وَالصّٰفّٰتِ صَفًّا (آيت : 1) |
قسم آهي قطار ڪري بيهندڙن جو. |
فَالزّٰجِرٰتِ زَجرًا (آيت : 2) |
دڙڪا ڏيندڙن ۽ ڌمڪائڻ وارن جو. |
فَالتّٰلِيٰتِ ذِكرًا (آيت : 3) |
۽ قرآن جي تلاوت ڪندڙن جو. |
إِنَّ إِلٰهَكُم لَوٰحِدٌ (آيت : 4) |
ته بيشڪ توهان سڀني جو معبود هڪ ئي آهي. |
رَبُّ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَما بَينَهُما وَرَبُّ المَشٰرِقِ (آيت : 5) |
اهوئي آسمانن، زمين، انهن ٻنهي جي وچ ۾ رهندڙ مخلوق ۽ سڀني اوڀرن جو پالڻھار آهي. |
إِنّا زَيَّنَّا السَّماءَ الدُّنيا بِزينَةٍ الكَواكِبِ (آيت : 6) |
بيشڪ اسان دنيا واري آسمان کي تارن جي جُهرمٽ سان سينگاري ڇڏيو آهي. |
وَحِفظًا مِن كُلِّ شَيطٰنٍ مارِدٍ (آيت : 7) |
۽ باغي شيطان کان اُن کي محفوظ ڪري ڇڏيو آهي. |
لا يَسَّمَّعونَ إِلَى المَلَإِ الأَعلىٰ وَيُقذَفونَ مِن كُلِّ جانِبٍ (آيت : 8) |
هاڻي هي (شيطانَ) آسمان جون ڳالهيون ڪن لائي ٻڌي ئي نٿا سگهن، ڇاڪاڻ جو اُنهن کي مٿي وڃڻ جي صورت ۾ هر طرف کان ٻرندڙ اُماڙي هنئي ويندي آهي. |
دُحورًا وَلَهُم عَذابٌ واصِبٌ (آيت : 9) |
انهن کي ڀڄائڻ لاءِ هميشه (۽ مسلسل) عذاب رکيل آهي. |
إِلّا مَن خَطِفَ الخَطفَةَ فَأَتبَعَهُ شِهابٌ ثاقِبٌ (آيت : 10) |
پر جيڪڏهن ڪو شيطان ڪا ڳالهه هٿ ڪري وٺي ٿو ته مٿس پويان پوندڙ اماڙي اچي لڳيس ٿي. |
فَاستَفتِهِم أَهُم أَشَدُّ خَلقًا أَم مَن خَلَقنا إِنّا خَلَقنٰهُم مِن طينٍ لازِبٍ (آيت : 11) |
توهان انهن ماڻهن کان پڇا ڪريو ته توهان جو پيدا ڪرڻ ڏکيو آهي يا انهن شين جو جيڪي اسان پيدا ڪيون آهن؟ بيشڪ اسان کين چيڪي مٽيءَ مان پيدا ڪيو آهي. |
بَل عَجِبتَ وَيَسخَرونَ (آيت : 12) |
(اي نبيﷺ!) توهان کي ته انهن ڳالهين تي حيراني وٺي ٿي پر انهن ماڻهن کي مذاق جي لڳي پئي آهي. |
وَإِذا ذُكِّروا لا يَذكُرونَ (آيت : 13) |
جڏهن کين نصيحت ڪئي وڃي ٿي ته ان طرف ڌيان ئي نٿا ڏين. |
وَإِذا رَأَوا ءايَةً يَستَسخِرونَ (آيت : 14) |
هو جڏهن ڪا نشاني ڏسن ٿا ته ان تي ٽوڪ ڪرڻ لڳن ٿا. |
وَقالوا إِن هٰذا إِلّا سِحرٌ مُبينٌ (آيت : 15) |
۽ چون ٿا ته اهو ته پڌرو جادو آهي. |
أَءِذا مِتنا وَكُنّا تُرابًا وَعِظٰمًا أَءِنّا لَمَبعوثونَ (آيت : 16) |
۽ جڏهن اسان مري ڳري مٽي ٿي وينداسين ته ڇا اسان کي ٻيھر جيئرو ڪيو ويندو؟ |
أَوَءاباؤُنَا الأَوَّلونَ (آيت : 17) |
ڇا اسان جي ابن ڏاڏن کي به جيئرو ڪيو ويندو؟ |
قُل نَعَم وَأَنتُم دٰخِرونَ (آيت : 18) |
چؤ ته هائو! ۽ توهان ذليل ۽ خوار ٿيندا. |
فَإِنَّما هِىَ زَجرَةٌ وٰحِدَةٌ فَإِذا هُم يَنظُرونَ (آيت : 19) |
بيشڪ اها ته هڪ رڙ هوندي. پوءِ اُهي (جيئرا ٿي سڀ شيون) پنهنجي اکين سان ڏسندا. |
وَقالوا يٰوَيلَنا هٰذا يَومُ الدّينِ (آيت : 20) |
۽ چوندا ته اسان جي لاءِ ويل ٿي ويو! هي ته فيصلي وارو ڏينھن آهي. |
هٰذا يَومُ الفَصلِ الَّذى كُنتُم بِهِ تُكَذِّبونَ (آيت : 21) |
(واقعي) هي آهي به فيصلي وارو ڏينھن،جنھن کي توهان ڪوڙو ڪندا هئا. |
احشُرُوا الَّذينَ ظَلَموا وَأَزوٰجَهُم وَما كانوا يَعبُدونَ (آيت : 22) |
(حڪم ٿيندو ته) ظالمن، سندن ساٿين ۽ جن جي هي عبادت ڪندا هئا، تن سڀني کي هڪ هنڌ گڏ ڪريو. |
مِن دونِ اللَّهِ فَاهدوهُم إِلىٰ صِرٰطِ الجَحيمِ (آيت : 23) |
هي الله تعاليٰ کان سواءِ ٻين جي عبادت ڪندا هئا. پوءِ انهن کي جھنم جو رستو ڏيکاريو ويندو . |
وَقِفوهُم إِنَّهُم مَسـٔولونَ (آيت : 24) |
(هاڻي) انهن کي(هتي) روڪيو ڇوته انهن کان پڇاڻو ٿيندو. |
ما لَكُم لا تَناصَرونَ (آيت : 25) |
توهان کي ڇا ٿيو آهي جو هاڻي توهان هڪ ٻئي جي مدد نٿا ڪريو؟ |
بَل هُمُ اليَومَ مُستَسلِمونَ (آيت : 26) |
بلڪه هي ته اڄ ڪنڌ ئي هيٺ ڪري بيٺا آهن. |
وَأَقبَلَ بَعضُهُم عَلىٰ بَعضٍ يَتَساءَلونَ (آيت : 27) |
پوءِ هي هڪ ٻئي ڏي منھن ڪري پاڻ ۾ جهيڙي ۾ لڳا پيا هوندا. |
قالوا إِنَّكُم كُنتُم تَأتونَنا عَنِ اليَمينِ (آيت : 28) |
۽ (پنهنجي سردارن کي) چوندا ته توهان اسان وٽ وڏا خيرخواهه ٿي ايندا هئا. |
قالوا بَل لَم تَكونوا مُؤمِنينَ (آيت : 29) |
سردار چوندا ته: توهان خود به ته ايمان آڻڻ ڏي لاڙو نه رکندا هئا. |
وَما كانَ لَنا عَلَيكُم مِن سُلطٰنٍ بَل كُنتُم قَومًا طٰغينَ (آيت : 30) |
اسان جو توهان تي ڪو زور زبردستي ته ڪو نه هو، بلڪه توهان حد کان لنگهندڙ ماڻهو هئا. |
فَحَقَّ عَلَينا قَولُ رَبِّنا إِنّا لَذائِقونَ (آيت : 31) |
(بھرحال) اسان سڀني جي مٿان الله تعالى جو قول ثابت ٿي چڪو آهي. ۽ بيشڪ هاڻي اسان سڀني عذابن جو ذائقو چکنداسين. |
فَأَغوَينٰكُم إِنّا كُنّا غٰوينَ (آيت : 32) |
اسان توهان کي ته گمراهه ڪيو ئي ڪيو هو پر اسان خود به ته گمراهه هئاسين. |
فَإِنَّهُم يَومَئِذٍ فِى العَذابِ مُشتَرِكونَ (آيت : 33) |
اُن ڏينھن عذاب ۾ اُهي سڀ هڪ جھڙا ڀاڱي ڀائيوار هوندا. |
إِنّا كَذٰلِكَ نَفعَلُ بِالمُجرِمينَ (آيت : 34) |
اسان ڏوهارين سان اهڙو ئي سلوڪ ڪندا آهيون. |
إِنَّهُم كانوا إِذا قيلَ لَهُم لا إِلٰهَ إِلَّا اللَّهُ يَستَكبِرونَ (آيت : 35) |
بيشڪ انهن ماڻهن کي جڏهن به چئبو هو ته الله تعالى کان سواءِ ڪير به عبادت جي لائق نه آهي ته هُو تڪبر ۾ اچي ويندا هئا. |
وَيَقولونَ أَئِنّا لَتارِكوا ءالِهَتِنا لِشاعِرٍ مَجنونٍ (آيت : 36) |
۽ چوندا هئا ته ڇا اسان هڪ چرئي شاعر جي ڪري پنھنجي معبودن کي ڇڏي ڏيون؟ |
بَل جاءَ بِالحَقِّ وَصَدَّقَ المُرسَلينَ (آيت : 37) |
(نه) هن ته حق ڳالهه آندي هئي ۽ گذريل رسول سڳورن کي سچو چوندو هو. |
إِنَّكُم لَذائِقُوا العَذابِ الأَليمِ (آيت : 38) |
هاڻي توهان دردناڪ عذاب جو مزو چکڻ وارا آهيو. |
وَما تُجزَونَ إِلّا ما كُنتُم تَعمَلونَ (آيت : 39) |
توهان کي انهن عملن جو بدلو ڏنو ويندو جيڪي توهان ڪندا رهيا هئا. |
إِلّا عِبادَ اللَّهِ المُخلَصينَ (آيت : 40) |
پر الله تعالى جا خاص ٻانها (ان عذاب کان بچيل رهندا) |
أُولٰئِكَ لَهُم رِزقٌ مَعلومٌ (آيت : 41) |
انهن سڀني لاءِ (سندن طبيعت مطابق) ڄاتل سڃاتل روزي هوندي. |
فَوٰكِهُ وَهُم مُكرَمونَ (آيت : 42) |
ميوا هوندا ۽ انهن کي وڏي عزت ملندي. |
فى جَنّٰتِ النَّعيمِ (آيت : 43) |
نعمتن وارن باغن ۾. |
عَلىٰ سُرُرٍ مُتَقٰبِلينَ (آيت : 44) |
هو تختن تي هڪ ٻئي جي آمھون سامھون ويٺا هوندا. |
يُطافُ عَلَيهِم بِكَأسٍ مِن مَعينٍ (آيت : 45) |
انهن جي اڳيان تازي شراب جي ڀريل پيالن جو دور هلندو. |
بَيضاءَ لَذَّةٍ لِلشّٰرِبينَ (آيت : 46) |
اهو رنگ جو اڇو ۽ پيئندڙن لاءِ وڏي لذت وارو هوندو. |
لا فيها غَولٌ وَلا هُم عَنها يُنزَفونَ (آيت : 47) |
اُن سان نه ته مٿي ۾ سور ٿيندو ۽ نه نشو چڙهندو. |
وَعِندَهُم قٰصِرٰتُ الطَّرفِ عينٌ (آيت : 48) |
۽ انهن وٽ شرميلي طبيعت ۽ وڏين وڏين خوبصورت اکين واريون عورتون هونديون. |
كَأَنَّهُنَّ بَيضٌ مَكنونٌ (آيت : 49) |
اُهي آني جي اندر واري لڪيل (خوبصورت) جِهليءَ وانگر نرم نازڪ هونديون. |
فَأَقبَلَ بَعضُهُم عَلىٰ بَعضٍ يَتَساءَلونَ (آيت : 50) |
پوءِ اُهي هڪ ٻئي ڏي منھن ڪري (دنيا جا) حال احوال وٺندا. |
قالَ قائِلٌ مِنهُم إِنّى كانَ لى قَرينٌ (آيت : 51) |
انهن مان هڪ ڄڻو چوندو ته (دنيا ۾) منھنجو هڪ دوست هو. |
يَقولُ أَءِنَّكَ لَمِنَ المُصَدِّقينَ (آيت : 52) |
اهو (مون کي) چوندو هو ته ڇا تون به (قيامت کي) سچو مڃيندڙ آهين؟ |
أَءِذا مِتنا وَكُنّا تُرابًا وَعِظٰمًا أَءِنّا لَمَدينونَ (آيت : 53) |
ڇا جڏهن اسان مري ڳري مٽي ٿي وينداسين ته وري اسان کي بدلو ڏنو ويندو؟ |
قالَ هَل أَنتُم مُطَّلِعونَ (آيت : 54) |
اهو (جنتي) ماڻهو وڌيڪ چوندو ته اي جنت جا ساٿيو! ڇا توهان ان دوست کي ڏسڻ چاهيو ٿا؟ |
فَاطَّلَعَ فَرَءاهُ فى سَواءِ الجَحيمِ (آيت : 55) |
پوءِ هيٺ ڏسندو ته هو جھنم جي وچ ۾ پيل نظر ايندو. |
قالَ تَاللَّهِ إِن كِدتَ لَتُردينِ (آيت : 56) |
(جنتي ان جھنمي دوست کي) چوندو ته خدا جو قسم! تون ته مون کي به تباهه ڪري ڇڏين ها. |
وَلَولا نِعمَةُ رَبّى لَكُنتُ مِنَ المُحضَرينَ (آيت : 57) |
جيڪڏهن منھنجي پالڻھار جو احسان نه ٿئي ها ته مان به ٻين وانگر (عذاب لاءِ) پيشيءَ تي هجان ها. |
أَفَما نَحنُ بِمَيِّتينَ (آيت : 58) |
ڇا هاڻي اسان ٻيهر ته نه مرنداسين؟ |
إِلّا مَوتَتَنَا الأولىٰ وَما نَحنُ بِمُعَذَّبينَ (آيت : 59) |
بس! اُهوئي هڪ ڀيرو مرڻ جو هو. ڇا هاڻي ڪنهن عذاب جو خطرو نه آهي؟ |
إِنَّ هٰذا لَهُوَ الفَوزُ العَظيمُ (آيت : 60) |
بيشڪ اهائي ته وڏي ڪاميابي آهي. |
لِمِثلِ هٰذا فَليَعمَلِ العٰمِلونَ (آيت : 61) |
اهڙي ڪاميابي حاصل ڪرڻ لاءِ عمل ڪرڻ وارن کي عمل ڪرڻ کپي. |
أَذٰلِكَ خَيرٌ نُزُلًا أَم شَجَرَةُ الزَّقّومِ (آيت : 62) |
جنتي ماڻهن جي مھمان نوازي بھتر آهي يا ٿوهر جو وڻ. |
إِنّا جَعَلنٰها فِتنَةً لِلظّٰلِمينَ (آيت : 63) |
اسان هن (ٿوهر جي وڻ) کي ظالمن لاءِ هڪ آزمائش بڻائي ڇڏيو آهي. |
إِنَّها شَجَرَةٌ تَخرُجُ فى أَصلِ الجَحيمِ (آيت : 64) |
بيشڪ اهو وڻ جھنم جي تري مان ڦُٽي ٿو. |
طَلعُها كَأَنَّهُ رُءوسُ الشَّيٰطينِ (آيت : 65) |
ان جون شاخون ايئن آهن جيئن شيطانن جا مٿا هجن. |
فَإِنَّهُم لَءاكِلونَ مِنها فَمالِـٔونَ مِنهَا البُطونَ (آيت : 66) |
بيشڪ جھنمي ماڻهو ان مان ئي کائيندا ۽ اُن سان ئي پيٽ ڀريندا. |
ثُمَّ إِنَّ لَهُم عَلَيها لَشَوبًا مِن حَميمٍ (آيت : 67) |
ان کان پوءِ کين ٽچڪيل پاڻي ڏنو ويندو. |
ثُمَّ إِنَّ مَرجِعَهُم لَإِلَى الجَحيمِ (آيت : 68) |
وري کين واپس جھنم ڏانھن موٽايو ويندو. |
إِنَّهُم أَلفَوا ءاباءَهُم ضالّينَ (آيت : 69) |
انهن (دنيا ۾) پنھنجي ابن ڏاڏن کي به گمراهه ڏٺو هو. |
فَهُم عَلىٰ ءاثٰرِهِم يُهرَعونَ (آيت : 70) |
پوءِ هي به سندن طريقي تي پويان هلندا رهيا. |
وَلَقَد ضَلَّ قَبلَهُم أَكثَرُ الأَوَّلينَ (آيت : 71) |
حالانڪه انهن کان اڳ ان طريقي تي هلندي ڪيترائي ماڻهو گمراهه ٿي چڪا هئا. |
وَلَقَد أَرسَلنا فيهِم مُنذِرينَ (آيت : 72) |
۽ بيشڪ اسان انهن وٽ ڪيترائي ڊيڄاريندڙ (پيغمبر) موڪليا هئا. |
فَانظُر كَيفَ كانَ عٰقِبَةُ المُنذَرينَ (آيت : 73) |
پوءِ ڏسي وٺو جن ماڻهن کي ڊيڄاريو ويو هو، تن جي پڇاڙي ڪيئن ٿي؟ |
إِلّا عِبادَ اللَّهِ المُخلَصينَ (آيت : 74) |
پر الله تعالى جي مخلص ٻانهن جي پڇاڙي سٺي ٿي. |
وَلَقَد نادىٰنا نوحٌ فَلَنِعمَ المُجيبونَ (آيت : 75) |
بيشڪ اسان کي نوح ($) سڏيو. پوءِ اسان (کيس) ڪيڏو نه بھترين جواب ڏنو. |
وَنَجَّينٰهُ وَأَهلَهُ مِنَ الكَربِ العَظيمِ (آيت : 76) |
اسان کيس ۽ سندس مڃيندڙن کي هڪ وڏي تڪليف کان بچايو. |
وَجَعَلنا ذُرِّيَّتَهُ هُمُ الباقينَ (آيت : 77) |
۽ ان جي اولاد کي (انساني نسل جي بقا لاءِ) باقي رکيو. |
وَتَرَكنا عَلَيهِ فِى الءاخِرينَ (آيت : 78) |
۽ اسان پوين ماڻهن ۾ سندس ياد کي زندهه رکيو. |
سَلٰمٌ عَلىٰ نوحٍ فِى العٰلَمينَ (آيت : 79) |
نوح ($) تي هر جھان ۾ سلامتي هجي. |
إِنّا كَذٰلِكَ نَجزِى المُحسِنينَ (آيت : 80) |
بيشڪ اسان نيڪوڪارن کي اهڙو ئي بدلو ڏيندا آهيون. |
إِنَّهُ مِن عِبادِنَا المُؤمِنينَ (آيت : 81) |
بيشڪ هو اسان جي مؤمن ٻانهن مان هو. |
ثُمَّ أَغرَقنَا الءاخَرينَ (آيت : 82) |
پوءِ (ان جي) مخالفن کي اسان غرق ڪري ڇڏيو. |
وَإِنَّ مِن شيعَتِهِ لَإِبرٰهيمَ (آيت : 83) |
۽ بيشڪ ابراهيم ($) به ان طريقي تي هلندڙن مان هو. |
إِذ جاءَ رَبَّهُ بِقَلبٍ سَليمٍ (آيت : 84) |
جڏهن هو پنھنجي پالڻھار وٽ مطمئن دل سان آيو. |
إِذ قالَ لِأَبيهِ وَقَومِهِ ماذا تَعبُدونَ (آيت : 85) |
ته پنھنجي پيءُ ۽ پنھنجي قوم کي چيائين ته توهان ڪهڙين شين جي پوڄا ۾ لڳا پيا آهيو؟ |
أَئِفكًا ءالِهَةً دونَ اللَّهِ تُريدونَ (آيت : 86) |
ڇا توهان الله تعالى کان سواءِ هٿرادو معبود چاهيو ٿا؟ |
فَما ظَنُّكُم بِرَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 87) |
سڀني جھانن جي پالڻھار جي باري ۾ توهان جو ڇا خيال آهي؟ |
فَنَظَرَ نَظرَةً فِى النُّجومِ (آيت : 88) |
پوءِ هُن هڪ نظر مٿي تارن تي وڌي. |
فَقالَ إِنّى سَقيمٌ (آيت : 89) |
(ميلي تي هلڻ کان انڪار ڪندي) چيو ته مان بيمار آهيان (طبيعت ۾ مزو ناهي) |
فَتَوَلَّوا عَنهُ مُدبِرينَ (آيت : 90) |
تنهنڪري (سندس قوم جا ماڻهو) کيس پوئتي ڇڏي هليا ويا. |
فَراغَ إِلىٰ ءالِهَتِهِم فَقالَ أَلا تَأكُلونَ (آيت : 91) |
پوءِ هو اُنهن جي بُت خاني ۾ويو ۽ چيو ته (اي بتو!) توهان هي لذيذ کاڌا ڇو نٿا کائو؟ |
ما لَكُم لا تَنطِقونَ (آيت : 92) |
توهان کي ڇا ٿيو آهي جو ڳالهايو به نٿا؟ |
فَراغَ عَلَيهِم ضَربًا بِاليَمينِ (آيت : 93) |
پوءِ ساڄي هٿ سان انهن (بتن) کي چڱا ڌڪ هنيائين. |
فَأَقبَلوا إِلَيهِ يَزِفّونَ (آيت : 94) |
پوءِ قوم جا ماڻهو وٽس ڀڄندا آيا. |
قالَ أَتَعبُدونَ ما تَنحِتونَ (آيت : 95) |
(ابراهيم $ ) کين چيو ته توهان جن کي پنھنجي هٿن سان ٺاهيو ٿا وري ويھي انهن جي پوڄا به ڪريو ٿا. |
وَاللَّهُ خَلَقَكُم وَما تَعمَلونَ (آيت : 96) |
حالانڪه توهان کي الله تعالى پيدا ڪيو آهي ۽ اُنهن شين کي به، جن کي توهان خود ٺاهيو ٿا. |
قالُوا ابنوا لَهُ بُنيٰنًا فَأَلقوهُ فِى الجَحيمِ (آيت : 97) |
ماڻهن چيو ته هن جي لاءِ آڙاهه جي جڳھه ٺاهي کيس ٻرندڙ باهه ۾ وجهوس. |
فَأَرادوا بِهِ كَيدًا فَجَعَلنٰهُمُ الأَسفَلينَ (آيت : 98) |
انهن ماڻهن هڪ وڏي (بري) چال هلي پر اسان کين ذليل ڪري ڇڏيو. |
وَقالَ إِنّى ذاهِبٌ إِلىٰ رَبّى سَيَهدينِ (آيت : 99) |
(ابراهيم $ ) چيو ته بس! مان هاڻي پالڻھار جي رستي تي نڪري پوان ٿو. اهو ئي منھنجي رهنمائي ڪندو. |
رَبِّ هَب لى مِنَ الصّٰلِحينَ (آيت : 100) |
(هُن دعا گهري ته) اي منھنجا پالڻھار! مون کي (اهڙي اولاد) عطا فرماءِ جيڪا نيڪ ماڻهن ۾ شامل هجي. |
فَبَشَّرنٰهُ بِغُلٰمٍ حَليمٍ (آيت : 101) |
پوءِ اسان کيس هڪ بُردبار پُٽ جي خوشخبري ڏني. |
فَلَمّا بَلَغَ مَعَهُ السَّعىَ قالَ يٰبُنَىَّ إِنّى أَرىٰ فِى المَنامِ أَنّى أَذبَحُكَ فَانظُر ماذا تَرىٰ قالَ يٰأَبَتِ افعَل ما تُؤمَرُ سَتَجِدُنى إِن شاءَ اللَّهُ مِنَ الصّٰبِرينَ (آيت : 102) |
جڏهن اهو ڇوڪرو (اسماعيل$ ) وڏو ٿيو ۽ سندس ڪم ڪار ۾ هٿ ونڊائيندو رهيو ته (هڪ ڏينھن ابراهيم$ ) کيس چيس ته: اي منھنجا پٽڙا! مان خواب ۾ ڏسان ٿو ته توکي ذبح ڪري رهيو آهيان. (سوچي ٻڌاءِ ته) تنھنجو ڇا خيال آهي؟ (ڇوڪري) چيو ته: بابا سائين! توهان کي جيڪو حڪم ٿيو آهي اُن تي عمل ڪري ڇڏيو، ان شاءَ الله تعالى توهان مون کي صبر ڪندڙن مان ڏسندا. |
فَلَمّا أَسلَما وَتَلَّهُ لِلجَبينِ (آيت : 103) |
پوءِ جڏهن ٻئي تيار ٿي ويا ته (پيء پُٽ کي) اونڌو ڪري ليٽايو. |
وَنٰدَينٰهُ أَن يٰإِبرٰهيمُ (آيت : 104) |
اسان فوراً ان کي آواز ڏنو ته: اي ابراهيم! |
قَد صَدَّقتَ الرُّءيا إِنّا كَذٰلِكَ نَجزِى المُحسِنينَ (آيت : 105) |
بيشڪ تو پنھنجو خواب پورو ڪري ڏيکاريو. بيشڪ اسان نيڪوڪارن کي اهڙو ئي بدلو ڏيندا آهيون. |
إِنَّ هٰذا لَهُوَ البَلٰؤُا۟ المُبينُ (آيت : 106) |
بيشڪ اها هڪ وڏي آزمائش هئي. |
وَفَدَينٰهُ بِذِبحٍ عَظيمٍ (آيت : 107) |
۽ اسان (ڇوڪري کي بچائڻ جي) بدلي ۾ هڪ وڏي قرباني ڏني. |
وَتَرَكنا عَلَيهِ فِى الءاخِرينَ (آيت : 108) |
۽ اسان سندس ياد کي بعد ۾ ايندڙ ماڻهن ۾ زندهه رکيو. |
سَلٰمٌ عَلىٰ إِبرٰهيمَ (آيت : 109) |
ابراهيم ($) تي سلامتي هجي. |
كَذٰلِكَ نَجزِى المُحسِنينَ (آيت : 110) |
اسان نيڪوڪارن کي اهڙي طرح ئي بدلو ڏيندا آهيون. |
إِنَّهُ مِن عِبادِنَا المُؤمِنينَ (آيت : 111) |
بيشڪ هو اسان جي مؤمن ٻانهن مان هو. |
وَبَشَّرنٰهُ بِإِسحٰقَ نَبِيًّا مِنَ الصّٰلِحينَ (آيت : 112) |
پوءِ اسان کيس (ٻئي) پُٽ اسحاق جي خوشخبري ڏني، اهو به نيڪ ماڻهن مان هڪ نبي هو. |
وَبٰرَكنا عَلَيهِ وَعَلىٰ إِسحٰقَ وَمِن ذُرِّيَّتِهِما مُحسِنٌ وَظالِمٌ لِنَفسِهِ مُبينٌ (آيت : 113) |
۽ اسان ان تي ۽ اسحاق (ؐ) تي برڪت نازل ڪئي ۽ ٻنهي جي نسل مان ڪي نيڪوڪار ماڻهو آهن ته ڪي پنھنجو پاڻ تي ظلم ڪندڙ آهن. |
وَلَقَد مَنَنّا عَلىٰ موسىٰ وَهٰرونَ (آيت : 114) |
۽ بيشڪ اسان موسى ۽ هارون (ؐ) تي احسان ڪيو. |
وَنَجَّينٰهُما وَقَومَهُما مِنَ الكَربِ العَظيمِ (آيت : 115) |
اسان انهن کي ۽ سندن قوم کي وڏي تڪليف کان بچايو. |
وَنَصَرنٰهُم فَكانوا هُمُ الغٰلِبينَ (آيت : 116) |
اسان ئي ٻنهي جي مدد ڪئي ته هو غالب ٿيا. |
وَءاتَينٰهُمَا الكِتٰبَ المُستَبينَ (آيت : 117) |
۽ اسان کين پڌرو ڪتاب ڏنو. |
وَهَدَينٰهُمَا الصِّرٰطَ المُستَقيمَ (آيت : 118) |
۽ اسان کين صفا سڌو رستو ڏيکاريو. |
وَتَرَكنا عَلَيهِما فِى الءاخِرينَ (آيت : 119) |
۽ سندن ياد کي پوين ماڻهن ۾ زندهه رکيو. |
سَلٰمٌ عَلىٰ موسىٰ وَهٰرونَ (آيت : 120) |
موسى ۽ هارون (ؐ) تي سلامتي هجي. |
إِنّا كَذٰلِكَ نَجزِى المُحسِنينَ (آيت : 121) |
بيشڪ اسان نيڪوڪارن کي اهڙو ئي بدلو ڏيندا آهيون. |
إِنَّهُما مِن عِبادِنَا المُؤمِنينَ (آيت : 122) |
بيشڪ اُهي ٻئي اسان جي مؤمن ٻانهن مان هئا. |
وَإِنَّ إِلياسَ لَمِنَ المُرسَلينَ (آيت : 123) |
۽ بيشڪ الياس ($) به رسولن مان هو. |
إِذ قالَ لِقَومِهِ أَلا تَتَّقونَ (آيت : 124) |
هن جڏهن پنھنجي قوم کي چيو ته توهان (الله تعالى کان) ڇو نٿا ڊڄو؟ |
أَتَدعونَ بَعلًا وَتَذَرونَ أَحسَنَ الخٰلِقينَ (آيت : 125) |
ڇا توهان بھترين خالق کي ڇڏي بَعل (بُت) کي سڏيو ٿا؟ |
اللَّهَ رَبَّكُم وَرَبَّ ءابائِكُمُ الأَوَّلينَ (آيت : 126) |
حالانڪه الله تعالى ئي توهان سڀني جو ۽ توهان جي ابن ڏاڏن جو پالڻھار آهي. |
فَكَذَّبوهُ فَإِنَّهُم لَمُحضَرونَ (آيت : 127) |
پوءِ انهن کيس ڪوڙو ڪيو. تنهنڪري اسان انهن سڀني کي عذاب لاءِ حاضر ڪنداسين. |
إِلّا عِبادَ اللَّهِ المُخلَصينَ (آيت : 128) |
سواءِ الله تعالى جي مخلص ٻانهن جي. |
وَتَرَكنا عَلَيهِ فِى الءاخِرينَ (آيت : 129) |
۽ اسان سندس ياد کي پوين ماڻهن ۾ باقي رکيو. |
سَلٰمٌ عَلىٰ إِل ياسينَ (آيت : 130) |
الياس ($) تي سلامتي هجي. |
إِنّا كَذٰلِكَ نَجزِى المُحسِنينَ (آيت : 131) |
بيشڪ اسان نيڪوڪارن کي اهڙوئي بدلو ڏيندا آهيون. |
إِنَّهُ مِن عِبادِنَا المُؤمِنينَ (آيت : 132) |
بيشڪ هو اسان جي مؤمن ٻانهن مان هو. |
وَإِنَّ لوطًا لَمِنَ المُرسَلينَ (آيت : 133) |
۽ بيشڪ لوط ($) به رسولن مان هو. |
إِذ نَجَّينٰهُ وَأَهلَهُ أَجمَعينَ (آيت : 134) |
پوءِ جڏهن اسان کيس ۽ سندس گهر وارن کي نجات ڏياري. |
إِلّا عَجوزًا فِى الغٰبِرينَ (آيت : 135) |
سواءِ پوڙهيءَ جي جيڪا پوئتي رهڻ وارن ۾ شامل هئي. |
ثُمَّ دَمَّرنَا الءاخَرينَ (آيت : 136) |
باقي سڀني کي صفا تباهه ڪري ڇڏيوسين. |
وَإِنَّكُم لَتَمُرّونَ عَلَيهِم مُصبِحينَ (آيت : 137) |
(اي مڪي وارو!) بيشڪ توهان (اُن تباهه ٿيل شھر وٽان) صبح جو به لنگهو ٿا . |
وَبِالَّيلِ أَفَلا تَعقِلونَ (آيت : 138) |
۽ شام جو به لنگهو ٿا. پوءِ به توهان عقل کان ڪم نٿا وٺو؟ |
وَإِنَّ يونُسَ لَمِنَ المُرسَلينَ (آيت : 139) |
۽ بيشڪ يونس ($) به رسولن مان هو. |
إِذ أَبَقَ إِلَى الفُلكِ المَشحونِ (آيت : 140) |
جڏهن هو ڀريل ٻيڙيءَ ڏانھن (بغير اجازت) هليو ويو. |
فَساهَمَ فَكانَ مِنَ المُدحَضينَ (آيت : 141) |
پوءِ ٻيڙيءَ وارن جي قرعه اندازي ۾ شريڪ ٿيو پر پاڻ ڦاسي پيو. |
فَالتَقَمَهُ الحوتُ وَهُوَ مُليمٌ (آيت : 142) |
(ٻيڙيءَ وارن کيس سمنڊ ۾ اڇلائي ڇڏيو) پوءِ کيس مڇي ڳھي وئي ۽ هو (پنهنجو پاڻ کي) ملامت ڪري رهيو هو . |
فَلَولا أَنَّهُ كانَ مِنَ المُسَبِّحينَ (آيت : 143) |
پر جيڪڏهن هو تسبيح ڪرڻ وارن مان نه ٿئي ها. |
لَلَبِثَ فى بَطنِهِ إِلىٰ يَومِ يُبعَثونَ (آيت : 144) |
ته هو ضرور قيامت تائين اُن (مڇيءَ) جي پيٽ ۾ ئي هجي ها. |
فَنَبَذنٰهُ بِالعَراءِ وَهُوَ سَقيمٌ (آيت : 145) |
پوءِ اسان کيس (مڇيءَ جي پيٽ مان ڪڍي) ڪمزور حالت ۾ صاف ميدان ۾ پھچايو. |
وَأَنبَتنا عَلَيهِ شَجَرَةً مِن يَقطينٍ (آيت : 146) |
پوءِ اسان مٿس هڪ وَلِ جو وڻ ڦٽايو. |
وَأَرسَلنٰهُ إِلىٰ مِا۟ئَةِ أَلفٍ أَو يَزيدونَ (آيت : 147) |
پوءِ کيس هڪ لک يا ان کان وڌيڪ ماڻهن ڏانھن (وري) موڪليوسين. |
فَـٔامَنوا فَمَتَّعنٰهُم إِلىٰ حينٍ (آيت : 148) |
پوءِ انهن ماڻهن ايمان آندو ۽ اسان کين ڪافي عرصي تائين خوشحال رکيو. |
فَاستَفتِهِم أَلِرَبِّكَ البَناتُ وَلَهُمُ البَنونَ (آيت : 149) |
(اي نبي ﷺ!) انهن (مڪي وارن) کان پڇا ڪر (ته ڇا توهان لاءِ اهو چوڻ مناسب آهي ته) توهان جي پالڻھار کي ڌيئرون هجن ۽ انهن کي پُٽ هجن. |
أَم خَلَقنَا المَلٰئِكَةَ إِنٰثًا وَهُم شٰهِدونَ (آيت : 150) |
ڇا اسان ملائڪن کي عورتن جي جنس بڻايو آهي؟ ۽ ڇا هي (ان وقت) ڏسي رهيا هئا؟ |
أَلا إِنَّهُم مِن إِفكِهِم لَيَقولونَ (آيت : 151) |
خبردار! اِهي پنهنجون هٿرادو ڳالهيون ٺاهي رهيا آهن. |
وَلَدَ اللَّهُ وَإِنَّهُم لَكٰذِبونَ (آيت : 152) |
ته الله تعالى کي اولاد آهي. درحقيقت اِهي (وڏا) ڪوڙا ماڻهو آهن. |
أَصطَفَى البَناتِ عَلَى البَنينَ (آيت : 153) |
ڇا (الله تعالى) پنهنجي لاءِ پٽن کان (وڌيڪ) ڌيئرون پسند ڪيون آهن؟ |
ما لَكُم كَيفَ تَحكُمونَ (آيت : 154) |
توهان کي ڇا ٿي ويو آهي؟ ڪهڙي قسم جافيصلا ڪريو ٿا؟ |
أَفَلا تَذَكَّرونَ (آيت : 155) |
آخر توهان نصيحت ڇو نٿا وٺو؟ |
أَم لَكُم سُلطٰنٌ مُبينٌ (آيت : 156) |
ڇا توهان وٽ (پنهنجي ڳالهه جو) ڪو پڌرو دليل آهي؟ |
فَأتوا بِكِتٰبِكُم إِن كُنتُم صٰدِقينَ (آيت : 157) |
جيڪڏهن توهان سچا آهيو ته توهان پنھنجي لکت آڻيو (جنهن ۾ اها ڳالهه لکيل هجي) |
وَجَعَلوا بَينَهُ وَبَينَ الجِنَّةِ نَسَبًا وَلَقَد عَلِمَتِ الجِنَّةُ إِنَّهُم لَمُحضَرونَ (آيت : 158) |
۽ انهن ماڻهن الله تعالى ۽ ملائڪن جي وچ ۾ نسلي رشتو جوڙي ڇڏيو آهي. حالانڪه ملائڪن کي خوب خبر آهي ته بيشڪ هي سڀ ماڻهو الله تعالى جي آڏو پيش ڪيا ويندا. |
سُبحٰنَ اللَّهِ عَمّا يَصِفونَ (آيت : 159) |
الله تعالى (جي ذات) انهن جي بيان ڪيل بيھوده ڳالهين کان پاڪ آهي. |
إِلّا عِبادَ اللَّهِ المُخلَصينَ (آيت : 160) |
سواءِ الله تعالى جي مخلص ٻانهن جي (جن الله تعاليٰ ۽ ملائڪن جي وچ ۾ ڪوبه رشتو نه ٺاهيو آهي) |
فَإِنَّكُم وَما تَعبُدونَ (آيت : 161) |
بيشڪ توهان ۽ توهان جا معبود. |
ما أَنتُم عَلَيهِ بِفٰتِنينَ (آيت : 162) |
ڪنھن کي به الله تعالى جي رستي کان نٿا ڦيري سگهو. |
إِلّا مَن هُوَ صالِ الجَحيمِ (آيت : 163) |
سواءِ ان جي جيڪو جھنم ۾ داخل ٿيڻ وارو هوندو. |
وَما مِنّا إِلّا لَهُ مَقامٌ مَعلومٌ (آيت : 164) |
( ملائڪ چون ٿا ته) اسان سڀني مان هرهڪ جي لاءِ (الڳ الڳ) درجا آهن. |
وَإِنّا لَنَحنُ الصّافّونَ (آيت : 165) |
اسين ته رڳو (حڪم ٻڌڻ لاءِ) صفون ٻڌي (تيار) بيٺل آهيون. |
وَإِنّا لَنَحنُ المُسَبِّحونَ (آيت : 166) |
اسان (هر وقت) تسبيح بيان ڪرڻ وارا آهيون. |
وَإِن كانوا لَيَقولونَ (آيت : 167) |
۽ هي (مڪي جا ڪافر) ته چوندا هئا. |
لَو أَنَّ عِندَنا ذِكرًا مِنَ الأَوَّلينَ (آيت : 168) |
جيڪڏهن اسان وٽ گذريل ماڻهن جو ڪتاب موجود هجي ها. |
لَكُنّا عِبادَ اللَّهِ المُخلَصينَ (آيت : 169) |
ته اسان ضرور الله تعالى جا مخلص ٻانها ٿي وڃون ها. |
فَكَفَروا بِهِ فَسَوفَ يَعلَمونَ (آيت : 170) |
پر انهن (نصيحت واري ڪتاب جو) انڪار ڪيو. سو کين جلد ئي خبر پئجي ويندي. |
وَلَقَد سَبَقَت كَلِمَتُنا لِعِبادِنَا المُرسَلينَ (آيت : 171) |
بيشڪ پنهنجي موڪليل ٻانهن سان اسان پھريائين وعدو ڪري چڪا آهيون. |
إِنَّهُم لَهُمُ المَنصورونَ (آيت : 172) |
ته انهن جي ضرور مدد ڪئي ويندي. |
وَإِنَّ جُندَنا لَهُمُ الغٰلِبونَ (آيت : 173) |
۽ بيشڪ اسان جا لشڪر ئي غالب رهندا. |
فَتَوَلَّ عَنهُم حَتّىٰ حينٍ (آيت : 174) |
(اي نبي ﷺ!) انهن (ڪافرن) کي ڪجهه وقت سندن حال تي ڇڏي ڏي. |
وَأَبصِرهُم فَسَوفَ يُبصِرونَ (آيت : 175) |
کين ڏسندو رهه ۽ هي عنقريب (پنهنجو برو) انجام ڏسندا. |
أَفَبِعَذابِنا يَستَعجِلونَ (آيت : 176) |
ڇا اهي اسان جي عذاب لاءِ جلدي مچائين ٿا؟ |
فَإِذا نَزَلَ بِساحَتِهِم فَساءَ صَباحُ المُنذَرينَ (آيت : 177) |
جڏهن عذاب انهن جي گهرن جي اڱڻن ۾ ايندو ته اها صبح انهن ڊيڄاريل ماڻهن لاءِ بري ثابت ٿيندي. |
وَتَوَلَّ عَنهُم حَتّىٰ حينٍ (آيت : 178) |
تون انهن کي ڪجهه وقت ڇڏي ڏي. |
وَأَبصِر فَسَوفَ يُبصِرونَ (آيت : 179) |
بس! ڏسندو رهه هي ماڻهو عنقريب پنھنجو انجام ڏسي وٺندا. |
سُبحٰنَ رَبِّكَ رَبِّ العِزَّةِ عَمّا يَصِفونَ (آيت : 180) |
تنھنجو پالڻھار وڏي عظمت ۽ عزت وارو آهي. انهن ڳالهين کان پاڪ آهي جيڪي هي (ڪافر) بيان ڪن ٿا. |
وَسَلٰمٌ عَلَى المُرسَلينَ (آيت : 181) |
۽ سڀني رسولن تي سلامتي هجي. |
وَالحَمدُ لِلَّهِ رَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 182) |
۽ سڀ تعريفون الله تعالى جي لاءِ آهن جيڪو سڀني جھانن جو پالڻھار آهي. |