القرآن الڪريم

  • اينڊرائيڊ ايپليڪيشن
  • سهڪار
  • پراجيڪٽ ٽيم
  • پراجيڪٽ بابت
  • مترجمين
    • قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)
    • ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)
    • بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)
    • سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)
    • احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)
    • الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)
    • فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)
    • نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)
    • البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)
    • تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)
    • القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)
    • قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)


 

رڪوع : 5 سُوۡرَۃُ یٰسٓ مَکِّیَّۃٌ آيتون : 83


بِسۡمِ اللهِ الرَّحمٰنِ الرَّحِيۡمِ

يس (آيت : 1)

يا- سين-

وَالقُرءانِ الحَكيمِ (آيت : 2)

هي ڏاهپ ڀريل قرآن شاهد آهي.

إِنَّكَ لَمِنَ المُرسَلينَ (آيت : 3)

ته تون پڪ سان رسول آهين.

عَلىٰ صِرٰطٍ مُستَقيمٍ (آيت : 4)

سنيئن واٽ تي آهين-

تَنزيلَ العَزيزِ الرَّحيمِ (آيت : 5)

اهو غالب مهربان وٽان لٿل آهي.

لِتُنذِرَ قَومًا ما أُنذِرَ ءاباؤُهُم فَهُم غٰفِلونَ (آيت : 6)

ته تون اهڙيءَ قوم کي ڊيڄارين، جن جا وڏا نه ڊيڄاريا ويا هئا، تنهن ڪري غافل آهن.

لَقَد حَقَّ القَولُ عَلىٰ أَكثَرِهِم فَهُم لا يُؤمِنونَ (آيت : 7)

بيشڪ، انهن مان گهڻن تي عذاب جو قول لازم ٿيل آهي، ان ڪري اهي ايمان نه آڻيندا-

إِنّا جَعَلنا فى أَعنٰقِهِم أَغلٰلًا فَهِىَ إِلَى الأَذقانِ فَهُم مُقمَحونَ (آيت : 8)

اسان سندن ڳچين ۾ ڳٽ بنائي ڇڏيا آهن، جي کاڏين تائين آهن؛ ان ڪري هو ڳاٽي ٽنگيل آهن.

وَجَعَلنا مِن بَينِ أَيديهِم سَدًّا وَمِن خَلفِهِم سَدًّا فَأَغشَينٰهُم فَهُم لا يُبصِرونَ (آيت : 9)

۽ اسان سندن اڳيان به آڙ ڪري ڇڏي آهي، سندن پٺيان به آڙ آهي، ان ڪري کين ڍڪي ڇڏيو اٿئون، جو هو ڪجهه به نه ڏسندا.

وَسَواءٌ عَلَيهِم ءَأَنذَرتَهُم أَم لَم تُنذِرهُم لا يُؤمِنونَ (آيت : 10)

تون هنن کي ڊيڄارين خواهه نه ڊيڄارين، ڳالهه ساڳي آهي، هو ايمان نه آڻيندا.

إِنَّما تُنذِرُ مَنِ اتَّبَعَ الذِّكرَ وَخَشِىَ الرَّحمٰنَ بِالغَيبِ فَبَشِّرهُ بِمَغفِرَةٍ وَأَجرٍ كَريمٍ (آيت : 11)

تون انهي شخص کي ڊيڄاري سگهندين، جيڪو نصيحت تي هلي ۽ ٻاجهاري کان پرپٺ ڊڄي_ ته اهڙي کي بخشش ۽ سڳوري اجر جي مبارڪ ڏي.

إِنّا نَحنُ نُحىِ المَوتىٰ وَنَكتُبُ ما قَدَّموا وَءاثٰرَهُم وَكُلَّ شَيءٍ أَحصَينٰهُ فى إِمامٍ مُبينٍ (آيت : 12)

بيشڪ اسين مئن کي جيئاريندا آهيون ۽ اسين سندن اڳ موڪليل خواهه پوئتي ڇڏيل نشان سڀ لکون ٿا_ هر ڪنهن چيز کي اسان روشن ڪتاب ۾ ڳڻيو آهي.

وَاضرِب لَهُم مَثَلًا أَصحٰبَ القَريَةِ إِذ جاءَهَا المُرسَلونَ (آيت : 13)

۽ انهن کي هڪ ڳوٺ وارن جو قصو ٻڌاءِ، جڏهن هنن وٽ رسول آيا.

إِذ أَرسَلنا إِلَيهِمُ اثنَينِ فَكَذَّبوهُما فَعَزَّزنا بِثالِثٍ فَقالوا إِنّا إِلَيكُم مُرسَلونَ (آيت : 14)

جڏهن اسان هنن وٽ ٻه رسول موڪليا، پوءِ انهن کي ڪوڙو سمجهيائون، وري ٽئين سان پٺڀرائي ڪئي سون- پوءِ هنن چيو ته ”بيشڪ اسين اوهان ڏانهن موڪليل آهيون.“

قالوا ما أَنتُم إِلّا بَشَرٌ مِثلُنا وَما أَنزَلَ الرَّحمٰنُ مِن شَيءٍ إِن أَنتُم إِلّا تَكذِبونَ (آيت : 15)

چيائون ته ”اوهين فقط اسان جهڙا ماڻهو آهيو ۽ الله ڪجهه به ڪو نه لاٿو آهي، اوهين بلڪل ڪوڙ ٿا ڪريو.“

قالوا رَبُّنا يَعلَمُ إِنّا إِلَيكُم لَمُرسَلونَ (آيت : 16)

چيائون ”اسان جو ڌڻي ٿو ڄاڻي، ته اسين پڪ سان اوهان ڏانهن موڪليل آهيون.

وَما عَلَينا إِلَّا البَلٰغُ المُبينُ (آيت : 17)

۽ اسان تي رڳو حڪم رسائڻ آهي.“

قالوا إِنّا تَطَيَّرنا بِكُم لَئِن لَم تَنتَهوا لَنَرجُمَنَّكُم وَلَيَمَسَّنَّكُم مِنّا عَذابٌ أَليمٌ (آيت : 18)

چيائون ”اسان ته بيشڪ اوهان کي نڀاڳو سمجهيو آهي، اوهين باز نه ايندا، ته اسين ضرور اوهان کي پٿر هڻي مارينداسون ۽ اوهان کي اسان کان ضرور ڏکوئيندڙ عذاب رسندو.“

قالوا طٰئِرُكُم مَعَكُم أَئِن ذُكِّرتُم بَل أَنتُم قَومٌ مُسرِفونَ (آيت : 19)

چيائون ته ”نڀاڳ ته اوهان سان ئي آهي، ڇا، اوهان کي نصيحت ڪرڻ ڪري ٿا ائين چئو؟ بلڪ اوهين حد کان اڪريل شخص آهيو.“

وَجاءَ مِن أَقصَا المَدينَةِ رَجُلٌ يَسعىٰ قالَ يٰقَومِ اتَّبِعُوا المُرسَلينَ (آيت : 20)

۽ شهر جي ٻئي طرف کان هڪ شخص ڊوڙندو آيو، چوڻ لڳو، ”اي منهنجي قوم! هنن رسولن جو چيو مڃو.

اتَّبِعوا مَن لا يَسـَٔلُكُم أَجرًا وَهُم مُهتَدونَ (آيت : 21)

انهن شخصن جو چيو مڃيو، جي اوهان کان ڪو عيوض نٿا گهرن ۽ هو سنئين واٽ تي آهن.

وَما لِىَ لا أَعبُدُ الَّذى فَطَرَنى وَإِلَيهِ تُرجَعونَ (آيت : 22)

ڀلا آءُ ڪيئن نه ان جي بندگي ڪريان؟ جنهن مون کي خلقيو آهي ۽ اوهين به ان ڏي موٽائبا.

ءَأَتَّخِذُ مِن دونِهِ ءالِهَةً إِن يُرِدنِ الرَّحمٰنُ بِضُرٍّ لا تُغنِ عَنّى شَفٰعَتُهُم شَيـًٔا وَلا يُنقِذونِ (آيت : 23)

ڇا، آءُ ان کي ڇڏي اهڙن کي سائين بنايان، جو جيڪڏهن اهو ٻاجهارو مون کي ڪو ڏک ڏيڻ گهري، ته هنن جي پارت مون تان ڪجهه به ٽاري نه سگهي ۽ نه هو مون کي ڇڏائي سگهن؟

إِنّى إِذًا لَفى ضَلٰلٍ مُبينٍ (آيت : 24)

ائين ڪريان، ته تڏهن ته آءُ صفا گمراهيءَ ۾ پوندس.

إِنّى ءامَنتُ بِرَبِّكُم فَاسمَعونِ (آيت : 25)

بيشڪ مون ته اوهان جي ڌڻيءَ تي ئي ويساهه آندو آهي، تنهن ڪري منهنجي ڳالهه ٻڌو!“

قيلَ ادخُلِ الجَنَّةَ قالَ يٰلَيتَ قَومى يَعلَمونَ (آيت : 26)

چيو ويو ته، ”بهشت ۾ داخل ٿي!“ چيائين ”هاءِ افسوس! جي منهنجي قوم کي خبر پوي!

بِما غَفَرَ لى رَبّى وَجَعَلَنى مِنَ المُكرَمينَ (آيت : 27)

ته ڪهڙيءَ ڳالهه کان منهنجي ڌڻي مون کي بخشيو ۽ مون کي وڏيءَ عزت وارو ڪيائين!“

وَما أَنزَلنا عَلىٰ قَومِهِ مِن بَعدِهِ مِن جُندٍ مِنَ السَّماءِ وَما كُنّا مُنزِلينَ (آيت : 28)

۽ اسان کانئس پڄاڻا نڪي سندس قوم تي آسمان مان ڪو لشڪر لاٿو، نه ڪي لاهڻو هو.

إِن كانَت إِلّا صَيحَةً وٰحِدَةً فَإِذا هُم خٰمِدونَ (آيت : 29)

فقط هڪ سخت آواز ٿيو، جنهن ڪري ئي هو هڪدم وسامي ويا.

يٰحَسرَةً عَلَى العِبادِ ما يَأتيهِم مِن رَسولٍ إِلّا كانوا بِهِ يَستَهزِءونَ (آيت : 30)

ارمان آهي ٻانهن جي حال تي! جو جيڪو به رسول ٿو وٽن اچي، ان تي مسخريون ٿا ڪن!

أَلَم يَرَوا كَم أَهلَكنا قَبلَهُم مِنَ القُرونِ أَنَّهُم إِلَيهِم لا يَرجِعونَ (آيت : 31)

ڇا هنن نه ڏٺو آهي، ته کانئن اڳ ڪيترا جُڳ ناس ڪياسون، جي هنن ڏانهن موٽي ئي ڪو نه ٿا اچن.

وَإِن كُلٌّ لَمّا جَميعٌ لَدَينا مُحضَرونَ (آيت : 32)

۽ جيڪي به آهن، سي سڀ گرفتار ٿي اسان وٽ حاضر ڪبا.

وَءايَةٌ لَهُمُ الأَرضُ المَيتَةُ أَحيَينٰها وَأَخرَجنا مِنها حَبًّا فَمِنهُ يَأكُلونَ (آيت : 33)

انهن لاءِ مئل زمين هڪ نشاني آهي، اسان ان کي جيئاريو، ان مان داڻا ڪڍياسون، جن مان هو کائيندا آهن.

وَجَعَلنا فيها جَنّٰتٍ مِن نَخيلٍ وَأَعنٰبٍ وَفَجَّرنا فيها مِنَ العُيونِ (آيت : 34)

ان ۾ کجين ۽ ڊاک جا باغ جوڙياسون_ ۽ ان ۾ ڪي چشما وهاياسون.

لِيَأكُلوا مِن ثَمَرِهِ وَما عَمِلَتهُ أَيديهِم أَفَلا يَشكُرونَ (آيت : 35)

ته هو سندس ميون مان کائيندا رهن، انهن کي ڪو سندن هٿن ڪو نه بنايو آهي_ پوءِ ڇو نٿا شڪر ادا ڪن؟

سُبحٰنَ الَّذى خَلَقَ الأَزوٰجَ كُلَّها مِمّا تُنبِتُ الأَرضُ وَمِن أَنفُسِهِم وَمِمّا لا يَعلَمونَ (آيت : 36)

پاڪ آهي اهو، جنهن زمين مان جيڪا شيءِ اڀري ٿي، ان کي جوڙو جوڙو بنايو آهي، ۽ هنن جا پاڻ ۾ به_ ۽ انهن ۾ به، جن کي نٿا ڄاڻن!

وَءايَةٌ لَهُمُ الَّيلُ نَسلَخُ مِنهُ النَّهارَ فَإِذا هُم مُظلِمونَ (آيت : 37)

۽ هڪ نشاني انهن لاءِ رات آهي، جنهن مان ڏينهن کي ڇڪي ڪڍندا آهيون، پوءِ ان وقت اهي اونداهيءَ ۾ رهندا آهن.

وَالشَّمسُ تَجرى لِمُستَقَرٍّ لَها ذٰلِكَ تَقديرُ العَزيزِ العَليمِ (آيت : 38)

۽ سج سندس ٽڪاءُ جي جاءِ تي پيو هلندو آهي، اهو اندازو ان جو ٺهرايل آهي، جيڪو سڀ تي غالب ۽ ڄاڻندڙ آهي.

وَالقَمَرَ قَدَّرنٰهُ مَنازِلَ حَتّىٰ عادَ كَالعُرجونِ القَديمِ (آيت : 39)

۽ اسان چنڊ لاءِ منزلون مقرر ڪيون آهن، تان جو وري اچي کجيءَ جي پراڻي ڇڙهي وانگر ٿيندو آهي_

لَا الشَّمسُ يَنبَغى لَها أَن تُدرِكَ القَمَرَ وَلَا الَّيلُ سابِقُ النَّهارِ وَكُلٌّ فى فَلَكٍ يَسبَحونَ (آيت : 40)

نڪي سج کي طاقت آهي، جو چنڊ کي پهچي ۽ نڪي رات، ڏينهن پوري ٿيڻ کان اڳ ئي اچي سگهي ۽ اهي سڀ آسمان ۾ ترن ٿا.

وَءايَةٌ لَهُم أَنّا حَمَلنا ذُرِّيَّتَهُم فِى الفُلكِ المَشحونِ (آيت : 41)

۽ انهن لاءِ هڪ نشاني هيءَ آهي، جو اسان سندن نسل کي ڀريل ٻيڙيءَ ۾ کنيو.

وَخَلَقنا لَهُم مِن مِثلِهِ ما يَركَبونَ (آيت : 42)

۽ اسان هنن لاءِ انهي جهڙيون ٻيون به بنايون، جن تي سواري ڪندا آهن.

وَإِن نَشَأ نُغرِقهُم فَلا صَريخَ لَهُم وَلا هُم يُنقَذونَ (آيت : 43)

۽ جيڪڏهن اسين چاهيون ته کين ٻوڙي ڇڏيون، پوءِ نڪي سندن دانهن اونائن (ٻُڌڻ) وارو هجي ۽ نڪي هو ڇٽي سگهن.

إِلّا رَحمَةً مِنّا وَمَتٰعًا إِلىٰ حينٍ (آيت : 44)

پر اها اسان وٽان ٻاجهه آهي ۽ هڪ وقت تائين آسودو ڪرڻ.

وَإِذا قيلَ لَهُمُ اتَّقوا ما بَينَ أَيديكُم وَما خَلفَكُم لَعَلَّكُم تُرحَمونَ (آيت : 45)

۽ جڏهن کين چئجي ٿو ته، ”انهي عذاب جو ڊپ ڪريو، جيڪو اوهان جي اڳيان ۽ پويان آهي، ته من توهان تي ٻاجهه ٿئي.“

وَما تَأتيهِم مِن ءايَةٍ مِن ءايٰتِ رَبِّهِم إِلّا كانوا عَنها مُعرِضينَ (آيت : 46)

پر سندن ڌڻي جي نشانين مان جيڪا به نشاني وٽن اچي ٿي ان کان منهن موڙيندا آهن.

وَإِذا قيلَ لَهُم أَنفِقوا مِمّا رَزَقَكُمُ اللَّهُ قالَ الَّذينَ كَفَروا لِلَّذينَ ءامَنوا أَنُطعِمُ مَن لَو يَشاءُ اللَّهُ أَطعَمَهُ إِن أَنتُم إِلّا فى ضَلٰلٍ مُبينٍ (آيت : 47)

۽ جڏهن انهن کي چئبو آهي ته، ”جيڪي اوهان کي الله ڏنو آهي، ان مان (نيڪ ڪمن ۾) خرچ ڪريو“ ته ڪافر مؤمنن کي چوندا آهن ته ”اسين ڇو اهڙي کي کارايون، جنهن کي الله گهري ها ته کارائي ها؟ اوهين ته صفا گمراهيءَ ۾ ئي آهيو!“

وَيَقولونَ مَتىٰ هٰذَا الوَعدُ إِن كُنتُم صٰدِقينَ (آيت : 48)

۽ چوندا آهن ته ”جيڪڏهن سچا آهيو، ته اهو (عذاب جو) انجام اچي پڪڙيندو؟“

ما يَنظُرونَ إِلّا صَيحَةً وٰحِدَةً تَأخُذُهُم وَهُم يَخِصِّمونَ (آيت : 49)

هو رڳو هڪ سخت آواز جي واٽ پيا نهارين، جو کين جهيڙا ڪندي اچي پڪڙيندو!

فَلا يَستَطيعونَ تَوصِيَةً وَلا إِلىٰ أَهلِهِم يَرجِعونَ (آيت : 50)

پوءِ نڪي هو وصيت ڪري سگهندا ۽ نڪي سندن گهر وارن ڏي موٽي سگهندا.

وَنُفِخَ فِى الصّورِ فَإِذا هُم مِنَ الأَجداثِ إِلىٰ رَبِّهِم يَنسِلونَ (آيت : 51)

۽ صور ۾ ڦوڪبو، پوءِ يڪدم اهي قبرن مان نڪري، سندن ڌڻيءَ ڏي ڊوڙندا.

قالوا يٰوَيلَنا مَن بَعَثَنا مِن مَرقَدِنا هٰذا ما وَعَدَ الرَّحمٰنُ وَصَدَقَ المُرسَلونَ (آيت : 52)

چوندا ”اسين مصيبت ۾ پياسون، اسان کي اسان جي سمهڻ جي جاءِ مان ڪنهن اٿاريو؟“ (چئبن) ”هي آهي الله جو ڪيل وعدو ۽ رسولن سچ چيو هو!“

إِن كانَت إِلّا صَيحَةً وٰحِدَةً فَإِذا هُم جَميعٌ لَدَينا مُحضَرونَ (آيت : 53)

اهو رڳو هڪ سخت آواز هوندو، پوءِ اهي هڪدم اسان وٽ حاضر ڪبا.

فَاليَومَ لا تُظلَمُ نَفسٌ شَيـًٔا وَلا تُجزَونَ إِلّا ما كُنتُم تَعمَلونَ (آيت : 54)

(چئبن ته) اڄ ڪنهن به شخص تي ڪجهه به ظلم نه ڪبو ۽ فقط اوهان جي ڪمن جو ئي بدلو ملندو.

إِنَّ أَصحٰبَ الجَنَّةِ اليَومَ فى شُغُلٍ فٰكِهونَ (آيت : 55)

بيشڪ اڄ بهشتي هڪ مشغوليءَ ۾ خوش هوندا.

هُم وَأَزوٰجُهُم فى ظِلٰلٍ عَلَى الأَرائِكِ مُتَّكِـٔونَ (آيت : 56)

هو ۽ سندن زالون ڇانو ۾ تختن تي ٽيڪ ڏيئي وهندا.

لَهُم فيها فٰكِهَةٌ وَلَهُم ما يَدَّعونَ (آيت : 57)

هنن لاءِ بهشت ۾ ميوا به هوندا ۽ ٻيو جيڪي گهرندا سو ملندن-

سَلٰمٌ قَولًا مِن رَبٍّ رَحيمٍ (آيت : 58)

چئبن ته ”ڌڻيءَ ٻاجهاري جي طرف کان اوهان تي سلام هجي!“

وَامتٰزُوا اليَومَ أَيُّهَا المُجرِمونَ (آيت : 59)

”۽ اي ڏوهاريو! اڄ نيڪن کان جدا ٿيو!“

أَلَم أَعهَد إِلَيكُم يٰبَنى ءادَمَ أَن لا تَعبُدُوا الشَّيطٰنَ إِنَّهُ لَكُم عَدُوٌّ مُبينٌ (آيت : 60)

اي انسانو! ڇا مون اوهان ڏي پيغام ڪو نه موڪليو هو؟ ته ”شيطان جي بندگي نه ڪجو، جو هو پڪ سان اوهان جو پڌرو دشمن آهي.

وَأَنِ اعبُدونى هٰذا صِرٰطٌ مُستَقيمٌ (آيت : 61)

۽ منهنجي بندگي ڪجو، اها ئي سنئين واٽ آهي.

وَلَقَد أَضَلَّ مِنكُم جِبِلًّا كَثيرًا أَفَلَم تَكونوا تَعقِلونَ (آيت : 62)

۽ بيشڪ شيطان اوهان مان گهڻيءَ خلق کي گمراهه ڪيو، پوءِ اوهان نٿي پروڙيو ڇا؟

هٰذِهِ جَهَنَّمُ الَّتى كُنتُم توعَدونَ (آيت : 63)

هيءُ آهي دوزخ، جنهن جو اوهان کي وعدو ڏبو هو!

اصلَوهَا اليَومَ بِما كُنتُم تَكفُرونَ (آيت : 64)

اڄ وڃو ان ۾، جو اوهين ڪفر ڪندا هئا.“

اليَومَ نَختِمُ عَلىٰ أَفوٰهِهِم وَتُكَلِّمُنا أَيديهِم وَتَشهَدُ أَرجُلُهُم بِما كانوا يَكسِبونَ (آيت : 65)

اڄ سندن واتن تي مهر هڻنداسون ۽ سندن ڪيل ڪمن بابت هٿ اسان سان ڳالهائيندا ۽ پير شاهدي ڏيندا.

وَلَو نَشاءُ لَطَمَسنا عَلىٰ أَعيُنِهِم فَاستَبَقُوا الصِّرٰطَ فَأَنّىٰ يُبصِرونَ (آيت : 66)

۽ جيڪڏهن اسين گهرون، ته جيڪر سندن اکين کي ناس ڪري ڇڏيون، پوءِ واٽ ڏي ڊوڙندا ته ڪٿان ڏسندا؟

وَلَو نَشاءُ لَمَسَخنٰهُم عَلىٰ مَكانَتِهِم فَمَا استَطٰعوا مُضِيًّا وَلا يَرجِعونَ (آيت : 67)

۽ جي اسين گهرون، ته سندن گهرن ۾ ئي سندن شڪل ڦيرائي ڇڏيون، پو ءِ نڪي اڳتي هلي سگهن، نڪي موٽي سگهن.

وَمَن نُعَمِّرهُ نُنَكِّسهُ فِى الخَلقِ أَفَلا يَعقِلونَ (آيت : 68)

۽ جنهن جي اسين وڏي عمر ڪندا آهيون ته ان جي وري بناوٽ ابتي ڪندا آهيون، پوءِ اهو به نٿا سمجهن ڇا؟

وَما عَلَّمنٰهُ الشِّعرَ وَما يَنبَغى لَهُ إِن هُوَ إِلّا ذِكرٌ وَقُرءانٌ مُبينٌ (آيت : 69)

اسان نڪي نبيءَ کي شعر سيکاريو آهي، نڪي اهو هن کي جڳائي ٿو، هيءُ ته نصيحت ۽ چٽو قرآن آهي.

لِيُنذِرَ مَن كانَ حَيًّا وَيَحِقَّ القَولُ عَلَى الكٰفِرينَ (آيت : 70)

ته ان کي ڊيڄاري، جيڪو جيئريءَ دل وارو هجي ۽ ڪافرن تي حجت ثابت ٿئي.

أَوَلَم يَرَوا أَنّا خَلَقنا لَهُم مِمّا عَمِلَت أَيدينا أَنعٰمًا فَهُم لَها مٰلِكونَ (آيت : 71)

ڇا، هنن نه ڏٺو آهي، ته اسان پنهنجي هٿن جي بڻاوت مان هنن لاءِ ڍور خلقيا، تڏهن هو سندن مالڪ آهن.

وَذَلَّلنٰها لَهُم فَمِنها رَكوبُهُم وَمِنها يَأكُلونَ (آيت : 72)

۽ اسان هنن کي سندن تابعدار ڪيو، جو منجهانئن ڪن تي چڙهن ٿا ۽ ڪن مان کائين ٿا.

وَلَهُم فيها مَنٰفِعُ وَمَشارِبُ أَفَلا يَشكُرونَ (آيت : 73)

۽ هنن لاءِ منجهن ٻيا به فائدا ۽ کير آهي_ پوءِ، ڇو نٿا شڪر ڪن؟

وَاتَّخَذوا مِن دونِ اللَّهِ ءالِهَةً لَعَلَّهُم يُنصَرونَ (آيت : 74)

۽ هنن وري الله کان سواءِ ٻين کي سائين بنايو آهي، ته من اهي سندن مدد ڪن.

لا يَستَطيعونَ نَصرَهُم وَهُم لَهُم جُندٌ مُحضَرونَ (آيت : 75)

پر اهي ته کين مدد ڏيئي ڪونه سگهندا، الٽو اهي سندن لشڪر ٿي گرفتار ڪري گڏ ڪبا!

فَلا يَحزُنكَ قَولُهُم إِنّا نَعلَمُ ما يُسِرّونَ وَما يُعلِنونَ (آيت : 76)

پوءِ اي رسول! تون سندن گفتن تي غم نه ڪر، اسين اهو سڀ ڄاڻون ٿا، جيڪي هو لڪائين ٿا، خواهه ظاهر ڪن ٿا.

أَوَلَم يَرَ الإِنسٰنُ أَنّا خَلَقنٰهُ مِن نُطفَةٍ فَإِذا هُوَ خَصيمٌ مُبينٌ (آيت : 77)

ڇا، انسان اهو نه ڏٺو آهي، ته اسان کيس ڦڙي مان بڻايو، تڏهن وري هو چٽو جهڳڙالو آهي؟

وَضَرَبَ لَنا مَثَلًا وَنَسِىَ خَلقَهُ قالَ مَن يُحىِ العِظٰمَ وَهِىَ رَميمٌ (آيت : 78)

۽ اسان لاءِ پيو مثال ٺاهيندو آهي، پر پنهنجي بڻاوت کي وساري ڇڏيندو آهي! هو ٿو چوي ته ”ڀلا سڙي ويل هڏين کي وري ڪير جيئاريندو؟“

قُل يُحييهَا الَّذى أَنشَأَها أَوَّلَ مَرَّةٍ وَهُوَ بِكُلِّ خَلقٍ عَليمٌ (آيت : 79)

چئو ته ”انهن کي اهو جيئاريندو، جنهن کين اول خلقيو هو ۽ انهي کي خلقڻ جي هر ڪا خبر آهي.“

الَّذى جَعَلَ لَكُم مِنَ الشَّجَرِ الأَخضَرِ نارًا فَإِذا أَنتُم مِنهُ توقِدونَ (آيت : 80)

جنهن اوهان لاءِ سائي وڻ مان باهه پيدا ڪئي، تڏهن ٿا اوهين ان مان سيڪ وٺو.

أَوَلَيسَ الَّذى خَلَقَ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ بِقٰدِرٍ عَلىٰ أَن يَخلُقَ مِثلَهُم بَلىٰ وَهُوَ الخَلّٰقُ العَليمُ (آيت : 81)

ڀلا جنهن آسمان ۽ زمين خلقيا، تنهن کي اها طاقت ڪانهي ڇا، جو سندن جهڙا بنائي؟ هائو، اهو وڏو خلقيندڙ ۽ ڄاڻيندڙ آهي.

إِنَّما أَمرُهُ إِذا أَرادَ شَيـًٔا أَن يَقولَ لَهُ كُن فَيَكونُ (آيت : 82)

هن جو حڪم ته بس ايترو آهي، جو جڏهن ڪجهه بنائڻ جو ارادو ڪندو آهي، ته رڳو ان لاءِ چوندو آهي، ”ٿيءُ! ته هو ٿي پوندو آهي.“

فَسُبحٰنَ الَّذى بِيَدِهِ مَلَكوتُ كُلِّ شَيءٍ وَإِلَيهِ تُرجَعونَ (آيت : 83)

پوءِ پاڪ آهي اهو، جنهن جي هٿ ۾ هر چيز جي حڪومت آهي ۽ اوهين سڀ ان ڏي ئي موٽائبا.


مالي سھائتا ڪندڙ:

© سنڌسلامت ڊاٽ ڪام 2017 - 2025