يس (آيت : 1) |
يٰسٓ ( يا ـ سين) |
وَالقُرءانِ الحَكيمِ (آيت : 2) |
قسم آهي حڪمت ڀرئي قرآن جو |
إِنَّكَ لَمِنَ المُرسَلينَ (آيت : 3) |
ته تون بيشڪ رسولن مان آهين |
عَلىٰ صِرٰطٍ مُستَقيمٍ (آيت : 4) |
سڌيءَ واٽ تي آهين |
تَنزيلَ العَزيزِ الرَّحيمِ (آيت : 5) |
(۽ هيءُ قرآن) زبردست ۽ رحم ڪندڙ هستيءَ جو نازل ڪيل آهي |
لِتُنذِرَ قَومًا ما أُنذِرَ ءاباؤُهُم فَهُم غٰفِلونَ (آيت : 6) |
ته جيئن تون خبردار ڪرين هڪڙيءَ اهڙيءَ قوم کي جن جا ابا ڏاڏا خبردار نه ڪيا ويا هئا، جنهن ڪري اهي غفلت ۾ پيل آهن |
لَقَد حَقَّ القَولُ عَلىٰ أَكثَرِهِم فَهُم لا يُؤمِنونَ (آيت : 7) |
انهن مان گهڻا ماڻهو عذاب جا حقدار ٿي چڪا آهن، ان ڪري اهي ايمان نٿا آڻين |
إِنّا جَعَلنا فى أَعنٰقِهِم أَغلٰلًا فَهِىَ إِلَى الأَذقانِ فَهُم مُقمَحونَ (آيت : 8) |
اسان سندن ڳچين ۾ ڳٽ وجهي ڇڏيا آهن، جيڪي کاڏين تائين پيل اٿن، جنهن ڪري هو ڳاٽي ٽنگيل آهن |
وَجَعَلنا مِن بَينِ أَيديهِم سَدًّا وَمِن خَلفِهِم سَدًّا فَأَغشَينٰهُم فَهُم لا يُبصِرونَ (آيت : 9) |
اسان هڪڙي اَڙَ سندن اڳيان ۽ هڪڙي اَڙَ سندن پٺيان ڏئي ڇڏي آهي. ائين اسان کين ڍڪي ڇڏيو آهي جو ڪجهه به ڏسي نٿا سگهن |
وَسَواءٌ عَلَيهِم ءَأَنذَرتَهُم أَم لَم تُنذِرهُم لا يُؤمِنونَ (آيت : 10) |
(اي نبي) انهن لاءِ برابر آهي جو تون کين خبردار ڪرين يا نه ڪرين، ايمان نه آڻيندا |
إِنَّما تُنذِرُ مَنِ اتَّبَعَ الذِّكرَ وَخَشِىَ الرَّحمٰنَ بِالغَيبِ فَبَشِّرهُ بِمَغفِرَةٍ وَأَجرٍ كَريمٍ (آيت : 11) |
تون ته ان شخص کي ڊيڄاري سگهين ٿو، جيڪو نصيحت تي هلي ۽ بنا ڏسڻ جي رحمان کان ڊڄي. انهيءَ کي گناهن کان معافي ۽ ڀلي اجر جي خوشخبري ڏيئي ڇڏ |
إِنّا نَحنُ نُحىِ المَوتىٰ وَنَكتُبُ ما قَدَّموا وَءاثٰرَهُم وَكُلَّ شَيءٍ أَحصَينٰهُ فى إِمامٍ مُبينٍ (آيت : 12) |
اسان ضرور مئن کي جيئرو ڪرڻ وارا آهيون، جيڪي ڪجهه ڪري چڪا آهن ۽ جيڪي نشان پويان ڇڏيا اٿن، تن سڀني کي اسان لکندا ٿا وڃون. اسان هر شيءِ کي هڪڙي کليل ڪتاب ۾ لکي ڇڏيو آهي |
وَاضرِب لَهُم مَثَلًا أَصحٰبَ القَريَةِ إِذ جاءَهَا المُرسَلونَ (آيت : 13) |
انهن کي مثال طور ان ڳوٺ وارن جو قصو ٻڌاءِ ، جڏهن منجهس رسولَ آيا هئا |
إِذ أَرسَلنا إِلَيهِمُ اثنَينِ فَكَذَّبوهُما فَعَزَّزنا بِثالِثٍ فَقالوا إِنّا إِلَيكُم مُرسَلونَ (آيت : 14) |
اسان وٽن ٻه رسول موڪليا ته هنن ٻنهي کي ڪوڙو سڏيو، پوءِ اسان کين مدد ڏيڻ لاءِ ٽيون موڪليو ۽ انهن سڀني چيو: "اسان توهان ڏانهن رسول ڪري موڪليا ويا آهيون" |
قالوا ما أَنتُم إِلّا بَشَرٌ مِثلُنا وَما أَنزَلَ الرَّحمٰنُ مِن شَيءٍ إِن أَنتُم إِلّا تَكذِبونَ (آيت : 15) |
ڳوٺ وارن چيو: "توهان اسان جهڙا ئي انسان آهيو ۽ رحمان ڪا شيءِ نازل نه ڪئي آهي، توهان رڳو ڪوڙ ٿا هڻو" |
قالوا رَبُّنا يَعلَمُ إِنّا إِلَيكُم لَمُرسَلونَ (آيت : 16) |
رسولن چيو: "اسان جو رب ٿو ڄاڻي ته اسان بيشڪ توهان ڏانهن رسول بڻائي موڪليا ويا آهيون |
وَما عَلَينا إِلَّا البَلٰغُ المُبينُ (آيت : 17) |
۽ اسان تي کولي چٽو ڪري پيغام پهچائڻ کان سواءِ ٻي ڪابه ذميواري ڪانهي" |
قالوا إِنّا تَطَيَّرنا بِكُم لَئِن لَم تَنتَهوا لَنَرجُمَنَّكُم وَلَيَمَسَّنَّكُم مِنّا عَذابٌ أَليمٌ (آيت : 18) |
ڳوٺ وارا چوڻ لڳا: "اسان ته توهان کي پنهنجي لاءِ نحوست ٿا سمجهون، جيڪڏهن توهان باز نه آيؤ ته اسان توهان کي پٿرن سان مارينداسون ۽ توهان کي اسان جي پاران دردناڪ سزا ملندي" |
قالوا طٰئِرُكُم مَعَكُم أَئِن ذُكِّرتُم بَل أَنتُم قَومٌ مُسرِفونَ (آيت : 19) |
رسولن جواب ڏنو: توهان جي نحوست ته خود توهان سان ئي لڳل آهي. ڇا ان ڪري ٿا ائين چئو جو توهان کي نصيحت ڪئي وئي؟ ڳالهه اصل اها آهي ته توهان ليڪا ئي لنگهي ويا آهيو |
وَجاءَ مِن أَقصَا المَدينَةِ رَجُلٌ يَسعىٰ قالَ يٰقَومِ اتَّبِعُوا المُرسَلينَ (آيت : 20) |
ايتري ۾ شهر جي ڏورانهين پاسي کان هڪڙو شخص ڊوڙندو آيو ۽ چوڻ لڳو: "اي منهنجي قوم وارؤ! رسولن جي پيروي ڪريو |
اتَّبِعوا مَن لا يَسـَٔلُكُم أَجرًا وَهُم مُهتَدونَ (آيت : 21) |
انهن ماڻهن جي پيروي ڪريو، جيڪي توهان کان ڪو اجورو نٿا گهرن ۽ صحيح واٽ تي آهن |
وَما لِىَ لا أَعبُدُ الَّذى فَطَرَنى وَإِلَيهِ تُرجَعونَ (آيت : 22) |
مان ڀلا ڇو نه انهيءَ هستيءَ جي بندگي ڪريان جنهن مونکي پيدا ڪيو آهي ۽ جنهن ڏانهن توهان سڀني کي موٽي هلڻو آهي؟ |
ءَأَتَّخِذُ مِن دونِهِ ءالِهَةً إِن يُرِدنِ الرَّحمٰنُ بِضُرٍّ لا تُغنِ عَنّى شَفٰعَتُهُم شَيـًٔا وَلا يُنقِذونِ (آيت : 23) |
ڇا مان ان کي ڇڏي ڪي ٻيا معبود بڻايان؟ حالانڪه جيڪڏهن رحمان مونکي ڪو نقصان پهچائڻ گهري ته نڪي انهن جي سفارش منهنجي ڪنهن ڪم اچي سگهي ٿي ۽ نه اهي مونکي ڇڏائي سگهن ٿا |
إِنّى إِذًا لَفى ضَلٰلٍ مُبينٍ (آيت : 24) |
جيڪڏهن مان ائين ڪيو ته پوءِ مان پڌري گمراهيءَ ۾ پئجي ويندس |
إِنّى ءامَنتُ بِرَبِّكُم فَاسمَعونِ (آيت : 25) |
مان ته توهان جي رب تي ايمان آندو، سو توهان به منهنجي ڳالهه ٻڌو" |
قيلَ ادخُلِ الجَنَّةَ قالَ يٰلَيتَ قَومى يَعلَمونَ (آيت : 26) |
(نيٺ انهن ماڻهن ان شخص کي قتل ڪري ڇڏيو ته پوءِ) چيو ويس ته جنت ۾ داخل ٿي وڃ. ان چيو ته "جيڪر منهنجيءَ قوم کي اها خبر پوي ها |
بِما غَفَرَ لى رَبّى وَجَعَلَنى مِنَ المُكرَمينَ (آيت : 27) |
ته منهنجي رب ڇا جي ڪري مونکي بخشي ڇڏيو ۽ مونکي عزت وارن ۾ شامل ڪيائين" |
وَما أَنزَلنا عَلىٰ قَومِهِ مِن بَعدِهِ مِن جُندٍ مِنَ السَّماءِ وَما كُنّا مُنزِلينَ (آيت : 28) |
انهيءَ کان پوءِ سندس قوم تي اسان آسمان مان ڪو لشڪر ڪونه موڪليو هو، نڪي اسانکي لشڪر موڪلڻ جي ڪا گهرج هئي |
إِن كانَت إِلّا صَيحَةً وٰحِدَةً فَإِذا هُم خٰمِدونَ (آيت : 29) |
بس هڪڙو ڪڙڪو ٿيو ۽ امالڪ اهي سڀ وسامي (مري) ويا |
يٰحَسرَةً عَلَى العِبادِ ما يَأتيهِم مِن رَسولٍ إِلّا كانوا بِهِ يَستَهزِءونَ (آيت : 30) |
افسوس آهي بندن جي حالت تي، وٽن ڪوبه رسول اهڙو نه آيو، جنهن تي چٿرون نه ڪيائون |
أَلَم يَرَوا كَم أَهلَكنا قَبلَهُم مِنَ القُرونِ أَنَّهُم إِلَيهِم لا يَرجِعونَ (آيت : 31) |
ڏٺو نه اٿن ڇا ته کانئن اڳ اسان ڪيتريون ئي قومون ناس ڪري چڪا آهيون، جو پوءِ اهي انهن ڏانهن نه موٽيون؟ |
وَإِن كُلٌّ لَمّا جَميعٌ لَدَينا مُحضَرونَ (آيت : 32) |
انهن سڀني کي هڪڙي ڏينهن اسانجي روبرو آڻي حاضر ڪيو ويندو |
وَءايَةٌ لَهُمُ الأَرضُ المَيتَةُ أَحيَينٰها وَأَخرَجنا مِنها حَبًّا فَمِنهُ يَأكُلونَ (آيت : 33) |
انهن لاءِ مئل بيساهي زمين هڪڙي نشاني آهي. اسان ان ۾ ساهه وڌو ۽ منجهانئس اناج اپايو، جنهن مان کائن ٿا |
وَجَعَلنا فيها جَنّٰتٍ مِن نَخيلٍ وَأَعنٰبٍ وَفَجَّرنا فيها مِنَ العُيونِ (آيت : 34) |
اسان منجهس کجين ۽ انگورن جا باغ پيدا ڪيا ۽ منجهانئس چشما چيري ڪڍيا |
لِيَأكُلوا مِن ثَمَرِهِ وَما عَمِلَتهُ أَيديهِم أَفَلا يَشكُرونَ (آيت : 35) |
تانته هو ان جو ڦر کائن. اهو سڀ ڪجهه سندن هٿن جو پيدا ڪيل ناهي، پوءِ به شڪر ڇو نٿا ڪن؟ |
سُبحٰنَ الَّذى خَلَقَ الأَزوٰجَ كُلَّها مِمّا تُنبِتُ الأَرضُ وَمِن أَنفُسِهِم وَمِمّا لا يَعلَمونَ (آيت : 36) |
پاڪ آهي اها ذات جنهن هر جنس جا جوڙا جوڙا پيدا ڪيا آهن، پوءِ کڻي اهي زمين جي اپايل شين مان هجن يا سندن پنهنجي ئي جنس (انسان ذات) مان يا وري انهن شين مان جن کي اهي ڄاڻندا به ناهن |
وَءايَةٌ لَهُمُ الَّيلُ نَسلَخُ مِنهُ النَّهارَ فَإِذا هُم مُظلِمونَ (آيت : 37) |
انهن لاءِ هڪڙي نشاني رات به آهي. اسان مٿانئس ڏينهن جو پوش لاهي ٿا ڇڏيون ته هو اوندهه ۾ پئجي وڃن ٿا |
وَالشَّمسُ تَجرى لِمُستَقَرٍّ لَها ذٰلِكَ تَقديرُ العَزيزِ العَليمِ (آيت : 38) |
۽ سج پنهنجي ٺڪاڻي ڏانهن هلندو رهي ٿو. اهو زبردست ڄاڻو هستيءَ جو رٿيل حساب آهي |
وَالقَمَرَ قَدَّرنٰهُ مَنازِلَ حَتّىٰ عادَ كَالعُرجونِ القَديمِ (آيت : 39) |
۽ وري چنڊ لاءِ اسان منزلون مقرر ڪيون آهن، تان جو انهن مان لنگهندو هو وري وڃي کجيءَ جي سڪل ڇڙيءَ وانگر ٿئي ٿو |
لَا الشَّمسُ يَنبَغى لَها أَن تُدرِكَ القَمَرَ وَلَا الَّيلُ سابِقُ النَّهارِ وَكُلٌّ فى فَلَكٍ يَسبَحونَ (آيت : 40) |
نڪي سج جي وس ۾ آهي ته چنڊ کي وڃي پڄي ۽ نه رات ڏينهن کان اڳ ڪڍي سگهي ٿي، سڀئي ڪنهن نه ڪنهن آسماني مدار ۾ ترندا وتن ٿا |
وَءايَةٌ لَهُم أَنّا حَمَلنا ذُرِّيَّتَهُم فِى الفُلكِ المَشحونِ (آيت : 41) |
انهن لاءِ اها به هڪڙي نشاني آهي ته اسان سندن نسل کي ڀريل ٻيڙيءَ ۾ چاڙهيو |
وَخَلَقنا لَهُم مِن مِثلِهِ ما يَركَبونَ (آيت : 42) |
۽ پوءِ وري ان لاءِ اهڙيون ٻيون به ٻيڙيون پيدا ڪيون، جن تي اهي سواري ڪن ٿا |
وَإِن نَشَأ نُغرِقهُم فَلا صَريخَ لَهُم وَلا هُم يُنقَذونَ (آيت : 43) |
اسان گهرون ته انهن کي ٻوڙي ڇڏيون، جو سندن سڏ ٻڌڻ وارو ئي ڪونه هجي ۽ اهي ڪنهن به صورت ۾ بچايا نه وڃن |
إِلّا رَحمَةً مِنّا وَمَتٰعًا إِلىٰ حينٍ (آيت : 44) |
بس اسان جي رحمت ئي کين پار پهچائي ٿي ۽ هڪ مقرر وقت تائين حياتي ماڻڻ جو موقعو ڏئي ٿيِ |
وَإِذا قيلَ لَهُمُ اتَّقوا ما بَينَ أَيديكُم وَما خَلفَكُم لَعَلَّكُم تُرحَمونَ (آيت : 45) |
انهن کي جڏهن چيو وڃي ٿو ته بچايو پاڻ کي انهيءَ پڇاڙيءَ کان جيڪا اڳيان به پئي اچيوَ ته پٺيان به ٿي گذري اٿوَ ته مــَـنَ ڪو توهان تي رحم ڪيو وڃي |
وَما تَأتيهِم مِن ءايَةٍ مِن ءايٰتِ رَبِّهِم إِلّا كانوا عَنها مُعرِضينَ (آيت : 46) |
(ته ٻڌو اڻ ٻڌو ڪري ڇڏين ٿا) انهن جي سامهون سندن رب جي ڪابه آيت اچي ٿي ته ان ڏانهن ڪوبه ڌيان نٿا ڏين |
وَإِذا قيلَ لَهُم أَنفِقوا مِمّا رَزَقَكُمُ اللَّهُ قالَ الَّذينَ كَفَروا لِلَّذينَ ءامَنوا أَنُطعِمُ مَن لَو يَشاءُ اللَّهُ أَطعَمَهُ إِن أَنتُم إِلّا فى ضَلٰلٍ مُبينٍ (آيت : 47) |
۽ جيڪڏهن چيو وڃينِ ٿو ته الله جيڪو رزق ڏنو اَٿوَ ان مان ڪجهه الله جي واٽ ۾ به خرچ ڪريو ته اهي ماڻهو جن ڪفر ڪيو آهي، ايمان وارن کي جواب ٿا ڏين ته "ڇا اسان انهن کي کارايون جن کي جيڪڏهن الله گهري ها ته پاڻ ئي کارائي ڇڏي ها؟ توهان ته صفا ڀٽڪي ويا آهيو" |
وَيَقولونَ مَتىٰ هٰذَا الوَعدُ إِن كُنتُم صٰدِقينَ (آيت : 48) |
اهي ماڻهو چون ٿا ته "اها قيامت جي ڌمڪي ڀلا ڪڏهن پوري ٿيندي؟ ٻڌايو جيڪڏهن سچا آهيو" |
ما يَنظُرونَ إِلّا صَيحَةً وٰحِدَةً تَأخُذُهُم وَهُم يَخِصِّمونَ (آيت : 49) |
اهي جنهن جو انتظار ٿا ڪن، اهو رڳو هڪڙو ڌڌڪو آهي، جيڪو اوچتو ئي اچي ان حالت ۾ مٿان ڪڙڪندن، جو اهي (پنهنجن دنيا جي معاملن ۾) جهڳڙا ڪندا هوندا |
فَلا يَستَطيعونَ تَوصِيَةً وَلا إِلىٰ أَهلِهِم يَرجِعونَ (آيت : 50) |
۽ پوءِ نڪي ڪا وصيت ڪري سگهندا ۽ نه پنهنجي گهر ٻار ڏانهن ئي موٽي سگهندا |
وَنُفِخَ فِى الصّورِ فَإِذا هُم مِنَ الأَجداثِ إِلىٰ رَبِّهِم يَنسِلونَ (آيت : 51) |
پوءِ وري صور ڦوڪي ويندي ۽ اهي هڪدم پنهنجي رب آڏو حاضر ٿيڻ لاءِ پنهنجين قبرن مان نڪري ايندا |
قالوا يٰوَيلَنا مَن بَعَثَنا مِن مَرقَدِنا هٰذا ما وَعَدَ الرَّحمٰنُ وَصَدَقَ المُرسَلونَ (آيت : 52) |
وائـڙا ٿي چوندا ته "ويل ٿي ويو، اهو اسان کي اسان جي سمهڻ جي جاءِ مان ڪنهن اٿاريو آهي؟" اِها ته اُها شيءِ اٿوَ جنهن جو رحمان وعدو ڪيو هو ۽ رسولن جي ڳالهه بلڪل سچي هئي |
إِن كانَت إِلّا صَيحَةً وٰحِدَةً فَإِذا هُم جَميعٌ لَدَينا مُحضَرونَ (آيت : 53) |
هڪڙو ئي زبردست ڪڙڪو ٿيندو ۽ سڀئي آڻي اسان جي سامهون حاضر ڪيا ويندا |
فَاليَومَ لا تُظلَمُ نَفسٌ شَيـًٔا وَلا تُجزَونَ إِلّا ما كُنتُم تَعمَلونَ (آيت : 54) |
پوءِ اڄ ڪنهن تي ڪو ذري برابر به ظلم نه ڪيو ويندو ۽ توهان کي اهڙو ئي اجورو ملندو، جهڙا توهان عمل ڪندا رهيا هئا |
إِنَّ أَصحٰبَ الجَنَّةِ اليَومَ فى شُغُلٍ فٰكِهونَ (آيت : 55) |
بيشڪ اڄ جنتي ماڻهو مزا ماڻڻ ۾ مشغول آهن |
هُم وَأَزوٰجُهُم فى ظِلٰلٍ عَلَى الأَرائِكِ مُتَّكِـٔونَ (آيت : 56) |
اهي ۽ سندن زالون گهاٽين ڇانوَن ۾ طول وهاڻن کي ٽيڪ ڏيو، اوچن صندلن تي ويٺا آهن |
لَهُم فيها فٰكِهَةٌ وَلَهُم ما يَدَّعونَ (آيت : 57) |
اتي هر قسم جا مزيدار کاڌا پيتا موجود اٿن ۽ جيڪي ٿا طلبين سو حاضر آهي |
سَلٰمٌ قَولًا مِن رَبٍّ رَحيمٍ (آيت : 58) |
رحم ڪندڙ رب طرفان کين سلام چيو ويو آهي |
وَامتٰزُوا اليَومَ أَيُّهَا المُجرِمونَ (آيت : 59) |
اي ڏوهاريو، اڄ توهان (نيڪن) کان ڌار ٿي وڃو |
أَلَم أَعهَد إِلَيكُم يٰبَنى ءادَمَ أَن لا تَعبُدُوا الشَّيطٰنَ إِنَّهُ لَكُم عَدُوٌّ مُبينٌ (آيت : 60) |
اي آدم جي اولاد! ڇا مان توهان کي تاڪيد نه ڪيو هو ته شيطان جي ٻانهپ نه ڪجو، هو توهان جو کليو کلايو دشمن آهي |
وَأَنِ اعبُدونى هٰذا صِرٰطٌ مُستَقيمٌ (آيت : 61) |
۽ منهنجي ئي ٻانهپ ڪجو، اهوئي سڌو رستو اٿوَ؟ |
وَلَقَد أَضَلَّ مِنكُم جِبِلًّا كَثيرًا أَفَلَم تَكونوا تَعقِلونَ (آيت : 62) |
پر تڏهن به هن توهان مان گهڻيءَ ئي خلق کي گمراهه ڪري ڇڏيو. ڇا توهان کي عقل ڪونه هو؟ |
هٰذِهِ جَهَنَّمُ الَّتى كُنتُم توعَدونَ (آيت : 63) |
هيءُ ته اهوئي جهنم اٿوَ جنهن کان توهان کي ڊيڄاريو ويندو هو |
اصلَوهَا اليَومَ بِما كُنتُم تَكفُرونَ (آيت : 64) |
هاڻي اڄ وڃي سڙو ان ۾، جيڪي ڪفر توهان ڪندا هئا، ان جي بدلي ۾ |
اليَومَ نَختِمُ عَلىٰ أَفوٰهِهِم وَتُكَلِّمُنا أَيديهِم وَتَشهَدُ أَرجُلُهُم بِما كانوا يَكسِبونَ (آيت : 65) |
اڄ اسان سندن واتن تي مهر ٿا هڻون. سندن هٿ اسان سان ڳالهائيندا ۽ سندن پير شاهدي ڏيندا ته اهي دنيا ۾ ڪهڙي ڪمائي ڪندا رهيا آهن |
وَلَو نَشاءُ لَطَمَسنا عَلىٰ أَعيُنِهِم فَاستَبَقُوا الصِّرٰطَ فَأَنّىٰ يُبصِرونَ (آيت : 66) |
اسان چاهيون ته سندن اکيون ئي انڌيون ڪري ڇڏيون پوءِ ڀلي وڌي ڏسن رستي ڏي، پر ڪٿان ڏسي سگهندا؟ |
وَلَو نَشاءُ لَمَسَخنٰهُم عَلىٰ مَكانَتِهِم فَمَا استَطٰعوا مُضِيًّا وَلا يَرجِعونَ (آيت : 67) |
اسان چاهيون ته کين سندن جاين تي ئي پنڊ پهڻ ڪري ڇڏيون، جو نه اڳتي وڌي سگهن ۽ نه پوئتي موٽي سگهن |
وَمَن نُعَمِّرهُ نُنَكِّسهُ فِى الخَلقِ أَفَلا يَعقِلونَ (آيت : 68) |
جنهن کي اسان ڊگهي عمر ڏيندا آهيون، ان جي بناوت کي اسان موٽائي اڳي جهڙو ڪري ڇڏيندا آهيون. ڇا تڏهن به عقل نٿا ڌارين؟ |
وَما عَلَّمنٰهُ الشِّعرَ وَما يَنبَغى لَهُ إِن هُوَ إِلّا ذِكرٌ وَقُرءانٌ مُبينٌ (آيت : 69) |
اسان هن (نبيءَ) کي شعر نه سيکاريو آهي ۽ نڪي شاعري ڪا سندس شان وٽان ئي آهي، اهو (قرآن) ته فقط هڪڙو نصيحت ڪندڙ آهي ۽ چٽي طرح پڙهجڻ وارو ڪتاب آهي |
لِيُنذِرَ مَن كانَ حَيًّا وَيَحِقَّ القَولُ عَلَى الكٰفِرينَ (آيت : 70) |
ته جيئن هو، هر انهيءَ ماڻهوءَ کي خبردار ڪري جيڪو جيئرو آهي ۽ انڪار ڪرڻ وارن تي حجت قائم ٿي وڃي |
أَوَلَم يَرَوا أَنّا خَلَقنا لَهُم مِمّا عَمِلَت أَيدينا أَنعٰمًا فَهُم لَها مٰلِكونَ (آيت : 71) |
ڇا اهي نٿا ڏسن ته اسان پنهنجن هٿن سان جوڙيل شين مان ئي سندن چوپايو مال به ڪيو آهي، جن جا پوءِ هاڻي اِهي مالڪ آهن |
وَذَلَّلنٰها لَهُم فَمِنها رَكوبُهُم وَمِنها يَأكُلونَ (آيت : 72) |
اسان انهن کي ائين سندن هٿ وس ڪري ڇڏيو آهي، جو انهن مان ڪن تي اهي سواري ٿا ڪن ته ڪن جو وري گوشت ٿا کائن |
وَلَهُم فيها مَنٰفِعُ وَمَشارِبُ أَفَلا يَشكُرونَ (آيت : 73) |
۽ منجهن انهن لاءِ ڪيترائي فائدا ۽ ڪيئي پيئڻ جون شيون آهن. ته به پوءِ ڇو نه ٿا شڪر ڪن؟ |
وَاتَّخَذوا مِن دونِ اللَّهِ ءالِهَةً لَعَلَّهُم يُنصَرونَ (آيت : 74) |
تڏهن به انهن الله کانسواءِ ٻيا معبود ڪري ورتا آهن ته مَنَ ڪا مدد ڪئي وڃين |
لا يَستَطيعونَ نَصرَهُم وَهُم لَهُم جُندٌ مُحضَرونَ (آيت : 75) |
اهي ته سندن ڪا به مدد ڪري نٿا سگهن، جو هي پاڻ ئي سندن حاضريءَ ۾ مددگار لشڪر بڻيل آهن |
فَلا يَحزُنكَ قَولُهُم إِنّا نَعلَمُ ما يُسِرّونَ وَما يُعلِنونَ (آيت : 76) |
سو سندن ڳالهيون توکي ڏک ۾ نه وجهن، اسان ته ڄاڻون ٿا، جيڪي لڪائين ٿا توڙي ظاهر ڪن ٿا |
أَوَلَم يَرَ الإِنسٰنُ أَنّا خَلَقنٰهُ مِن نُطفَةٍ فَإِذا هُوَ خَصيمٌ مُبينٌ (آيت : 77) |
ڇا انسان نٿو ڏسي ته اسان کيس هڪڙي ٽيپي مان پيدا ڪيو آهي، پوءِ هو وري پڌرو جهڳڙائي ٿي پيو آهي |
وَضَرَبَ لَنا مَثَلًا وَنَسِىَ خَلقَهُ قالَ مَن يُحىِ العِظٰمَ وَهِىَ رَميمٌ (آيت : 78) |
هو اسان بابت مثال ڏئي ٿو ۽ پنهنجي پيدائش کي وساري ٿو ڇڏي. چئي ٿو ته ڪير ڪندو، انهن هڏن کي جيئرو، جڏهن اهي ڳري ڀـُـري چڪا هوندا |
قُل يُحييهَا الَّذى أَنشَأَها أَوَّلَ مَرَّةٍ وَهُوَ بِكُلِّ خَلقٍ عَليمٌ (آيت : 79) |
چوينِ ته انهن کي اهوئي جيئرو ڪندو، جنهن پهريائين به انهن کي پيدا ڪيو هو ۽ هو خلقڻ وارو هر ڪم ڄاڻندڙ آهي |
الَّذى جَعَلَ لَكُم مِنَ الشَّجَرِ الأَخضَرِ نارًا فَإِذا أَنتُم مِنهُ توقِدونَ (آيت : 80) |
اهوئي آهي، جنهن توهان لاءِ سائي وڻ مان باهه پيدا ڪئي، جو توهان ان وسيلي چلها ٻاريو ٿا |
أَوَلَيسَ الَّذى خَلَقَ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ بِقٰدِرٍ عَلىٰ أَن يَخلُقَ مِثلَهُم بَلىٰ وَهُوَ الخَلّٰقُ العَليمُ (آيت : 81) |
ڇا جنهن آسمانن ۽ زمين کي پيدا ڪيو آهي، سو ان ڳالهه تي قادر نه آهي، جو انهن جهڙا پيدا ڪري سگهي؟ ڇو نه ڀلا، جڏهن ته هو تمام وڏو ڄاڻندڙ زبردست خالق آهي |
إِنَّما أَمرُهُ إِذا أَرادَ شَيـًٔا أَن يَقولَ لَهُ كُن فَيَكونُ (آيت : 82) |
هو جڏهن ڪنهن شيءِ جو ارادو ڪندو آهي ته بس ايترو چوندو آهي ته "ٿيءُ" ۽ اها ٿي پوندي آهي |
فَسُبحٰنَ الَّذى بِيَدِهِ مَلَكوتُ كُلِّ شَيءٍ وَإِلَيهِ تُرجَعونَ (آيت : 83) |
پاڪ آهي اهو، جنهن جي هٿ ۾ هر شيءِ جي خلقڻ ۽ هلائڻ چلائڻ جي قدرت آهي ۽ ان ڏانهن ئي توهان موٽايا ويندؤ |