”هي ته رڳو پڌرو جادو ئي آهي.

أَءِذا مِتنا وَكُنّا تُرابًا وَعِظٰمًا أَءِنّا لَمَبعوثونَ (آيت : 16)

ڇا جڏهن اسان مري وينداسين ۽ مٽي ۽ هڏا ٿي وينداسين ته ڇا اسان وري جيئرو ڪري اٿاريا وينداسين.

أَوَءاباؤُنَا الأَوَّلونَ (آيت : 17)

ڇا اسان جا اڳيان ابا ڏاڏا به“ (جيرا ڪري اٿاريا ويندا).

قُل نَعَم وَأَنتُم دٰخِرونَ (آيت : 18)

چؤ: ”هائو ۽ توهان خوار (به) ٿيندؤ“.

فَإِنَّما هِىَ زَجرَةٌ وٰحِدَةٌ فَإِذا هُم يَنظُرونَ (آيت : 19)

پوءِ اها فقط هڪ سخت هڪل هوندي پوءِ سڀ اوچتو (زنده ٿي) ڏسڻ لڳندا.

وَقالوا يٰوَيلَنا هٰذا يَومُ الدّينِ (آيت : 20)

۽ چوندا: ”هاءِ اسان لاءِ بربادي هي بدلي جو ڏينهن آهي“.

هٰذا يَومُ الفَصلِ الَّذى كُنتُم بِهِ تُكَذِّبونَ (آيت : 21)

(هائو هائو) هي فيصلي جو ڏينهن آهي جنهن کي توهان ڪوڙو چوندا هئا.

احشُرُوا الَّذينَ ظَلَموا وَأَزوٰجَهُم وَما كانوا يَعبُدونَ (آيت : 22)

(حڪم ڏينداسين ته) ”انهن ماڻهن کي گڏ ڪيو جن ظلم ڪيو ۽ انهن جي ساٿين کي به ۽ انهن (ڪوڙن معبودن) کي به جن جي اُهي پوڄا ڪندا هئا.

مِن دونِ اللَّهِ فَاهدوهُم إِلىٰ صِرٰطِ الجَحيمِ (آيت : 23)

الله کي ڇڏي (جن بتن کي پوڄيندا هئا) پوءِ انهن سڀني کي دوزخ جي رستي تي وٺي هلو.

وَقِفوهُم إِنَّهُم مَسـٔولونَ (آيت : 24)

۽ انهن کي (ميدانِ حشر) تي بيهاريو بيشڪ انهن کان پڇاڻو ڪيو ويندو“.

ما لَكُم لا تَناصَرونَ (آيت : 25)

(چيو ويندو) ”توهان کي ڇا ٿيو آهي؟ جو هڪ ٻئي جي مدد نه ٿا ڪيو“؟

بَل هُمُ اليَومَ مُستَسلِمونَ (آيت : 26)

بلڪه اُهي خود اڄ ڪنڌ جهڪائي بيٺل آهن.

وَأَقبَلَ بَعضُهُم عَلىٰ بَعضٍ يَتَساءَلونَ (آيت : 27)

۽ اُهي هڪ ٻئي جي سامهون ٿي سوال ڪندا.

قالوا إِنَّكُم كُنتُم تَأتونَنا عَنِ اليَمينِ (آيت : 28)

چوندا: ”بيشڪ توهان ئي ته اسان وٽ ساڄي پاسي کان ايندا هئا“.

قالوا بَل لَم تَكونوا مُؤمِنينَ (آيت : 29)

(گمراهه ڪندڙ اڳواڻ) چوندا: ”بلڪه توهان خود ايمان آڻڻ وارا نه هئا.

وَما كانَ لَنا عَلَيكُم مِن سُلطٰنٍ بَل كُنتُم قَومًا طٰغينَ (آيت : 30)

۽ اسان جو اوهان تي ڪو زور ڪونه هيو، بلڪه توهان خود حد کان لنگهدڙ قوم هئا.

فَحَقَّ عَلَينا قَولُ رَبِّنا إِنّا لَذائِقونَ (آيت : 31)

پوءِ اسان تي اسان جي پالڻهار جو فرمان ثابت ٿيو. بيشڪ اسان (عذاب جو مزو) چکيندڙ آهيون.

فَأَغوَينٰكُم إِنّا كُنّا غٰوينَ (آيت : 32)

سو اسان توهان کي گمراهه ڪيو بيشڪ اسان خود گمراهه هئاسين“.

فَإِنَّهُم يَومَئِذٍ فِى العَذابِ مُشتَرِكونَ (آيت : 33)

پوءِ بيشڪ اُهي (سڀئي) ان ڏينهن عذاب ۾ ڀائيوار هوندا.

إِنّا كَذٰلِكَ نَفعَلُ بِالمُجرِمينَ (آيت : 34)

بيشڪ اسان ڏوهارين سان ائين ئي ڪندا آهيون.

إِنَّهُم كانوا إِذا قيلَ لَهُم لا إِلٰهَ إِلَّا اللَّهُ يَستَكبِرونَ (آيت : 35)

بيشڪ اُهي اهڙا هئا جو جڏهن انهن کي چيو ويندو هيو ته: ”الله کان سواءِ ڪوبه عبادت جي لائق نه آهي“ ته اُهي تڪبر ڪندا هئا.

وَيَقولونَ أَئِنّا لَتارِكوا ءالِهَتِنا لِشاعِرٍ مَجنونٍ (آيت : 36)

۽ چوندا هئا ته: ”ڇا اسان هڪ مجنون شاعر جي خاطر پنهنجي معبودن کي ڇڏي ڏيون“!

بَل جاءَ بِالحَقِّ وَصَدَّقَ المُرسَلينَ (آيت : 37)

حالانڪه اهو حق کڻي آيو هيو ۽ ان رسولن جي تصديق ڪئي هئي.

إِنَّكُم لَذائِقُوا العَذابِ الأَليمِ (آيت : 38)

(چيو ويندو) بيشڪ توهان دردناڪ عذاب (جو مزو) چکڻ وارا آهيو.

وَما تُجزَونَ إِلّا ما كُنتُم تَعمَلونَ (آيت : 39)

۽ توهان کي (ڪوبه) بدلو نه ڏنو ويندو سواءِ ان جي جيڪي توهان عمل ڪندا هئا.

إِلّا عِبادَ اللَّهِ المُخلَصينَ (آيت : 40)

مگر جيڪي الله جا چونڊيل ٻانها آهن.

أُولٰئِكَ لَهُم رِزقٌ مَعلومٌ (آيت : 41)

اُهي ماڻهو آهن جن لاءِ (خاص) روزي مقرر ٿيل آهي.

فَوٰكِهُ وَهُم مُكرَمونَ (آيت : 42)

ميوا هوندا، ۽ اهي عزت وارا هوندا.

فى جَنّٰتِ النَّعيمِ (آيت : 43)

نعمتن وارن باغن ۾.

عَلىٰ سُرُرٍ مُتَقٰبِلينَ (آيت : 44)

پلنگن تي آمهون سامهون (ويٺل هوندا).

يُطافُ عَلَيهِم بِكَأسٍ مِن مَعينٍ (آيت : 45)

انهن تي ڇُلڪندڙ پيالن ۾ (پاڪيزه) شراب جو دور هلندڙ هوندو.

بَيضاءَ لَذَّةٍ لِلشّٰرِبينَ (آيت : 46)

چمڪندڙ شراب هوندو جيڪو پيئڻ وارن لاءِ مزيدار هوندو.

لا فيها غَولٌ وَلا هُم عَنها يُنزَفونَ (آيت : 47)

نه ان ۾ مٿي جو سُور هوندو ۽ نه اُهي ان کان مٿي چڪريل هوندا.

وَعِندَهُم قٰصِرٰتُ الطَّرفِ عينٌ (آيت : 48)

۽ انهن جي پاسي ۾ نگاهون هيٺ رکڻ واريون وڏين (سهڻين) اکين واريون (حورون ويٺل) هونديون.

كَأَنَّهُنَّ بَيضٌ مَكنونٌ (آيت : 49)

ڄڻڪ اُهي گرد غبار کان محفوظ آنا (رکيل) آهن.

فَأَقبَلَ بَعضُهُم عَلىٰ بَعضٍ يَتَساءَلونَ (آيت : 50)

پوءِ اُهي (جنتي) هڪ ٻئي ڏي متوجهه ٿي (احوال) پڇندا.

قالَ قائِلٌ مِنهُم إِنّى كانَ لى قَرينٌ (آيت : 51)

انهن مان هڪ چوندڙ چوندو ته: ”بيشڪ دنيا ۾ منهنجو هڪ مِلڻَ جُلڻَ وارو هيو“.

يَقولُ أَءِنَّكَ لَمِنَ المُصَدِّقينَ (آيت : 52)

جيڪو چوندو هيو ته: ”ڇا تون (قيامت کي) مڃڻ وارن مان آهين؟

أَءِذا مِتنا وَكُنّا تُرابًا وَعِظٰمًا أَءِنّا لَمَدينونَ (آيت : 53)

ڇا جڏهن اسان مري وينداسين اسان مٽي ۽ هڏا ٿي وينداسين ته ڇا اسان کي (جياري) بدلو ڏنو ويندو“؟

قالَ هَل أَنتُم مُطَّلِعونَ (آيت : 54)

(اهو جنتي ساٿين کي) چوندو ته : ”ڇا اوهان جهاتي پائي (ان جو حال) ڏسندا“؟

فَاطَّلَعَ فَرَءاهُ فى سَواءِ الجَحيمِ (آيت : 55)

پوءِ اهو جهاتي پائيندو ته ان کي دوزخ جي وچ ۾ ڏسندو.

قالَ تَاللَّهِ إِن كِدتَ لَتُردينِ (آيت : 56)

چوندو ته: ”الله جو قسم ته تو مون کي ذري گهٽ برباد ٿي ڪيو.

وَلَولا نِعمَةُ رَبّى لَكُنتُ مِنَ المُحضَرينَ (آيت : 57)

۽ جيڪڏهن منهنجي پالڻهار جو احسان نه هجي ها ته آءٌ (به تو سان گڏ عذاب ۾) حاضر ڪيلن مان هجان هان“.

أَفَما نَحنُ بِمَيِّتينَ (آيت : 58)

(جنتي پڇندا ته) ”ڇا اسان هاڻي مرنداسين ته ڪونه؟

إِلّا مَوتَتَنَا الأولىٰ وَما نَحنُ بِمُعَذَّبينَ (آيت : 59)

سواءِ اسان جي پهرئين موت جي ۽ نه اسان تي ڪڏهن عذاب ڪيو ويندو“؟

إِنَّ هٰذا لَهُوَ الفَوزُ العَظيمُ (آيت : 60)

بيشڪ اها ئي ته وڏي سوڀ آهي.

لِمِثلِ هٰذا فَليَعمَلِ العٰمِلونَ (آيت : 61)

اهڙي (ڪاميابي) ڪاڻ عمل ڪرڻ وارن کي عمل ڪرڻ گهرجي.

أَذٰلِكَ خَيرٌ نُزُلًا أَم شَجَرَةُ الزَّقّومِ (آيت : 62)

(ٻڌايو) ڇا اها (جنت جي) مهماني ڀلي آهي يا ٿوهر جو وڻ؟

إِنّا جَعَلنٰها فِتنَةً لِلظّٰلِمينَ (آيت : 63)

بيشڪ اسان ان کي ظالمن لاءِ هڪ مصيبت بنايو آهي.

إِنَّها شَجَرَةٌ تَخرُجُ فى أَصلِ الجَحيمِ (آيت : 64)

بيشڪ اهو هڪ وڻ آهي جيڪو جهنم جي تري مان نڪري ٿو.

طَلعُها كَأَنَّهُ رُءوسُ الشَّيٰطينِ (آيت : 65)

ان جا گوشا ائين آهن ڄڻڪ شيطانن جا مٿا آهن.

فَإِنَّهُم لَءاكِلونَ مِنها فَمالِـٔونَ مِنهَا البُطونَ (آيت : 66)

پوءِ بيشڪ اُهي (دوزخي)ان مان کائيندڙ آهن پوءِ ان مان پيٽن کي ڀريندڙ آهن.

ثُمَّ إِنَّ لَهُم عَلَيها لَشَوبًا مِن حَميمٍ (آيت : 67)

پوءِ بيشڪ انهن لاءِ ان (کاڌي) مٿان ٽهڪندڙ پاڻي پيئڻ لاءِ ملندو.

ثُمَّ إِنَّ مَرجِعَهُم لَإِلَى الجَحيمِ (آيت : 68)

وري بيشڪ انهن جي دوزخ ڏانهن واپسي هوندي.

إِنَّهُم أَلفَوا ءاباءَهُم ضالّينَ (آيت : 69)

بيشڪ اهي ماڻهو آهن جن پنهنجي ابن ڏاڏن کي گمراهه لڌو.

فَهُم عَلىٰ ءاثٰرِهِم يُهرَعونَ (آيت : 70)

پوءِ هي به انهن جي نشانن تي ڊوڙندا وڃن ٿا.

وَلَقَد ضَلَّ قَبلَهُم أَكثَرُ الأَوَّلينَ (آيت : 71)

حالانڪه انهن کان اڳ پهرين ماڻهن مان به گھڻا گمراهه ٿي ويا هئا.

وَلَقَد أَرسَلنا فيهِم مُنذِرينَ (آيت : 72)

۽ بيشڪ اسان انهن ۾ ڊيڄاريندڙ (رسول) موڪليا.

فَانظُر كَيفَ كانَ عٰقِبَةُ المُنذَرينَ (آيت : 73)

پوءِ ڏس ته انهن ماڻهن جو انجام ڪيئن ٿيو جيڪي ڊيڄاريا ويا هئا.

إِلّا عِبادَ اللَّهِ المُخلَصينَ (آيت : 74)

سواءِ الله جي چونڊيل ٻانهن جي.

وَلَقَد نادىٰنا نوحٌ فَلَنِعمَ المُجيبونَ (آيت : 75)

۽ بيشڪ اسان کي نوح سڏيو، پوءِ اسان ڪيڏا سٺا فرياد رس آهيون.

وَنَجَّينٰهُ وَأَهلَهُ مِنَ الكَربِ العَظيمِ (آيت : 76)

۽ اسان کيس ۽ سندس گهر وارن کي وڏي مُصيبت کان بچايو.

وَجَعَلنا ذُرِّيَّتَهُ هُمُ الباقينَ (آيت : 77)

۽ اسان سندس نسل کي ئي باقي رهڻ وارو بنايو.

وَتَرَكنا عَلَيهِ فِى الءاخِرينَ (آيت : 78)

۽ پويان اچڻ وارين (امتن) ۾ ان جي تعريف ڇڏي سين.

سَلٰمٌ عَلىٰ نوحٍ فِى العٰلَمينَ (آيت : 79)

سلام آهي نوح تي سڀني جهانن وارن ۾.

إِنّا كَذٰلِكَ نَجزِى المُحسِنينَ (آيت : 80)

بيشڪ اسان نيڪوڪارن کي اهڙي طرح بدلو ڏيون ٿا.

إِنَّهُ مِن عِبادِنَا المُؤمِنينَ (آيت : 81)

بيشڪ اُهو اسان جي (ڪامل) ايمان وارن ٻانهن مان هيو.

ثُمَّ أَغرَقنَا الءاخَرينَ (آيت : 82)

پوءِ اسان ٻين کي ٻوڙيوسين.

وَإِنَّ مِن شيعَتِهِ لَإِبرٰهيمَ (آيت : 83)

۽ بيشڪ ان جي گروهه مان ابراهيم هيو.

إِذ جاءَ رَبَّهُ بِقَلبٍ سَليمٍ (آيت : 84)

جڏهن اُهو پنهنجي پالڻهار وٽ سالم دل سان آيو.

إِذ قالَ لِأَبيهِ وَقَومِهِ ماذا تَعبُدونَ (آيت : 85)

جڏهن پنهنجي پيءُ (يعني چاچي) ۽ سندس قوم کي چيائين:” هي ڇا شيون آهن جن جي اوهان پوڄا ڪيو ٿا“؟

أَئِفكًا ءالِهَةً دونَ اللَّهِ تُريدونَ (آيت : 86)

ڇا توهان بهتان ٻڌي الله کي ڇڏي (باطل) معبودن جو ارادو ڪيو ٿا؟

فَما ظَنُّكُم بِرَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 87)

پوءِ جهانن جي پالڻهار بابت توهان جو ڇا خيال آهي“؟

فَنَظَرَ نَظرَةً فِى النُّجومِ (آيت : 88)

پوءِ هڪ ڀيرو تارن ۾ چِتائي ڏٺائين.

فَقالَ إِنّى سَقيمٌ (آيت : 89)

پوءِ چيائين ته بيشڪ آءٌ بيمار (ٿيڻ وارو) آهيان.

فَتَوَلَّوا عَنهُ مُدبِرينَ (آيت : 90)

سو اُهي ان کان پٺ ڦيري موٽي ويا.

فَراغَ إِلىٰ ءالِهَتِهِم فَقالَ أَلا تَأكُلونَ (آيت : 91)

پوءِ (ابراهيم) انهن جي معبودن (بتن) وٽ خاموشيءَ سان ويو پوءِ انهن کي چيائين: ”اوهان کائو ڇو نه ٿا؟

ما لَكُم لا تَنطِقونَ (آيت : 92)

توهان کي ڇا ٿيو آهي جو ڳالهايو نه ٿا“؟

فَراغَ عَلَيهِم ضَربًا بِاليَمينِ (آيت : 93)

پوءِ (ابراهيم) پوري طاقت سان انهن کي مارڻ (ڀڃڻ) لڳو.

فَأَقبَلوا إِلَيهِ يَزِفّونَ (آيت : 94)

پوءِ ماڻهو ان ڏانهن ڊوڙندا آيا.

قالَ أَتَعبُدونَ ما تَنحِتونَ (آيت : 95)

(ابراهيم) چيو: ”ڇا انهن جي پوڄا ڪيو ٿا جن کي پاڻ (هٿن سان) گهڙيو ٿا؟

وَاللَّهُ خَلَقَكُم وَما تَعمَلونَ (آيت : 96)

حالانڪه الله توهان کي خلقيو آهي ۽ اوهان جيڪي ڪم ڪيو ٿا“.

قالُوا ابنوا لَهُ بُنيٰنًا فَأَلقوهُ فِى الجَحيمِ (آيت : 97)

چيائون: ”ان جي (ساڙڻ) لاءِ هڪ جاءِ (بَـــٺو) بنايو پوءِ ان کي ڀڙڪندڙ باهه ۾ وجهو“.

فَأَرادوا بِهِ كَيدًا فَجَعَلنٰهُمُ الأَسفَلينَ (آيت : 98)

پوءِ انهن اُن (ابراهيم) لاءِ سازش جو ارادو ڪيو پوءِ اسان انهن کي هيٺاهون (يعني ناڪام) ڪيو.

وَقالَ إِنّى ذاهِبٌ إِلىٰ رَبّى سَيَهدينِ (آيت : 99)

۽ (ابراهيم) چيو ته: ”بيشڪ آءٌ (هجرت ڪري) پنهنجي پالڻهار ڏانهن وڃڻ وارو آهيان، اهو ضرور منهنجي رهنمائي ڪندو.

رَبِّ هَب لى مِنَ الصّٰلِحينَ (آيت : 100)

(پوءِ ملڪِ شام ۾ پهچي دعا ڪيائين) اي منهنجا پالڻهار! مون کي هڪ پٽ عطا ڪر جيڪو صالحن مان هجي“.

فَبَشَّرنٰهُ بِغُلٰمٍ حَليمٍ (آيت : 101)

پوءِ اسان کيس وڏي بردبار پُٽ (اسماعيل) جي خوشخري ڏني.

فَلَمّا بَلَغَ مَعَهُ السَّعىَ قالَ يٰبُنَىَّ إِنّى أَرىٰ فِى المَنامِ أَنّى أَذبَحُكَ فَانظُر ماذا تَرىٰ قالَ يٰأَبَتِ افعَل ما تُؤمَرُ سَتَجِدُنى إِن شاءَ اللَّهُ مِنَ الصّٰبِرينَ (آيت : 102)

پوءِ جڏهن (اهو پٽ) ساڻس گڏ ڊوڙڻ (جي عمر)کي رسيو ته (هڪ ڏينهن ابراهيم) چيو: ”اي منهنجا پٽڙا! بيشڪ آءٌ خواب ۾ ڏسان ٿو ته آءٌ تو کي ذبح ڪري رهيو آهيان، پوءِ تون ڏس ته تنهنجي صلاح ڇا آهي“؟ (اسماعيل) چيو: ”اي منهنجا پيءُ! اُهو ڪر جنهن جو تو کي حڪم ڏنو ويو آهي، الله گهريو ته جلد ئي تون مون کي صبر ڪرڻ وارن مان لهندين“.

فَلَمّا أَسلَما وَتَلَّهُ لِلجَبينِ (آيت : 103)

پوءِ جڏهن ٻنهين حڪم مڃيو ۽ ان (اسماعيل) کي پيشاني ڀر ليٽايائين.

وَنٰدَينٰهُ أَن يٰإِبرٰهيمُ (آيت : 104)

۽ اسان ان کي سڏيو ته: ”اي ابراهيم!

قَد صَدَّقتَ الرُّءيا إِنّا كَذٰلِكَ نَجزِى المُحسِنينَ (آيت : 105)

بيشڪ تو خواب سچو ڪري ڏيکاريو، بيشڪ اسان احسان ڪرڻ وارن کي اهڙي طرح بدلو ڏيندا آهيون“.

إِنَّ هٰذا لَهُوَ البَلٰؤُا۟ المُبينُ (آيت : 106)

بيشڪ اها وڏي پڌري آزمائش هئي.

وَفَدَينٰهُ بِذِبحٍ عَظيمٍ (آيت : 107)

۽ اسان هڪ وڏي قرباني عيوض ۾ ڏئي ان کي بچايو.

وَتَرَكنا عَلَيهِ فِى الءاخِرينَ (آيت : 108)

۽ اسان پوءِ اچڻ وارن ۾ ان جو ذڪر باقي رکيو.

سَلٰمٌ عَلىٰ إِبرٰهيمَ (آيت : 109)

سلام هجي ابراهيم تي.

كَذٰلِكَ نَجزِى المُحسِنينَ (آيت : 110)

اسان اهڙي طرح احسان ڪرڻ وارن کي بدلو ڏيون ٿا.

إِنَّهُ مِن عِبادِنَا المُؤمِنينَ (آيت : 111)

بيشڪ اُهو اسان جي (ڪامل) ايمان وارن ٻانهن مان هيو.

وَبَشَّرنٰهُ بِإِسحٰقَ نَبِيًّا مِنَ الصّٰلِحينَ (آيت : 112)

۽ اسان ان کي اسحاق جي خوشخبري ڏني (اهو به) صالحن مان هڪ نبي هيو.

وَبٰرَكنا عَلَيهِ وَعَلىٰ إِسحٰقَ وَمِن ذُرِّيَّتِهِما مُحسِنٌ وَظالِمٌ لِنَفسِهِ مُبينٌ (آيت : 113)

۽ اسان ان تي ۽ اسحاق تي برڪت نازل ڪئي. ۽ انهن ٻنهين جي اولاد مان نيڪوڪار به آهن، ۽ پنهنجو پاڻ تي نسورو ناحق ڪندڙ به آهن.

وَلَقَد مَنَنّا عَلىٰ موسىٰ وَهٰرونَ (آيت : 114)

۽ بيشڪ اسان موسى ۽ هارون (سلام الله عليهما) تي احسان ڪيا.

وَنَجَّينٰهُما وَقَومَهُما مِنَ الكَربِ العَظيمِ (آيت : 115)

۽ اسان انهن ٻنهين کي ۽ سندن قوم کي سخت تڪليف کان بچايو.

وَنَصَرنٰهُم فَكانوا هُمُ الغٰلِبينَ (آيت : 116)

۽ اسان انهن جي مدد ڪئي پوءِ اُهي ئي غالب رهيا.

وَءاتَينٰهُمَا الكِتٰبَ المُستَبينَ (آيت : 117)

۽ اسان انهن ٻنهين کي پڌرو ڪتاب (تورات) ڏنو.

وَهَدَينٰهُمَا الصِّرٰطَ المُستَقيمَ (آيت : 118)

۽ اسان انهن ٻنهين کي سڌي واٽ تي هلايو.

وَتَرَكنا عَلَيهِما فِى الءاخِرينَ (آيت : 119)

۽ اسان انهن ٻنهين جي پوين ۾ تعريف باقي ڇڏي.

سَلٰمٌ عَلىٰ موسىٰ وَهٰرونَ (آيت : 120)

سلام هجي موسى ۽ هارون تي.

إِنّا كَذٰلِكَ نَجزِى المُحسِنينَ (آيت : 121)

بيشڪ اسان احسان ڪرڻ وارن کي ائين بدلو ڏيندا آهيون.

إِنَّهُما مِن عِبادِنَا المُؤمِنينَ (آيت : 122)

بيشڪ اُهي ٻئي اسان جي (ڪامل) ايمان وارن ٻانهن مان هئا.

وَإِنَّ إِلياسَ لَمِنَ المُرسَلينَ (آيت : 123)

۽ بيشڪ الياس رسولن مان هيو.

إِذ قالَ لِقَومِهِ أَلا تَتَّقونَ (آيت : 124)

جنهن وقت پنهنجي قوم کي چيائين: ”ڇا توهان (الله کان) نه ٿا ڊڄو.

أَتَدعونَ بَعلًا وَتَذَرونَ أَحسَنَ الخٰلِقينَ (آيت : 125)

ڇا توهان بعل (نالي بت) کي پوڄيو ٿا ۽ سڀ کان سهڻي خلقڻهار کي ڇڏيو ٿا؟

اللَّهَ رَبَّكُم وَرَبَّ ءابائِكُمُ الأَوَّلينَ (آيت : 126)

”الله“ جيڪو توهان جو پالڻهار آهي ۽ توهان جي اڳين ابن ڏاڏن جو پالڻهار آهي“.

فَكَذَّبوهُ فَإِنَّهُم لَمُحضَرونَ (آيت : 127)

پوءِ انهن (قوم بعلبڪ وارن) ان کي ڪوڙو چيو پوءِ بيشڪ اُهي (عذاب ۾) حاضر ڪيل هوندا.

إِلّا عِبادَ اللَّهِ المُخلَصينَ (آيت : 128)

سواءِ الله جي چونڊيل ٻانهن جي.

وَتَرَكنا عَلَيهِ فِى الءاخِرينَ (آيت : 129)

۽ اسان پوين ۾ ان جي تعريف باقي رکي.

سَلٰمٌ عَلىٰ إِل ياسينَ (آيت : 130)

سلام آهي الياس تي.

إِنّا كَذٰلِكَ نَجزِى المُحسِنينَ (آيت : 131)

بيشڪ اسان احسان ڪرڻ وارن کي اهڙي طرح بدلو ڏيندا آهيون.

إِنَّهُ مِن عِبادِنَا المُؤمِنينَ (آيت : 132)

بيشڪ اهو اسان جي (ڪامل) ايمان وارن ٻانهن مان هيو.

وَإِنَّ لوطًا لَمِنَ المُرسَلينَ (آيت : 133)

۽ بيشڪ لوط رسولن مان هيو.

إِذ نَجَّينٰهُ وَأَهلَهُ أَجمَعينَ (آيت : 134)

جڏهن اسان ان کي ۽ ان جي سڀ گهروارن کي نجات ڏني.

إِلّا عَجوزًا فِى الغٰبِرينَ (آيت : 135)

سواءِ ڪراڙي زال جي جا پوئتي رهجي وڃڻ وارن مان هئي.

ثُمَّ دَمَّرنَا الءاخَرينَ (آيت : 136)

پوءِ اسان ٻين کي هلاڪ ڪيو.

وَإِنَّكُم لَتَمُرّونَ عَلَيهِم مُصبِحينَ (آيت : 137)

۽ بيشڪ توهان انهن (جي اجڙيل بستين) تان صبح جي وقت گذرو ٿا.

وَبِالَّيلِ أَفَلا تَعقِلونَ (آيت : 138)

۽ رات جو به. ڇا پوءِ به توهان عقل کان ڪم نه ٿا وٺو؟

وَإِنَّ يونُسَ لَمِنَ المُرسَلينَ (آيت : 139)

۽ بيشڪ يونس رسولن مان هيو.

إِذ أَبَقَ إِلَى الفُلكِ المَشحونِ (آيت : 140)

جڏهن اُهو (سوار ٿيڻ لاءِ) ڀريل ٻيڙي ڏانهن ڊوڙيو.

فَساهَمَ فَكانَ مِنَ المُدحَضينَ (آيت : 141)

پوءِ قُرعه اندازي ۾ شريڪ ٿيو ته اهو هارايلن مان ٿي پيو.

فَالتَقَمَهُ الحوتُ وَهُوَ مُليمٌ (آيت : 142)

پوءِ مڇي ان کي ڳهي وئي ۽ اهو (پنهنجي پاڻ تي) پشيمان رهڻ وارو هيو.

فَلَولا أَنَّهُ كانَ مِنَ المُسَبِّحينَ (آيت : 143)

پوءِ جيڪڏهن اهو تسبيح چوڻ وارن مان نه هجي ها،

لَلَبِثَ فى بَطنِهِ إِلىٰ يَومِ يُبعَثونَ (آيت : 144)

ته ان (مڇيءَ) جي پيٽ ۾ ان ڏينهن تائين رهي ها جڏهن ماڻهو (جيئرا ڪري) اٿاريا ويندا.

فَنَبَذنٰهُ بِالعَراءِ وَهُوَ سَقيمٌ (آيت : 145)

پوءِ اسان ان کي (درياءَ ڪناري) کليل ميدان ۾ ڇڏيو ان حال ۾ جو اهو بيمار هيو.

وَأَنبَتنا عَلَيهِ شَجَرَةً مِن يَقطينٍ (آيت : 146)

۽ اسان ان تي ڪدو جو ولدار (ٻُوٽو) ڄمايو.

وَأَرسَلنٰهُ إِلىٰ مِا۟ئَةِ أَلفٍ أَو يَزيدونَ (آيت : 147)

۽ اسان ان کي هڪ لک يا ان کان وڌيڪ ماڻهن ڏانهن موڪليو.

فَـٔامَنوا فَمَتَّعنٰهُم إِلىٰ حينٍ (آيت : 148)

پوءِ انهن ايمان آندو پوءِ اسان انهن کي هڪ وقت تائين فائدو پهچايو.

فَاستَفتِهِم أَلِرَبِّكَ البَناتُ وَلَهُمُ البَنونَ (آيت : 149)

پوءِ انهن (مڪي وارن) کان پڇ: ڇا (اها ڳالهه انهن کي لڳي ٿي جو) تنهنجي پالڻهار لاءِ ته هجن نياڻيون ۽ انهن لاءِ هجن پُٽ؟

أَم خَلَقنَا المَلٰئِكَةَ إِنٰثًا وَهُم شٰهِدونَ (آيت : 150)

ڇا اسان ملائڪن کي مادي ڪري خلقيو آهي ۽ هي ان وقت موجود هيا!

أَلا إِنَّهُم مِن إِفكِهِم لَيَقولونَ (آيت : 151)

خبردار! بيشڪ اهي پنهنجي بهتان بازي سبب ائين چون ٿا.

وَلَدَ اللَّهُ وَإِنَّهُم لَكٰذِبونَ (آيت : 152)

ته الله اولاد رکي ٿو ۽ بيشڪ اهي ڪوڙا آهن.

أَصطَفَى البَناتِ عَلَى البَنينَ (آيت : 153)

ڇا الله پنهنجي لاءِ پٽن جي بجاءِ نياڻين کي پسند ڪيو آهي؟

ما لَكُم كَيفَ تَحكُمونَ (آيت : 154)

توهان کي ڇا ٿيو آهي؟ توهان ڪهڙو فيصلو پيا ڪريو؟

أَفَلا تَذَكَّرونَ (آيت : 155)

ڇا توهان غور نه ٿا ڪيو؟

أَم لَكُم سُلطٰنٌ مُبينٌ (آيت : 156)

ڇا توهان وٽ ڪو پڌرو دليل آهي؟

فَأتوا بِكِتٰبِكُم إِن كُنتُم صٰدِقينَ (آيت : 157)

ته پوءِ توهان پنهنجو ڪتاب آڻيو جيڪڏهن توهان سچا آهيو؟

وَجَعَلوا بَينَهُ وَبَينَ الجِنَّةِ نَسَبًا وَلَقَد عَلِمَتِ الجِنَّةُ إِنَّهُم لَمُحضَرونَ (آيت : 158)

۽ انهن (ڪافرن) الله ۽ جِنَن جي وچ ۾ (به) نسبي رشتو مقرر ڪيو آهي. حالانڪه جِنَن کي معلوم آهي ته اُهي به (حساب لاءِ) حاضر ڪيا ويندا.

سُبحٰنَ اللَّهِ عَمّا يَصِفونَ (آيت : 159)

الله انهن ڳالهين کان پاڪ آهي جيڪي اُهي بيان ڪن ٿا.

إِلّا عِبادَ اللَّهِ المُخلَصينَ (آيت : 160)

سواءِ الله جي چونڊيل ٻانهن جي.

فَإِنَّكُم وَما تَعبُدونَ (آيت : 161)

پوءِ بيشڪ توهان ۽ توهان جن (بتن) جي پوڄا ڪيو ٿا.

ما أَنتُم عَلَيهِ بِفٰتِنينَ (آيت : 162)

توهان سڀ الله جي خلاف (ڪنهن کي) ڀٽڪائي نه ٿا سگهو.

إِلّا مَن هُوَ صالِ الجَحيمِ (آيت : 163)

سواءِ ان ماڻهو جي جيڪو دوزخ ۾ ڪِرڻ وارو آهي.

وَما مِنّا إِلّا لَهُ مَقامٌ مَعلومٌ (آيت : 164)

۽ (ملائڪن چيو ته) ”اسان مان ڪوبه اهڙو نه آهي جنهن لاءِ مقرر جاءِ نه هجي.

وَإِنّا لَنَحنُ الصّافّونَ (آيت : 165)

۽ بيشڪ اسان صفون ٻڌي بيهڻ وارا آهيون.

وَإِنّا لَنَحنُ المُسَبِّحونَ (آيت : 166)

۽ بيشڪ اسان (الله جي) پاڪائي بيان ڪرڻ وارا آهيون“.

وَإِن كانوا لَيَقولونَ (آيت : 167)

۽ بيشڪ اُهي (مڪي جا مشرڪ پهريائين ) چوندا هئا ته:

لَو أَنَّ عِندَنا ذِكرًا مِنَ الأَوَّلينَ (آيت : 168)

”هائو جي اسان وٽ اڳين ماڻهن جو ڪو ڪتاب هجي ها!

لَكُنّا عِبادَ اللَّهِ المُخلَصينَ (آيت : 169)

ته اسان به ضرور الله جا پسند ڪيل ٻانها هجون ها“.

فَكَفَروا بِهِ فَسَوفَ يَعلَمونَ (آيت : 170)

پوءِ ان (قرآن) جو انڪار ڪيائون پوءِ (ان جو انجام) جلدي ڄاڻي وٺندا.

وَلَقَد سَبَقَت كَلِمَتُنا لِعِبادِنَا المُرسَلينَ (آيت : 171)

۽ بيشڪ اسان جو فرمان (يعني وعدو) اسان جي موڪليل ٻانهن (رسولن) لاءِ اڳ ئي ٿي چڪو آهي.

إِنَّهُم لَهُمُ المَنصورونَ (آيت : 172)

ته بيشڪ اُهي ئي مدد ڪيل (۽ فتحمند) آهن.

وَإِنَّ جُندَنا لَهُمُ الغٰلِبونَ (آيت : 173)

۽ بيشڪ اسان جو لشڪر ئي غالب ٿيڻ وارو آهي.

فَتَوَلَّ عَنهُم حَتّىٰ حينٍ (آيت : 174)

پوءِ تون هڪ وقت تائين انهن کان توجهه هٽائي ڇڏ.

وَأَبصِرهُم فَسَوفَ يُبصِرونَ (آيت : 175)

۽ انهن کي ڏسندو رهه پوءِ اُهي به جلد (پنهنجو انجام) ڏسندا.

أَفَبِعَذابِنا يَستَعجِلونَ (آيت : 176)

ڇا پوءِ اُهي اسان جي عذاب جي لاءِ جلدي مچائن ٿا؟

فَإِذا نَزَلَ بِساحَتِهِم فَساءَ صَباحُ المُنذَرينَ (آيت : 177)

پوءِ جڏهن (عذاب) سندن اڱڻ ۾ لهندو پوءِ ته ڊيڄاريلن جو صبح بڇڙو ٿيندو.

وَتَوَلَّ عَنهُم حَتّىٰ حينٍ (آيت : 178)

پوءِ تون انهن کان ٿوري وقت لاءِ توجهه هٽاءِ.

وَأَبصِر فَسَوفَ يُبصِرونَ (آيت : 179)

۽ انهن کي ڏسندو رهه پوءِ اُهي به جلد (پنهنجو انجام) ڏسندا.

سُبحٰنَ رَبِّكَ رَبِّ العِزَّةِ عَمّا يَصِفونَ (آيت : 180)

تنهنجو پالڻهار جيڪو عزت جو مالڪ آهي اهو ان کان پاڪ آهي جيڪي اُهي بيان ڪن ٿا.

وَسَلٰمٌ عَلَى المُرسَلينَ (آيت : 181)

۽ (سڀ) رسولن تي سلام هجي.

وَالحَمدُ لِلَّهِ رَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 182)

۽ سڀ تعريفون الله لاءِ آهن جيڪو جهانن جو پالڻهار آهي.


مالي سھائتا ڪندڙ:

© سنڌسلامت ڊاٽ ڪام 2017 - 2025