يس (آيت : 1) |
سيني صاف يٰسٓ! |
وَالقُرءانِ الحَكيمِ (آيت : 2) |
۽ قَسم قُرآن ڪَرِيم جو، جو حُڪمن ۽ حِڪمت سان ڀَريل بِاليقين، |
إِنَّكَ لَمِنَ المُرسَلينَ (آيت : 3) |
مُرسلن مان مُورهِين، آهين تون امين! |
عَلىٰ صِرٰطٍ مُستَقيمٍ (آيت : 4) |
سِڌِي سَنئـِينءَ واٽ تي، |
تَنزيلَ العَزيزِ الرَّحيمِ (آيت : 5) |
هِي اُتارا، آئـِين، سَٻاجھي سَٻر ڪنان، |
لِتُنذِرَ قَومًا ما أُنذِرَ ءاباؤُهُم فَهُم غٰفِلونَ (آيت : 6) |
ته ڏيئين تَن تَلقِين، اَڳي اَبا جِنهن قوم جا، وِياڪنبايا ڪِين،آهِن پوءِاِن ڪري، غافِل سي غمگِين، |
لَقَد حَقَّ القَولُ عَلىٰ أَكثَرِهِم فَهُم لا يُؤمِنونَ (آيت : 7) |
ٿئـي جَجھن تي، جَن مَنجھان، ثابت سزا سَنگِين، رکن ڪِين يَقِين، اُهي اَنڌا اِن آڌار تي. |
إِنّا جَعَلنا فى أَعنٰقِهِم أَغلٰلًا فَهِىَ إِلَى الأَذقانِ فَهُم مُقمَحونَ (آيت : 8) |
ڪياسون سَندنِ ڪَنڌن ۾، بيشڪ بارِي بند، تِڏيَن تائـِين تاڙسي، پوءِ ڪَشَيل اُنهن جا ڪنڌ، |
وَجَعَلنا مِن بَينِ أَيديهِم سَدًّا وَمِن خَلفِهِم سَدًّا فَأَغشَينٰهُم فَهُم لا يُبصِرونَ (آيت : 9) |
۽ اڳيان، پويان اُنهن جي، ٻَڌِي ڇَڏي سون ٻَنڌ، پوءِ چاڙهيو سونِ، چوڌارکان، مَٿنِ اُونداهي اَنڌ، پوءِ ويجھو پَري پَنڌ، اُهي نه ڏِسن، ڪجھ ڏيہ ۾. |
وَسَواءٌ عَلَيهِم ءَأَنذَرتَهُم أَم لَم تُنذِرهُم لا يُؤمِنونَ (آيت : 10) |
۽ هِڪ جِھڙو اُنهن جي حَق ۾، اي اونهان، سُرت سُڄاڻ! ڪرِين، نه ڪرِين ڄاڻ، ته به مُورک نه مَڃيِن مُورهِين. |
إِنَّما تُنذِرُ مَنِ اتَّبَعَ الذِّكرَ وَخَشِىَ الرَّحمٰنَ بِالغَيبِ فَبَشِّرهُ بِمَغفِرَةٍ وَأَجرٍ كَريمٍ (آيت : 11) |
تون ڊِيڄارين تنهن کي، جو حُڪمن تي هَلي، ۽ ڌاري ڊَپ ڌنئ جو، پَر پُٺ پاڻ پَلي، پوءِ ڏي بِشارت ڀَلي، مِره ۽ موچارِي مِهر جي. |
إِنّا نَحنُ نُحىِ المَوتىٰ وَنَكتُبُ ما قَدَّموا وَءاثٰرَهُم وَكُلَّ شَيءٍ أَحصَينٰهُ فى إِمامٍ مُبينٍ (آيت : 12) |
اَسِين مُئا جِياريون، پڻ لِکون ڪَم، ڪردار، جيڪي اماڻِيون اڳڀرا، پڻ پويان سَندنِ پار، ۽ هر شئ جو شُمار، ڪيوسون مُنڍ ڪتاب |
وَاضرِب لَهُم مَثَلًا أَصحٰبَ القَريَةِ إِذ جاءَهَا المُرسَلونَ (آيت : 13) |
۽ ڪري ٻُڌاءِ اُنهن کي، تَن ڳوٺاڻن جي ڳالھ، جڏهن مُرسل مَنجھسِ، آئياڀَليرا بَحال، |
إِذ أَرسَلنا إِلَيهِمُ اثنَينِ فَكَذَّبوهُما فَعَزَّزنا بِثالِثٍ فَقالوا إِنّا إِلَيكُم مُرسَلونَ (آيت : 14) |
ڏانهنِ مُڪاسون، مِهر سان، فائـِق ٻه فِى الحال، پوءِ ڪُوڙو ڪوٺيون اُنهن کي، تڏهن ٽئي نَبِي نال، ڪيوسون ٻيلپو ٻنهِي جو، پوءِ چيؤُن اِهڙِي چال، ته نَبِي نيڪ نِهال، اَسِين اَوهان ڏي آهيون. |
قالوا ما أَنتُم إِلّا بَشَرٌ مِثلُنا وَما أَنزَلَ الرَّحمٰنُ مِن شَيءٍ إِن أَنتُم إِلّا تَكذِبونَ (آيت : 15) |
چي، نه آهيو اوهِين، مگر اَسان جِھا اِنسان، ۽ آن تي ڪُجھ نه اُتاريو، رازق، ربُّ، رحمان، ڪاشئِ آهيو ڪانه، مگر ڪريو ڪُوڙ رُڳا. |
قالوا رَبُّنا يَعلَمُ إِنّا إِلَيكُم لَمُرسَلونَ (آيت : 16) |
چي، آگو پاڪ اَسان جو، ٿو سمجھي ربُّ، ستار، ته پَڪ پغمبر آهيو، اَسِين اَوهان جي پار، |
وَما عَلَينا إِلَّا البَلٰغُ المُبينُ (آيت : 17) |
۽ وَڌِيڪ نه اَسان تي بار، پَڌري پُهچائڻ ري. |
قالوا إِنّا تَطَيَّرنا بِكُم لَئِن لَم تَنتَهوا لَنَرجُمَنَّكُم وَلَيَمَسَّنَّكُم مِنّا عَذابٌ أَليمٌ (آيت : 18) |
چي ، اَسِين اَوهان کان ڀانيون، ڏيہ تي ڏرت، ڏُڪار، جي نه مُڙيا، ته مُورهِين ڪنداسونءِ سَنگسار، ۽ اَسان کان آزار، ڪو ڏُکيو رَسندان ڏِيل ۾. |
قالوا طٰئِرُكُم مَعَكُم أَئِن ذُكِّرتُم بَل أَنتُم قَومٌ مُسرِفونَ (آيت : 19) |
چي، اَهنجِي ڏُرت اَوهان سان، وَه! جو پِرايان پاڻ، اُٽلو اَوهِين اَڄاڻ!، قوم اَجائـِي آهيو. |
وَجاءَ مِن أَقصَا المَدينَةِ رَجُلٌ يَسعىٰ قالَ يٰقَومِ اتَّبِعُوا المُرسَلينَ (آيت : 20) |
۽ پَرئـِين مَٿي کان شهر جي، هڪ مرد مُؤمن مُور، ڊُڪندو، ڊوڙندو آئيو، اُتو تِنهن اَتَور، ته هَلو پُٺيان پيغمبرِين، اِي ذات! ڇَڏيو ٻِئو زور، |
اتَّبِعوا مَن لا يَسـَٔلُكُم أَجرًا وَهُم مُهتَدونَ (آيت : 21) |
جي ڀارو نه گُھرن ڀور، پڻ صَحِي سَنواٽا واٽ تي. |
وَما لِىَ لا أَعبُدُ الَّذى فَطَرَنى وَإِلَيهِ تُرجَعونَ (آيت : 22) |
۽ مُون کي مَنع ڪِهڙي، ته نه پُوڄيان پَروَر پاڪ، جِنهن خَلقِيسِ مَنجھان خاڪ، ۽ مِـڙِئي ڏانهسِ موٽئبا. |
ءَأَتَّخِذُ مِن دونِهِ ءالِهَةً إِن يُرِدنِ الرَّحمٰنُ بِضُرٍّ لا تُغنِ عَنّى شَفٰعَتُهُم شَيـًٔا وَلا يُنقِذونِ (آيت : 23) |
وَٺان وَسِيلا ڪِهڙا، پاڪ ڌڻئَ کا ڌار؟ ته ڏِيڻ گُھري ڏاتار مون، لِنڱِين لَهس لَغار، ته نه ڏٖيمِ وَٽابو وار جو، سَندنِ سار سَنڀار، ۽ ڪِين مرض مَهٽ مان، ڪَڻمِ ڪَڍن ٻَهار، |
إِنّى إِذًا لَفى ضَلٰلٍ مُبينٍ (آيت : 24) |
بيشڪ پَڌرِئَ ڀُل ۾، آئون آهيان اِنهئَ وار، |
إِنّى ءامَنتُ بِرَبِّكُم فَاسمَعونِ (آيت : 25) |
پوءِ سُڻو سَماچار، مُون مڃيو مالِڪ اَهنجو. |
قيلَ ادخُلِ الجَنَّةَ قالَ يٰلَيتَ قَومى يَعلَمونَ (آيت : 26) |
چي، گِھڙ تون باغ بهشت ۾، تڏهن چيائـِين اهڙي چال، ته جيڪر ڄاڻي قوم سَندمِ، هي حقِيقت حال، |
بِما غَفَرَ لى رَبّى وَجَعَلَنى مِنَ المُكرَمينَ (آيت : 27) |
سانيمِ ساڻمِ جي ڪيا، بَخششون ۽ ڀال، پڻ ڪرم ساڻ ڪمال، ڪيائـِينمِ سڳوري ساٿ مان. |
وَما أَنزَلنا عَلىٰ قَومِهِ مِن بَعدِهِ مِن جُندٍ مِنَ السَّماءِ وَما كُنّا مُنزِلينَ (آيت : 28) |
۽ پوءِ اُڀ کان اُن جِي قوم تي، نه لاٿو سون لشڪر، ۽ نه هُئاسون هَرهَر، لاشڪ لشڪر لاهِڻا. |
إِن كانَت إِلّا صَيحَةً وٰحِدَةً فَإِذا هُم خٰمِدونَ (آيت : 29) |
وَڌِيڪ هُئـِي نه وار، فقط هڪل هيڪڙِي، پوءِ ڦِرِي ٿيا ڦُلهار، اِجھو اُجھانٽل پَٽ ۾. |
يٰحَسرَةً عَلَى العِبادِ ما يَأتيهِم مِن رَسولٍ إِلّا كانوا بِهِ يَستَهزِءونَ (آيت : 30) |
اُن ٻانهن لئي ٻَر ٻَر ! ته مَنجھنِ، نه مُرسل ڪو اَچي، مگر سي مُنڪر، مَٿانسِ ڪَن پِئا مَسْخريون. |
أَلَم يَرَوا كَم أَهلَكنا قَبلَهُم مِنَ القُرونِ أَنَّهُم إِلَيهِم لا يَرجِعونَ (آيت : 31) |
ڇا ڪيو نه تن تپاس؟ ته اُنهيان اَ ڳ جُڳ ڪيترا، ڪياسون نِپٽ ناس، نه موٽن ڏانهنِ مُورهِين. |
وَإِن كُلٌّ لَمّا جَميعٌ لَدَينا مُحضَرونَ (آيت : 32) |
۽ اُهي آهن جيترا، سَڀ مِڙوئـِي مُور، اَسان وَٽ مَجبور، هيڪاندا حُضور ۾. |
وَءايَةٌ لَهُمُ الأَرضُ المَيتَةُ أَحيَينٰها وَأَخرَجنا مِنها حَبًّا فَمِنهُ يَأكُلونَ (آيت : 33) |
۽ سُڪل ڀُون، سَندنِ لئي، نِشانِي نِروار، جياريوسون جنهن کي، ۽ مَنجھانسِ اَن اَنبار، ڪڍياسون، ٻَهار، پوءِ خوش دِل کائو اُن مَنجھان. |
وَجَعَلنا فيها جَنّٰتٍ مِن نَخيلٍ وَأَعنٰبٍ وَفَجَّرنا فيها مِنَ العُيونِ (آيت : 34) |
۽ باغ بناياسون اُن ۾، عجب کجيون، اَنگور، چِيرياسون چِشما، تنهن ۾ برابر ڀَرپُور، |
لِيَأكُلوا مِن ثَمَرِهِ وَما عَمِلَتهُ أَيديهِم أَفَلا يَشكُرونَ (آيت : 35) |
تان کائـِن ميوا اُن جا، پُورن مَٿي پُور، ۽ جو پَنهنجي هَٿِين پوکيؤَن، جِيئن دُنياجو دَستور، پوءِ اِي ڪِهڙِي اَ ک پُور، ته نه ڳائـِن ڳُڻ ڳالهڙيون. |
سُبحٰنَ الَّذى خَلَقَ الأَزوٰجَ كُلَّها مِمّا تُنبِتُ الأَرضُ وَمِن أَنفُسِهِم وَمِمّا لا يَعلَمونَ (آيت : 36) |
پاڪائـِي تِنهن پَروَر کي، آهي توڙان توڙ، جِنهن ڀُون، ڪِ سَندنِ جانِيَن مان جوڙيا جوڙا جوڙ، ٻِيا پڻ قِسم ڪِروڙ، جَن جو عِلم نه آهي آن کي. |
وَءايَةٌ لَهُمُ الَّيلُ نَسلَخُ مِنهُ النَّهارَ فَإِذا هُم مُظلِمونَ (آيت : 37) |
۽ آهي رات اُنهن لئي، نِشانِي نِروار، جِنهن کان ڏِينهن ڪيوسون ڌار، پوءِ آهِن اِجھو اَنڌڪار ۾. |
وَالشَّمسُ تَجرى لِمُستَقَرٍّ لَها ذٰلِكَ تَقديرُ العَزيزِ العَليمِ (آيت : 38) |
۽ سِج سَندسِ جاءِ تي، پِيو هَلي صَديون سال، سائـِين سَٻر سَٻوجھ جِي، قُدرت اِئ ڪمال، |
وَالقَمَرَ قَدَّرنٰهُ مَنازِلَ حَتّىٰ عادَ كَالعُرجونِ القَديمِ (آيت : 39) |
۽ مُقرر ڪيون سون مَنزلون، چنڊ جون چڱئَ چال، تان موٽيو شاخ مِثال، ٿِيو پُراڻِي پيمال جِيئن. |
لَا الشَّمسُ يَنبَغى لَها أَن تُدرِكَ القَمَرَ وَلَا الَّيلُ سابِقُ النَّهارِ وَكُلٌّ فى فَلَكٍ يَسبَحونَ (آيت : 40) |
نه سِج کي اِختيار، ته پُهچڻ گُھري چَنڊ کي، ۽ نه رات اَچي ڏِينهن ڏي، وَڌِي هِڪڙو وار، ۽ تَرن پِئا سَڀ تار، ايڏي آسمان ۾. |
وَءايَةٌ لَهُم أَنّا حَمَلنا ذُرِّيَّتَهُم فِى الفُلكِ المَشحونِ (آيت : 41) |
آهي پَڌرِي اُنهن لئي، هِئَ نِشاني نِروار، ته کنياسونِ خير سان، مَنجھ ٻيڙِي ڀَريل ٻار، |
وَخَلَقنا لَهُم مِن مِثلِهِ ما يَركَبونَ (آيت : 42) |
۽ ڪياسون ڪم ڪيترا، اُنهِئَ جي آچار، تنين لئي تيار، سهکيون ڪن سواريون. |
وَإِن نَشَأ نُغرِقهُم فَلا صَريخَ لَهُم وَلا هُم يُنقَذونَ (آيت : 43) |
۽ اَسِين گُھرون ته اُنهن کي، ٻوڙيون اَندر ٻار، پوءِ نه وَرينِ واهرو، ۽ نه ڪڍياوڃن ٻَهار، |
إِلّا رَحمَةً مِنّا وَمَتٰعًا إِلىٰ حينٍ (آيت : 44) |
ٻاجھ اسان جي ڌار، ۽ وَٽابو ڪنهن وقت سين. |
وَإِذا قيلَ لَهُمُ اتَّقوا ما بَينَ أَيديكُم وَما خَلفَكُم لَعَلَّكُم تُرحَمونَ (آيت : 45) |
۽ جڏهن چئجي اُنهن کي، ته رکو خوف خيال، اڳيان، پويان اَهنجي، جيڪِي ٻَري جنجال، اُميد ته اوهان نال، ڀورا! ٿئي ڀال ڪو. |
وَما تَأتيهِم مِن ءايَةٍ مِن ءايٰتِ رَبِّهِم إِلّا كانوا عَنها مُعرِضينَ (آيت : 46) |
۽ اچي ڪو نه اُنهن کي، ڪو پَڌري پٽ پَرياڻ، سَندنِ پَروَر پاڪ جي، اُهڃن مان اُهڃاڻ، مگر موڳا پاڻ، آهِن مُنهن موڙِيندڙ اُن ڪنان. |
وَإِذا قيلَ لَهُم أَنفِقوا مِمّا رَزَقَكُمُ اللَّهُ قالَ الَّذينَ كَفَروا لِلَّذينَ ءامَنوا أَنُطعِمُ مَن لَو يَشاءُ اللَّهُ أَطعَمَهُ إِن أَنتُم إِلّا فى ضَلٰلٍ مُبينٍ (آيت : 47) |
۽ وَڃي چيو جِنهن وار، ته ڏِيو ڏُکين کي، اُن مَنجھان، مال خَزانا، مِلڪيتون، ڏِنان جي ڏاتار، تَڏهن مَڃيو جَن، تَن کي چيو، جَن اَنڌن ڪيو اِنڪار، ته اَسِين ڪريون اُن لئي، ڪِهڙا طعام تيار، اَلله گُھري، ته اُن کي، ڏِئي کاڌا خوش گُوار، ناهيو مَنجھ ڪِنهن ڪار، مگر پَڌرِي مُنجھ ۾. |
وَيَقولونَ مَتىٰ هٰذَا الوَعدُ إِن كُنتُم صٰدِقينَ (آيت : 48) |
۽ ڪڏهن ٻول قيام جو، پُڇن اِئَ پَچار، جي سَچا سُخن ۾ آهيو؛ |
ما يَنظُرونَ إِلّا صَيحَةً وٰحِدَةً تَأخُذُهُم وَهُم يَخِصِّمونَ (آيت : 49) |
نَه ڪڍن اِنتظار، مگر هَڪل هيڪ جو، ڪڙڪو سِر ڪپار، اُهو ڪَندن گِرفتار، ۽ هِي هُوندا جھيڙي جنگ ۾. |
فَلا يَستَطيعونَ تَوصِيَةً وَلا إِلىٰ أَهلِهِم يَرجِعونَ (آيت : 50) |
وسيعت پوءِ، وصيّت جِي، نَه هونديَن تِنهن حال، ۽ موٽنِ پوءِ مَحال، گھوٽ، سَندنِ گَھر ٻار ڏي. |
وَنُفِخَ فِى الصّورِ فَإِذا هُم مِنَ الأَجداثِ إِلىٰ رَبِّهِم يَنسِلونَ (آيت : 51) |
۽ ڦوڪيو وِيو ڏَنڊ ۾، پوءِ اِجھو اُنهِئ وار، ڪاهِيندا قبرن مان، پَنهنجي پَروَر پار، |
قالوا يٰوَيلَنا مَن بَعَثَنا مِن مَرقَدِنا هٰذا ما وَعَدَ الرَّحمٰنُ وَصَدَقَ المُرسَلونَ (آيت : 52) |
چي، آھ! اُٿارياسون ڪِنهِين، مَنجھان خواب خمار؟ چي، هي سَچو سو واعِدو، ڏِنو جو ڏاتار، ۽ مُرسل مَڻيان دار، صَفا سچ چَئـِي وِيا. |
إِن كانَت إِلّا صَيحَةً وٰحِدَةً فَإِذا هُم جَميعٌ لَدَينا مُحضَرونَ (آيت : 53) |
وَڌِيڪ ناهي وار، مگر هَڪل هيڪڙِي، پوءِ اَسان وٽ اُن وار، سڀ هيڪاندا حُضور ۾. |
فَاليَومَ لا تُظلَمُ نَفسٌ شَيـًٔا وَلا تُجزَونَ إِلّا ما كُنتُم تَعمَلونَ (آيت : 54) |
پوءِ ڪِنهن ڪانَهيي سان، اَڄ نَه ٿئي ذَرو ظُلم زِيان، ۽ ڪَميتَ ڇُٽندِيان ڪانه، مگر عمل ڪَندا، جي آهيو. |
إِنَّ أَصحٰبَ الجَنَّةِ اليَومَ فى شُغُلٍ فٰكِهونَ (آيت : 55) |
اَڄ خُوش شُغل شادِيَن ۾، جَنت جا جُونجھار، |
هُم وَأَزوٰجُهُم فى ظِلٰلٍ عَلَى الأَرائِكِ مُتَّكِـٔونَ (آيت : 56) |
اُهي ۽ اُنهن جون عورتون، مَنجھ ٿڌِي ڇانوَ ٿڌڪار، سيجن مَٿي سامنهنڙا، وَهسن ويرو تار، |
لَهُم فيها فٰكِهَةٌ وَلَهُم ما يَدَّعونَ (آيت : 57) |
مَنجھسِ ميوا اُنهن لئي، پڻ طَلبِينِ، سو تيار، |
سَلٰمٌ قَولًا مِن رَبٍّ رَحيمٍ (آيت : 58) |
سلامتِي سَهوار، مالِڪ مِهربان کان. |
وَامتٰزُوا اليَومَ أَيُّهَا المُجرِمونَ (آيت : 59) |
۽ اَڄ ٽَرِي ڌار ٿيو، اي گُنہ گار، غُلام! |
أَلَم أَعهَد إِلَيكُم يٰبَنى ءادَمَ أَن لا تَعبُدُوا الشَّيطٰنَ إِنَّهُ لَكُم عَدُوٌّ مُبينٌ (آيت : 60) |
وَرتِم، نه وِياءَ آدم!، ڇا؟ اوهان کان اَنجام؟ ته عِبادت اِبلِيس جِي، نه ڪَجو تا قِيام، جو پهرين ڏِينهن کان، پَڌرو خَصم اوهان جو خام، |
وَأَنِ اعبُدونى هٰذا صِرٰطٌ مُستَقيمٌ (آيت : 61) |
۽ پوڄيو مُون مُدام، سَئـِين، وَهِين اِئَ واٽڙِي! |
وَلَقَد أَضَلَّ مِنكُم جِبِلًّا كَثيرًا أَفَلَم تَكونوا تَعقِلونَ (آيت : 62) |
۽ گھڻا مُنجھائـِين آن مَنجھان، پوءِ سَمجِھي نه ڪريو صَحِي؟ |
هٰذِهِ جَهَنَّمُ الَّتى كُنتُم توعَدونَ (آيت : 63) |
جنهن جا ٻول ٻُڌايا ٿي وِيا، سو دوزخ حاضِر هِي، |
اصلَوهَا اليَومَ بِما كُنتُم تَكفُرونَ (آيت : 64) |
اَڄ ڪَڙهو مَنجھسِ ڪَهِي، جِنهن مُوجب مَڃِيندائي نه هُئا. |
اليَومَ نَختِمُ عَلىٰ أَفوٰهِهِم وَتُكَلِّمُنا أَيديهِم وَتَشهَدُ أَرجُلُهُم بِما كانوا يَكسِبونَ (آيت : 65) |
مُهر سَندنِ مُنهن تي، هڻنداسون هِن وير، ۽ ڪُڇندا اَسان سِين، هٿ سَندنِ، پڻ شاهِد ٿِيندنِ پير، ڪَسب، ڪَمايون، ڪير؟ جِھڙا ڪَن جَھان ۾. |
وَلَو نَشاءُ لَطَمَسنا عَلىٰ أَعيُنِهِم فَاستَبَقُوا الصِّرٰطَ فَأَنّىٰ يُبصِرونَ (آيت : 66) |
۽ جي گُھرون ته اکيون اُنهن جون، هِڪدم ميٽيون هاڻ، پوءِ وَاٽان وَڌن پاڻ، ته پوءِ ڪِٿان پَسن گس پوئتي. |
وَلَو نَشاءُ لَمَسَخنٰهُم عَلىٰ مَكانَتِهِم فَمَا استَطٰعوا مُضِيًّا وَلا يَرجِعونَ (آيت : 67) |
۽ جي گُھرون ته بِيٺي ماڳ سَندنِ، مٽايونِ مُورت، پوءِ سامهون ڪِنهن صُورت، نه وَڌنِ، نه وَرنِ پوئتي. |
وَمَن نُعَمِّرهُ نُنَكِّسهُ فِى الخَلقِ أَفَلا يَعقِلونَ (آيت : 68) |
۽ اَسِين وَڌائـِيندا آهيون، جِنهن ڪِنهن جِي، عمر جِيئن، اُبتايونسِ عُضوا تِئين، پوءِ صَحِي ڇو نه سوچيو؟ |
وَما عَلَّمنٰهُ الشِّعرَ وَما يَنبَغى لَهُ إِن هُوَ إِلّا ذِكرٌ وَقُرءانٌ مُبينٌ (آيت : 69) |
۽ شِعر نه سيکاريوسُون اُن کي، ۽ نه شِعر اُنهِئَ جو شان، ناهي نصحيت سوا، بِهتر هِي بيان، قرارو قرآن، چِٽيون چوندڙ ڳالهيون. |
لِيُنذِرَ مَن كانَ حَيًّا وَيَحِقَّ القَولُ عَلَى الكٰفِرينَ (آيت : 70) |
تان ڊيڄارجي، تِنهن ڍوليي، جو جيئرو مَنجھ جَھان، پڻ ٿئي مَٿي ڪُفران، قائـِم قول عذاب جو. |
أَوَلَم يَرَوا أَنّا خَلَقنا لَهُم مِمّا عَمِلَت أَيدينا أَنعٰمًا فَهُم لَها مٰلِكونَ (آيت : 71) |
ڇا، اُنهن نه ڏِٺو اکيين؟ ته هزارين تَن هار، جوڙياسون ڍور ڍڳا، جي وَڙڪن مَنجھ وَلهار، جي هٿن اسان جي ڪم ڪيا، مَنجهان تن تڪرار، پوءِ آهِن پاڻ اُنهن جا، ڌڻِي، ڪي ڌراڙ، |
وَذَلَّلنٰها لَهُم فَمِنها رَكوبُهُم وَمِنها يَأكُلونَ (آيت : 72) |
۽ ڪري ڏناسون ڪرم سان، تن کي تابعدار، پوءِ ڪن تي سندن سواريون، ڪن مان کائـِن خُوشگوار، |
وَلَهُم فيها مَنٰفِعُ وَمَشارِبُ أَفَلا يَشكُرونَ (آيت : 73) |
۽ کَٽيا، کَٽا کير ڪَئـِين، نفعا مَنجھنِ نِروار، پوءِ آخِر ڪِنهن آڌار، نه ڳائـِن ڳُڻ ڳالهيون؟ |
وَاتَّخَذوا مِن دونِ اللَّهِ ءالِهَةً لَعَلَّهُم يُنصَرونَ (آيت : 74) |
۽ ڌَڻِئ ڌاران ٺاهيؤن، وَسِيلا، وَزِير، ته مَانَ مَدد ڪَن اُنهن جِي، اُهکي ۾ اڪسير، |
لا يَستَطيعونَ نَصرَهُم وَهُم لَهُم جُندٌ مُحضَرونَ (آيت : 75) |
مَدد سَندن کي مُورهين، نه پُهچن سَندنِ پِير، ۽ حاضر فوج فقير، مُرڳو مَدد اُنهن جِي. |
فَلا يَحزُنكَ قَولُهُم إِنّا نَعلَمُ ما يُسِرّونَ وَما يُعلِنونَ (آيت : 76) |
توکي تَن جي تُنڪن جو، غَم نَه ٿئي گوهر! اَسِين سَمجھون سربسر، جيڪِي ڪن ڳُجھو ۽ پَڌرو. |
أَوَلَم يَرَ الإِنسٰنُ أَنّا خَلَقنٰهُ مِن نُطفَةٍ فَإِذا هُوَ خَصيمٌ مُبينٌ (آيت : 77) |
اُهو نه ڏِٺو اِنسان؟ ڦُڙيان ڪوسون ڦُل تِنهِين، پوءِ اِجھو عدو پڌرو، ٿِي بيٺو بي گُمان، |
وَضَرَبَ لَنا مَثَلًا وَنَسِىَ خَلقَهُ قالَ مَن يُحىِ العِظٰمَ وَهِىَ رَميمٌ (آيت : 78) |
اُٽلو لڳو اَسان مَٿان، ڪرڻ باب بيان، ۽ پهريون جوڙڻ پنهنجو، وساريو ويران، چي، هڏن حياتي ڪير ڏِئي، جڏهن خاڪ هُجن خيمان؟ |
قُل يُحييهَا الَّذى أَنشَأَها أَوَّلَ مَرَّةٍ وَهُوَ بِكُلِّ خَلقٍ عَليمٌ (آيت : 79) |
چئو، پهرين ڀيري ڀُون مَنجھان، اُٿارئين آسان، اُهو جيارِيندو آن کي، فقط سِين فرمان، ۽ جوڙڻ هر ڪِنهن جوڙ جو، سو سَمجھندڙ سُبحان، |
الَّذى جَعَلَ لَكُم مِنَ الشَّجَرِ الأَخضَرِ نارًا فَإِذا أَنتُم مِنهُ توقِدونَ (آيت : 80) |
سائي وڻ مان جنهن ڪَئـِي، آن لئي آگ عيان، هر ڪِنهن ماڳ مَڪان، پوءِ جِنهن سان، جوت جلائـِيو. |
أَوَلَيسَ الَّذى خَلَقَ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ بِقٰدِرٍ عَلىٰ أَن يَخلُقَ مِثلَهُم بَلىٰ وَهُوَ الخَلّٰقُ العَليمُ (آيت : 81) |
ڀُون، اُڀ جنهن بنايا، عجب رنگ اِسرار، ڇا، ڪونهي تنهن قادِر کي، اِهو اِختيار؟ ته جوڙون ئي هِن جِھڙيون، جوڙي جوڙڻ هار، ۽ خالِق خبردار، جِئ، آهي جَلَّ جَلالہٗ. |
إِنَّما أَمرُهُ إِذا أَرادَ شَيـًٔا أَن يَقولَ لَهُ كُن فَيَكونُ (آيت : 82) |
آهي ڪم اُنهِئَ جو، جڏهن جوڙڻ گُھري ڪو ٽول، ٻولائيسِ، “ٿِي”، ته پوءِ ٿِي پوي، |
فَسُبحٰنَ الَّذى بِيَدِهِ مَلَكوتُ كُلِّ شَيءٍ وَإِلَيهِ تُرجَعونَ (آيت : 83) |
پوءِ پاڪائـِي تِنهن پَروَر کي، جُڳائـِي جائـِي، جنهن هَٿ هر ڪِنهن ٽول جِي، رائـِي دوائـِي، ۽ اوهين مِڙيائـِي آخر هلندا اُن ڏي. |