القرآن الڪريم

  • اينڊرائيڊ ايپليڪيشن
  • سهڪار
  • پراجيڪٽ ٽيم
  • پراجيڪٽ بابت
  • مترجمين
    • قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)
    • ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)
    • بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)
    • سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)
    • احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)
    • الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)
    • فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)
    • نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)
    • البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)
    • تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)
    • القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)
    • قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)


 

رڪوع : 5 سُوۡرَۃُ یٰسٓ مَکِّیَّۃٌ آيتون : 83


بِسۡمِ اللهِ الرَّحمٰنِ الرَّحِيۡمِ

يس (آيت : 1)

ياسين (هي حروف مقطعات آهن هن جو مطلب الله ۽ ان جو رسول (ﷺ) ڄاڻن ٿا).

وَالقُرءانِ الحَكيمِ (آيت : 2)

قسم آهي حڪمت واري قرآن جو.

إِنَّكَ لَمِنَ المُرسَلينَ (آيت : 3)

بيشڪ تون رسولن مان آهين.

عَلىٰ صِرٰطٍ مُستَقيمٍ (آيت : 4)

تون سڌي رستي تي (قائم) آهين.

تَنزيلَ العَزيزِ الرَّحيمِ (آيت : 5)

وڏي عزت واري ٻاجهاري (الله) جو نازل ڪيل آهي.

لِتُنذِرَ قَومًا ما أُنذِرَ ءاباؤُهُم فَهُم غٰفِلونَ (آيت : 6)

هن لاءِ تون اهڙي قوم کي ڊيڄارين جن جي ابن ڏاڏن کي نه ڊيڄاريو ويو هيو پوءِ اُهي غافل آهن.

لَقَد حَقَّ القَولُ عَلىٰ أَكثَرِهِم فَهُم لا يُؤمِنونَ (آيت : 7)

بيشڪ انهن مان گهڻن ماڻهن تي فرمان (سچو) ثابت ٿي چڪو آهي سو اُهي ايمان نه آڻيندا.

إِنّا جَعَلنا فى أَعنٰقِهِم أَغلٰلًا فَهِىَ إِلَى الأَذقانِ فَهُم مُقمَحونَ (آيت : 8)

بيشڪ اسان انهن جي ڳچين ۾ ڳٽ وجهي ڇڏيا آهن پوءِ اُهي کاڏين تائين (جڪڙيل) آهن سو اهي مٿو مٿي ڪيل آهن.

وَجَعَلنا مِن بَينِ أَيديهِم سَدًّا وَمِن خَلفِهِم سَدًّا فَأَغشَينٰهُم فَهُم لا يُبصِرونَ (آيت : 9)

۽ اسان انهن جي اڳيان کان هڪ ڀت ۽ انهن جي پويان کان به هڪ ڀت بنائي آهي پوءِ اسان انهن (جي اکين) تي پردو وڌو آهي، سو انهن کي ڪجھه نه ٿو نظر اچي.

وَسَواءٌ عَلَيهِم ءَأَنذَرتَهُم أَم لَم تُنذِرهُم لا يُؤمِنونَ (آيت : 10)

۽ انهن لاءِ برابر آهي تون انهن کي ڊيڄارين يا نه ڊيڄارين اُهي ايمان نه آڻيندا.

إِنَّما تُنذِرُ مَنِ اتَّبَعَ الذِّكرَ وَخَشِىَ الرَّحمٰنَ بِالغَيبِ فَبَشِّرهُ بِمَغفِرَةٍ وَأَجرٍ كَريمٍ (آيت : 11)

تون صرف ان ماڻهو کي ڊيڄارين ٿو جنهن نصيحت جي پيروي ڪئي ۽ وڏي مهربان کان اڻ ڏٺي ڊنو، پوءِ تون ان کي بخشش ۽ وڏي اجر جي خوشخبري ڏي.

إِنّا نَحنُ نُحىِ المَوتىٰ وَنَكتُبُ ما قَدَّموا وَءاثٰرَهُم وَكُلَّ شَيءٍ أَحصَينٰهُ فى إِمامٍ مُبينٍ (آيت : 12)

بيشڪ اسان ئي مُردن کي جياريون ٿا ۽ اسان اُهو سڀ ڪجهه لکي رهيا آهيون جيڪي (عمل) انهن اڳتي موڪليا ۽ سندن اثرات (جي پوئتي رهيا). ۽ هر شيءِ کي اسان ظاهر ڪتاب (لوح محفوظ) ۾ ڳڻي ڇڏيو آهي.

وَاضرِب لَهُم مَثَلًا أَصحٰبَ القَريَةِ إِذ جاءَهَا المُرسَلونَ (آيت : 13)

۽ تون انهن جي اڳيان ان ڳوٺ (انطاقيه) وارن جو مثال بيان ڪر. جڏهن انهن وٽ ڪجهه رسول آيا.

إِذ أَرسَلنا إِلَيهِمُ اثنَينِ فَكَذَّبوهُما فَعَزَّزنا بِثالِثٍ فَقالوا إِنّا إِلَيكُم مُرسَلونَ (آيت : 14)

جڏهن اسان انهن ڏانهن (اول) ٻه (پيغمبر) موڪليا پوءِ انهن ٻنهين کي ڪوڙو چيائون پوءِ اسان (انهن ٻن جِي) ٽئين جي ذريعي مدد ڪئي پوءِ انهن (ٽنهين) چيو ته: ”بيشڪ اسان اوهان ڏانهن رسول جي حيثيت ۾ موڪليل آهيون“.

قالوا ما أَنتُم إِلّا بَشَرٌ مِثلُنا وَما أَنزَلَ الرَّحمٰنُ مِن شَيءٍ إِن أَنتُم إِلّا تَكذِبونَ (آيت : 15)

(ڳوٺ وارن) چيو ته : ”اوهان ته رڳو اسان جهڙا بشر آهيو ۽ رحمان ڪا شيءِ به نازل نه ڪئي آهي توهان فقط ڪوڙ ڳالهايو ٿا“.

قالوا رَبُّنا يَعلَمُ إِنّا إِلَيكُم لَمُرسَلونَ (آيت : 16)

(رسولن) چيو ته: ”اسان جو پالڻهار ڄاڻي ٿو ته بيشڪ اسان توهان ڏانهن موڪليل آهيون.

وَما عَلَينا إِلَّا البَلٰغُ المُبينُ (آيت : 17)

۽ صاف صاف پيغام پهچائڻ کان سواءِ اسان تي ڪا ذميداري نه آهي“.

قالوا إِنّا تَطَيَّرنا بِكُم لَئِن لَم تَنتَهوا لَنَرجُمَنَّكُم وَلَيَمَسَّنَّكُم مِنّا عَذابٌ أَليمٌ (آيت : 18)

(ڳوٺ وارن) چيو: ”بيشڪ اسان اوهان جي (اچڻ) سببان بدبختي سمجهي آهي، جيڪڏهن توهان باز نه ايندؤ ته ضرور اوهان کي سنگسار ڪنداسين ۽ اوهان کي اسان کان دردناڪ عذاب پهچندو“.

قالوا طٰئِرُكُم مَعَكُم أَئِن ذُكِّرتُم بَل أَنتُم قَومٌ مُسرِفونَ (آيت : 19)

(رسولن) چيو: ”توهان جي بدبختي توهان سان آهي. ڇا هي بدبختي آهي جو توهان کي نصيحت ڪئي وئي؟ بلڪه توهان زيادتي ڪندڙ قوم آهيو“.

وَجاءَ مِن أَقصَا المَدينَةِ رَجُلٌ يَسعىٰ قالَ يٰقَومِ اتَّبِعُوا المُرسَلينَ (آيت : 20)

۽ شهر جي پرئين ڪناري کان هڪ مرد ڊوڙندو آيو چيائين: ”اي منهنجي قوم! رسولن جي تابعداري ڪيو.

اتَّبِعوا مَن لا يَسـَٔلُكُم أَجرًا وَهُم مُهتَدونَ (آيت : 21)

انهن جي تابعداري ڪيو جيڪي توهان کان ڪو معاوضو نه ٿا گهرن ۽ اِهي هدايت يافته به آهن.

وَما لِىَ لا أَعبُدُ الَّذى فَطَرَنى وَإِلَيهِ تُرجَعونَ (آيت : 22)

۽ آءٌ ڇو نه ان ذات جي بندگي ڪيان جنهن مون کي پيدا ڪيو آهي ۽ اوهان (سڀئي به) ان ڏانهن موٽايا ويندؤ.

ءَأَتَّخِذُ مِن دونِهِ ءالِهَةً إِن يُرِدنِ الرَّحمٰنُ بِضُرٍّ لا تُغنِ عَنّى شَفٰعَتُهُم شَيـًٔا وَلا يُنقِذونِ (آيت : 23)

ڇا آءٌ ان (الله) کي ڇڏي اهڙا معبود بنايان جو اگر رحمان مون کي ڪا تڪليف پهچائڻ گهري ته نه مون کي انهن جي سفارش نفعو پهچائي سگهي ۽ نه اُهي مون کي ڇڏائي سگهن.

إِنّى إِذًا لَفى ضَلٰلٍ مُبينٍ (آيت : 24)

(اگر ائين ڪيان ته ) بيشڪ تڏهن ته آءٌ کُلي گمراهي ۾ هوندس.

إِنّى ءامَنتُ بِرَبِّكُم فَاسمَعونِ (آيت : 25)

بيشڪ مون توهان جي پالڻهار تي ايمان آندو سو اوهان منهنجي ڳالهه ٻڌو“. (۽ مڃو)

قيلَ ادخُلِ الجَنَّةَ قالَ يٰلَيتَ قَومى يَعلَمونَ (آيت : 26)

(ان کي شهيد ڪيو ويو ته کيس) چيو ويو: ”جنت ۾ داخل ٿيءُ“. چيائين: ”هائو جي منهنجي قوم ڄاڻي ها.

بِما غَفَرَ لى رَبّى وَجَعَلَنى مِنَ المُكرَمينَ (آيت : 27)

ته ڪهڙي ڳالهه جي ڪري منهنجي پالڻهار مون کي بخشي ڇڏيو ۽ مون کي عزت وارن مان ڪيائين“.

وَما أَنزَلنا عَلىٰ قَومِهِ مِن بَعدِهِ مِن جُندٍ مِنَ السَّماءِ وَما كُنّا مُنزِلينَ (آيت : 28)

۽ ان کان پوءِ اسان ان جي قوم تي آسمان مان ڪوبه لشڪر نه لاٿو ۽ نه ئي اسان لاهڻ وارا هئاسين.

إِن كانَت إِلّا صَيحَةً وٰحِدَةً فَإِذا هُم خٰمِدونَ (آيت : 29)

(انهن لاءِ عذاب) اهو هڪ ڪڙڪيدار آواز کان سواءِ ڪجهه نه هيو. پوءِ ان مهل ئي اُهي (مري ٽانڊي وانگر) وسامي ويا.

يٰحَسرَةً عَلَى العِبادِ ما يَأتيهِم مِن رَسولٍ إِلّا كانوا بِهِ يَستَهزِءونَ (آيت : 30)

هاءِ افسوس! (انهن) ٻانهن تي جن وٽ ڪوبه رسول نه آيو جنهن سان مسخريون نه ٿي ڪيائون.

أَلَم يَرَوا كَم أَهلَكنا قَبلَهُم مِنَ القُرونِ أَنَّهُم إِلَيهِم لا يَرجِعونَ (آيت : 31)

ڇا انهن نه ڏٺو جو اسان انهن کان اڳ ڪيترين قومن کي هلاڪ ڪيو جو هاڻي اُهي انهن ڏانهن موٽي اچڻ وارا نه آهن.

وَإِن كُلٌّ لَمّا جَميعٌ لَدَينا مُحضَرونَ (آيت : 32)

۽ انهن سڀني کي اسان جي حضور حاضر ڪيو ويندو.

وَءايَةٌ لَهُمُ الأَرضُ المَيتَةُ أَحيَينٰها وَأَخرَجنا مِنها حَبًّا فَمِنهُ يَأكُلونَ (آيت : 33)

۽ انهن جي (سمجهڻ) لاءِ بي جان زمين هڪ نشاني آهي جنهن کي اسان زنده ڪيو ۽ اسان ان مان داڻا ڪڍيا پوءِ انهيءَ مان اهي کائن ٿا.

وَجَعَلنا فيها جَنّٰتٍ مِن نَخيلٍ وَأَعنٰبٍ وَفَجَّرنا فيها مِنَ العُيونِ (آيت : 34)

۽ اسان ان ۾ کجين ۽ انگورن جا باغ بنايا ۽ اسان انهن (باغن ۾) ڪجهه چشما وهايا.

لِيَأكُلوا مِن ثَمَرِهِ وَما عَمِلَتهُ أَيديهِم أَفَلا يَشكُرونَ (آيت : 35)

هن لاءِ ته ان جي ميوي مان کائن ۽ ان (ميوي) کي سندن هٿن نه بنايو آهي. ڇا پوءِ به شڪر نه ٿا ڪن؟

سُبحٰنَ الَّذى خَلَقَ الأَزوٰجَ كُلَّها مِمّا تُنبِتُ الأَرضُ وَمِن أَنفُسِهِم وَمِمّا لا يَعلَمونَ (آيت : 36)

پاڪ آهي اها ذات جنهن هر شيءِ جا جوڙا پيدا ڪيا انهن جا به جن کي زمين ڄمائي ٿي، ۽ خود سندن جنس مان به ۽ انهن مان به جن کي اُهي نه ٿا ڄاڻن.

وَءايَةٌ لَهُمُ الَّيلُ نَسلَخُ مِنهُ النَّهارَ فَإِذا هُم مُظلِمونَ (آيت : 37)

۽ انهن لاءِ هڪ نشاني رات (به) آهي، اسان ان جي مٿان کان ڏينهن کي هٽائي ڇڏيون ٿا، پوءِ ان وقت ئي اُهي اونداهي ۾ رهجي وڃن ٿا.

وَالشَّمسُ تَجرى لِمُستَقَرٍّ لَها ذٰلِكَ تَقديرُ العَزيزِ العَليمِ (آيت : 38)

۽ سج، پنهنجي مقرر ڪيل منزل جي لاءِ هلندو رهي ٿو. اهو غالب ڄاڻندڙ (الله) جو مقرر ڪيل حساب آهي.

وَالقَمَرَ قَدَّرنٰهُ مَنازِلَ حَتّىٰ عادَ كَالعُرجونِ القَديمِ (آيت : 39)

۽ چنڊ، اسان ان لاءِ منزلون مقرر ڪيون آهن، ايستائين جو (ڏسجڻ ۾) کجيءَ جي پُراڻي ڏنگي ٽاري وانگر ٿي پوي ٿو.

لَا الشَّمسُ يَنبَغى لَها أَن تُدرِكَ القَمَرَ وَلَا الَّيلُ سابِقُ النَّهارِ وَكُلٌّ فى فَلَكٍ يَسبَحونَ (آيت : 40)

نه سج کي مجال آهي جو اهو چنڊ کي پڪڙي ۽ نه راتِ ڏينهنَ تي اڳرائي ڪندڙ آهي. ۽ سڀ (ستارا ۽ سيارا) پنهنجي مدار ۾ تري رهيا آهن.

وَءايَةٌ لَهُم أَنّا حَمَلنا ذُرِّيَّتَهُم فِى الفُلكِ المَشحونِ (آيت : 41)

۽ انهن لاءِ هڪ نشاني هي به آهي جو اسان انهن جي نسل کي ڀريل ٻيڙي ۾ سوار ڪيو.

وَخَلَقنا لَهُم مِن مِثلِهِ ما يَركَبونَ (آيت : 42)

۽ اسان انهن لاءِ ان (ٻيڙي) جهڙيون (ٻيون سواريون) پيدا ڪيون جن تي سوار ٿين ٿا.

وَإِن نَشَأ نُغرِقهُم فَلا صَريخَ لَهُم وَلا هُم يُنقَذونَ (آيت : 43)

۽ جيڪڏهن اسان چاهيون ته کين ٻوڙي ڇڏيون ته پوءِ نه انهن لاءِ ڪو فرياد رس هوندو ۽ نه ئي اُهي بچايا ويندا.

إِلّا رَحمَةً مِنّا وَمَتٰعًا إِلىٰ حينٍ (آيت : 44)

سواءِ اسان جي رحمت جي ۽ (اهو) هڪ مقرر وقت تائين جو فائدو آهي.

وَإِذا قيلَ لَهُمُ اتَّقوا ما بَينَ أَيديكُم وَما خَلفَكُم لَعَلَّكُم تُرحَمونَ (آيت : 45)

۽ جڏهن کين چيو وڃي ٿو ته ان (عذاب) کان بچو جيڪو توهان جي سامهون (يعني دنيا ۾) آهي ۽ اوهان جي پٺيان (يعني آخرت ۾) آهي تانجو توهان تي رحم ڪيو وڃي.

وَما تَأتيهِم مِن ءايَةٍ مِن ءايٰتِ رَبِّهِم إِلّا كانوا عَنها مُعرِضينَ (آيت : 46)

۽ انهن وٽ انهن جي پالڻهار جي نشانين مان ڪابه نشاني نه ٿي اچي مگر اُهي ان کان منهن موڙيندڙ آهن.

وَإِذا قيلَ لَهُم أَنفِقوا مِمّا رَزَقَكُمُ اللَّهُ قالَ الَّذينَ كَفَروا لِلَّذينَ ءامَنوا أَنُطعِمُ مَن لَو يَشاءُ اللَّهُ أَطعَمَهُ إِن أَنتُم إِلّا فى ضَلٰلٍ مُبينٍ (آيت : 47)

۽ جڏهن کين چيو وڃي ٿو ته ان مان خرچ ڪيو جيڪا الله اوهان کي روزي ڏني آهي ته ڪافر ايمان وارن کي چون ٿا: ”ڇا اسان انهن کي کارايون جن کي اگر الله گهري ها ته خود کارائي ڇڏي ها، توهان ته رڳو پڌري گمراهي ۾ آهيو“.

وَيَقولونَ مَتىٰ هٰذَا الوَعدُ إِن كُنتُم صٰدِقينَ (آيت : 48)

۽ چون ٿا ته: ”هي (قيامت جو) وعدو ڪڏهن پورو ٿيندو (ٻڌايو) جي اوهان سچا آهيو“؟

ما يَنظُرونَ إِلّا صَيحَةً وٰحِدَةً تَأخُذُهُم وَهُم يَخِصِّمونَ (آيت : 49)

اُهي رڳو هڪ خوفناڪ آواز جو ئي انتظار ڪن ٿا جيڪو کين (اوچتو) پڪڙيندو ۽ اُهي (پاڻ ۾) جهڳڙو ڪري رهيا هوندا.

فَلا يَستَطيعونَ تَوصِيَةً وَلا إِلىٰ أَهلِهِم يَرجِعونَ (آيت : 50)

پوءِ نه ته اُهي وصيت ڪري سگهندا ۽ نه پنهنجي گهروارن ڏانهن موٽي سگهندا.

وَنُفِخَ فِى الصّورِ فَإِذا هُم مِنَ الأَجداثِ إِلىٰ رَبِّهِم يَنسِلونَ (آيت : 51)

۽ صور ۾ ڦوڪيو ويندو ته پوءِ ان مهل ئي اُهي پنهنجي قبرن مان (نڪري) پنهنجي پالڻهار ڏانهن ڊوڙندا.

قالوا يٰوَيلَنا مَن بَعَثَنا مِن مَرقَدِنا هٰذا ما وَعَدَ الرَّحمٰنُ وَصَدَقَ المُرسَلونَ (آيت : 52)

چوندا: ”هاءِ اسان جي بربادي اسان کي ڪنهن اسان جي ننڊ جي جاين مان اٿاريو“؟ (زنده ٿي اٿڻ) اهو ئي ته آهي جنهن جو وڏي مهربان (الله) وعدو ڪيو هيو ۽ رسولن سچ چيو هيو.

إِن كانَت إِلّا صَيحَةً وٰحِدَةً فَإِذا هُم جَميعٌ لَدَينا مُحضَرونَ (آيت : 53)

اهو رڳو هڪ ڪڙڪيدار آواز ئي هوندو پوءِ اُهي سڀ جو سڀ ان مهل ئي اسان جي حضور ۾ حاضر ڪيا ويندا.

فَاليَومَ لا تُظلَمُ نَفسٌ شَيـًٔا وَلا تُجزَونَ إِلّا ما كُنتُم تَعمَلونَ (آيت : 54)

پوءِ اڄ ڏينهن ڪنهن تي ڪجهه به ظلم نه ڪيو ويندو ۽ نه توهان کي ڪو بدلو ڏنو ويندو سواءِ انهن ڪمن جي جيڪي توهان ڪندا هئا.

إِنَّ أَصحٰبَ الجَنَّةِ اليَومَ فى شُغُلٍ فٰكِهونَ (آيت : 55)

بيشڪ جنت وارا اڄ (پنهنجي من پسند) مشغولي ۾ مزا ماڻيندڙ آهن.

هُم وَأَزوٰجُهُم فى ظِلٰلٍ عَلَى الأَرائِكِ مُتَّكِـٔونَ (آيت : 56)

اُهي ۽ سندن زالون (گهاٽِيُن) ڇانؤن ۾ پلنگن تي ٽيڪ لڳائي ويٺل هوندا.

لَهُم فيها فٰكِهَةٌ وَلَهُم ما يَدَّعونَ (آيت : 57)

انهن لاءِ ان ۾ (هر قسم جو) ميوو هوندو ۽ انهن لاءِ هر اها شيءِ (موجود) هوندي جيڪا اُهي طلب ڪندا.

سَلٰمٌ قَولًا مِن رَبٍّ رَحيمٍ (آيت : 58)

(توهان تي) سلام هجي، (اهو) وڏي ٻاجھه ڀرئي پالڻهار جو فرمان هوندو.

وَامتٰزُوا اليَومَ أَيُّهَا المُجرِمونَ (آيت : 59)

۽ (حڪم ڪنداسين ته) اي ڏوهاريو! اڄ اوهان (نيڪو ڪارن کان) الڳ ٿي وڃو.

أَلَم أَعهَد إِلَيكُم يٰبَنى ءادَمَ أَن لا تَعبُدُوا الشَّيطٰنَ إِنَّهُ لَكُم عَدُوٌّ مُبينٌ (آيت : 60)

اي آدم جا اولاد! ڇا مون اوهان کان هن ڳالهه جو عهد نه ورتو هيو ته شيطان جي پوڄا نه ڪجو، بيشڪ اُهو اوهان جو پڌرو دشمن آهي.

وَأَنِ اعبُدونى هٰذا صِرٰطٌ مُستَقيمٌ (آيت : 61)

۽ هي ته منهنجي عبادت ڪجو. هي سڌو رستو آهي.

وَلَقَد أَضَلَّ مِنكُم جِبِلًّا كَثيرًا أَفَلَم تَكونوا تَعقِلونَ (آيت : 62)

۽ بيشڪ ان توهان مان گهڻي خلق کي گمراهه ڪيو آهي. ڇا پوءِ توهان عقل نه رکندا هيئو!

هٰذِهِ جَهَنَّمُ الَّتى كُنتُم توعَدونَ (آيت : 63)

هي اهو جهنم آهي جنهن جو توهان سان وعدو ڪيو ويندو هيو.

اصلَوهَا اليَومَ بِما كُنتُم تَكفُرونَ (آيت : 64)

اڄ ان (دوزخ ۾) داخل ٿي وڃو ان ڪري جو توهان (دنيا ۾) ڪفر ڪندا هئا.

اليَومَ نَختِمُ عَلىٰ أَفوٰهِهِم وَتُكَلِّمُنا أَيديهِم وَتَشهَدُ أَرجُلُهُم بِما كانوا يَكسِبونَ (آيت : 65)

اڄ اسان انهن جي واتن تي مُهرون هڻنداسين ۽ انهن جا هٿ اسان سان ڳالهائيندا ۽ انهن جا پير شاهدي ڏيندا انهن (عملن) جي جيڪي اُهي ڪمائيندا هئا.

وَلَو نَشاءُ لَطَمَسنا عَلىٰ أَعيُنِهِم فَاستَبَقُوا الصِّرٰطَ فَأَنّىٰ يُبصِرونَ (آيت : 66)

۽ جيڪڏهن اسين چاهيون ها ته انهن جون اکيون ئي ميٽائي ڇڏيون ها پوءِ رستي ڏانهن ڊوڙن ها ته (انڌا) ڪٿان ڏسن ها.

وَلَو نَشاءُ لَمَسَخنٰهُم عَلىٰ مَكانَتِهِم فَمَا استَطٰعوا مُضِيًّا وَلا يَرجِعونَ (آيت : 67)

۽ جيڪڏهن اسان چاهيون ها ته سندن رهائشگاهن تي ئي سندن صورتون بگاڙي ڇڏيون ها پوءِ نه اڳتي وڌي سگهن ها ۽ نه پوئتي موٽي سگهن ها.

وَمَن نُعَمِّرهُ نُنَكِّسهُ فِى الخَلقِ أَفَلا يَعقِلونَ (آيت : 68)

۽ جنهن کي اسان وڏي عمر ڏيون ٿا ان کي تخليق (جي قوتن ۾) ابتو ڦيرايون ٿا (يعني جسماني قوتن ۾ ننڍپڻ وانگر ڪمزوري آڻيون ٿا). ڇا پوءِ اُهي عقل نه ٿا رکن.

وَما عَلَّمنٰهُ الشِّعرَ وَما يَنبَغى لَهُ إِن هُوَ إِلّا ذِكرٌ وَقُرءانٌ مُبينٌ (آيت : 69)

۽ اسان ان (نبي محمد ڪريم ﷺ) کي شعر چوڻ نه سيکاريا آهن ۽ نه اُهي ان جي شان جي لائق آهن. اهو (ڪتاب) ته رڳو نصيحت ۽ روشن قرآن آهي.

لِيُنذِرَ مَن كانَ حَيًّا وَيَحِقَّ القَولُ عَلَى الكٰفِرينَ (آيت : 70)

هن لاءِ ته ان شخص کي ڊيڄاري جيڪو زنده هجي ۽ ڪافرن تي حجت ثابت ٿئي.

أَوَلَم يَرَوا أَنّا خَلَقنا لَهُم مِمّا عَمِلَت أَيدينا أَنعٰمًا فَهُم لَها مٰلِكونَ (آيت : 71)

ڇا انهن نه ڏٺو جو اسان پنهنجي (قدرت جي) هٿن جي بنايل (شين) مان انهن جي لاءِ چوپايا پيدا ڪيا آهن پوءِ هي انهن جا مالڪ آهن.

وَذَلَّلنٰها لَهُم فَمِنها رَكوبُهُم وَمِنها يَأكُلونَ (آيت : 72)

پوءِ اسان انهن کي سندن وس ۾ ڪيو پوءِ انهن مان ڪي سندن سواري آهن ۽ انهن مان ڪن (جي گوشت) کي کائن ٿا.

وَلَهُم فيها مَنٰفِعُ وَمَشارِبُ أَفَلا يَشكُرونَ (آيت : 73)

۽ انهن (جانورن) ۾ انهن لاءِ فائدا آهن ۽ پيئڻ جون شيون آهن. ڇا پوءِ به شڪر ادا نه ٿا ڪن.

وَاتَّخَذوا مِن دونِ اللَّهِ ءالِهَةً لَعَلَّهُم يُنصَرونَ (آيت : 74)

۽ انهن الله کان سواءِ ٻين کي معبود بنايو ان اميد تي ته سندن مدد ڪئي ويندي.

لا يَستَطيعونَ نَصرَهُم وَهُم لَهُم جُندٌ مُحضَرونَ (آيت : 75)

اُهي (ڪوڙا معبود) سندن مدد ڪري نه سگهندا ۽ اُهي (مشرڪ) انهن (بتن) جا لشڪر هوندا جي (گڏائي دوزخ ۾) حاضر ڪيا ويندا.

فَلا يَحزُنكَ قَولُهُم إِنّا نَعلَمُ ما يُسِرّونَ وَما يُعلِنونَ (آيت : 76)

پوءِ (اي نبي!) انهن جون ڳالهيون تو کي ڏکارو نه ڪن. بيشڪ اسان ڄاڻون ٿا جيڪي اُهي لڪائن ٿا ۽ جيڪي ظاهر ڪن ٿا.

أَوَلَم يَرَ الإِنسٰنُ أَنّا خَلَقنٰهُ مِن نُطفَةٍ فَإِذا هُوَ خَصيمٌ مُبينٌ (آيت : 77)

ڇا انسان اهو نه ڏٺو جو اسان ان کي نطفي مان پيدا ڪيو پوءِ به اُهو کُلي طرح سخت جهڳڙالو آهي.

وَضَرَبَ لَنا مَثَلًا وَنَسِىَ خَلقَهُ قالَ مَن يُحىِ العِظٰمَ وَهِىَ رَميمٌ (آيت : 78)

۽ اسان جي واسطي مثال بيان ڪري ٿو ۽ پنهنجي پيدائش (جي اصليت) وساري ويٺو آهي. چوي ٿو ته: ”هڏين کي ڪير جياريندو جڏهن اُهي ڳري پامال ٿي وينديون“.

قُل يُحييهَا الَّذى أَنشَأَها أَوَّلَ مَرَّةٍ وَهُوَ بِكُلِّ خَلقٍ عَليمٌ (آيت : 79)

چؤ ته انهن کي اُها ذات جياريندي جنهن انهن کي پهريون ڀيرو پيدا ڪيو هيو ۽ اهو هر مخلوق کي ڄاڻڻ وارو آهي.

الَّذى جَعَلَ لَكُم مِنَ الشَّجَرِ الأَخضَرِ نارًا فَإِذا أَنتُم مِنهُ توقِدونَ (آيت : 80)

جنهن توهان لاءِ سائي وڻ مان باهه پيدا ڪئي پوءِ هاڻي توهان ان مان باهه ٻاريو ٿا.

أَوَلَيسَ الَّذى خَلَقَ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ بِقٰدِرٍ عَلىٰ أَن يَخلُقَ مِثلَهُم بَلىٰ وَهُوَ الخَلّٰقُ العَليمُ (آيت : 81)

۽ ڇا اهو جنهن آسمانن ۽ زمين کي پيدا ڪيو هن ڳالهه تي قادر نه آهي؟ جو انهن جهڙي تخليق (ٻيو ڀيرو) پيدا ڪري. هائو (قدرت رکندڙ آهي) ۽ اهو وڏو پيدا ڪندڙ ڄاڻندڙ آهي.

إِنَّما أَمرُهُ إِذا أَرادَ شَيـًٔا أَن يَقولَ لَهُ كُن فَيَكونُ (آيت : 82)

ان جو حڪمِ (پيدائش) صرف هي آهي جو جڏهن اُهو ڪنهن شيءِ کي (پيدا ڪرڻ) چاهيندو آهي ته ان کي چوندو آهي ته ”ٿي پؤُ“ پوءِ اها ٿي پوي ٿي.

فَسُبحٰنَ الَّذى بِيَدِهِ مَلَكوتُ كُلِّ شَيءٍ وَإِلَيهِ تُرجَعونَ (آيت : 83)

سو اُها ذات پاڪ آهي جنهن جي هٿ ۾ هر شيءِ جي حڪومت آهي ۽ توهان ان ڏانهن موٽايا ويندؤ.


مالي سھائتا ڪندڙ:

© سنڌسلامت ڊاٽ ڪام 2017 - 2025