القرآن الڪريم

  • اينڊرائيڊ ايپليڪيشن
  • سهڪار
  • پراجيڪٽ ٽيم
  • پراجيڪٽ بابت
  • مترجمين
    • قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)
    • ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)
    • بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)
    • سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)
    • احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)
    • الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)
    • فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)
    • نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)
    • البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)
    • تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)
    • القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)
    • قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)


 

رڪوع : 5 سُوۡرَۃُ الصّٰٓفّٰت مَکِّیَّۃٌ آيتون : 182


بِسۡمِ اللهِ الرَّحمٰنِ الرَّحِيۡمِ

وَالصّٰفّٰتِ صَفًّا (آيت : 1)

شاهد آهن، صفون ٻڌي بيهندڙ ملائڪ.

فَالزّٰجِرٰتِ زَجرًا (آيت : 2)

پوءِ جهڻڪ ڏيئي ڌمڪائيندڙ ملائڪ.

فَالتّٰلِيٰتِ ذِكرًا (آيت : 3)

۽ قرآن پڙهندڙ جماعت.

إِنَّ إِلٰهَكُم لَوٰحِدٌ (آيت : 4)

ته اوهان جو سائين فقط هڪڙو آهي.

رَبُّ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَما بَينَهُما وَرَبُّ المَشٰرِقِ (آيت : 5)

جو آسمانن ۽ زمين ۽ جيڪي به سندن وچ ۾ آهي، ان جو ڌڻي آهي ۽ اڀرڻ وارن طرفن جو ڌڻي آهي.

إِنّا زَيَّنَّا السَّماءَ الدُّنيا بِزينَةٍ الكَواكِبِ (آيت : 6)

بيشڪ اسان دنيا جي آسمان کي تارن سان سينگاريو.

وَحِفظًا مِن كُلِّ شَيطٰنٍ مارِدٍ (آيت : 7)

۽ سڀني سرڪش شيطانن کان ان جي سنڀال ڪئي سون.

لا يَسَّمَّعونَ إِلَى المَلَإِ الأَعلىٰ وَيُقذَفونَ مِن كُلِّ جانِبٍ (آيت : 8)

ته شيطان مٿاهين جهان ڏي ڪَنَ نه ڏين_ ۽ سندن مٿان هر طرف کان اماڙيون اڇلبيون آهن.

دُحورًا وَلَهُم عَذابٌ واصِبٌ (آيت : 9)

تڙڻ لاءِ، ۽ انهن لاءِ هميشه جوعذاب آهي.

إِلّا مَن خَطِفَ الخَطفَةَ فَأَتبَعَهُ شِهابٌ ثاقِبٌ (آيت : 10)

مگر جيڪو ڳالهه کي جهٽي ويو، ته سندن پٺيان ٻرندڙ اماڙي پوندي آهي.

فَاستَفتِهِم أَهُم أَشَدُّ خَلقًا أَم مَن خَلَقنا إِنّا خَلَقنٰهُم مِن طينٍ لازِبٍ (آيت : 11)

پوءِ کانئن پڇ، ته ”ڀلا هنن جو پيدا ڪرڻ تمام ڏکيو آهي، يا ٻيو جيڪي اسان خلقيو آهي سو؟“ اسان هنن کي چيڪيءَ مٽيءَ مان خلقيو.

بَل عَجِبتَ وَيَسخَرونَ (آيت : 12)

بلڪ عجب لڳيئي، ۽ هو مسخريون ٿا ڪن.

وَإِذا ذُكِّروا لا يَذكُرونَ (آيت : 13)

۽ جڏهن سمجهائبو اٿن ته نه سمجهندا آهن.

وَإِذا رَأَوا ءايَةً يَستَسخِرونَ (آيت : 14)

۽ جڏهن ڪا نشاني ڏسندا آهن ته مسخريون ڪندا آهن.

وَقالوا إِن هٰذا إِلّا سِحرٌ مُبينٌ (آيت : 15)

۽ چوندا آهن ته ”هيءُ صفا جادو آهي.

أَءِذا مِتنا وَكُنّا تُرابًا وَعِظٰمًا أَءِنّا لَمَبعوثونَ (آيت : 16)

ڇا، جڏهن اسين مرنداسون ۽ مٽي ۽ هڏا ٿينداسون، تڏهن وري اٿارباسون؟

أَوَءاباؤُنَا الأَوَّلونَ (آيت : 17)

۽ پڻ اسان جا اڳيان وڏا به؟“

قُل نَعَم وَأَنتُم دٰخِرونَ (آيت : 18)

چئو ته ”هائو! ۽ اوهين خوار به هوندؤ!“

فَإِنَّما هِىَ زَجرَةٌ وٰحِدَةٌ فَإِذا هُم يَنظُرونَ (آيت : 19)

پوءِ اهو رڳو هڪ سخت جهڻڪار هوندي، ته يڪدم هو ڏسڻ لڳندا؛

وَقالوا يٰوَيلَنا هٰذا يَومُ الدّينِ (آيت : 20)

۽ چوندا ”هاءِ افسوس! اسان جي حال تي، هيءُ ته بدلي وٺڻ جو ڏينهن آهي!“

هٰذا يَومُ الفَصلِ الَّذى كُنتُم بِهِ تُكَذِّبونَ (آيت : 21)

(ها) هي اهو فيصلي جو ڏينهن آهي، جنهن کي اوهين ڪوڙ سمجهندا هئا.

احشُرُوا الَّذينَ ظَلَموا وَأَزوٰجَهُم وَما كانوا يَعبُدونَ (آيت : 22)

(اي ملائڪو!) ظالمن، سندن سنگتين ۽ جن جي بندگي ڪندا هئا،

مِن دونِ اللَّهِ فَاهدوهُم إِلىٰ صِرٰطِ الجَحيمِ (آيت : 23)

الله کان سواءِ تن سڀني کي گڏ ڪريو ۽ کين سڌو دوزخ جي واٽ لڳايو

وَقِفوهُم إِنَّهُم مَسـٔولونَ (آيت : 24)

ڀلا کين ترسايو، جو کانئن پڇا ڪبي.

ما لَكُم لا تَناصَرونَ (آيت : 25)

”ڇا ٿيو اٿوَ، جو هڪ ٻئي جي مدد نٿا ڪريو؟“

بَل هُمُ اليَومَ مُستَسلِمونَ (آيت : 26)

مگر هو ته اڄ ڪنڌ جهڪائيندڙ آهن!

وَأَقبَلَ بَعضُهُم عَلىٰ بَعضٍ يَتَساءَلونَ (آيت : 27)

۽ هو هڪ ٻئي ڏي مهاڙ ڪري سوال جواب ڪندا.

قالوا إِنَّكُم كُنتُم تَأتونَنا عَنِ اليَمينِ (آيت : 28)

(هڪڙا) چوندا ”بيشڪ اوهين ئي اسان کي (گمراهه ڪرڻ لاءِ) ساڄي طرف کان ايندا هئا.“

قالوا بَل لَم تَكونوا مُؤمِنينَ (آيت : 29)

هو چوندا ”نه، بلڪ اوهين پاڻ مؤمن نه هئا.

وَما كانَ لَنا عَلَيكُم مِن سُلطٰنٍ بَل كُنتُم قَومًا طٰغينَ (آيت : 30)

اسان جو اوهان تي ڪو زور ته ڪونه هو، بلڪ اوهين پاڻ حد کان اڪريل شخص هئا.

فَحَقَّ عَلَينا قَولُ رَبِّنا إِنّا لَذائِقونَ (آيت : 31)

پوءِ اسان تي اسان جي ڌڻيءَ جو چوڻ ثابت ٿيو، ته اسين پڪ عذاب چکنداسون.

فَأَغوَينٰكُم إِنّا كُنّا غٰوينَ (آيت : 32)

اسان اوهان کي گمراهه ڪيو جو اسين پاڻ به گمراهه هئاسون!

فَإِنَّهُم يَومَئِذٍ فِى العَذابِ مُشتَرِكونَ (آيت : 33)

پوءِ اهي ان ڏينهن عذاب ۾ هڪ ٻئي سان گڏ هوندا.

إِنّا كَذٰلِكَ نَفعَلُ بِالمُجرِمينَ (آيت : 34)

اسين ڏوهارين سان ائين ئي ڪندا آهيون.

إِنَّهُم كانوا إِذا قيلَ لَهُم لا إِلٰهَ إِلَّا اللَّهُ يَستَكبِرونَ (آيت : 35)

هنن کي جڏهن چئبو هو ته، ”الله کان سواءِ ٻيو ڪو به سائين ڪونهي، ”تڏهن هو آڪڙ ڪندا هئا.

وَيَقولونَ أَئِنّا لَتارِكوا ءالِهَتِنا لِشاعِرٍ مَجنونٍ (آيت : 36)

۽ چوندا هئا ته، ”ڇا، اسين هڪ چرئي شاعر جي چوڻ تي پنهنجا سائين ڇڏي ڏينداسون؟“

بَل جاءَ بِالحَقِّ وَصَدَّقَ المُرسَلينَ (آيت : 37)

بلڪ هن ته سچ آندو ۽ سڀني نبين کي به سچو ٿي چيائين.

إِنَّكُم لَذائِقُوا العَذابِ الأَليمِ (آيت : 38)

بيشڪ اوهين ڏکائيندڙ عذاب چکندؤ.

وَما تُجزَونَ إِلّا ما كُنتُم تَعمَلونَ (آيت : 39)

پر اوهان کي فقط اوهان جي ئي ڪمن جو بدلو ڏبو.

إِلّا عِبادَ اللَّهِ المُخلَصينَ (آيت : 40)

مگر جيڪي شخص الله جا خاص ٻانها هوندا.

أُولٰئِكَ لَهُم رِزقٌ مَعلومٌ (آيت : 41)

تن لاءِ خاص رزق هوندا.

فَوٰكِهُ وَهُم مُكرَمونَ (آيت : 42)

يعني هر قسم جا ميوا، ۽ هو عزت وارا هوندا_

فى جَنّٰتِ النَّعيمِ (آيت : 43)

نعمت وارن باغن ۾.

عَلىٰ سُرُرٍ مُتَقٰبِلينَ (آيت : 44)

هڪ ٻئي جي آمهون سامهون، تختن تي ويٺل هوندا.

يُطافُ عَلَيهِم بِكَأسٍ مِن مَعينٍ (آيت : 45)

وٽن وهندڙ شراب جو پيالو پيو ڦرندو-

بَيضاءَ لَذَّةٍ لِلشّٰرِبينَ (آيت : 46)

جو بلڪل اڇو ۽ پيئندڙن لاءِ لذت وارو هوندو.

لا فيها غَولٌ وَلا هُم عَنها يُنزَفونَ (آيت : 47)

ان ۾ نڪو مٿو ڦرندو، نڪو کين ان مان نشو ٿيندو-

وَعِندَهُم قٰصِرٰتُ الطَّرفِ عينٌ (آيت : 48)

۽ وٽن اهڙيون وڏين اکين واريون، هيٺ نهاريندڙ زالون هونديون.

كَأَنَّهُنَّ بَيضٌ مَكنونٌ (آيت : 49)

جي ڄڻ ته ڍڪي رکيل آنا آهن!

فَأَقبَلَ بَعضُهُم عَلىٰ بَعضٍ يَتَساءَلونَ (آيت : 50)

پوءِ هو هڪ ٻئي ڏانهن مهاڙ ڪري سوال جواب ڪندا-

قالَ قائِلٌ مِنهُم إِنّى كانَ لى قَرينٌ (آيت : 51)

هنن مان ڪو چوندو ”منهنجو دنيا ۾ هڪ دوست هو.

يَقولُ أَءِنَّكَ لَمِنَ المُصَدِّقينَ (آيت : 52)

جوچوندو هو، ”ڇا، تون انهي کي سچ ٿو سمجهين.

أَءِذا مِتنا وَكُنّا تُرابًا وَعِظٰمًا أَءِنّا لَمَدينونَ (آيت : 53)

ته جڏهن اسين مرنداسون ۽ مٽي ۽ هڏا ٿي وينداسون، تڏهن وري اسان کي بدلو ڏبو؟“

قالَ هَل أَنتُم مُطَّلِعونَ (آيت : 54)

چوندو ”ڀلا اوهين انهي کي ڏسڻ چاهيو ٿا؟

فَاطَّلَعَ فَرَءاهُ فى سَواءِ الجَحيمِ (آيت : 55)

پوءِ جهاتي پائيندو، ته ان دوست کي دوزخ جي وچ ۾ ڏسندو.

قالَ تَاللَّهِ إِن كِدتَ لَتُردينِ (آيت : 56)

چوندو ”خدا جو قسم! تون ته مون کي ناس ڪرڻ منجهه هئين.

وَلَولا نِعمَةُ رَبّى لَكُنتُ مِنَ المُحضَرينَ (آيت : 57)

۽ جي منهنجي ڌڻيءَ جو فضل مون تي نه هجي ها، ته (اڄ) آءُ به جيڪر (عذاب ۾) حاضر ٿيل هجان ها!

أَفَما نَحنُ بِمَيِّتينَ (آيت : 58)

هاڻي اسين نه مرنداسين.

إِلّا مَوتَتَنَا الأولىٰ وَما نَحنُ بِمُعَذَّبينَ (آيت : 59)

اسانجي پهرئين مرڻ کانسواءِ نڪي اسان کي عذاب ٿيندو.

إِنَّ هٰذا لَهُوَ الفَوزُ العَظيمُ (آيت : 60)

بيشڪ اها وڏي مراد ماڻڻ آهي.“

لِمِثلِ هٰذا فَليَعمَلِ العٰمِلونَ (آيت : 61)

اهڙيءَ نعمت لاءِ ڀل ته ڪم ڪندڙ ڪم ڪن.

أَذٰلِكَ خَيرٌ نُزُلًا أَم شَجَرَةُ الزَّقّومِ (آيت : 62)

ڀلا اها مهماني چڱي، يا ٿو هر جو وڻ؟

إِنّا جَعَلنٰها فِتنَةً لِلظّٰلِمينَ (آيت : 63)

بيشڪ اسان انهي کي ظالمن جي لاءِ عذاب ٺهرايو آهي.

إِنَّها شَجَرَةٌ تَخرُجُ فى أَصلِ الجَحيمِ (آيت : 64)

اهو هڪ وڻ آهي، جو دوزخ جي تري ۾ پيدا ٿيندو آهي.

طَلعُها كَأَنَّهُ رُءوسُ الشَّيٰطينِ (آيت : 65)

ان جون ٽاريون ڄڻ ته شيطانن جون سسيون آهن.

فَإِنَّهُم لَءاكِلونَ مِنها فَمالِـٔونَ مِنهَا البُطونَ (آيت : 66)

پوءِ دوزخي ضرور ان مان کائيندا ۽ منجهانئس ئي پيٽ ڀريندا.

ثُمَّ إِنَّ لَهُم عَلَيها لَشَوبًا مِن حَميمٍ (آيت : 67)

وري انهن لاءِ ان تي ٽهڪندڙ پاڻيءَ جي ملاوٽ هوندي-

ثُمَّ إِنَّ مَرجِعَهُم لَإِلَى الجَحيمِ (آيت : 68)

انهي کان پوءِ وري هنن کي دوزخ ڏي موٽڻو آهي.

إِنَّهُم أَلفَوا ءاباءَهُم ضالّينَ (آيت : 69)

هنن سندن وڏن کي گمراهه ڏٺو.

فَهُم عَلىٰ ءاثٰرِهِم يُهرَعونَ (آيت : 70)

پوءِ ان ڪري هو به سندن پيرويءَ تي ڊوڙن ٿا.

وَلَقَد ضَلَّ قَبلَهُم أَكثَرُ الأَوَّلينَ (آيت : 71)

۽ هنن کان اڳ به اڳين مان گهڻا گمراهه ٿيا هئا.

وَلَقَد أَرسَلنا فيهِم مُنذِرينَ (آيت : 72)

۽ اسان انهن ۾ به ڊيڄاريندڙ موڪليا هئا.

فَانظُر كَيفَ كانَ عٰقِبَةُ المُنذَرينَ (آيت : 73)

پوءِ ڏس ته ڊيڄاريلن جي پڇاڙي ڪهڙ ي ٿي؟

إِلّا عِبادَ اللَّهِ المُخلَصينَ (آيت : 74)

الله جي سچن ٻانهن کان سواءِ!

وَلَقَد نادىٰنا نوحٌ فَلَنِعمَ المُجيبونَ (آيت : 75)

۽ نوح به اسان کي پڪاريو، پوءِ اسين ته چڱا دعا قبول ڪندڙ آهيون.

وَنَجَّينٰهُ وَأَهلَهُ مِنَ الكَربِ العَظيمِ (آيت : 76)

اسان کيس ۽ سندس لاڳاپيلن کي وڏيءَ مصيبت کان بچايو.

وَجَعَلنا ذُرِّيَّتَهُ هُمُ الباقينَ (آيت : 77)

۽ سندس ئي اولاد کي باقي رهندڙ ڪيوسون.

وَتَرَكنا عَلَيهِ فِى الءاخِرينَ (آيت : 78)

۽ پوين ۾ انهن جي چڱي يادگيري ڇڏي سون.

سَلٰمٌ عَلىٰ نوحٍ فِى العٰلَمينَ (آيت : 79)

نوح تي شل سارن جهانن ۾ سلامتي هجي-

إِنّا كَذٰلِكَ نَجزِى المُحسِنينَ (آيت : 80)

بيشڪ اسين ائين ئي ڀلارن کي بدلو ڏيندا آهيون.

إِنَّهُ مِن عِبادِنَا المُؤمِنينَ (آيت : 81)

پڪ هو اسان جي مؤمن ٻانهن مان ئي هو.

ثُمَّ أَغرَقنَا الءاخَرينَ (آيت : 82)

وري ٻين کي ٻوڙيوسون.

وَإِنَّ مِن شيعَتِهِ لَإِبرٰهيمَ (آيت : 83)

۽ سندس پيروي ڪندڙن مان ابراهيم به هو.

إِذ جاءَ رَبَّهُ بِقَلبٍ سَليمٍ (آيت : 84)

جڏهن هو سندس ڌڻيءَ وٽ سالم دل سان آيو.

إِذ قالَ لِأَبيهِ وَقَومِهِ ماذا تَعبُدونَ (آيت : 85)

جڏهن سندس پيءُ ۽ قوم کي چيائين ”اوهين ڪنهن جي بندگي ڪندا آهيو؟

أَئِفكًا ءالِهَةً دونَ اللَّهِ تُريدونَ (آيت : 86)

ڇا، الله کانسواءِ ٻين هٿرادو ٺاهيل سائين کي ٿا گهرو؟

فَما ظَنُّكُم بِرَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 87)

ته پوءِ جهانن جي ڌڻيءَ بابت اوهان جو ڪهڙو خيال آهي؟“

فَنَظَرَ نَظرَةً فِى النُّجومِ (آيت : 88)

پوءِ تارن کي هڪڙيءَ نظر سان چتائي ڏٺائين.

فَقالَ إِنّى سَقيمٌ (آيت : 89)

پوءِ چيائين ”آءُ بيمار آهيان.“

فَتَوَلَّوا عَنهُ مُدبِرينَ (آيت : 90)

انهي تي هو کانئس پٺ ڏيئي هليا ويا.

فَراغَ إِلىٰ ءالِهَتِهِم فَقالَ أَلا تَأكُلونَ (آيت : 91)

تڏهن سندن ديوتائن ڏي مهاڙ ڪري چوڻ لڳو کائو نٿا؟

ما لَكُم لا تَنطِقونَ (آيت : 92)

ڇا ٿيو اٿوَ، جو ڳالهايو نٿا؟“

فَراغَ عَلَيهِم ضَربًا بِاليَمينِ (آيت : 93)

پوءِ ساڄي هٿ سان مٿن ڏاڍا ڌڪ هڻڻ لڳو.

فَأَقبَلوا إِلَيهِ يَزِفّونَ (آيت : 94)

انهي تي هو به ڏانهس منهن ڪري ڊوڙندا آيا-

قالَ أَتَعبُدونَ ما تَنحِتونَ (آيت : 95)

ته انهن کي چيائين ”جن کي پاڻ ٿا ٺاهيو، تن جي بندگي ڇو ٿا ڪريو؟

وَاللَّهُ خَلَقَكُم وَما تَعمَلونَ (آيت : 96)

اوهان، خواهه جيڪي ٿا ڪريو، تنهن کي ته پيدا به الله ئي ڪيو آهي!“

قالُوا ابنوا لَهُ بُنيٰنًا فَأَلقوهُ فِى الجَحيمِ (آيت : 97)

چوڻ لڳا، ”ابراهيم لاءِ ڪا جاءِ ٺاهي، پوءِ کيس آڙاهه ۾ اڇليو.“

فَأَرادوا بِهِ كَيدًا فَجَعَلنٰهُمُ الأَسفَلينَ (آيت : 98)

پوءِ هنن ته ساڻس فريب جو ارادو ڪيو، پر اسان کين ڪيرائي ڇڏيو.

وَقالَ إِنّى ذاهِبٌ إِلىٰ رَبّى سَيَهدينِ (آيت : 99)

۽ ابراهيم چيو، ”بيشڪ آءُ پنهنجي ڌڻيءَ ڏي ويندس، هو ترت ئي مون کي واٽ لڳائيندو.

رَبِّ هَب لى مِنَ الصّٰلِحينَ (آيت : 100)

اي منهنجا ڌڻي! تون مون کي نيڪن مان، بخش ڪر.“

فَبَشَّرنٰهُ بِغُلٰمٍ حَليمٍ (آيت : 101)

پوءِ اسان کيس هڪ نهٺي ڇوڪر جي مبارڪ ڏني.

فَلَمّا بَلَغَ مَعَهُ السَّعىَ قالَ يٰبُنَىَّ إِنّى أَرىٰ فِى المَنامِ أَنّى أَذبَحُكَ فَانظُر ماذا تَرىٰ قالَ يٰأَبَتِ افعَل ما تُؤمَرُ سَتَجِدُنى إِن شاءَ اللَّهُ مِنَ الصّٰبِرينَ (آيت : 102)

جنهن وقت هو ساڻس گڏ ڊوڙڻ جيڏو ٿيو تڏهن چيائينس ”پٽڙا! مون ننڊ ۾ ڏٺو آهي ته توکي (خدا جي راهه ۾) ڪُهان پيو، هاڻي ويچار ڪر، ته تون ڇا ٿو سمجهين!“ چيائين ”بابا! جيڪو حڪم مليو اٿيئي، سو ڪري ڇڏ. الله گهريو ته تون مون کي ترت ئي صبر ڪندڙ ڏسندين.“

فَلَمّا أَسلَما وَتَلَّهُ لِلجَبينِ (آيت : 103)

پوءِ جڏهن حڪم مڃيائون ۽ هن کيس نراڙ ڀر ليٽايو!

وَنٰدَينٰهُ أَن يٰإِبرٰهيمُ (آيت : 104)

ته اسان کيس آواز ڏنو ته ”اي ابراهيم!

قَد صَدَّقتَ الرُّءيا إِنّا كَذٰلِكَ نَجزِى المُحسِنينَ (آيت : 105)

بيشڪ، تنهنجو خواب سچو ٿيو، اسين ڀلارن کي ائين ئي بدلو ڏيندا آهيون.

إِنَّ هٰذا لَهُوَ البَلٰؤُا۟ المُبينُ (آيت : 106)

هيءَ هڪ پڌري آزمائش هئي.

وَفَدَينٰهُ بِذِبحٍ عَظيمٍ (آيت : 107)

اسان هڪ وڏي جانور کي ڪُهڻ جو بدلو بنايو.

وَتَرَكنا عَلَيهِ فِى الءاخِرينَ (آيت : 108)

۽ پوين ۾ ان جو نالو چڱو ڇڏيوسون-

سَلٰمٌ عَلىٰ إِبرٰهيمَ (آيت : 109)

ابراهيم تي شل سلام هجي.

كَذٰلِكَ نَجزِى المُحسِنينَ (آيت : 110)

اسين ائين ئي ڀلارن کي بدلو ڏيندا آهيون.“

إِنَّهُ مِن عِبادِنَا المُؤمِنينَ (آيت : 111)

بيشڪ هو اسان جي مؤمن ٻانهن مان هو.

وَبَشَّرنٰهُ بِإِسحٰقَ نَبِيًّا مِنَ الصّٰلِحينَ (آيت : 112)

۽ اسان کيس اسحاق جي مبارڪ ڏني، جو نيڪ ڪمن وارو نبي هو.

وَبٰرَكنا عَلَيهِ وَعَلىٰ إِسحٰقَ وَمِن ذُرِّيَّتِهِما مُحسِنٌ وَظالِمٌ لِنَفسِهِ مُبينٌ (آيت : 113)

۽ اسان ابراهيم ۽ اسحاق تي برڪت موڪلي_ ۽ سندن اولاد مان ڪي چڱا آهن ۽ ڪي ته پاڻ تي صفا ظلم ڪندڙ آهن.

وَلَقَد مَنَنّا عَلىٰ موسىٰ وَهٰرونَ (آيت : 114)

بيشڪ اسان موسيٰ ۽ هارون تي احسان ڪيو.

وَنَجَّينٰهُما وَقَومَهُما مِنَ الكَربِ العَظيمِ (آيت : 115)

۽ انهن ۽ سندن قوم کي وڏي سختيءَ کان بچايو.

وَنَصَرنٰهُم فَكانوا هُمُ الغٰلِبينَ (آيت : 116)

سندن مدد ڪئي سون، پوءِ اهي غالب رهيا.

وَءاتَينٰهُمَا الكِتٰبَ المُستَبينَ (آيت : 117)

انهن کي چٽو ڪتاب ڏنوسون.

وَهَدَينٰهُمَا الصِّرٰطَ المُستَقيمَ (آيت : 118)

۽ کين سنئينءَ واٽ لڳايوسون.

وَتَرَكنا عَلَيهِما فِى الءاخِرينَ (آيت : 119)

۽ پوين ۾ سندن چڱو نالو ڇڏيوسون.

سَلٰمٌ عَلىٰ موسىٰ وَهٰرونَ (آيت : 120)

موسيٰ ۽ هارون تي شل سلام هجي.

إِنّا كَذٰلِكَ نَجزِى المُحسِنينَ (آيت : 121)

پڪ اسين اهڙي طرح ڀلارن کي بدلو ڏيندا آهيون.

إِنَّهُما مِن عِبادِنَا المُؤمِنينَ (آيت : 122)

۽ بيشڪ هو اسان جي مؤمن ٻانهن مان هئا.

وَإِنَّ إِلياسَ لَمِنَ المُرسَلينَ (آيت : 123)

۽ بيشڪ الياس رسولن مان هو.

إِذ قالَ لِقَومِهِ أَلا تَتَّقونَ (آيت : 124)

جڏهن سندس قوم کي چيائين ”الله کان ڇو نٿا ڊڄو؟

أَتَدعونَ بَعلًا وَتَذَرونَ أَحسَنَ الخٰلِقينَ (آيت : 125)

ڇا اوهين ”بعل“ کان پيا دعائون گهرو ۽ ان کي ڇڏي ٿا ڏيو جو سڀ کان سٺو خلقيندڙ آهي؟

اللَّهَ رَبَّكُم وَرَبَّ ءابائِكُمُ الأَوَّلينَ (آيت : 126)

(يعني) الله کي جو، اوهان جو ڌڻي ۽ اوهان جي اڳين وڏن جو ڌڻي آهي.“

فَكَذَّبوهُ فَإِنَّهُم لَمُحضَرونَ (آيت : 127)

ته هنن کيس ڪوڙو سمجهيو، ان ڪري اهي به عذاب ۾ حاضر ڪيل آهن.

إِلّا عِبادَ اللَّهِ المُخلَصينَ (آيت : 128)

سواءِ انهن جي، جي الله جا سچا بندا هئا.

وَتَرَكنا عَلَيهِ فِى الءاخِرينَ (آيت : 129)

انهي لاءِ ته اسان به پوين ۾ چڱي ساراهه ڇڏي.

سَلٰمٌ عَلىٰ إِل ياسينَ (آيت : 130)

الياس تي شل سلام هجي-

إِنّا كَذٰلِكَ نَجزِى المُحسِنينَ (آيت : 131)

اسين ائين ڀلارن کي بدلو ڏيندا آهيون.

إِنَّهُ مِن عِبادِنَا المُؤمِنينَ (آيت : 132)

بيشڪ هو اسان جي مؤمن ٻانهن مان هو.

وَإِنَّ لوطًا لَمِنَ المُرسَلينَ (آيت : 133)

۽ ”لوط“ به رسولن مان هو.

إِذ نَجَّينٰهُ وَأَهلَهُ أَجمَعينَ (آيت : 134)

جڏهن اسان هن ۽ سندس سڀني لاڳاپيلن کي بچايو.

إِلّا عَجوزًا فِى الغٰبِرينَ (آيت : 135)

سواءِ هڪ پوئتي رهندڙ پوڙهيءَ جي.

ثُمَّ دَمَّرنَا الءاخَرينَ (آيت : 136)

وري ٻين کي ناس ڪيوسون-

وَإِنَّكُم لَتَمُرّونَ عَلَيهِم مُصبِحينَ (آيت : 137)

۽ اوهين ته انهن جي ڳوٺن وٽان ڏينهن جو لنگهو ٿا.

وَبِالَّيلِ أَفَلا تَعقِلونَ (آيت : 138)

۽ رات جو به، پوءِ ڇو نٿا عقل هلايو؟

وَإِنَّ يونُسَ لَمِنَ المُرسَلينَ (آيت : 139)

۽ بيشڪ ”يونس“ به رسولن مان هو.

إِذ أَبَقَ إِلَى الفُلكِ المَشحونِ (آيت : 140)

جڏهن هو ڀريل ٻيڙيءَ ڏي ڀڳو.

فَساهَمَ فَكانَ مِنَ المُدحَضينَ (آيت : 141)

پوءِ پکو وجهرايائين، ته پاڻ پکي پيل ٿيو.

فَالتَقَمَهُ الحوتُ وَهُوَ مُليمٌ (آيت : 142)

پوءِ کيس مڇي ڳهي ويئي، جو هو ڇينڀ جو لائق هو.

فَلَولا أَنَّهُ كانَ مِنَ المُسَبِّحينَ (آيت : 143)

پوءِ جيڪڏهن هو الله جي پاڪائي چوندڙ نه هجي ها.

لَلَبِثَ فى بَطنِهِ إِلىٰ يَومِ يُبعَثونَ (آيت : 144)

ته جيڪر قيامت ڏينهن تائين سندس پيٽ ۾ رهي ها.

فَنَبَذنٰهُ بِالعَراءِ وَهُوَ سَقيمٌ (آيت : 145)

پوءِ اسان کيس پٽ تي اڇليو، هو بيمار هو.

وَأَنبَتنا عَلَيهِ شَجَرَةً مِن يَقطينٍ (آيت : 146)

ان ڪري مٿس ڪدوءَ جهڙو وڻ ڄمايوسون.

وَأَرسَلنٰهُ إِلىٰ مِا۟ئَةِ أَلفٍ أَو يَزيدونَ (آيت : 147)

۽ کيس لک يا وڌيڪ ماڻهن ڏانهن موڪليوسون.

فَـٔامَنوا فَمَتَّعنٰهُم إِلىٰ حينٍ (آيت : 148)

پوءِ هنن مٿس ايمان آندو، ان ڪري انهن کي هڪ وقت تائين فائدو ڏنوسون.

فَاستَفتِهِم أَلِرَبِّكَ البَناتُ وَلَهُمُ البَنونَ (آيت : 149)

پوءِ هنن مشرڪن کان پڇ، ته ”ڇا، اوهان جي ڌڻيءَ لاءِ ڌيئرون آهن ۽ اوهان لاءِ پٽ؟

أَم خَلَقنَا المَلٰئِكَةَ إِنٰثًا وَهُم شٰهِدونَ (آيت : 150)

يا جڏهن ملائڪن کي عورتون ٿي بنايوسون، تڏهن هو ڏسندڙ هئا؟“

أَلا إِنَّهُم مِن إِفكِهِم لَيَقولونَ (آيت : 151)

خبردار! هو اهو سندن هٿرادو ڪوڙ مان ٿا چون.

وَلَدَ اللَّهُ وَإِنَّهُم لَكٰذِبونَ (آيت : 152)

ته ” الله جو اولاد آهي“ ،هو پڪ ڪوڙا آهن.

أَصطَفَى البَناتِ عَلَى البَنينَ (آيت : 153)

ڇا، هن پٽن کان ڌيئرن کي وڌيڪ پسند ڪيو؟

ما لَكُم كَيفَ تَحكُمونَ (آيت : 154)

ڇا ٿيو اٿوَ؟ ڪيئن ٿا فيصلو ڪريو؟

أَفَلا تَذَكَّرونَ (آيت : 155)

اوهين ڌيان ڇو نٿا ڪريو؟

أَم لَكُم سُلطٰنٌ مُبينٌ (آيت : 156)

يا اوهان وٽ ڪا چٽي حجت آهي؟

فَأتوا بِكِتٰبِكُم إِن كُنتُم صٰدِقينَ (آيت : 157)

جي سچا آهيو ته پنهنجو اهڙو ڪتاب آڻي ڏيکاريو!

وَجَعَلوا بَينَهُ وَبَينَ الجِنَّةِ نَسَبًا وَلَقَد عَلِمَتِ الجِنَّةُ إِنَّهُم لَمُحضَرونَ (آيت : 158)

۽ هنن الله ۽ جنن جي وچ ۾ مائٽي مقرر ڪئي

سُبحٰنَ اللَّهِ عَمّا يَصِفونَ (آيت : 159)

۽ بيشڪ جنن کي خبر به آهي ته هو پاڻ به ضرور (عذاب لاءِ) حاضر ڪيا ويندا. الله سندن انهن بيانن کان پاڪ آهي،

إِلّا عِبادَ اللَّهِ المُخلَصينَ (آيت : 160)

الله جي سچن ٻانهن کان سواءِ

فَإِنَّكُم وَما تَعبُدونَ (آيت : 161)

پوءِ (اي ڪافرو!) اوهين، خواهه اهي، جن جي اوهين بندگي ٿا ڪريو.

ما أَنتُم عَلَيهِ بِفٰتِنينَ (آيت : 162)

سي سڀ فقط انهن کي ئي گمراهه ڪري سگهو ٿا.

إِلّا مَن هُوَ صالِ الجَحيمِ (آيت : 163)

جيڪو دوزخ ۾ پوڻ وارو آهي.

وَما مِنّا إِلّا لَهُ مَقامٌ مَعلومٌ (آيت : 164)

۽ (ملائڪ چون ٿا) اسان مان هر ڪنهن جو هنڌ مقرر آهي.

وَإِنّا لَنَحنُ الصّافّونَ (آيت : 165)

۽ بيشڪ اسين صف ٻڌندڙ آهيون.

وَإِنّا لَنَحنُ المُسَبِّحونَ (آيت : 166)

۽ بيشڪ اسان پاڪائي بيان ڪندڙ آهيون.

وَإِن كانوا لَيَقولونَ (آيت : 167)

۽ (ڪافر) چوندا هئا.

لَو أَنَّ عِندَنا ذِكرًا مِنَ الأَوَّلينَ (آيت : 168)

ته ”جيڪڏهن اسان وٽ اڳين جو احوال هجي ها.

لَكُنّا عِبادَ اللَّهِ المُخلَصينَ (آيت : 169)

ته ضرور الله جا سچا ٻانها ٿيون ها.“

فَكَفَروا بِهِ فَسَوفَ يَعلَمونَ (آيت : 170)

پوءِ وري (اهو سوچڻ تي) سندس منڪر ٿيا_ پوءِ جلد ئي خبر پوندن.

وَلَقَد سَبَقَت كَلِمَتُنا لِعِبادِنَا المُرسَلينَ (آيت : 171)

۽ بيشڪ اسان جي ٻانهن رسولن لاءِ اسان جو وعدو اڳيئي ٿي چڪو آهي.

إِنَّهُم لَهُمُ المَنصورونَ (آيت : 172)

ته هو ”پڪ سان فتح پائيندا.“

وَإِنَّ جُندَنا لَهُمُ الغٰلِبونَ (آيت : 173)

۽ بيشڪ اسان جو لشڪر ئي غالب آهي.

فَتَوَلَّ عَنهُم حَتّىٰ حينٍ (آيت : 174)

ان ڪري تون ڪجهه وقت تائين کانئن منهن موڙ.

وَأَبصِرهُم فَسَوفَ يُبصِرونَ (آيت : 175)

۽ کين ڏسندو رهه، اُهي به جلد ئي ڏسي رهندا.

أَفَبِعَذابِنا يَستَعجِلونَ (آيت : 176)

ڇا، هي اسان جي عذاب لاءِ تڪڙ ٿا ڪن؟

فَإِذا نَزَلَ بِساحَتِهِم فَساءَ صَباحُ المُنذَرينَ (آيت : 177)

پوءِ جڏهن سندن اڱڻن ۾ عذاب لهندو، تڏهن ڊيڄاريلن جو صبح ڏاڍو بڇڙو ٿيندو!-

وَتَوَلَّ عَنهُم حَتّىٰ حينٍ (آيت : 178)

۽ تون ڪجهه وقت تائين کانئن منهن موڙ.

وَأَبصِر فَسَوفَ يُبصِرونَ (آيت : 179)

۽ ڏسندو رهه، هو به جلد ئي ڏسي رهندا.

سُبحٰنَ رَبِّكَ رَبِّ العِزَّةِ عَمّا يَصِفونَ (آيت : 180)

تنهنجو ڌڻي عزت جو مالڪ انهي کان پاڪ آهي، جيڪي هو ٿا بيان ڪن.

وَسَلٰمٌ عَلَى المُرسَلينَ (آيت : 181)

۽ رسولن تي شل سلامتي هجي.

وَالحَمدُ لِلَّهِ رَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 182)

هر ڪا واکاڻ جهانن جي ڌڻيءَ کي ئي جڳائي ٿي.


مالي سھائتا ڪندڙ:

© سنڌسلامت ڊاٽ ڪام 2017 - 2025