| وَالصّٰفّٰتِ صَفًّا (آيت : 1) |
|
(پنھنجي پالڻھار وٽ) قطار ڪري صفن ٻڌڻ وارن (ملائڪن) جو قسم آھي. |
| فَالزّٰجِرٰتِ زَجرًا (آيت : 2) |
|
پوءِ جھڻڪ ڏيئي (شيطانن) کي ڌمڪائڻ وارن (ملائڪن) جو قسم آھي. |
| فَالتّٰلِيٰتِ ذِكرًا (آيت : 3) |
|
پوءِ (قرآن) پڙھڻ واري جماعت جو قسم آھي. |
| إِنَّ إِلٰهَكُم لَوٰحِدٌ (آيت : 4) |
|
ته اوھان جو معبُود ھڪڙو (ئي) آھي. |
| رَبُّ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَما بَينَهُما وَرَبُّ المَشٰرِقِ (آيت : 5) |
|
(جو اُھو) آسمانن ۽ زمين جو ۽ جيڪي اُنھن ٻنھي جي وچ ۾ آھي تنھن جو پالڻھار آھي ۽ (اُھو) اُڀرڻ (۽ لَھڻ) وارن طرفن جو (به) پالڻھار آھي. |
| إِنّا زَيَّنَّا السَّماءَ الدُّنيا بِزينَةٍ الكَواكِبِ (آيت : 6) |
|
بيشڪ اسان دُنيا جي آسمانن کي تارن جي سونھن سان سينگاريو. |
| وَحِفظًا مِن كُلِّ شَيطٰنٍ مارِدٍ (آيت : 7) |
|
۽ سڀڪنھن سرڪش شيطان کان (انھيءَ) کي نگاھ رکيوسون. |
| لا يَسَّمَّعونَ إِلَى المَلَإِ الأَعلىٰ وَيُقذَفونَ مِن كُلِّ جانِبٍ (آيت : 8) |
|
ته (شيطان) مَلَاءِ الۡاَعۡلىٰ ڏانھن ڪن ڏيئي (ڳالھيون) نه ٻڌن ۽ سڀڪنھن طرف کان (اُنھن ڏانھن) اُماڙيون اُڇلبيون آھن. |
| دُحورًا وَلَهُم عَذابٌ واصِبٌ (آيت : 9) |
|
(اُنھن جي) تڙڻ لاءِ ۽ اُنھن لاءِ ھميشه جو عذاب آھي. |
| إِلّا مَن خَطِفَ الخَطفَةَ فَأَتبَعَهُ شِهابٌ ثاقِبٌ (آيت : 10) |
|
پر جنھن (چوريءَ ڪن ڏئي مَلَاءِاَعۡلىٰ جي ڳالھين مان ڪنھن ڳالھ کي) جھٽيو تنھن جي پوئتان ٻرندڙ اُماڙي پوندي آھي. |
| فَاستَفتِهِم أَهُم أَشَدُّ خَلقًا أَم مَن خَلَقنا إِنّا خَلَقنٰهُم مِن طينٍ لازِبٍ (آيت : 11) |
|
پوءِ کانئن پُڇ ته اُھي پيدا ڪرڻ ۾ تمام مشڪل آھن ڇا يا (ذڪر ڪيل شيون) جن کي اسان بڻايو آھي؟ بيشڪ اسان کين چيڪيءَ مٽيءَ مان بڻايو. |
| بَل عَجِبتَ وَيَسخَرونَ (آيت : 12) |
|
بلڪ (ڪافرن جي حال کان) عجب ڪيئي ۽ اُھي ٺـٺوليون ڪندا آھن. |
| وَإِذا ذُكِّروا لا يَذكُرونَ (آيت : 13) |
|
۽ جڏھن سمجھائبو اٿن (تڏھن) نه سمجھندا آھن. |
| وَإِذا رَأَوا ءايَةً يَستَسخِرونَ (آيت : 14) |
|
۽ جڏھن (ھو) ڪا نشاني ڏسن (تڏھن) ٺـٺوليون ڪندا آھن. |
| وَقالوا إِن هٰذا إِلّا سِحرٌ مُبينٌ (آيت : 15) |
|
۽ چوندا آھن ته ھيءُ (قرآن) رڳو پڌرو جادو آھي. |
| أَءِذا مِتنا وَكُنّا تُرابًا وَعِظٰمًا أَءِنّا لَمَبعوثونَ (آيت : 16) |
|
ھان جڏھن مرنداسون ۽ مٽي ۽ ھڏا ٿينداسون (تڏھن) اسين وري (جيئرا ٿي) کڙا ٿينداسون ڇا؟ |
| أَوَءاباؤُنَا الأَوَّلونَ (آيت : 17) |
|
اسان جا اڳيان پيءُ ڏاڏا به (اٿاربا) ڇا؟ |
| قُل نَعَم وَأَنتُم دٰخِرونَ (آيت : 18) |
|
چؤ ته ھائو (اُٿاربا) حالانڪ اوھين خوار ھوندؤ. |
| فَإِنَّما هِىَ زَجرَةٌ وٰحِدَةٌ فَإِذا هُم يَنظُرونَ (آيت : 19) |
|
پوءِ اُھو (کڙو ٿيڻ) رڳو ھڪ سخت جھڻڪار ھوندي پوءِ اُھي اُتي جو اُتي ڏسڻ لڳندا. |
| وَقالوا يٰوَيلَنا هٰذا يَومُ الدّينِ (آيت : 20) |
|
۽ چوندا ته ھيء ارمان اسان لاءِ ھي بدلي (وٺڻ) جو ڏينھن آھي. |
| هٰذا يَومُ الفَصلِ الَّذى كُنتُم بِهِ تُكَذِّبونَ (آيت : 21) |
|
(چئبن ته) نبيري جو ڏينھن جنھن کي اوھين ڪوڙو ڀائيندا ھيؤ سو ھي آھي. |
| احشُرُوا الَّذينَ ظَلَموا وَأَزوٰجَهُم وَما كانوا يَعبُدونَ (آيت : 22) |
|
(چئبو ته اي ملائڪو) ظالمن کي ۽ سندن سنگتين کي ۽ جن کي الله کانسواءِ پوڄيندا ھوا |
| مِن دونِ اللَّهِ فَاهدوهُم إِلىٰ صِرٰطِ الجَحيمِ (آيت : 23) |
|
تن کي گڏ ڪريو پوءِ کين دوزخ جي واٽ ڏانھن ڏس ڏيو. |
| وَقِفوهُم إِنَّهُم مَسـٔولونَ (آيت : 24) |
|
۽ کين ترسايو جو بيشڪ کانئن پڇبو. |
| ما لَكُم لا تَناصَرونَ (آيت : 25) |
|
(ته) اوھان کي ڇا (ٿيو) آھي جو ھڪ ٻئي جي مدد نٿا ڪريو؟ |
| بَل هُمُ اليَومَ مُستَسلِمونَ (آيت : 26) |
|
بلڪ اُھي اڄ ڪنڌ نوائيندڙ آھن. |
| وَأَقبَلَ بَعضُهُم عَلىٰ بَعضٍ يَتَساءَلونَ (آيت : 27) |
|
۽ ڪي ڪن ڏانھن مھاڙ ڪري ھڪ ٻئي کان پڇڻ لڳندا. |
| قالوا إِنَّكُم كُنتُم تَأتونَنا عَنِ اليَمينِ (آيت : 28) |
|
(ماڻھو پنھنجن سردارن کي) چوندا ته بيشڪ اوھين (گمراھ ڪرڻ لاءِ) سڄي (۽ کٻي) پاسي کان اسان وٽ ايندا ھُيؤ. |
| قالوا بَل لَم تَكونوا مُؤمِنينَ (آيت : 29) |
|
(سردار) چوندا ته (نه!) بلڪ اوھين پاڻ مُسلمان نه ھُيؤ. |
| وَما كانَ لَنا عَلَيكُم مِن سُلطٰنٍ بَل كُنتُم قَومًا طٰغينَ (آيت : 30) |
|
۽ اوھان تي اسان جو ڪو زور نه (ھلندو) ھو، بلڪ (اوھين) پاڻ حد کان لنگھيل قوم ھُيؤ. |
| فَحَقَّ عَلَينا قَولُ رَبِّنا إِنّا لَذائِقونَ (آيت : 31) |
|
پوءِ اسان تي اسان جي پالڻھار جو چوڻ ثابت ٿيو ته بيش اسين (عذاب) چکندڙ ھُجون. |
| فَأَغوَينٰكُم إِنّا كُنّا غٰوينَ (آيت : 32) |
|
پوءِ اوھان کي گمراھ ڪيوسون جو بيشڪ اسين (پاڻ) به گمراھ ھواسون. |
| فَإِنَّهُم يَومَئِذٍ فِى العَذابِ مُشتَرِكونَ (آيت : 33) |
|
پوءِ بيشڪ اُھي اُنھيءَ ڏينھن عذاب ۾ ھڪ ٻئي سا گڏ شريڪ ھوندا. |
| إِنّا كَذٰلِكَ نَفعَلُ بِالمُجرِمينَ (آيت : 34) |
|
بيشڪ اسين ڏوھارين سان اھڙي طرح ڪندا آھيون. |
| إِنَّهُم كانوا إِذا قيلَ لَهُم لا إِلٰهَ إِلَّا اللَّهُ يَستَكبِرونَ (آيت : 35) |
|
بيشڪ اُھي (اھڙا) ھوا جو جڏھن کين چئبو ھو ته الله کانسواءِ (ٻيو) ڪو عبادت جو لائق نه آھي (تڏھن) وڏائي ڪندا ھوا. |
| وَيَقولونَ أَئِنّا لَتارِكوا ءالِهَتِنا لِشاعِرٍ مَجنونٍ (آيت : 36) |
|
۽ چوندا ھوا ته اسان ھڪ چريي شاعر جي (چوڻ) تي پنھنجن معبودن کي ڇڏينداسون ڇا؟ |
| بَل جاءَ بِالحَقِّ وَصَدَّقَ المُرسَلينَ (آيت : 37) |
|
بلڪ (پيغمبر ﷴ ﷺ) سچ (يعني قرآن) آندو ۽ (سڀني) پيغمبرن کي سچو ڄاتائين. |
| إِنَّكُم لَذائِقُوا العَذابِ الأَليمِ (آيت : 38) |
|
بيشڪ اوھين ڏکوئيندڙ عذاب (جو مزو) چکڻ وارا آھيو. |
| وَما تُجزَونَ إِلّا ما كُنتُم تَعمَلونَ (آيت : 39) |
|
۽ جيڪي ڪندا ھئو تنھن کانسواءِ (ٻيو) ڪو بدلو نه ڏبؤ. |
| إِلّا عِبادَ اللَّهِ المُخلَصينَ (آيت : 40) |
|
پر الله جا خاص ٻانھا (عذاب کان بچندا). |
| أُولٰئِكَ لَهُم رِزقٌ مَعلومٌ (آيت : 41) |
|
اُنھن لاءِ روزي مُقرّر (ٿيل) آھي. |
| فَوٰكِهُ وَهُم مُكرَمونَ (آيت : 42) |
|
(قسمين) ميوا، ۽ اُھي عزت وارا آھن. |
| فى جَنّٰتِ النَّعيمِ (آيت : 43) |
|
نعمت وارن باغن ۾. |
| عَلىٰ سُرُرٍ مُتَقٰبِلينَ (آيت : 44) |
|
تختن تي ھڪ ٻئي جي آمھون سامھون ويٺل ھوندا. |
| يُطافُ عَلَيهِم بِكَأسٍ مِن مَعينٍ (آيت : 45) |
|
وھندڙ شراب جو پيالو مٿن پيو ڦيرائبو. |
| بَيضاءَ لَذَّةٍ لِلشّٰرِبينَ (آيت : 46) |
|
جو (بلڪل) اڇو پيئندڙن لاءِ مزيدار ھوندو. |
| لا فيها غَولٌ وَلا هُم عَنها يُنزَفونَ (آيت : 47) |
|
نڪي منجھس مٿي جي ڦيري ھوندي ۽ نڪي اُھي کانئس نشي وارا ٿيندا. |
| وَعِندَهُم قٰصِرٰتُ الطَّرفِ عينٌ (آيت : 48) |
|
۽ وڏين اکين واريون ھيٺ نھاريندڙيون (زالون) وٽن ھونديون. |
| كَأَنَّهُنَّ بَيضٌ مَكنونٌ (آيت : 49) |
|
ڄڻڪ اُھي (حورون) ڍَڪيل آنا آھن. |
| فَأَقبَلَ بَعضُهُم عَلىٰ بَعضٍ يَتَساءَلونَ (آيت : 50) |
|
پوءِ ڪي (ماڻھو) ڪن ڏانھن مھاڙ ڪري ڪري ھڪ ٻئي کان پڇڻ لڳندا. |
| قالَ قائِلٌ مِنهُم إِنّى كانَ لى قَرينٌ (آيت : 51) |
|
منجھانئن ڪو چوندڙ چوندو ته بيشڪ (دنيا ۾) منھنجو ھڪ سنگتي ھو. |
| يَقولُ أَءِنَّكَ لَمِنَ المُصَدِّقينَ (آيت : 52) |
|
جو چوندو ھو ته تون (قيامت جو) مڃيندڙ ٿيو آھين ڇا؟ |
| أَءِذا مِتنا وَكُنّا تُرابًا وَعِظٰمًا أَءِنّا لَمَدينونَ (آيت : 53) |
|
ھا جڏھن مرنداسون ۽ مٽي ۽ ھڏا ٿينداسون (تڏھن) اسان کي بدلو ڏنو ويندو ڇا؟ |
| قالَ هَل أَنتُم مُطَّلِعونَ (آيت : 54) |
|
(وري اُھو) چوندو ته اوھين (به دوزخين کي) ڏسو ٿا ڇا؟ |
| فَاطَّلَعَ فَرَءاهُ فى سَواءِ الجَحيمِ (آيت : 55) |
|
پوءِ (پاڻ) جھاتي پائيندو ته اُھو (سنگتي) دوزخ جي وچ ۾ ڏسندو. |
| قالَ تَاللَّهِ إِن كِدتَ لَتُردينِ (آيت : 56) |
|
چوندو ته الله جو قسم ته تو مونکي ذري گھٽ ھلاڪ ٿي ڪيو. |
| وَلَولا نِعمَةُ رَبّى لَكُنتُ مِنَ المُحضَرينَ (آيت : 57) |
|
۽ جيڪڏھن منھنجي پالڻھار (جو مون تي) فضل نه ٿئي ھا ته بيشڪ آءٌ (به عذاب ۾) حاضر ڪيلن مان ھجان ھا. |
| أَفَما نَحنُ بِمَيِّتينَ (آيت : 58) |
|
بيشڪ اسين نڪي (ھاڻي وري) مرڻ وارا آھيون. |
| إِلّا مَوتَتَنَا الأولىٰ وَما نَحنُ بِمُعَذَّبينَ (آيت : 59) |
|
(اھو) رڳو اسان جو پھريون مرڻ ھو (جو ٿي چڪو) ۽ نڪي عذاب ڪيل آھيون. |
| إِنَّ هٰذا لَهُوَ الفَوزُ العَظيمُ (آيت : 60) |
|
بيشڪ اِھا وڏي مراد ماڻڻ آھي. |
| لِمِثلِ هٰذا فَليَعمَلِ العٰمِلونَ (آيت : 61) |
|
اھڙي (نعمت) لاءِ ڀلي ته عمل ڪندڙ عمل ڪن. |
| أَذٰلِكَ خَيرٌ نُزُلًا أَم شَجَرَةُ الزَّقّومِ (آيت : 62) |
|
ڀلا اِھا (بيان ڪيل نعمت) مھمانيءَ طور ڀلي آھي يا ٿوھر جو وڻ؟ |
| إِنّا جَعَلنٰها فِتنَةً لِلظّٰلِمينَ (آيت : 63) |
|
بيشڪ اسان اِن (وڻ) کي ظالمن جي لاءِ عذاب ٺھرايو آھي. |
| إِنَّها شَجَرَةٌ تَخرُجُ فى أَصلِ الجَحيمِ (آيت : 64) |
|
بيشڪ اِھو ھڪ وڻ آھي جو دوزخ جي تري ۾ پيدا ٿيندو آھي. |
| طَلعُها كَأَنَّهُ رُءوسُ الشَّيٰطينِ (آيت : 65) |
|
اُن جا گوشا ڄڻڪ شيطانن جون سِسيون آھن. |
| فَإِنَّهُم لَءاكِلونَ مِنها فَمالِـٔونَ مِنهَا البُطونَ (آيت : 66) |
|
پوءِ بيشڪ دوزخي اُن مان کائيندا پوءِ منجھانئس پيٽ ڀريندا. |
| ثُمَّ إِنَّ لَهُم عَلَيها لَشَوبًا مِن حَميمٍ (آيت : 67) |
|
وري اُنھن لاءِ اُن (کاڄ) تي ٽھڪندڙ پاڻيءَ جي ملاوت ھوندي. |
| ثُمَّ إِنَّ مَرجِعَهُم لَإِلَى الجَحيمِ (آيت : 68) |
|
وري بيشڪ کائڻ پيئڻ کانپوءِ سندن موٽڻ دوزخ ڏانھن ھوندو. |
| إِنَّهُم أَلفَوا ءاباءَهُم ضالّينَ (آيت : 69) |
|
بيشڪ اُنھن پنھنجن پيءُ ڏاڏن کي گمراھ ڏٺو. |
| فَهُم عَلىٰ ءاثٰرِهِم يُهرَعونَ (آيت : 70) |
|
تنھنڪري اُھي (به) سندن پيرن تي ڊوڙن ٿا. |
| وَلَقَد ضَلَّ قَبلَهُم أَكثَرُ الأَوَّلينَ (آيت : 71) |
|
۽ بيشڪ کانئن اڳ اڳين مان گھڻا گمراھ ٿيا ھوا. |
| وَلَقَد أَرسَلنا فيهِم مُنذِرينَ (آيت : 72) |
|
۽ بيشڪ منجھن ڊيڄاريندڙ موڪليا ھواسون. |
| فَانظُر كَيفَ كانَ عٰقِبَةُ المُنذَرينَ (آيت : 73) |
|
پوءِ نھار ته ڊيڄاريلن جي پڇاڙي ڪئن ٿي؟ |
| إِلّا عِبادَ اللَّهِ المُخلَصينَ (آيت : 74) |
|
پر الله جا خاص ٻانھا (انھن جي پڇاڙي چڱي ٿي). |
| وَلَقَد نادىٰنا نوحٌ فَلَنِعمَ المُجيبونَ (آيت : 75) |
|
۽ بيشڪ نوح اسان کي سڏيو پوءِ چڱا (دُعا کي) قبول ڪندڙ آھيون. |
| وَنَجَّينٰهُ وَأَهلَهُ مِنَ الكَربِ العَظيمِ (آيت : 76) |
|
۽ کيس ۽ سندس (تعلق وارن) ماڻھن کي وڏي مصيبت کان بچايوسون. |
| وَجَعَلنا ذُرِّيَّتَهُ هُمُ الباقينَ (آيت : 77) |
|
۽ (فقط) سندس اولاد کي ئي باقي رھندڙ ڪيوسون. |
| وَتَرَكنا عَلَيهِ فِى الءاخِرينَ (آيت : 78) |
|
۽ پوين ۾ اُن لاءِ (چڱي يادگيري) ڇڏي سون. |
| سَلٰمٌ عَلىٰ نوحٍ فِى العٰلَمينَ (آيت : 79) |
|
ساري جَڳ ۾ نوح تي شال سلام ھجي. |
| إِنّا كَذٰلِكَ نَجزِى المُحسِنينَ (آيت : 80) |
|
بيشڪ اسين ڀلارن کي اھڙي طرح بدلو ڏيندا آھيون. |
| إِنَّهُ مِن عِبادِنَا المُؤمِنينَ (آيت : 81) |
|
بيشڪ اُھو اسان جي مؤمنن ٻانھن مان آھي. |
| ثُمَّ أَغرَقنَا الءاخَرينَ (آيت : 82) |
|
وري ٻـين کي ٻوڙيوسون. |
| وَإِنَّ مِن شيعَتِهِ لَإِبرٰهيمَ (آيت : 83) |
|
۽ بيشڪ نوح جي پيروري ڪندڙن مان ابراھيم ھو. |
| إِذ جاءَ رَبَّهُ بِقَلبٍ سَليمٍ (آيت : 84) |
|
(ياد ڪر) جڏھن (ھو) پنھنجي پالڻھار وٽ سالم دِل سان آيو. |
| إِذ قالَ لِأَبيهِ وَقَومِهِ ماذا تَعبُدونَ (آيت : 85) |
|
(ياد ڪر) جڏھن پنھنجي پيءُ ۽ پنھنجي قوم کي چيائين ته اوھان ڇاکي پوڄيندا آھيو؟ |
| أَئِفكًا ءالِهَةً دونَ اللَّهِ تُريدونَ (آيت : 86) |
|
الله کانسواءِ ھٿرادو ٺھيل معبودن کي گھرو ٿا ڇا؟ |
| فَما ظَنُّكُم بِرَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 87) |
|
پوءِ جھانن جي پالڻھار بابت اوھان جو ڪھڙو گُمان آھي؟ |
| فَنَظَرَ نَظرَةً فِى النُّجومِ (آيت : 88) |
|
پوءِ تارن ۾ ھڪ ڀيرو چتائي ڏٺائين. |
| فَقالَ إِنّى سَقيمٌ (آيت : 89) |
|
پوءِ چيائين ته آءٌ بيمار ٿيندس. |
| فَتَوَلَّوا عَنهُ مُدبِرينَ (آيت : 90) |
|
پوءِ کانئس پُٺي ڏيئي ڦِريا. |
| فَراغَ إِلىٰ ءالِهَتِهِم فَقالَ أَلا تَأكُلونَ (آيت : 91) |
|
پوءِ سندن معبودن ڏانھن منھن ڪيائين ته اوھين ڇونه ٿا کائو؟ |
| ما لَكُم لا تَنطِقونَ (آيت : 92) |
|
اوھان کي ڇا (ٿيو آھي) جو نه ٿا ڳالھايو؟ |
| فَراغَ عَلَيهِم ضَربًا بِاليَمينِ (آيت : 93) |
|
پوءِ سڄي ھٿ (يعني زور) سان مٿن ڏاڍا ڌَڪ ھڻڻ لڳو. |
| فَأَقبَلوا إِلَيهِ يَزِفّونَ (آيت : 94) |
|
پوءِ (قوم وارا) ڏانھس ڊوڙندا سامھون آيا. |
| قالَ أَتَعبُدونَ ما تَنحِتونَ (آيت : 95) |
|
(کين) چيائين ته جنھن کي اوھين (پاڻ) گھَڙيندا آھيو تنھن کي ڇو پوڄيندا آھيو؟ |
| وَاللَّهُ خَلَقَكُم وَما تَعمَلونَ (آيت : 96) |
|
ھن ھوندي جو الله اوھان کي ۽ جيڪي اوھين ڪريو ٿا تنھن کي پيدا ڪيو. |
| قالُوا ابنوا لَهُ بُنيٰنًا فَأَلقوهُ فِى الجَحيمِ (آيت : 97) |
|
(ھڪ ٻئي کي) چيائون ته ابراھيم لاءِ اڏاوت اڏيو پوءِ کيس (باھ جي) آڙاھ ۾ اُڇليو. |
| فَأَرادوا بِهِ كَيدًا فَجَعَلنٰهُمُ الأَسفَلينَ (آيت : 98) |
|
پوءِ ساڻس فريب ڪرڻ جو ارادو ڪيائون پوءِ کين تمام زير ڪيوسون. |
| وَقالَ إِنّى ذاهِبٌ إِلىٰ رَبّى سَيَهدينِ (آيت : 99) |
|
۽ ابراھيم چيو ته بيشڪ آءٌ پنھنجي پالڻھار ڏانھن وڃڻ وارو آھيان (اھو) سگھوئي مون کي واٽ ڏيکاريندو (جتي سندس رضا ھوندي). |
| رَبِّ هَب لى مِنَ الصّٰلِحينَ (آيت : 100) |
|
اي منھنجا پالڻھار صالحن مان (ڪو پُٽ) مون کي عطا ڪر. |
| فَبَشَّرنٰهُ بِغُلٰمٍ حَليمٍ (آيت : 101) |
|
پوءِ کيس ھڪ حليمت واري نينگر جي خوشخبري ڏني سون. |
| فَلَمّا بَلَغَ مَعَهُ السَّعىَ قالَ يٰبُنَىَّ إِنّى أَرىٰ فِى المَنامِ أَنّى أَذبَحُكَ فَانظُر ماذا تَرىٰ قالَ يٰأَبَتِ افعَل ما تُؤمَرُ سَتَجِدُنى إِن شاءَ اللَّهُ مِنَ الصّٰبِرينَ (آيت : 102) |
|
پوءِ جڏھن ساڻس گڏ ڊوڙڻ (واريءَ عمر) کي پھتو (تڏھن ابراھيم) چيو ته اي منھنجا پُٽڙا بيشڪ آءٌ ننڊ ۾ ڏسان ٿو ته آءٌ توکي ڪُھان ٿو پوءِ تون نظر ڪر ته تنھنجي دل ۾ ڇا ٿو اچي؟ چيائين ته اي مُنھنجا ابا جنھن ڪم جو توکي حُڪم ڏنو وڃي ٿو سو ڪر جيڪڏھن الله گھريو ته مون کي صبر ڪرڻ وارن مان لھندين. |
| فَلَمّا أَسلَما وَتَلَّهُ لِلجَبينِ (آيت : 103) |
|
پوءِ جڏھن ٻنھي حُڪم مڃيو ۽ ابراھيم (پنھنجي) پُٽ کي پيشانيءَ ڀر ليٽايو. |
| وَنٰدَينٰهُ أَن يٰإِبرٰهيمُ (آيت : 104) |
|
۽ کيس سڏيوسون ته اي ابراھيم. |
| قَد صَدَّقتَ الرُّءيا إِنّا كَذٰلِكَ نَجزِى المُحسِنينَ (آيت : 105) |
|
بيشڪ تو خواب کي سچو ڪيو، بيشڪ اسين ڀلارن کي اھڙي طرح بدلو ڏيندا آھيون. |
| إِنَّ هٰذا لَهُوَ البَلٰؤُا۟ المُبينُ (آيت : 106) |
|
بيشڪ اِھا پڌري پرک آھي. |
| وَفَدَينٰهُ بِذِبحٍ عَظيمٍ (آيت : 107) |
|
۽ ذُبح جي وڏي جانور سان اُن جو عوض ڏنوسون. |
| وَتَرَكنا عَلَيهِ فِى الءاخِرينَ (آيت : 108) |
|
۽ پوين ۾ (چڱي ساراھ) اُن لاءِ ڇڏي سون. |
| سَلٰمٌ عَلىٰ إِبرٰهيمَ (آيت : 109) |
|
ابراھيم تي شال سلام ھجي. |
| كَذٰلِكَ نَجزِى المُحسِنينَ (آيت : 110) |
|
ڀلارن کي اھڙي طرح بدلو ڏيندا آھيون. |
| إِنَّهُ مِن عِبادِنَا المُؤمِنينَ (آيت : 111) |
|
بيشڪ اُھو اسان جي مؤمنن ٻانھن مان آھي. |
| وَبَشَّرنٰهُ بِإِسحٰقَ نَبِيًّا مِنَ الصّٰلِحينَ (آيت : 112) |
|
۽ کيس اسحٰق جي خوشخبري ڏني سون جو صالحن مان ھڪڙو نبي آھي. |
| وَبٰرَكنا عَلَيهِ وَعَلىٰ إِسحٰقَ وَمِن ذُرِّيَّتِهِما مُحسِنٌ وَظالِمٌ لِنَفسِهِ مُبينٌ (آيت : 113) |
|
۽ ابراھيم تي ۽ اسحٰق تي برڪت نازل ڪئي سون، ۽ ٻنھي جي اولاد مان ڪي چڱا آھن ۽ ڪي پاڻ تي پڌرو ظلم ڪندڙ آھن. |
| وَلَقَد مَنَنّا عَلىٰ موسىٰ وَهٰرونَ (آيت : 114) |
|
۽ بيشڪ موسىٰ ۽ ھارون تي احسان ڪيوسون. |
| وَنَجَّينٰهُما وَقَومَهُما مِنَ الكَربِ العَظيمِ (آيت : 115) |
|
۽ کين ۽ سندن قوم کي وڏي سختيءَ کان بچايوسون. |
| وَنَصَرنٰهُم فَكانوا هُمُ الغٰلِبينَ (آيت : 116) |
|
۽ کين مدد ڏني سون پوءِ اُھي غالب رھيا. |
| وَءاتَينٰهُمَا الكِتٰبَ المُستَبينَ (آيت : 117) |
|
۽ کين پڌرو ڪتاب ڏنوسون. |
| وَهَدَينٰهُمَا الصِّرٰطَ المُستَقيمَ (آيت : 118) |
|
۽ کين سِڌي رستي لاتوسون. |
| وَتَرَكنا عَلَيهِما فِى الءاخِرينَ (آيت : 119) |
|
۽ پوين ۾ (چڱي ساراھ) انھن لاءِ ڇڏي سون. |
| سَلٰمٌ عَلىٰ موسىٰ وَهٰرونَ (آيت : 120) |
|
مُوسىٰ ۽ ھارون تي شال سلام ھجي. |
| إِنّا كَذٰلِكَ نَجزِى المُحسِنينَ (آيت : 121) |
|
بيشڪ اسين ڀلارن کي اھڙيءَ طرح بدلو ڏيندا آھيون. |
| إِنَّهُما مِن عِبادِنَا المُؤمِنينَ (آيت : 122) |
|
بيشڪ اُھي (ٻئي) اسان جي مؤمن ٻانھن مان آھن. |
| وَإِنَّ إِلياسَ لَمِنَ المُرسَلينَ (آيت : 123) |
|
۽ بيشڪ الياس پيغمبرن مان ھو. |
| إِذ قالَ لِقَومِهِ أَلا تَتَّقونَ (آيت : 124) |
|
جڏھن پنھنجي قوم کي چيائين ته (الله کان) ڇونه ڊڄندا آھيو؟ |
| أَتَدعونَ بَعلًا وَتَذَرونَ أَحسَنَ الخٰلِقينَ (آيت : 125) |
|
ڇو بَعل کي پوڄيندا آھيو ۽ تمام چڱي خلقيندڙ کي ڇڏيندا آھيو؟ |
| اللَّهَ رَبَّكُم وَرَبَّ ءابائِكُمُ الأَوَّلينَ (آيت : 126) |
|
(جو) الله اوھان جو پالڻھار ۽ اوھان جي اڳين پِين ڏاڏن جو پالڻھار آھي. |
| فَكَذَّبوهُ فَإِنَّهُم لَمُحضَرونَ (آيت : 127) |
|
پوءِ کيس ڪوڙو ڀانيائون تنھنڪري اُھي بيشڪ (دوزخ ۾) حاضر ڪيل آھن. |
| إِلّا عِبادَ اللَّهِ المُخلَصينَ (آيت : 128) |
|
پر الله جا خاص ٻانھا (ڇٽل آھن). |
| وَتَرَكنا عَلَيهِ فِى الءاخِرينَ (آيت : 129) |
|
۽ پوين ۾ (چڱي ساراھ) اُن لاءِ ڇڏي سون. |
| سَلٰمٌ عَلىٰ إِل ياسينَ (آيت : 130) |
|
الياس تي شال سلام ھجي. |
| إِنّا كَذٰلِكَ نَجزِى المُحسِنينَ (آيت : 131) |
|
بيشڪ اسين ڀلارن کي اھڙي طرح بدلو ڏيندا آھيون. |
| إِنَّهُ مِن عِبادِنَا المُؤمِنينَ (آيت : 132) |
|
بيشڪ اُھو اسان جي مؤمن ٻانھن مان آھي. |
| وَإِنَّ لوطًا لَمِنَ المُرسَلينَ (آيت : 133) |
|
۽ بيشڪ لُوط پيغمبرن مان ھو. |
| إِذ نَجَّينٰهُ وَأَهلَهُ أَجمَعينَ (آيت : 134) |
|
(ياد ڪر) جڏھن اُن کي ۽ سندس مڙني گھر وارن کي بچايوسون. |
| إِلّا عَجوزًا فِى الغٰبِرينَ (آيت : 135) |
|
سواءِ ھڪڙي ڪراڙي زال جي جا پُٺ تي رھندڙن مان ٿي. |
| ثُمَّ دَمَّرنَا الءاخَرينَ (آيت : 136) |
|
وري (ھنن) ٻـين کي ھلاڪ ڪيوسون. |
| وَإِنَّكُم لَتَمُرّونَ عَلَيهِم مُصبِحينَ (آيت : 137) |
|
۽ بيشڪ اوھين انھن (جي ڳوٺن) وٽان صبح جو لنگھندا آھيو. |
| وَبِالَّيلِ أَفَلا تَعقِلونَ (آيت : 138) |
|
۽ رات جو (به) پوءِ ڇونه سمجھندا آھيو؟ |
| وَإِنَّ يونُسَ لَمِنَ المُرسَلينَ (آيت : 139) |
|
۽ بيشڪ يُونس پيغمبرن مان ھو. |
| إِذ أَبَقَ إِلَى الفُلكِ المَشحونِ (آيت : 140) |
|
جڏھن (ھو) ڀريل ٻيڙيءَ ڏانھن ڀڳو. |
| فَساهَمَ فَكانَ مِنَ المُدحَضينَ (آيت : 141) |
|
پوءِ (ٻيڙي وارن سان) پُکو وڌائين ته (پاڻ) پُکي پيلن مان ٿيو. |
| فَالتَقَمَهُ الحوتُ وَهُوَ مُليمٌ (آيت : 142) |
|
پوءِ کيس مڇي ڳھي وئي ۽ اُھو (اھڙو ڪم ڪندڙ ھو جو) ملامت جو لائق ھو. |
| فَلَولا أَنَّهُ كانَ مِنَ المُسَبِّحينَ (آيت : 143) |
|
پوءِ اُھو جيڪڏھن تسبيح چوندڙن مان نه ھجي ھا. |
| لَلَبِثَ فى بَطنِهِ إِلىٰ يَومِ يُبعَثونَ (آيت : 144) |
|
ته اُنھي ڏينھن تائين جنھن ۾ (ماڻھو) اُٿارجن اُن جي پيٽ ۾ رھي ھا. |
| فَنَبَذنٰهُ بِالعَراءِ وَهُوَ سَقيمٌ (آيت : 145) |
|
پوءِ کيس صاف پَٽ ۾ اُڇليوسون ۽ اُھو بيمار ھو. |
| وَأَنبَتنا عَلَيهِ شَجَرَةً مِن يَقطينٍ (آيت : 146) |
|
۽ مٿس وڻ ڪدوءَ (جي قِسم) مان ڄمايوسون. |
| وَأَرسَلنٰهُ إِلىٰ مِا۟ئَةِ أَلفٍ أَو يَزيدونَ (آيت : 147) |
|
۽ کيس (ھڪ) لک يا (اُن کان) وڌيڪ (ماڻھن) ڏانھن موڪليوسون. |
| فَـٔامَنوا فَمَتَّعنٰهُم إِلىٰ حينٍ (آيت : 148) |
|
پوءِ انھن ايمان آندو پوءِ ھڪ وقت تائين کين فائدو ڏنوسون. |
| فَاستَفتِهِم أَلِرَبِّكَ البَناتُ وَلَهُمُ البَنونَ (آيت : 149) |
|
پوءِ (اي پيغمبر) اُنھن (يعني مشرڪن) کان پُڇ ته تنھنجي پالڻھار کي ڌيئر آھن ڇا يا کيس پُٽ آھنئ |
| أَم خَلَقنَا المَلٰئِكَةَ إِنٰثًا وَهُم شٰهِدونَ (آيت : 150) |
|
يا ملائڪن کي زالون بڻايوسون ۽ اُھي (اُن وقت) حاضر ھوا. |
| أَلا إِنَّهُم مِن إِفكِهِم لَيَقولونَ (آيت : 151) |
|
خبردار ھُجو (ته) بيشڪ اُھي پنھنجي (ھٿرادو ٺھيل) ڪوڙ مان چوندا آھن. |
| وَلَدَ اللَّهُ وَإِنَّهُم لَكٰذِبونَ (آيت : 152) |
|
ته الله (اولاد کي) ڄڻيو آھي ۽ اُھي ڪوڙا آھن. |
| أَصطَفَى البَناتِ عَلَى البَنينَ (آيت : 153) |
|
پٽن کان ڌيئر پسند ڪيائين ڇا؟ |
| ما لَكُم كَيفَ تَحكُمونَ (آيت : 154) |
|
اوھان کي ڇا ٿيو آھي، ڪيئن نبيرو ڪندا آھيو؟ |
| أَفَلا تَذَكَّرونَ (آيت : 155) |
|
(اوھين) ڇونه ڌيان ڪندا آھيو؟ |
| أَم لَكُم سُلطٰنٌ مُبينٌ (آيت : 156) |
|
يا اوھان کي ڪا پڌري حُجّت آھي؟ |
| فَأتوا بِكِتٰبِكُم إِن كُنتُم صٰدِقينَ (آيت : 157) |
|
جيڪڏھن اوھين سچا آھيو ته پنھنجو ڪتاب آڻيو. |
| وَجَعَلوا بَينَهُ وَبَينَ الجِنَّةِ نَسَبًا وَلَقَد عَلِمَتِ الجِنَّةُ إِنَّهُم لَمُحضَرونَ (آيت : 158) |
|
۽ (ڪافرن) الله ۽ جِنن جي وچ ۾ مائٽي مُقرر ڪئي، ۽ بيشڪ جِنن ڄاتو آھي ته اُھي (قيامت ۾ حساب لاءِ) حاضر ڪيا ويندا. |
| سُبحٰنَ اللَّهِ عَمّا يَصِفونَ (آيت : 159) |
|
(ڪافر) جيڪي بيان ڪندا آھن تنھن کان الله پاڪ آھي. |
| إِلّا عِبادَ اللَّهِ المُخلَصينَ (آيت : 160) |
|
پر الله جا خاص ٻانھا (انھن جو چوڻ سچو آھي). |
| فَإِنَّكُم وَما تَعبُدونَ (آيت : 161) |
|
پوءِ (اي ڪافرؤ) بيشڪ اوھين ۽ جن (بتن) کي پوڄيندا آھيو. |
| ما أَنتُم عَلَيهِ بِفٰتِنينَ (آيت : 162) |
|
اوھين (سڀئي) اُن (يعني ڪوڙن معبُودن جي عبادت) لاءِ گمراھ ڪرڻ وارا نه آھيو. |
| إِلّا مَن هُوَ صالِ الجَحيمِ (آيت : 163) |
|
پر اُنھن کي جيڪو (پاڻ) دوزخ ۾ گھڙڻ وارو آھي. |
| وَما مِنّا إِلّا لَهُ مَقامٌ مَعلومٌ (آيت : 164) |
|
۽ (ملائڪ چوندا آھن ته) اسان مان اھڙو آھي ئي ڪونه جنھن لاءِ (عبادت جي) ھڪ جاءِ ٺھرايل نه آھي. |
| وَإِنّا لَنَحنُ الصّافّونَ (آيت : 165) |
|
۽ بيشڪ اسين صِف ٻَڌڻ وارا آھيون. |
| وَإِنّا لَنَحنُ المُسَبِّحونَ (آيت : 166) |
|
۽ بيشڪ اسين تسبيح چوڻ وارا آھيون. |
| وَإِن كانوا لَيَقولونَ (آيت : 167) |
|
۽ بيشڪ (عرب جا ڪافر) چوندا ھوا. |
| لَو أَنَّ عِندَنا ذِكرًا مِنَ الأَوَّلينَ (آيت : 168) |
|
ته جيڪڏھن اسان وٽ پھرين جو احوال ھجي ھا. |
| لَكُنّا عِبادَ اللَّهِ المُخلَصينَ (آيت : 169) |
|
ته ضرور الله جا خاص ٻانھا ٿيون ھا. |
| فَكَفَروا بِهِ فَسَوفَ يَعلَمونَ (آيت : 170) |
|
وري اُن (يعني قرآن) جا مُنڪر ٿيا پوءِ سِگھوئي (ڪفر جي پڄاڻي) ڄاڻندا. |
| وَلَقَد سَبَقَت كَلِمَتُنا لِعِبادِنَا المُرسَلينَ (آيت : 171) |
|
۽ بيشڪ پنھنجن ٻانھن پيغمبرن لاءِ اسان جو وعدو اڳي ئي ٿي چڪو.. |
| إِنَّهُم لَهُمُ المَنصورونَ (آيت : 172) |
|
ته بيشڪ اُھي (اسان جا پيغمبر) ئي فتح مند آھن. |
| وَإِنَّ جُندَنا لَهُمُ الغٰلِبونَ (آيت : 173) |
|
۽ بيشڪ اسان جو لشڪر ئي غالب آھي. |
| فَتَوَلَّ عَنهُم حَتّىٰ حينٍ (آيت : 174) |
|
پوءِ کانئن ھڪ وقت تائين منھن موڙ. |
| وَأَبصِرهُم فَسَوفَ يُبصِرونَ (آيت : 175) |
|
۽ کين ڏسندو رھ پوءِ اُھي به سگھوئي ڏسندا. |
| أَفَبِعَذابِنا يَستَعجِلونَ (آيت : 176) |
|
(ھي ڪافر) اسان جو عذاب جلد گھرندا آھن ڇا؟ |
| فَإِذا نَزَلَ بِساحَتِهِم فَساءَ صَباحُ المُنذَرينَ (آيت : 177) |
|
پوءِ جڏھن سندن (گھرن جي) اڱڻن ۾ (عذاب) لھندو تڏھن ڊيڄاريلن جو صُبح بڇڙو ٿيندو. |
| وَتَوَلَّ عَنهُم حَتّىٰ حينٍ (آيت : 178) |
|
۽ کانئن ھڪ وقت تائين مُنھن موڙ. |
| وَأَبصِر فَسَوفَ يُبصِرونَ (آيت : 179) |
|
۽ ڏسندو رھ پوءِ اُھي به سگھوئي (نتيجو) ڏسندا. |
| سُبحٰنَ رَبِّكَ رَبِّ العِزَّةِ عَمّا يَصِفونَ (آيت : 180) |
|
تنھنجو پالڻھار پاڪ آھي جيڪي (اِھي ڪافر) بيان ڪندا آھن تنھن کان (اُھو) عزّت وارو آھي. |
| وَسَلٰمٌ عَلَى المُرسَلينَ (آيت : 181) |
|
۽ (الله جي) پيغمبرن تي شال سَلام ھجي. |
| وَالحَمدُ لِلَّهِ رَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 182) |
|
۽ جھانن جي پالڻھار الله کي ئي سڀ ساراھ جڳائيندي آھي. |