وَالصّٰفّٰتِ صَفًّا (آيت : 1) |
قسم قطارون ڪري صفن ٻڌڻ وارن جو |
فَالزّٰجِرٰتِ زَجرًا (آيت : 2) |
وري قسم دڙڪا ڏيندڙ ملامت ڪندڙن جو |
فَالتّٰلِيٰتِ ذِكرًا (آيت : 3) |
پوءِ انهن جو قسم جيڪي نصيحت وارو ڪلام ٻڌائن ٿا |
إِنَّ إِلٰهَكُم لَوٰحِدٌ (آيت : 4) |
بيشڪ توهان جو خدا هڪڙو آهي |
رَبُّ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَما بَينَهُما وَرَبُّ المَشٰرِقِ (آيت : 5) |
اهو جيڪو رب آسمانن ۽ زمين جو ۽ انهن جو به مالڪ جيڪي انهن جي وچ ۾ ۽ سڀني اوڀرن جو (سج اڀرڻ جا هنڌ) مالڪ |
إِنّا زَيَّنَّا السَّماءَ الدُّنيا بِزينَةٍ الكَواكِبِ (آيت : 6) |
بيشڪ اسان سينگاريو دنيا جي آسمان کي تارن جي وڻندڙ جهرمٽ سان |
وَحِفظًا مِن كُلِّ شَيطٰنٍ مارِدٍ (آيت : 7) |
۽ محفوظ ڪري ڇڏيو آهي هر شيطان جي سرڪشي کان |
لا يَسَّمَّعونَ إِلَى المَلَإِ الأَعلىٰ وَيُقذَفونَ مِن كُلِّ جانِبٍ (آيت : 8) |
اهي نٿا ٻڌي سگهن ڳالهيون ملاءِ اعليٰ (ملائڪن جي مٿئين طبقي) جون ۽ هر طرف کان ماريا ۽ تڙيا ويندا آهن |
دُحورًا وَلَهُم عَذابٌ واصِبٌ (آيت : 9) |
هميشه جو انهن لاءِ عذاب آهي لاڳيتو |
إِلّا مَن خَطِفَ الخَطفَةَ فَأَتبَعَهُ شِهابٌ ثاقِبٌ (آيت : 10) |
پر جيڪڏهن ڪو (شيطان) ڪا ڳالهه جهٽي وٺي ٿو ته سندن پيڇو ڪندو آهي هڪ ٻرندڙ شعلو |
فَاستَفتِهِم أَهُم أَشَدُّ خَلقًا أَم مَن خَلَقنا إِنّا خَلَقنٰهُم مِن طينٍ لازِبٍ (آيت : 11) |
هاڻي کانئن پڇ ته سندن پيدا ڪرڻ وڌيڪ ڏکيو ڪم هو يا انهن شين جو جيڪي اسان خلقي ڇڏيون آهن؟ اسان انهن کي خلقيو چيڪي مٽيءَ جي گاري مان |
بَل عَجِبتَ وَيَسخَرونَ (آيت : 12) |
پر تون (اي نبي!) قدرت تي حيران آهين ۽ هو وري ان تي مسخري پيا ڪن |
وَإِذا ذُكِّروا لا يَذكُرونَ (آيت : 13) |
۽ جڏهن سمجهايو وڃي ٿو ته سمجهن ئي نٿا |
وَإِذا رَأَوا ءايَةً يَستَسخِرونَ (آيت : 14) |
۽ جڏهن ڏسن ٿا ڪا نشاني ته ان تي ٺٺوليون ٿا ڪن |
وَقالوا إِن هٰذا إِلّا سِحرٌ مُبينٌ (آيت : 15) |
۽ چون ٿا ته اهو بس جادو آهي سڌو سنئون |
أَءِذا مِتنا وَكُنّا تُرابًا وَعِظٰمًا أَءِنّا لَمَبعوثونَ (آيت : 16) |
ڀلا ڪڏهن ائين به ٿي سگهي ٿو ته اسين مري مٽي ٿي وڃون ۽ هڏن جو پڃرو وڃي بچون ته ان وقت اسين جياري اٿاريا وڃون؟ |
أَوَءاباؤُنَا الأَوَّلونَ (آيت : 17) |
۽ ڇا اسان جا اڳيان ابا ڏاڏا به اٿاريا ويندا؟ |
قُل نَعَم وَأَنتُم دٰخِرونَ (آيت : 18) |
چوين ته هائو ۽ توهان معبود آڏو بلڪل بي وس آهيو |
فَإِنَّما هِىَ زَجرَةٌ وٰحِدَةٌ فَإِذا هُم يَنظُرونَ (آيت : 19) |
بس هڪ هڪل ٿيندي پوءِ پنهنجي اکين سان (جيڪا خبر ڏنل آهي) اهو سڀڪجهه ڏسي رهيا هوندا |
وَقالوا يٰوَيلَنا هٰذا يَومُ الدّينِ (آيت : 20) |
۽ ان وقت اهي چوندا هاءِ اسان جي بدبختي هي ته بدلي جو ڏينهن آهي |
هٰذا يَومُ الفَصلِ الَّذى كُنتُم بِهِ تُكَذِّبونَ (آيت : 21) |
هي ته اهو ئي فيصلي وارو ڏينهن آهي جنهن کي توهان ڪوڙو چوندا هئا |
احشُرُوا الَّذينَ ظَلَموا وَأَزوٰجَهُم وَما كانوا يَعبُدونَ (آيت : 22) |
(حڪم ٿيندو) ميڙي گڏ ڪريو سڀني ظالمن ۽ سندن ساٿين کي ۽ انهن خدائن کي جن جي اهي پوڄا ڪندا هئا |
مِن دونِ اللَّهِ فَاهدوهُم إِلىٰ صِرٰطِ الجَحيمِ (آيت : 23) |
ڇڏي الله کي، پوءِ انهن سڀني کي وڃي رستو ڏيکاريو دوزخ جو |
وَقِفوهُم إِنَّهُم مَسـٔولونَ (آيت : 24) |
۽ ٿورو کين ترسايو، کانئن ڪجهه پڇڻو آهي |
ما لَكُم لا تَناصَرونَ (آيت : 25) |
توهان کي ڇا ٿي ويو آهي ڇو نٿا هاڻي هڪ ٻئي جي مدد ڪريو؟ |
بَل هُمُ اليَومَ مُستَسلِمونَ (آيت : 26) |
پر اهي اڄ پاڻ کي پيش ڪري رهيا آهن |
وَأَقبَلَ بَعضُهُم عَلىٰ بَعضٍ يَتَساءَلونَ (آيت : 27) |
۽ ان کان پوءِ اهي هڪ ٻئي ڏي منهن ڪري تڪرار شروع ڪري ڏيندا |
قالوا إِنَّكُم كُنتُم تَأتونَنا عَنِ اليَمينِ (آيت : 28) |
چوندا پنهنجي اڳواڻن کي توهان ته اسان وٽ سڌا سنوان ايندا هئا؟ |
قالوا بَل لَم تَكونوا مُؤمِنينَ (آيت : 29) |
چوندا (اهي جواب ۾) نه پر توهان پاڻ ئي ايمان آڻيندا نه هئا |
وَما كانَ لَنا عَلَيكُم مِن سُلطٰنٍ بَل كُنتُم قَومًا طٰغينَ (آيت : 30) |
۽ اسان جو توهان تي ڪوبه زور ته ڪونه هو، پر توهان ته پاڻ ئي منهن زور بنيا بيٺا هئا |
فَحَقَّ عَلَينا قَولُ رَبِّنا إِنّا لَذائِقونَ (آيت : 31) |
آخرڪار حقدار ٿي وياسين اسان پاڻ پنهنجي رب جي قول جا، ته اسان عذاب جو مزو چکنداسين |
فَأَغوَينٰكُم إِنّا كُنّا غٰوينَ (آيت : 32) |
ائين توهان کي گمراهه ڪيوسين جيئن اسان پاڻ گمراهه هئاسين |
فَإِنَّهُم يَومَئِذٍ فِى العَذابِ مُشتَرِكونَ (آيت : 33) |
اهڙيءَ طرح ان ڏينهن اهي عذاب ۾ سڀ ئي شامل هوندا |
إِنّا كَذٰلِكَ نَفعَلُ بِالمُجرِمينَ (آيت : 34) |
بيشڪ اسان ائين ئي ڪندا آهيون ڏوهارين سان |
إِنَّهُم كانوا إِذا قيلَ لَهُم لا إِلٰهَ إِلَّا اللَّهُ يَستَكبِرونَ (آيت : 35) |
بيشڪ هي اهي ئي ماڻهو هئا جڏهن کين چيو ويندو هو ته ناهي ڪوبه معبود الله کان سواءِ ته اهي تڪبر ۾ پئجي ويندا هئا |
وَيَقولونَ أَئِنّا لَتارِكوا ءالِهَتِنا لِشاعِرٍ مَجنونٍ (آيت : 36) |
۽ چوندا هئا ته، ڇا اسان ڇڏي ڏيون پنهنجي خدائن کي هڪ شاعر چرئي جي چوڻ تي؟ |
بَل جاءَ بِالحَقِّ وَصَدَّقَ المُرسَلينَ (آيت : 37) |
جڏهن ته هو آيو هو حق سان ۽ هن تصديق ڪئي هئي رسولن جي |
إِنَّكُم لَذائِقُوا العَذابِ الأَليمِ (آيت : 38) |
(کين چيو ويندو) توهان ضرور ذائقو چکڻ وارا آهيو دردناڪ عذاب جو |
وَما تُجزَونَ إِلّا ما كُنتُم تَعمَلونَ (آيت : 39) |
۽ جيڪو به بدلو ڏنو وڃي پيو (توهان کي) اهو توهان جي عملن جو نتيجو آهي |
إِلّا عِبادَ اللَّهِ المُخلَصينَ (آيت : 40) |
سواءِ خاص بندن الله جي (جيڪي ان نتيجي کان) محفوظ هوندا |
أُولٰئِكَ لَهُم رِزقٌ مَعلومٌ (آيت : 41) |
انهن جي لاءِ رزق اهو آهي جيڪو ڄاتل سڃاتل اهي |
فَوٰكِهُ وَهُم مُكرَمونَ (آيت : 42) |
هر ڪنهن طرح جون بلڪل اهي لذيذ شيون |
فى جَنّٰتِ النَّعيمِ (آيت : 43) |
۽ نعمت وارن باغن ۾ اهي عزت سان رهايا ويندا |
عَلىٰ سُرُرٍ مُتَقٰبِلينَ (آيت : 44) |
اهي اوچن تختن تي آمهون سامهون ويهندا |
يُطافُ عَلَيهِم بِكَأسٍ مِن مَعينٍ (آيت : 45) |
پيالا ڀري شراب جي چشمن مان انهن ۾ ڦيرايا ويندا |
بَيضاءَ لَذَّةٍ لِلشّٰرِبينَ (آيت : 46) |
چمڪندڙ شراب لذت وارو هوندو پيئندڙن لاءِ |
لا فيها غَولٌ وَلا هُم عَنها يُنزَفونَ (آيت : 47) |
ڪو نقصان سندن جسمن کي نه رسندو ۽ نه ئي سندن عقل ان سان خراب ٿيندو |
وَعِندَهُم قٰصِرٰتُ الطَّرفِ عينٌ (آيت : 48) |
۽ انهن وٽ نگاهون بچائڻ واريون سهڻين اکين واريون عورتون هونديون |
كَأَنَّهُنَّ بَيضٌ مَكنونٌ (آيت : 49) |
اهڙيون نازڪ ڄڻڪ آني جي کل هيٺان لڪل جهلي |
فَأَقبَلَ بَعضُهُم عَلىٰ بَعضٍ يَتَساءَلونَ (آيت : 50) |
پوءِ اهي هڪ ٻئي ڏي منهن ڪري پيا سوال پڇندا |
قالَ قائِلٌ مِنهُم إِنّى كانَ لى قَرينٌ (آيت : 51) |
هڪ چوندو انهن مان، دنيا ۾ منهنجو هڪڙو سنگتي هوندو هو |
يَقولُ أَءِنَّكَ لَمِنَ المُصَدِّقينَ (آيت : 52) |
هو چوندو هو مون کي، ڇا تون به تصديق ڪندڙن مان آهين؟ |
أَءِذا مِتنا وَكُنّا تُرابًا وَعِظٰمًا أَءِنّا لَمَدينونَ (آيت : 53) |
ڇا جڏهن اسان مري مٽي ٿي وينداسين ۽ هڏن جو پڃرو وڃي بچنداسين ته اسان کي واقعي جزا ۽ سزا ملندي؟ |
قالَ هَل أَنتُم مُطَّلِعونَ (آيت : 54) |
ڇا توهان ڏسڻ چاهيندو ته اهو صاحب هينئر ڪٿي آهي؟ |
فَاطَّلَعَ فَرَءاهُ فى سَواءِ الجَحيمِ (آيت : 55) |
ائين چئي هو جيئن هيٺ ليئو پائيندو ته دوزخ جي تري ۾ ان کي پيل ڏسندو |
قالَ تَاللَّهِ إِن كِدتَ لَتُردينِ (آيت : 56) |
۽ ان کي چوندو، معبود جو قسم، تو مون کي ذري گهٽ تباهه ڪرڻ وارو هئين |
وَلَولا نِعمَةُ رَبّى لَكُنتُ مِنَ المُحضَرينَ (آيت : 57) |
۽ جي فضل نه هجي ها منهنجي رب جو ته اڄ آئون به انهن مان هجان ها جيڪي جهلجي آيا آهن |
أَفَما نَحنُ بِمَيِّتينَ (آيت : 58) |
ڇا هاڻي اسان مرڻ وارا نه آهيون؟ |
إِلّا مَوتَتَنَا الأولىٰ وَما نَحنُ بِمُعَذَّبينَ (آيت : 59) |
موت جيڪو اسان کي اچڻو هو، سو اڳيئي اچي ويو؟ هاڻي اسان کي ڪوبه عذاب ٿيندو؟ |
إِنَّ هٰذا لَهُوَ الفَوزُ العَظيمُ (آيت : 60) |
بلاشڪ اها ئي ڪاميابي عظيم الشان آهي |
لِمِثلِ هٰذا فَليَعمَلِ العٰمِلونَ (آيت : 61) |
اهڙيءَ ئي ڪاميابي لاءِ عمل ڪندڙن کي (پورو) عمل ڪرڻ گهرجي |
أَذٰلِكَ خَيرٌ نُزُلًا أَم شَجَرَةُ الزَّقّومِ (آيت : 62) |
چؤ ڀلا، اها ڀلي آهي مهماني يا ٿوهر جو وڻ (ڀلو آهي) |
إِنّا جَعَلنٰها فِتنَةً لِلظّٰلِمينَ (آيت : 63) |
اسان بڻايو آهي ان وڻ کي آزمائش ظالمن جي لاءِ |
إِنَّها شَجَرَةٌ تَخرُجُ فى أَصلِ الجَحيمِ (آيت : 64) |
اهو ئي هڪ وڻ آهي جيڪو ڦٽندو ئي آهي دوزخ جي تري منجهان |
طَلعُها كَأَنَّهُ رُءوسُ الشَّيٰطينِ (آيت : 65) |
ان جا گوشا اهڙا آهن جهڙا مٿا شيطانن جا |
فَإِنَّهُم لَءاكِلونَ مِنها فَمالِـٔونَ مِنهَا البُطونَ (آيت : 66) |
انهيءَ مان ئي اهي کائيندا دوزخ جا ماڻهو انهيءَ مان ئي اهي پيٽ ڀريندا |
ثُمَّ إِنَّ لَهُم عَلَيها لَشَوبًا مِن حَميمٍ (آيت : 67) |
پوءِ بيشڪ کين ان جي مٿان پيئڻ جي لاءِ ٽهڪندڙ پاڻي ملندي |
ثُمَّ إِنَّ مَرجِعَهُم لَإِلَى الجَحيمِ (آيت : 68) |
پوءِ بيشڪ سندن واپسي انهيءَ دوزخ جي باهه ڏي ئي ٿيندي |
إِنَّهُم أَلفَوا ءاباءَهُم ضالّينَ (آيت : 69) |
هي اهي ئي ماڻهو آهن جن پنهنجن ابن ڏاڏن کي گمراهه ڏٺو |
فَهُم عَلىٰ ءاثٰرِهِم يُهرَعونَ (آيت : 70) |
پوءِ انهن جي ئي نقش قدم تي ڊوڙندا ويا |
وَلَقَد ضَلَّ قَبلَهُم أَكثَرُ الأَوَّلينَ (آيت : 71) |
۽ انهن کان گمراهه بيشڪ اڳ ۾ به گهڻا ئي ٿي ويا هئا |
وَلَقَد أَرسَلنا فيهِم مُنذِرينَ (آيت : 72) |
۽ ڪيترا ئي موڪليا هئا اسان انهن ۾ ڊيڄاريندڙ رسول |
فَانظُر كَيفَ كانَ عٰقِبَةُ المُنذَرينَ (آيت : 73) |
پوءِ ڏسو ته ڪيئن آهي انهن ڊيڄاريل (ماڻهن جي) پڇاڙي ٿي |
إِلّا عِبادَ اللَّهِ المُخلَصينَ (آيت : 74) |
انهيءَ بري پڇاڙي کان بندا الله جا بچي ويا جيڪي خالص هن پنهنجا ڪيا |
وَلَقَد نادىٰنا نوحٌ فَلَنِعمَ المُجيبونَ (آيت : 75) |
۽ اسان کي پڪاريو هو نوح پوءِ ڏسو اسان (دعا قبولڻ ۾) ڪهڙا نه سٺا جواب ڏنا هئا |
وَنَجَّينٰهُ وَأَهلَهُ مِنَ الكَربِ العَظيمِ (آيت : 76) |
۽ اسان ڪيئن بچايو کيس ۽ سندس اهل کي وڏي تڪليف کان |
وَجَعَلنا ذُرِّيَّتَهُ هُمُ الباقينَ (آيت : 77) |
۽ رکيوسين سندس نسل کي باقي وارن ۾ |
وَتَرَكنا عَلَيهِ فِى الءاخِرينَ (آيت : 78) |
۽ ڇڏي سين کائنس پوءِ سندس تعريف |
سَلٰمٌ عَلىٰ نوحٍ فِى العٰلَمينَ (آيت : 79) |
سلام آهي نوح تي ساري دنيا وارن ۾ |
إِنّا كَذٰلِكَ نَجزِى المُحسِنينَ (آيت : 80) |
بيشڪ اسان اهڙو ئي اجورو ڏيندا آهيون نيڪي ڪندڙن کي |
إِنَّهُ مِن عِبادِنَا المُؤمِنينَ (آيت : 81) |
بيشڪ هو اسان جي مؤمن بندن مان هو |
ثُمَّ أَغرَقنَا الءاخَرينَ (آيت : 82) |
پوءِ غرق ڪيوسين ٻئي ٽولي کي |
وَإِنَّ مِن شيعَتِهِ لَإِبرٰهيمَ (آيت : 83) |
۽ بيشڪ (نوح جي) طريقي تي هلڻ وارو ابراهيم هو |
إِذ جاءَ رَبَّهُ بِقَلبٍ سَليمٍ (آيت : 84) |
جڏهن آيو هو اهو پنهنجي رب جي حضور ۾ دل جي گهرائين سان |
إِذ قالَ لِأَبيهِ وَقَومِهِ ماذا تَعبُدونَ (آيت : 85) |
جڏهن چيائين پنهنجي پيءُ آذر ۽ پنهنجي قوم کي، توهان ڪنهن جي عبادت پيا ڪريو؟ |
أَئِفكًا ءالِهَةً دونَ اللَّهِ تُريدونَ (آيت : 86) |
ڇا ڪوڙا ٺاهيل معبود ٿا پوڄيو الله کي ڇڏي؟ |
فَما ظَنُّكُم بِرَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 87) |
آخر توهان جو ڪهڙو گمان آهي الله رب العالمين ۾؟ |
فَنَظَرَ نَظرَةً فِى النُّجومِ (آيت : 88) |
پوءِ هن هڪ نظر وڌي تارن تي |
فَقالَ إِنّى سَقيمٌ (آيت : 89) |
۽ چيو، بيشڪ منهنجي طبيعت خراب آهي |
فَتَوَلَّوا عَنهُ مُدبِرينَ (آيت : 90) |
پوءِ اهي ماڻهو کيس ڇڏي هليا ويا |
فَراغَ إِلىٰ ءالِهَتِهِم فَقالَ أَلا تَأكُلونَ (آيت : 91) |
انهن جي وڃڻ بعد هو چپ چاپ سندن خدائن جي مندر ۾ ويو ۽ چيائين، توهان کائو ڇو نٿا؟ |
ما لَكُم لا تَنطِقونَ (آيت : 92) |
ڇا ٿيو آهي توهان کي، ڳالهايو ڇو نٿا؟ |
فَراغَ عَلَيهِم ضَربًا بِاليَمينِ (آيت : 93) |
ان کان پوءِ هو انهن تي ٽٽي پيو ۽ سڄي هٿ سان خوب ڪٽيائين |
فَأَقبَلوا إِلَيهِ يَزِفّونَ (آيت : 94) |
(واپس اچڻ تي) اهي ماڻهو وٽس ڊوڙندا آيا |
قالَ أَتَعبُدونَ ما تَنحِتونَ (آيت : 95) |
چيائين، توهان پوڄيو ٿا پنهنجي ئي هٿ سان ٺاهيل شين کي |
وَاللَّهُ خَلَقَكُم وَما تَعمَلونَ (آيت : 96) |
جڏهن ته الله توهان کي پيدا ڪيو آهي ۽ انهن کي به جن کي ٺاهيو ٿا توهان؟ |
قالُوا ابنوا لَهُ بُنيٰنًا فَأَلقوهُ فِى الجَحيمِ (آيت : 97) |
انهن (پاڻ ۾) چيو، ٺاهيو هن جي لاءِ هڪ وڏو آڙاهه ۽ انهيءَ مچ ۾ کڻي اڇلايوس |
فَأَرادوا بِهِ كَيدًا فَجَعَلنٰهُمُ الأَسفَلينَ (آيت : 98) |
انهن سندس خلاف تمام سخت قدم پئي کنيو پر اسان کين نوائي وڌو |
وَقالَ إِنّى ذاهِبٌ إِلىٰ رَبّى سَيَهدينِ (آيت : 99) |
۽ (ابراهيم) چيو آئون ته پنهنجي رب ڏي وڃان ٿو جيڪو منهنجي رهنمائي ڪندو |
رَبِّ هَب لى مِنَ الصّٰلِحينَ (آيت : 100) |
پالڻهار! مون کي پٽڙو عطا ڪر جيڪو صالحن مان هجي |
فَبَشَّرنٰهُ بِغُلٰمٍ حَليمٍ (آيت : 101) |
(جواب ۾) اسان کيس خوشخبري ڏني هڪ ڇوڪري بردبار جي |
فَلَمّا بَلَغَ مَعَهُ السَّعىَ قالَ يٰبُنَىَّ إِنّى أَرىٰ فِى المَنامِ أَنّى أَذبَحُكَ فَانظُر ماذا تَرىٰ قالَ يٰأَبَتِ افعَل ما تُؤمَرُ سَتَجِدُنى إِن شاءَ اللَّهُ مِنَ الصّٰبِرينَ (آيت : 102) |
پوءِ اهو ڇوڪر جڏهن ساڻس ڊوڙڻ جي عمر کي پهتو، ته (ابراهيم) کيس چيو، پٽ آءٌ ڏسان پيو خواب ۾ ته بيشڪ آئون توکي ذبح پيو ڪريان، تون ٻڌاءِ، تنهنجو ڇا خيال آهي؟ ان چيو، بابا سائين! ائين ئي ڪريو جيئن توهان کي حڪم ڏنو پيو وڃي، مون کي ڏسندؤ ان شاءَ الله صبر ڪرڻ وارن مان |
فَلَمّا أَسلَما وَتَلَّهُ لِلجَبينِ (آيت : 103) |
پوءِ جڏهن ٻنهي مڃي ورتو ته (ابراهيم) کيس ليٽايو پيشانيءَ ڀر |
وَنٰدَينٰهُ أَن يٰإِبرٰهيمُ (آيت : 104) |
ته اسان آواز ڏنو، اي ابراهيم! |
قَد صَدَّقتَ الرُّءيا إِنّا كَذٰلِكَ نَجزِى المُحسِنينَ (آيت : 105) |
بيشڪ تو سچو ڪري ڏيکاريو خواب، اسان به اهڙو ئي اجورو ڏيندا آهيون نيڪي ڪندڙن کي |
إِنَّ هٰذا لَهُوَ البَلٰؤُا۟ المُبينُ (آيت : 106) |
بيشڪ اها هڪڙي پرک هئي پڌري |
وَفَدَينٰهُ بِذِبحٍ عَظيمٍ (آيت : 107) |
۽ اسان هڪڙي قرباني فديي ۾ ڏئي ان ٻار کي ڇڏائي ورتو |
وَتَرَكنا عَلَيهِ فِى الءاخِرينَ (آيت : 108) |
۽ سندس تعريف ۽ وصف کي پويان ايندڙ نسلن لاءِ ڇڏيوسين |
سَلٰمٌ عَلىٰ إِبرٰهيمَ (آيت : 109) |
سلام آهي ابراهيم تي |
كَذٰلِكَ نَجزِى المُحسِنينَ (آيت : 110) |
اهڙو ئي اجورو ڏيندا آهيون اسان نيڪي ڪندڙن کي |
إِنَّهُ مِن عِبادِنَا المُؤمِنينَ (آيت : 111) |
بيشڪ هو اسان جي ٻانهن مان مؤمن هو |
وَبَشَّرنٰهُ بِإِسحٰقَ نَبِيًّا مِنَ الصّٰلِحينَ (آيت : 112) |
۽ کيس بشارت ڏني سين اسحاق جي، جيڪو نبي هو صالحن مان |
وَبٰرَكنا عَلَيهِ وَعَلىٰ إِسحٰقَ وَمِن ذُرِّيَّتِهِما مُحسِنٌ وَظالِمٌ لِنَفسِهِ مُبينٌ (آيت : 113) |
۽ برڪت ڏني سين کيس ۽ اسحاق کي، هاڻي انهن ٻنهي اولاد مان ڪو چڱو آهي ۽ ڪو ظلم ڪندڙ آهي پنهنجي نفس تي ظاهر ظهور |
وَلَقَد مَنَنّا عَلىٰ موسىٰ وَهٰرونَ (آيت : 114) |
۽ ڪيوسين احسان موسيٰ ۽ هارون تي |
وَنَجَّينٰهُما وَقَومَهُما مِنَ الكَربِ العَظيمِ (آيت : 115) |
۽ ڇوٽڪارو ڏنو سين انهن ۽ سندن قوم کي وڏي ڪنهن تڪليف کان |
وَنَصَرنٰهُم فَكانوا هُمُ الغٰلِبينَ (آيت : 116) |
۽ کيس مدد (نصرت) عطا ڪئي سين، اهي ئي سوڀارا ٿيا |
وَءاتَينٰهُمَا الكِتٰبَ المُستَبينَ (آيت : 117) |
۽ کين عطا ڪيوسين ڪتاب، چٽو سمجهايل هو |
وَهَدَينٰهُمَا الصِّرٰطَ المُستَقيمَ (آيت : 118) |
۽ کين ڏيکاري سين بلڪل سڌي راهه |
وَتَرَكنا عَلَيهِما فِى الءاخِرينَ (آيت : 119) |
۽ انهيءَ ريت کي قائم رکيوسين کانئن پوءِ ايندڙ نسلن ۾ (سهڻي نموني ياد ڪرڻ لاءِ) |
سَلٰمٌ عَلىٰ موسىٰ وَهٰرونَ (آيت : 120) |
سلام آهي موسيٰ ۽ هارون تي |
إِنّا كَذٰلِكَ نَجزِى المُحسِنينَ (آيت : 121) |
بيشڪ اسان اهڙو ئي بدلو ڏيندا آهيون نيڪوڪارن کي |
إِنَّهُما مِن عِبادِنَا المُؤمِنينَ (آيت : 122) |
بيشڪ اهي اسان جي مؤمن ٻانهن مان هئا |
وَإِنَّ إِلياسَ لَمِنَ المُرسَلينَ (آيت : 123) |
۽ بيشڪ الياس به پيغمبرن (رسولن) مان هو |
إِذ قالَ لِقَومِهِ أَلا تَتَّقونَ (آيت : 124) |
(ياد ڪر اي نبي!) جڏهن چيو هن پنهنجي قوم کي، توهان (الله کان) ڇو نٿا ڊڄو؟ |
أَتَدعونَ بَعلًا وَتَذَرونَ أَحسَنَ الخٰلِقينَ (آيت : 125) |
ڇا توهان پڪاريو ٿا بعل کي ۽ بهترين پيدا ڪندڙ خالق کي ڇڏيو ٿا؟ |
اللَّهَ رَبَّكُم وَرَبَّ ءابائِكُمُ الأَوَّلينَ (آيت : 126) |
(انهيءَ) الله کي جيڪو توهان جو رب ۽ توهان جي اڳين ابن ڏاڏن جو رب آهي؟ |
فَكَذَّبوهُ فَإِنَّهُم لَمُحضَرونَ (آيت : 127) |
پر انهن ڪوڙو چيو هاڻي ته پڪ سان اهي سزا لاءِ پيش ڪيا ويندا |
إِلّا عِبادَ اللَّهِ المُخلَصينَ (آيت : 128) |
سواءِ انهن الله جي بندن جي جيڪي چونڊيا ويا آهن |
وَتَرَكنا عَلَيهِ فِى الءاخِرينَ (آيت : 129) |
۽ رکي سين سٺي ياد (الياس جي) باقي پوين نسلن ۾ |
سَلٰمٌ عَلىٰ إِل ياسينَ (آيت : 130) |
سلام آهي (انهيءَ) الياس تي |
إِنّا كَذٰلِكَ نَجزِى المُحسِنينَ (آيت : 131) |
بيشڪ اسان اهڙو ئي بدلو ڏيندا آهيون نيڪي ڪندڙن کي |
إِنَّهُ مِن عِبادِنَا المُؤمِنينَ (آيت : 132) |
بيشڪ هو اسان جي مؤمن ٻانهن مان هو |
وَإِنَّ لوطًا لَمِنَ المُرسَلينَ (آيت : 133) |
۽ بيشڪ لوط به انهن مان هو جيڪي رسول بڻائي موڪليا ويا |
إِذ نَجَّينٰهُ وَأَهلَهُ أَجمَعينَ (آيت : 134) |
ياد ڪر اي نبي!) جڏهن اسان بچايو کيس ۽ سندس گهروارن سڀني کي |
إِلّا عَجوزًا فِى الغٰبِرينَ (آيت : 135) |
سواءِ هڪ پوڙهيءَ کي جيڪا پوئتي رهڻ وارن مان هئي |
ثُمَّ دَمَّرنَا الءاخَرينَ (آيت : 136) |
پوءِ باقي مڙني کي ناس ڪري ڇڏيوسين |
وَإِنَّكُم لَتَمُرّونَ عَلَيهِم مُصبِحينَ (آيت : 137) |
۽ بيشڪ توهان سندن ڦٽل وستين وٽان لنگهندا رهو ٿا |
وَبِالَّيلِ أَفَلا تَعقِلونَ (آيت : 138) |
ڏينهن رات، پوءِ ڇا توهان کي عقل نٿو اڇي؟ |
وَإِنَّ يونُسَ لَمِنَ المُرسَلينَ (آيت : 139) |
۽ بيشڪ يونس به رسولن مان هو |
إِذ أَبَقَ إِلَى الفُلكِ المَشحونِ (آيت : 140) |
(ياد ڪر اي نبي!) جڏهن ڀڳو هو ڀريل ٻيڙيءَ ڏانهن |
فَساهَمَ فَكانَ مِنَ المُدحَضينَ (آيت : 141) |
پوءِ پُکن وجهڻ ۾ شريڪ ٿيو ان ۾ هارائي ويٺو |
فَالتَقَمَهُ الحوتُ وَهُوَ مُليمٌ (آيت : 142) |
نيٺ کيس ڳهي ورتو مڇي ۽ هو ملامت ٿيل هو |
فَلَولا أَنَّهُ كانَ مِنَ المُسَبِّحينَ (آيت : 143) |
پوءِ جيڪڏهن هو نه هجي ها تسبيح ڪندڙن مان |
لَلَبِثَ فى بَطنِهِ إِلىٰ يَومِ يُبعَثونَ (آيت : 144) |
ته رهي ها (ان مڇيءَ جي) پيٽ ۾ ڏينهن قيامت تائين |
فَنَبَذنٰهُ بِالعَراءِ وَهُوَ سَقيمٌ (آيت : 145) |
نيٺ ان کي اڇلايوسين هڪ برپٽ ۾ ۽ سخت بيماريءَ جي حالت ۾ |
وَأَنبَتنا عَلَيهِ شَجَرَةً مِن يَقطينٍ (آيت : 146) |
۽ مٿانئس (ڪدوءَ جي قسم مان) هڪ ول جهڙي وڻ کي ڦٽايوسين |
وَأَرسَلنٰهُ إِلىٰ مِا۟ئَةِ أَلفٍ أَو يَزيدونَ (آيت : 147) |
۽ ان کان پوءِ کيس موڪليوسين هڪ لک يا ان کان به وڌيڪ ماڻهن ڏانهن |
فَـٔامَنوا فَمَتَّعنٰهُم إِلىٰ حينٍ (آيت : 148) |
پوءِ انهن ايمان آندو ۽ کين رکيوسين هڪ خاص وقت تائين |
فَاستَفتِهِم أَلِرَبِّكَ البَناتُ وَلَهُمُ البَنونَ (آيت : 149) |
پوءِ انهن ماڻهن کان پڇ، ته ڇا توهان جي رب واسطي هجن ڌيئرون ۽ انهن لاءِ هجن پٽ؟ |
أَم خَلَقنَا المَلٰئِكَةَ إِنٰثًا وَهُم شٰهِدونَ (آيت : 150) |
ڇا سچ پچ اسان خلقيو آهي ملائڪن کي ڌيئرون ڪري ۽ اهي اکين ڏٺا شاهد آهن؟ |
أَلا إِنَّهُم مِن إِفكِهِم لَيَقولونَ (آيت : 151) |
چڱيءَ طرح ٻڌو ته بيشڪ اهي اصل ۾ پنهنجي ٺاهيل ڪوڙي ڳالهه چون ٿا |
وَلَدَ اللَّهُ وَإِنَّهُم لَكٰذِبونَ (آيت : 152) |
ته اولاد آهي الله کي ۽ بنا شڪ جي اهي ڪوڙا آهن |
أَصطَفَى البَناتِ عَلَى البَنينَ (آيت : 153) |
ڇا (الله) پنهنجي لاءِ ڌيئرون پسند ڪيون آهن پٽن بدران! |
ما لَكُم كَيفَ تَحكُمونَ (آيت : 154) |
ڇا ٿي ويو آهي توهان کي، ڪهڙا ٿا فيصلا ڪريو |
أَفَلا تَذَكَّرونَ (آيت : 155) |
ڇا توهان کي هوش نٿو اچي؟ |
أَم لَكُم سُلطٰنٌ مُبينٌ (آيت : 156) |
يا وري توهان وٽ (انهن ڳالهين جي) سَنَدَ واضح آهي |
فَأتوا بِكِتٰبِكُم إِن كُنتُم صٰدِقينَ (آيت : 157) |
ته پوءِ کڻي اچو اهو ڪتاب پنهنجو جيڪڏهن توهان سچا آهيو |
وَجَعَلوا بَينَهُ وَبَينَ الجِنَّةِ نَسَبًا وَلَقَد عَلِمَتِ الجِنَّةُ إِنَّهُم لَمُحضَرونَ (آيت : 158) |
۽ انهن ٺاهي رکي آهي (الله ۽ فرشتن جي) وچ ۾ نسلي رشتيداري، جڏهن ته (ملائڪ) ڄاڻن ٿا ته اهي ماڻهو ڏوهارين جي حيثيت ۾ پيش ٿيندا |
سُبحٰنَ اللَّهِ عَمّا يَصِفونَ (آيت : 159) |
(اهي چون ٿا) الله پاڪ آهي انهن ڳالهين کان |
إِلّا عِبادَ اللَّهِ المُخلَصينَ (آيت : 160) |
جيڪي سندس خالص بندن کانسواءِ ٻيا الله ڏي منسوب ڪن ٿا |
فَإِنَّكُم وَما تَعبُدونَ (آيت : 161) |
سو بيشڪ توهان ۽ توهان جا خدا جن جي عبادت ڪريو ٿا |
ما أَنتُم عَلَيهِ بِفٰتِنينَ (آيت : 162) |
ڪنهن کي به اوهين (الله کان) ڦيرائي نٿا سگهو |
إِلّا مَن هُوَ صالِ الجَحيمِ (آيت : 163) |
سواءِ ان جي جيڪو دوزخ جي ڀڙڪندڙ باهه ۾ وڃڻو آهي |
وَما مِنّا إِلّا لَهُ مَقامٌ مَعلومٌ (آيت : 164) |
(۽ ملائڪ چون ٿا) اسان جو حال هي آهي جو اسان مان هرهڪ جو مقام مقرر آهي |
وَإِنّا لَنَحنُ الصّافّونَ (آيت : 165) |
۽ اسان خدمت ۾ بيٺل آهيون صفون ٻڌي |
وَإِنّا لَنَحنُ المُسَبِّحونَ (آيت : 166) |
۽ بيشڪ اسين تسبيح ڪندڙ آهيون |
وَإِن كانوا لَيَقولونَ (آيت : 167) |
۽ اهي ماڻهو اڳي ته چوندا هئا |
لَو أَنَّ عِندَنا ذِكرًا مِنَ الأَوَّلينَ (آيت : 168) |
جيڪر اسان وٽ اهو ذڪر هجي ها جيڪو اڳين (قومن) وٽ هو |
لَكُنّا عِبادَ اللَّهِ المُخلَصينَ (آيت : 169) |
ته اسان به ضرور بندا هجون ها خاص الله جا |
فَكَفَروا بِهِ فَسَوفَ يَعلَمونَ (آيت : 170) |
پر انڪار ڪيو انهن (جڏهن اهو آيو) سگهوئي سندن عمل جو نتيجو معلوم ٿي ويندو |
وَلَقَد سَبَقَت كَلِمَتُنا لِعِبادِنَا المُرسَلينَ (آيت : 171) |
۽ بيشڪ اسان وعدو ڪيو آهي پنهنجن موڪليل ٻانهن سان اڳي ئي |
إِنَّهُم لَهُمُ المَنصورونَ (آيت : 172) |
ته ضرور سندن مدد ڪئي ويندي |
وَإِنَّ جُندَنا لَهُمُ الغٰلِبونَ (آيت : 173) |
۽ ضرور اسان جو ئي لشڪر غالب اچڻو آهي |
فَتَوَلَّ عَنهُم حَتّىٰ حينٍ (آيت : 174) |
پوءِ (اي نبي!) انهن کي ڇڏي ڏي ٿورڙي وقت لاءِ |
وَأَبصِرهُم فَسَوفَ يُبصِرونَ (آيت : 175) |
۽ ڏسندو رهه، اهي پاڻ به ڏسي وٺندا |
أَفَبِعَذابِنا يَستَعجِلونَ (آيت : 176) |
ڇا اسان جي عذاب لاءِ اهي جلدي پيا ڪن؟ |
فَإِذا نَزَلَ بِساحَتِهِم فَساءَ صَباحُ المُنذَرينَ (آيت : 177) |
پوءِ جڏهن اهو ايندو سندن اڱڻ تي ته اهو تمام برو ڏينهن هوندو انهن لاءِ جن کي خبردار ڪيو ويو آهي |
وَتَوَلَّ عَنهُم حَتّىٰ حينٍ (آيت : 178) |
بس ڇڏي ڏي انهن کي ٿورڙي مدت جي لاءِ |
وَأَبصِر فَسَوفَ يُبصِرونَ (آيت : 179) |
۽ ڏسندو رهه، پوءِ اهي به پاڻ ڏسي وٺندا |
سُبحٰنَ رَبِّكَ رَبِّ العِزَّةِ عَمّا يَصِفونَ (آيت : 180) |
پاڪ آهي تنهنجو رب، عزت جو مالڪ انهن ڳالهين کان جيڪي اهي شخص ٺاهين ٿا |
وَسَلٰمٌ عَلَى المُرسَلينَ (آيت : 181) |
۽ سلام آهي رسولن تي |
وَالحَمدُ لِلَّهِ رَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 182) |
۽ سموري تعريف الله رب العالمين لاءِ آهي |