يس (آيت : 1) |
يس |
وَالقُرءانِ الحَكيمِ (آيت : 2) |
قسم آهي حڪمت سان پر ٿيل (هن) قرآن جو، |
إِنَّكَ لَمِنَ المُرسَلينَ (آيت : 3) |
(ته) اي رسول! تون بلا شڪ يقيني پيغمبرن مان آهين، |
عَلىٰ صِرٰطٍ مُستَقيمٍ (آيت : 4) |
(پڻ دين جي بلڪل) سڌي رستي تي (ثابت قدم) آهين. |
تَنزيلَ العَزيزِ الرَّحيمِ (آيت : 5) |
جيڪو وڏي مهربان (۽) غالب (خدا) جو نازل ڪيل آهي. |
لِتُنذِرَ قَومًا ما أُنذِرَ ءاباؤُهُم فَهُم غٰفِلونَ (آيت : 6) |
هن لاءِ ته تون اهڙي قوم کي ڊيڄارين جن جي ابن ڏاڏن کي (تو کان) اڳ ڪنهين پيغمبر جي ذريعي خدا جي عذاب کان) نه ڊيڄاريو ويو آهي، تنهنڪري اهي بيخبر آهن. |
لَقَد حَقَّ القَولُ عَلىٰ أَكثَرِهِم فَهُم لا يُؤمِنونَ (آيت : 7) |
انهن مان گهڻن تي ته (عذاب جون) ڳالهيون پڪ بلڪل سچيون ثابت ٿيون آهن اهي ماڻهو ته ايمان نه آڻيندا. |
إِنّا جَعَلنا فى أَعنٰقِهِم أَغلٰلًا فَهِىَ إِلَى الأَذقانِ فَهُم مُقمَحونَ (آيت : 8) |
بيشڪ اسان سندن ڳچين ۾ طوق وڌا آهن ۽ اهي کاڏين تائين (پيل) اٿن (جنهن ڪري) اهي ڪنڌ مٿي کنيل اٿن (ڪنڌ هيٺ ڪري نٿا سگهن) |
وَجَعَلنا مِن بَينِ أَيديهِم سَدًّا وَمِن خَلفِهِم سَدًّا فَأَغشَينٰهُم فَهُم لا يُبصِرونَ (آيت : 9) |
۽ اسان هڪ آڙ سندن اڳيان ۽ هڪ آڙ سندن پويان ڪئي آهي ۽ وري کين ڍڪي ڇڏيو آهي تنهن ڪري اهي نٿا ڏسي سگهن. |
وَسَواءٌ عَلَيهِم ءَأَنذَرتَهُم أَم لَم تُنذِرهُم لا يُؤمِنونَ (آيت : 10) |
۽ (اي رسول) انهن لاءِ (هيءَ ڳالھ) هڪجهڙي آهي ته تون کين ڊيڄارين يا نه ڊيڄارين اهي (ڪڏهن به) ايمان آڻڻ وارا نه آهن. |
إِنَّما تُنذِرُ مَنِ اتَّبَعَ الذِّكرَ وَخَشِىَ الرَّحمٰنَ بِالغَيبِ فَبَشِّرهُ بِمَغفِرَةٍ وَأَجرٍ كَريمٍ (آيت : 11) |
تون ته رڳو ان شخص کي ڊيڄاري سگهين ٿو جو نصيحت مڃي ۽ ڏسڻ کان سواءِ خدا جو خوف رکي ته تون ان کي (گناهن جي) معافي ۽ هڪ باعزت (۽) آبرو واري اجر جي خوش خبري ٻڌائي. |
إِنّا نَحنُ نُحىِ المَوتىٰ وَنَكتُبُ ما قَدَّموا وَءاثٰرَهُم وَكُلَّ شَيءٍ أَحصَينٰهُ فى إِمامٍ مُبينٍ (آيت : 12) |
اسان ئي پڪ مئلن کي جيئرو ڪريون ٿا ۽ جيڪي ڪم اڳي ڪري چڪا آهن (تن کي) ۽ جيڪي (چڱا يا بڇڙا ڪم ڇڏيل تن) نشانين کي به لکندا رهون ٿا ۽ اسان هر شيءِ کي هڪ ظاهر کليل پيشوا ۾ گهيري رکيو آهي. |
وَاضرِب لَهُم مَثَلًا أَصحٰبَ القَريَةِ إِذ جاءَهَا المُرسَلونَ (آيت : 13) |
۽ (اي پيغمبر) انهن جي اڳيان هڪ ڳوٺ (انطاڪيه) وارن جو مثال بيان ڪر جڏهن وٽن پيغمبر آيا. |
إِذ أَرسَلنا إِلَيهِمُ اثنَينِ فَكَذَّبوهُما فَعَزَّزنا بِثالِثٍ فَقالوا إِنّا إِلَيكُم مُرسَلونَ (آيت : 14) |
هن ريت ته جڏهن اسان انهن ڏي ٻه ڄڻا (پيغمبر، يوحنا ۽ يونس) موڪلياسون پوءِ انهن ٻنهي کي ڪوڙو ڪيائون پوءِ اسان (انهن ٻن کي) ٽئين (پيغمبر شمعون) سان مدد ڪئي پوءِ (گڏجي) چيائون ته بيشڪ اسين اوهان ڏي موڪليل آهيون. |
قالوا ما أَنتُم إِلّا بَشَرٌ مِثلُنا وَما أَنزَلَ الرَّحمٰنُ مِن شَيءٍ إِن أَنتُم إِلّا تَكذِبونَ (آيت : 15) |
انهن (کين) چيو ته اوهين رڳو اسان جهڙا ماڻهو آهيو ۽ خدا ڪجھ به نازل (وازل) ڪين ڪيو آهي اوهين رڳو ڪوڙ چئو ٿا. |
قالوا رَبُّنا يَعلَمُ إِنّا إِلَيكُم لَمُرسَلونَ (آيت : 16) |
تڏهن انهن پيغمبرن چيو ته اسان جو پالڻهار ڄاڻي ٿو ته بيشڪ اسين اوهان ڏي موڪليل آهيون. |
وَما عَلَينا إِلَّا البَلٰغُ المُبينُ (آيت : 17) |
۽ (اوهين مڃو يا نه مڃو) اسان تي ته رڳو ظاهر بظاهر (خدا جو حڪم) پهچائڻ فرض آهي. |
قالوا إِنّا تَطَيَّرنا بِكُم لَئِن لَم تَنتَهوا لَنَرجُمَنَّكُم وَلَيَمَسَّنَّكُم مِنّا عَذابٌ أَليمٌ (آيت : 18) |
انهن چيو ته: بيشڪ اسان اوهان جي (اچڻ) ڪري (بد) فالي سمجهي آهي (ڏڪر ۾ مبتلا ٿيا آهيون) جيڪڏهن باز نه ايندو ته ضرور اوهان کي سنگسار ڪنداسون ۽ اوهان کي اسان کان دردناڪ عذاب پهچندو. |
قالوا طٰئِرُكُم مَعَكُم أَئِن ذُكِّرتُم بَل أَنتُم قَومٌ مُسرِفونَ (آيت : 19) |
(پيغمبرن) چيو ته اوهان جي بدفالي اوهان سان آهي، ڇا جيڪڏهن اوهان کي نصيحت ڪئي ويندي (ته بڇڙي فال سمجهندو) پر اوهين زيادتي ڪندڙ قوم آهيو. |
وَجاءَ مِن أَقصَا المَدينَةِ رَجُلٌ يَسعىٰ قالَ يٰقَومِ اتَّبِعُوا المُرسَلينَ (آيت : 20) |
۽ شهر جي پرئين پاسي کان هڪ مڙس (حبيب نجار) ڊوڙندو آيو چيائين ته اي منهنجي قوم! پيغمبرن جي تابعداري ڪريو، |
اتَّبِعوا مَن لا يَسـَٔلُكُم أَجرًا وَهُم مُهتَدونَ (آيت : 21) |
انهن جي تابعداري ڪريو جيڪي اوهان کان ڪا اجرت نه ٿا گهرن ۽ اهي سڌي راھ تي آهن. |
وَما لِىَ لا أَعبُدُ الَّذى فَطَرَنى وَإِلَيهِ تُرجَعونَ (آيت : 22) |
مون کي ڇا ٿيو آهي جو جنهن مون کي پيدا ڪيو آهي تنهن جي عبادت نه ڪريان؟ هوڏانهن اوهان سڀني کي (آخر) ان ڏي ئي موٽايو ويندو. |
ءَأَتَّخِذُ مِن دونِهِ ءالِهَةً إِن يُرِدنِ الرَّحمٰنُ بِضُرٍّ لا تُغنِ عَنّى شَفٰعَتُهُم شَيـًٔا وَلا يُنقِذونِ (آيت : 23) |
ڇا ان کان سواءِ (آءُ) اهڙن کي معبود بنايان جو جيڪڏهن خدا مون کي ڪا تڪليف پهچائڻ گهري ته مون کي سندن سفارش ڪجھ به ڪم نه ايندي ۽ نه (اهي) مون کي (ان مصيبت کان) ڇڏائي سگهندا. |
إِنّى إِذًا لَفى ضَلٰلٍ مُبينٍ (آيت : 24) |
(جيڪڏهن ائين ڪريان ته پوءِ) ته ان وقت بيشڪ آءُ ظاهر گمراهي ۾ هوندس. |
إِنّى ءامَنتُ بِرَبِّكُم فَاسمَعونِ (آيت : 25) |
مون ته اوهان جي پالڻهار تي ايمان آندو (آهي) سو منهنجي ڳالھ ٻڌو (۽ مڃو پر انهن ماڻهن کيس سنگسار ڪري ڇڏيو) |
قيلَ ادخُلِ الجَنَّةَ قالَ يٰلَيتَ قَومى يَعلَمونَ (آيت : 26) |
تڏهن (کيس خدا جو) حڪم ٿيو ته بهشت ۾ وڃ! (تنهن وقت به ان کي قوم جو خيال آيو ته) چيائين ته جيڪر منهنجي قوم ڄاڻي ها ته، |
بِما غَفَرَ لى رَبّى وَجَعَلَنى مِنَ المُكرَمينَ (آيت : 27) |
ڇا جي ڪري مون کي منهنجي پالڻهار بخشيو ۽ مون کي عزت وارن مان ڪيائين. |
وَما أَنزَلنا عَلىٰ قَومِهِ مِن بَعدِهِ مِن جُندٍ مِنَ السَّماءِ وَما كُنّا مُنزِلينَ (آيت : 28) |
پڻ اسان سندس (رحلت کان) پوءِ ان جي قوم تي (سندن تباهيءَ لاءِ) نه ته ڪو آسمان مان لشڪر لاٿو ۽ نه اسين ڪڏهن به (ايتري ڳالھ تي لشڪر) لاهڻ وارا هواسون. |
إِن كانَت إِلّا صَيحَةً وٰحِدَةً فَإِذا هُم خٰمِدونَ (آيت : 29) |
اها ته رڳو هڪ “رڙ” هئي (جا ڪئي ويئي) پوءِ ته اهي يڪدم (چراغ سحري وانگر) وسامي (مري) ويا. |
يٰحَسرَةً عَلَى العِبادِ ما يَأتيهِم مِن رَسولٍ إِلّا كانوا بِهِ يَستَهزِءونَ (آيت : 30) |
هاءِ افسوس بندن جي حال تي جو وٽن ڪو به اهڙو رسول نه آيو جنهن سان مسخريون نه ٿي ڪيائون. |
أَلَم يَرَوا كَم أَهلَكنا قَبلَهُم مِنَ القُرونِ أَنَّهُم إِلَيهِم لا يَرجِعونَ (آيت : 31) |
ڇا انهن ماڻهن (ايترو به) نه سوچيو ته اسان انهن کان اڳ ۾ ڪيتران ئي امتن کي برباد ڪري ڇڏيو. جيڪي انهن وٽ وري ڪڏهين به اچي نٿا سگهن! |
وَإِن كُلٌّ لَمّا جَميعٌ لَدَينا مُحضَرونَ (آيت : 32) |
(هاءُ) البت انهن سڀني کي اسان جي (بارگاھ ۾) ضرور حاضر ڪيو ويندو. |
وَءايَةٌ لَهُمُ الأَرضُ المَيتَةُ أَحيَينٰها وَأَخرَجنا مِنها حَبًّا فَمِنهُ يَأكُلونَ (آيت : 33) |
۽ انهن جي سمجهڻ لاءِ منهنجي قدرت جي هڪ نشاني مئل (وساڻل) زمين آهي جو اسان ان کي (پاڻيءَ) سان جيئرو ڪيو ۽ اسان ئي ان مان داڻا ڪڍيا جيڪي اهي ماڻهو ان مان کائين ٿا. |
وَجَعَلنا فيها جَنّٰتٍ مِن نَخيلٍ وَأَعنٰبٍ وَفَجَّرنا فيها مِنَ العُيونِ (آيت : 34) |
۽ اسان ئي زمين ۾ کجين ۽ انگورن جا باغ پيدا ڪيا ۽ اسان ئي ان ۾ (پاڻي جا) چشما جاري ڪيا. |
لِيَأكُلوا مِن ثَمَرِهِ وَما عَمِلَتهُ أَيديهِم أَفَلا يَشكُرونَ (آيت : 35) |
ته جيئن انهن جي ميوي مان کائين ۽ ان (ميون) کي سندن هٿن نه ٺاهيو آهي (پر خدا بنايا آهن) ته ڇا اهي ماڻهو (تڏهين به) شڪر نه ٿا ڪن؟ |
سُبحٰنَ الَّذى خَلَقَ الأَزوٰجَ كُلَّها مِمّا تُنبِتُ الأَرضُ وَمِن أَنفُسِهِم وَمِمّا لا يَعلَمونَ (آيت : 36) |
اهو (هر عيب کان) پاڪ آهي جنهن زمين مان پيدا ٿيڻ وارين شين ۽ خود ماڻهن مان ۽ انهن شين کي جن جي (خود) انهن کي (به) خبر نه آهي سڀني جا جوڙا (جوڙا) پيدا ڪيا آهن. |
وَءايَةٌ لَهُمُ الَّيلُ نَسلَخُ مِنهُ النَّهارَ فَإِذا هُم مُظلِمونَ (آيت : 37) |
پڻ (اسان جي قدرت جي) هڪ نشاني رات آهي جنهن کان اسين ڏينهن کي ڇڪي ڪڍون ٿا ته ان وقت اهي ماڻهو اونداهي ۾ رهجي وڃن ٿا، |
وَالشَّمسُ تَجرى لِمُستَقَرٍّ لَها ذٰلِكَ تَقديرُ العَزيزِ العَليمِ (آيت : 38) |
۽ (هڪ نشاني) سج آهي جيڪو پنهنجي مقرر ڪيل رستي تي هلي ٿو. اهو (سڀ کان) غالب واقف ڪار جو ٻڌل اندازو آهي. |
وَالقَمَرَ قَدَّرنٰهُ مَنازِلَ حَتّىٰ عادَ كَالعُرجونِ القَديمِ (آيت : 39) |
۽ اسان چنڊ لاءِ منزلون مقرر ڪيون آهن ايتري تائين جو (مهيني جي پڇاڙيءَ ۾) کجيءَ جي سڪل ٽاري وانگر (سنهو ۽ چٻو) ٿي پوي ٿو. |
لَا الشَّمسُ يَنبَغى لَها أَن تُدرِكَ القَمَرَ وَلَا الَّيلُ سابِقُ النَّهارِ وَكُلٌّ فى فَلَكٍ يَسبَحونَ (آيت : 40) |
نه سج لاءِ چنڊ کي پهچڻ آسان آهي ۽ نه رات ئي ڏينهن کان اڳي وڌي سگهي ٿي. سج چنڊ ۽ تارا سڀئي (پنهنجي پنهنجي مدار تي) آسمان ۾ تري رهيا آهن. |
وَءايَةٌ لَهُم أَنّا حَمَلنا ذُرِّيَّتَهُم فِى الفُلكِ المَشحونِ (آيت : 41) |
۽ انهن لاءِ (منهنجي قدرت جي) نشاني هيءَ (به) آهي ته سندن وڏن کي (نوح جي) ڀريل ٻيڙي ۾ سوار ڪيو، |
وَخَلَقنا لَهُم مِن مِثلِهِ ما يَركَبونَ (آيت : 42) |
۽ اسان انهن لاءِ ان (ٻيڙيءَ) جهڙيون (ٻيون سواريون به) پيدا ڪيون جن تي (اهي ماڻهو) سوار ٿين ٿا. |
وَإِن نَشَأ نُغرِقهُم فَلا صَريخَ لَهُم وَلا هُم يُنقَذونَ (آيت : 43) |
۽ جيڪڏهن اسين گهرون ته کين ٻوڙي (ماريون) پوءِ نه انهن لاءِ ڪو فرياد رس ٿيندو ۽ نه اهي (پاڻ اتان) ڇڏائي سگهندا. |
إِلّا رَحمَةً مِنّا وَمَتٰعًا إِلىٰ حينٍ (آيت : 44) |
پر اسان جي مهربانيءَ سان ۽ جيئن ته هڪ (خاص) وقت تائين (کين) آرام ڏيڻ (منظور) آهي. |
وَإِذا قيلَ لَهُمُ اتَّقوا ما بَينَ أَيديكُم وَما خَلفَكُم لَعَلَّكُم تُرحَمونَ (آيت : 45) |
۽ جڏهن انهن ڪافرن کي چيو وڃي ٿو ته ان (عذاب کان) ڊڄو جيڪو هر وقت اوهان سان گڏ اوهان جي اڳيان ۽ اوهان جي پٺيان (موجود آهي ته) من اوهان تي رحم ڪيو وڃي. (تڏهين به منهن موڙن ٿا) |
وَما تَأتيهِم مِن ءايَةٍ مِن ءايٰتِ رَبِّهِم إِلّا كانوا عَنها مُعرِضينَ (آيت : 46) |
۽ انهن جي حالت هيءَ (آهي) جو سندن پالڻهار جي نشانين مان ڪا نشاني اچي ٿي ته اهي ماڻهو منهن موڙڻ کان نه ٿا رهن. |
وَإِذا قيلَ لَهُم أَنفِقوا مِمّا رَزَقَكُمُ اللَّهُ قالَ الَّذينَ كَفَروا لِلَّذينَ ءامَنوا أَنُطعِمُ مَن لَو يَشاءُ اللَّهُ أَطعَمَهُ إِن أَنتُم إِلّا فى ضَلٰلٍ مُبينٍ (آيت : 47) |
۽ جڏهن انهن (ڪافرن) کي چيو وڃي ٿو ته جيڪا خدا توهان کي روزي ڏني آهي تنهن مان ڪجھ (خدا جي راھ ۾ به) خرچ ڪريو ته (اهي) ڪافر ماڻهو ايمان وارن کي چون ٿا ته ڀلا اسين ان شخص کي (کارايون) جنهن کي (اوهان جي خيال ۾) خدا گهري ها ته خود کارائي ها، اوهين ماڻهو ته رڳو ظاهر گمراهي ۾ (پيل آهيو). |
وَيَقولونَ مَتىٰ هٰذَا الوَعدُ إِن كُنتُم صٰدِقينَ (آيت : 48) |
پڻ چون ٿا ته (ڀلا) جيڪڏهن اوهين (پنهنجي ڳالھ ۾) سچا آهيو ته نيٺ اهو (قيامت جو) انجام ڪڏهن پورو ٿيندو؟ |
ما يَنظُرونَ إِلّا صَيحَةً وٰحِدَةً تَأخُذُهُم وَهُم يَخِصِّمونَ (آيت : 49) |
(اي رسول) اهي رڳو هڪ سخت چيخ (صور) جا منتظر آهن جا کين اوچتو (تنهن وقت) پڪڙيندي جڏهن اهي پاڻ ۾ جهڳڙو ڪري رهيا هوندا. |
فَلا يَستَطيعونَ تَوصِيَةً وَلا إِلىٰ أَهلِهِم يَرجِعونَ (آيت : 50) |
پوءِ اهي نه وصيت ڪري سگهندا ۽ نه پنهنجي گهر وارن ڏي موٽي سگهندا. |
وَنُفِخَ فِى الصّورِ فَإِذا هُم مِنَ الأَجداثِ إِلىٰ رَبِّهِم يَنسِلونَ (آيت : 51) |
۽ وري (جڏهن ٻيو ڀيرو) صور ڦوڪي ويندي ته يڪدم اهي سڀ ماڻهو (پنهنجي پنهنجي) قبرن مان (نڪرندا نڪرندا) پنهنجي پروردگار (جي بارگاھ) ڏي ڊوڙندا (ايندا). |
قالوا يٰوَيلَنا مَن بَعَثَنا مِن مَرقَدِنا هٰذا ما وَعَدَ الرَّحمٰنُ وَصَدَقَ المُرسَلونَ (آيت : 52) |
پڻ (حيران ٿي) چوندا، هاءِ افسوس! (اسين ته ستا پيا هئاسون) اسان کي اسان جي سمهڻ جي جاءِ مان ڪنهن اٿاريو؟ (جواب ايندو ته) هي اهو ئي (قيامت جو) ڏينهن آهي جنهن جو وڏي مهربان (خدا) انجام ڪيو هو ۽ پيغمبرن سچ چيو هو. |
إِن كانَت إِلّا صَيحَةً وٰحِدَةً فَإِذا هُم جَميعٌ لَدَينا مُحضَرونَ (آيت : 53) |
اها (قيامت ته) رڳي هڪ سخت رڙ هوندي پوءِ ان وقت ئي انهن سڀني کي اسان جي حضور ۾ حاضر ڪيو ويندو. |
فَاليَومَ لا تُظلَمُ نَفسٌ شَيـًٔا وَلا تُجزَونَ إِلّا ما كُنتُم تَعمَلونَ (آيت : 54) |
پوءِ (چيو ويندن ته) اڄ ڪنهن به شخص تي ڪجھ به ظلم نه ڪيو ويندو ۽ اوهان ماڻهن کي ته رڳو اهو بدلو ڏنو ويندو جيڪي اوهين (دنيا ۾) ڪندا هئا. |
إِنَّ أَصحٰبَ الجَنَّةِ اليَومَ فى شُغُلٍ فٰكِهونَ (آيت : 55) |
بيشڪ جنت وارا اڄ (قيامت جي ڏينهن) هڪ نه ٻي مشغوليءَ ۾ مزا ماڻي رهيا آهن. |
هُم وَأَزوٰجُهُم فى ظِلٰلٍ عَلَى الأَرائِكِ مُتَّكِـٔونَ (آيت : 56) |
۽ اهي ۽ سندن زالون (ٿڌين) ڇانون ۾ پلنگن تي ٽيڪ لڳائي (آرام سان) ويٺا آهن. |
لَهُم فيها فٰكِهَةٌ وَلَهُم ما يَدَّعونَ (آيت : 57) |
بهشت ۾ انهن لاءِ (تازا) ميوا (تيار رکيا) آهن ۽ جو ڪجھ گهرندا سو (به) انهن لاءِ (حاضر) آهي. |
سَلٰمٌ قَولًا مِن رَبٍّ رَحيمٍ (آيت : 58) |
مهربان پروردگار جي طرفان سلام چيو ويندن. |
وَامتٰزُوا اليَومَ أَيُّهَا المُجرِمونَ (آيت : 59) |
۽ (حڪم ڪنداسون ته) اي گنهگارو! اڄ نيڪ (ماڻهن) کان جدا ٿيو! |
أَلَم أَعهَد إِلَيكُم يٰبَنى ءادَمَ أَن لا تَعبُدُوا الشَّيطٰنَ إِنَّهُ لَكُم عَدُوٌّ مُبينٌ (آيت : 60) |
اي آدم جي اولاد! ڇا مون اوهان کي هيءُ تاڪيد نه ڪيو هو ته (خبردار!) شيطان جي عبادت نه ڪجو! اهو پڪ اوهان جو ظاهر دشمن آهي. |
وَأَنِ اعبُدونى هٰذا صِرٰطٌ مُستَقيمٌ (آيت : 61) |
۽ هي ته (ياد رکو!) رڳو منهنجي عبادت ڪجو! اهو ئي (ڇوٽڪاري جو) سڌو رستو آهي. |
وَلَقَد أَضَلَّ مِنكُم جِبِلًّا كَثيرًا أَفَلَم تَكونوا تَعقِلونَ (آيت : 62) |
(تنهن هوندي به) ان اوهان مان گهڻي خلق کي گمراھ ڪيو آهي. ته ڇا اوهان (ايترو به) نه ٿي سمجهيو. |
هٰذِهِ جَهَنَّمُ الَّتى كُنتُم توعَدونَ (آيت : 63) |
هيءُ اهو جهنم آهي جنهن جو اوهان سان انجام ڪيو ويو هو. |
اصلَوهَا اليَومَ بِما كُنتُم تَكفُرونَ (آيت : 64) |
ته جيڪو ڪفر ڪندا هئا تنهنجي ڪري (ماٺ ميٺ ۾) اڄ ان ۾ داخل ٿيو. |
اليَومَ نَختِمُ عَلىٰ أَفوٰهِهِم وَتُكَلِّمُنا أَيديهِم وَتَشهَدُ أَرجُلُهُم بِما كانوا يَكسِبونَ (آيت : 65) |
اڄ سندن واتن تي مهر هڻنداسون ۽ جيڪي ڪرتوت اهي ماڻهو (دنيا ۾) ڪندا هئا تن جا هٿ خود اسان کي ٻڌائيندا ۽ سندن پير شاهدي ڏيندا. |
وَلَو نَشاءُ لَطَمَسنا عَلىٰ أَعيُنِهِم فَاستَبَقُوا الصِّرٰطَ فَأَنّىٰ يُبصِرونَ (آيت : 66) |
۽ جيڪڏهن اسين گهرون ته سندن اکين کي ناس ڪري ڇڏيون پوءِ رستو ڳوليندا وتن پر هو ڪٿي ٿا ڏسي سگهن؟ |
وَلَو نَشاءُ لَمَسَخنٰهُم عَلىٰ مَكانَتِهِم فَمَا استَطٰعوا مُضِيًّا وَلا يَرجِعونَ (آيت : 67) |
۽ جيڪڏهن اسين گهرون ته جتي هجن اتي سندن شڪليون بدلائي ڇڏيون پوءِ نه اڳتي هلي سگهندا ۽ نه پٺتي موٽي سگهندا. |
وَمَن نُعَمِّرهُ نُنَكِّسهُ فِى الخَلقِ أَفَلا يَعقِلونَ (آيت : 68) |
۽ جنهن کي وڏي عمر ڏيون ٿا تنهن کي ابتو گهٽائيندا (ٻارڙن وانگر بي پهچ) ڪريون ٿا ڇا پوءِ اهي عقل کان ڪم نه ٿا وٺن؟ |
وَما عَلَّمنٰهُ الشِّعرَ وَما يَنبَغى لَهُ إِن هُوَ إِلّا ذِكرٌ وَقُرءانٌ مُبينٌ (آيت : 69) |
۽ هن پيغمبر کي اسان نه شعر سيکاريو آهي ۽ نه شاعري سندس شان جي لائق آهي. هيءُ (ڪتاب) ته رڳي نصيحت ۽ ظاهر قرآن آهي. |
لِيُنذِرَ مَن كانَ حَيًّا وَيَحِقَّ القَولُ عَلَى الكٰفِرينَ (آيت : 70) |
هن لاءِ ته جيڪو زنده (دل عقل وارو) هجي تنهن کي (عذاب کان) ڊيڄاري ۽ ڪافرن تي (عذاب جو) قول ثابت ٿي (وڃي ۽ حجت باقي نه رهي). |
أَوَلَم يَرَوا أَنّا خَلَقنا لَهُم مِمّا عَمِلَت أَيدينا أَنعٰمًا فَهُم لَها مٰلِكونَ (آيت : 71) |
ڇا انهن هن تي به غور نه ڪيو جو اسان سندن فائدي لاءِ ڍور ان شيءِ مان پيدا ڪيا جنهن کي اسان جي قدرت ئي بنايو پوءِ اهي ماڻهو (اسان جي فضل ۽ ڪرم سان) انهن جا مالڪ آهن. |
وَذَلَّلنٰها لَهُم فَمِنها رَكوبُهُم وَمِنها يَأكُلونَ (آيت : 72) |
۽ اسان ئي ڍورن کي سندن تابعدار ڪيو ته انهن مان ڪي سندن سواري آهن ۽ انهن مان ڪن کي کائين ٿا. |
وَلَهُم فيها مَنٰفِعُ وَمَشارِبُ أَفَلا يَشكُرونَ (آيت : 73) |
۽ انهن لاءِ انهن (ڍورن) ۾ ڪيئي فائدا آهن ۽ پيئڻ جي شيءِ (کير) ڇا پوءِ اهي ماڻهو (تڏهن به) شڪر نه ٿا ڪن؟ |
وَاتَّخَذوا مِن دونِ اللَّهِ ءالِهَةً لَعَلَّهُم يُنصَرونَ (آيت : 74) |
۽ ماڻهن خدا کي ڇڏي (فرضي هٿرادو) معبود بنايا آهن هن لاءِ ته کين انهن کان ڪا مدد ملي. |
لا يَستَطيعونَ نَصرَهُم وَهُم لَهُم جُندٌ مُحضَرونَ (آيت : 75) |
(هوڏانهن) اهي سندن مدد نه ڪري سگهندا، ۽ اهي (ڪافر) انهن (معبودن) جو لشڪر آهي ۽ (قيامت ۾) انهن سڀني جي پيشي ٿيندي. |
فَلا يَحزُنكَ قَولُهُم إِنّا نَعلَمُ ما يُسِرّونَ وَما يُعلِنونَ (آيت : 76) |
پوءِ (اي پيغمبر) سندن ڳالهيون تو کي رنج نه ڪن ڇو ته اهي جو ڪجھ لڪائين ٿا ۽ جيڪي ظاهر ڪن ٿا تنهن کي اسين بيشڪ ڄاڻون ٿا. |
أَوَلَم يَرَ الإِنسٰنُ أَنّا خَلَقنٰهُ مِن نُطفَةٍ فَإِذا هُوَ خَصيمٌ مُبينٌ (آيت : 77) |
ڇا آدمي هن تي به غور نه ڪيو ته اسان ئي ان کي هڪ (ذليل) نطفي مان پيدا ڪيو پوءِ اجهو اهي ظاهر مقابل (ٿيو) آهي. |
وَضَرَبَ لَنا مَثَلًا وَنَسِىَ خَلقَهُ قالَ مَن يُحىِ العِظٰمَ وَهِىَ رَميمٌ (آيت : 78) |
۽ اسان بابت ڳالهيون ڪرڻ لڳو ۽ پنهنجي پيدائش (جي ڳالھ) کي ڀلجي ويو ۽ چوڻ لڳو ته ڀلا جڏهن هي هڏيون (ڳري سڙي) خاڪ ٿي وينديون ته (پوءِ) ڪير (وري ٻيهر) جيئرو ڪندو؟ |
قُل يُحييهَا الَّذى أَنشَأَها أَوَّلَ مَرَّةٍ وَهُوَ بِكُلِّ خَلقٍ عَليمٌ (آيت : 79) |
(اي پيغمبر! کين) چئو ته جنهن انهن کي پهرين ڀيري پيدا ڪيو اهو ئي انهن کي جياريندو ۽ اهو سڀ ڪنهن (قسم جي) پيدا ڪرڻ کي ڄاڻندڙ آهي. |
الَّذى جَعَلَ لَكُم مِنَ الشَّجَرِ الأَخضَرِ نارًا فَإِذا أَنتُم مِنهُ توقِدونَ (آيت : 80) |
جنهن اوهان لاءِ (مرغ ۽ غفار جي) سائي وڻن مان باھ پيدا ڪئي پوءِ اجهو اوهين ان مان ٻاريندا آهيو. |
أَوَلَيسَ الَّذى خَلَقَ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ بِقٰدِرٍ عَلىٰ أَن يَخلُقَ مِثلَهُم بَلىٰ وَهُوَ الخَلّٰقُ العَليمُ (آيت : 81) |
جنهن (خدا) آسمانن ۽ زمين کي پيدا ڪيو سو انهن جهڙن جي پيدا ڪرڻ جي قدرت نٿو رکي ڇا؟ هاءُ! (قدرت رکندڙ آهي) ۽ اهو ئي وڏو پيدا ڪندڙ (سڀ ڪجھ) ڄاڻندڙ آهي. |
إِنَّما أَمرُهُ إِذا أَرادَ شَيـًٔا أَن يَقولَ لَهُ كُن فَيَكونُ (آيت : 82) |
سندس شان ته هي آهي جو جڏهن ڪنهن شيءِ (جي پيدا ڪرڻ جو) ارادو ڪري ٿو ته سندس حڪم رڳو ان (شيءِ) کي هي چوڻ آهي ته ”ٿي!“ ته (يڪدم) ٿي پوي ٿي. |
فَسُبحٰنَ الَّذى بِيَدِهِ مَلَكوتُ كُلِّ شَيءٍ وَإِلَيهِ تُرجَعونَ (آيت : 83) |
اهو خدا (هر عيب) کان پاڪ صاف آهي جنهن جي قبضه قدرت ۾ هرشيءِ جي حڪومت آهي ۽ ان ڏي ئي اوهان کي موٽايو ويندو. |