يس (آيت : 1) |
یٰسٓ . |
وَالقُرءانِ الحَكيمِ (آيت : 2) |
قسم آهي قرآن ڪريم حڪيم جو . |
إِنَّكَ لَمِنَ المُرسَلينَ (آيت : 3) |
بلاشڪ تون البته مرسلن مان آهين . |
عَلىٰ صِرٰطٍ مُستَقيمٍ (آيت : 4) |
سڌي واٽ تي . |
تَنزيلَ العَزيزِ الرَّحيمِ (آيت : 5) |
(قرآن جو) نازل ڪرڻ غالب، مهربان وٽان آهي . |
لِتُنذِرَ قَومًا ما أُنذِرَ ءاباؤُهُم فَهُم غٰفِلونَ (آيت : 6) |
تانته ڊيڄارين ان قوم کي جو نه ڊيڄاريا ويا ابا ڏاڏا انهن جا پوءِ اهي غافل آهن . |
لَقَد حَقَّ القَولُ عَلىٰ أَكثَرِهِم فَهُم لا يُؤمِنونَ (آيت : 7) |
البته تحقيق ثابت ٿيو قول انهن مان گهڻن تي پوءِ اهي ايمان نه ٿا آڻين . |
إِنّا جَعَلنا فى أَعنٰقِهِم أَغلٰلًا فَهِىَ إِلَى الأَذقانِ فَهُم مُقمَحونَ (آيت : 8) |
بيشڪ اسان وڌا ڳچين انهن جي ۾ ڳٽ پوءِ اهي کاڏين تائين (پيل) اٿن پوءِ اهي ڳاٽي ٽنگيل آهن . |
وَجَعَلنا مِن بَينِ أَيديهِم سَدًّا وَمِن خَلفِهِم سَدًّا فَأَغشَينٰهُم فَهُم لا يُبصِرونَ (آيت : 9) |
۽ ڪئي اسان اڳيان انهن جي اوٽ ۽ پويان انهن جي اوٽ پوءِ ڍڪيو اسان انهن کي پوءِ اهي نه ٿا ڏسن . |
وَسَواءٌ عَلَيهِم ءَأَنذَرتَهُم أَم لَم تُنذِرهُم لا يُؤمِنونَ (آيت : 10) |
۽ برابر آهي انهن لاءِ ڊيڄاريو انهن کي يا نه ڊيڄاريو انهن کي ايمان نه آڻيندا . |
إِنَّما تُنذِرُ مَنِ اتَّبَعَ الذِّكرَ وَخَشِىَ الرَّحمٰنَ بِالغَيبِ فَبَشِّرهُ بِمَغفِرَةٍ وَأَجرٍ كَريمٍ (آيت : 11) |
اوهان ته رڳو ان کي ڊيڄاريو ٿا جنهن اتباع ڪئي نصيحت جي ۽ ڊڄي ٿو رحمٰن کان اڻ ڏٺو پوءِ ان کي بشارت ڏي مغفرت جي ۽ اجر عزت واري جي . |
إِنّا نَحنُ نُحىِ المَوتىٰ وَنَكتُبُ ما قَدَّموا وَءاثٰرَهُم وَكُلَّ شَيءٍ أَحصَينٰهُ فى إِمامٍ مُبينٍ (آيت : 12) |
بلاشڪ اسين زندھ ڪنداسون مئلن کي ۽ لکون ٿا اهو جو اڳي ڪري موڪليائون ۽ سندن (پيرن جا) نشان ۽ هر شيءِ کي ڳڻي رکيو اسان ان کي ڪتاب پڌري ۾ . |
وَاضرِب لَهُم مَثَلًا أَصحٰبَ القَريَةِ إِذ جاءَهَا المُرسَلونَ (آيت : 13) |
۽ بيان ڪر انهن جي لاءِ مثال ڳوٺ وارن جو جڏهن آيا انهن وٽ مرسل . |
إِذ أَرسَلنا إِلَيهِمُ اثنَينِ فَكَذَّبوهُما فَعَزَّزنا بِثالِثٍ فَقالوا إِنّا إِلَيكُم مُرسَلونَ (آيت : 14) |
جڏهن موڪليو اسان انهن ڏانهن ٻن کي پوءِ انهن ٻنهي کي ڪوڙو چيائون پوءِ قوت ڏني اسان نئين سان پوءِ چيائون ته بلاشڪ اسين اوهان ڏانهن موڪليل آهيون . |
قالوا ما أَنتُم إِلّا بَشَرٌ مِثلُنا وَما أَنزَلَ الرَّحمٰنُ مِن شَيءٍ إِن أَنتُم إِلّا تَكذِبونَ (آيت : 15) |
چيائون ته ناهيو اوهان مگر بشر اسان جهڙا ۽ نه نازل ڪئي رحمٰن ڪا شيءِ ناهيو اوهان مگر جو ڪوڙ ٿا ڳالهايو . |
قالوا رَبُّنا يَعلَمُ إِنّا إِلَيكُم لَمُرسَلونَ (آيت : 16) |
چيائون ته اسان جو رب ڄاڻي ٿو ته بلاشڪ اسان اوهان ڏانهن البته موڪليل آهيون . |
وَما عَلَينا إِلَّا البَلٰغُ المُبينُ (آيت : 17) |
۽ ناهي اسان تي مگر پيغام پهچائڻ پڌرو . |
قالوا إِنّا تَطَيَّرنا بِكُم لَئِن لَم تَنتَهوا لَنَرجُمَنَّكُم وَلَيَمَسَّنَّكُم مِنّا عَذابٌ أَليمٌ (آيت : 18) |
چيائون ته بلاشڪ اسان بدفال ورتي اوهان سان البته جيڪڏهن نه رڪجندؤ اوهان ته البته ضرور سنگسار ڪنداسون اوهان کي ۽ البته ضرور پهچندو اوهان کي اسان جي طرفان عذاب دردناڪ . |
قالوا طٰئِرُكُم مَعَكُم أَئِن ذُكِّرتُم بَل أَنتُم قَومٌ مُسرِفونَ (آيت : 19) |
چيائون ته بدبختي اوهان جي اوهان سان گڏ آهي ڇا جيڪڏهن نصيحت ڪيا وڃو ٿا؟ (ته ڌمڪيون ڏيو ٿا) بلڪ اوهان قوم حد کان لنگهندڙ آهيو . |
وَجاءَ مِن أَقصَا المَدينَةِ رَجُلٌ يَسعىٰ قالَ يٰقَومِ اتَّبِعُوا المُرسَلينَ (آيت : 20) |
۽ آيو پرانهين پاسي شهر جي کان هڪ مڙس ڊوڙي پيو چيائين ته اي منهنجي قوم! پيروي ڪيو مرسلن جي . |
اتَّبِعوا مَن لا يَسـَٔلُكُم أَجرًا وَهُم مُهتَدونَ (آيت : 21) |
تابعداري ڪيو انهن جي جيڪي نه ٿا گهرن اوهان کان ڪو اجورو ۽ اهي هدايت وارا آهن . |
وَما لِىَ لا أَعبُدُ الَّذى فَطَرَنى وَإِلَيهِ تُرجَعونَ (آيت : 22) |
۽ ڇا آهي مون لاءِ ڇو نه عبادت ڪيان ان جي جنهن پيدا ڪيو مونکي ۽ ان ڏانهن اوهان موٽايا ويندؤ . |
ءَأَتَّخِذُ مِن دونِهِ ءالِهَةً إِن يُرِدنِ الرَّحمٰنُ بِضُرٍّ لا تُغنِ عَنّى شَفٰعَتُهُم شَيـًٔا وَلا يُنقِذونِ (آيت : 23) |
ڇا وٺان مان ان کان سواءِ ٻيا معبود جو جيڪڏهن ارادو ڪري مون لاءِ رحمٰن نقصان جو ته نه فائدو ڏيندي مون کي انهن جي شفاعت ڪجھ به ۽ نه مون کي ڇڏائيندا . |
إِنّى إِذًا لَفى ضَلٰلٍ مُبينٍ (آيت : 24) |
بيشڪ مان ان وقت البته گمراهيءَ کليل ۾ آهيان . |
إِنّى ءامَنتُ بِرَبِّكُم فَاسمَعونِ (آيت : 25) |
بيشڪ مون ايمان آندو اوهان جي رب تي پوءِ ٻڌو مون کان . |
قيلَ ادخُلِ الجَنَّةَ قالَ يٰلَيتَ قَومى يَعلَمونَ (آيت : 26) |
چيو ويس ته داخل ٿي بهشت ۾ ته چيائين اي ڪاش! منهنجي قوم وارا ڄاڻن . |
بِما غَفَرَ لى رَبّى وَجَعَلَنى مِنَ المُكرَمينَ (آيت : 27) |
ان کي جو بخش ڪيو مون کي منهنجي رب ۽ بنايائين مون کي عزت وارن مان . |
وَما أَنزَلنا عَلىٰ قَومِهِ مِن بَعدِهِ مِن جُندٍ مِنَ السَّماءِ وَما كُنّا مُنزِلينَ (آيت : 28) |
۽ نه لاٿوسون ان جي قوم تي ان کان پوءِ ڪو لشڪر آسمان کان ۽ نه هئاسون لاهيندڙ . |
إِن كانَت إِلّا صَيحَةً وٰحِدَةً فَإِذا هُم خٰمِدونَ (آيت : 29) |
نه هئي مگر هڪ رڙ پوءِ ان وقت اهي وسامندڙ آهن. |
يٰحَسرَةً عَلَى العِبادِ ما يَأتيهِم مِن رَسولٍ إِلّا كانوا بِهِ يَستَهزِءونَ (آيت : 30) |
ارمان آهي ٻانهن تي نه آيو انهن وٽ ڪو رسول مگر ان سان ٺٺوليون ڪندا هئا . |
أَلَم يَرَوا كَم أَهلَكنا قَبلَهُم مِنَ القُرونِ أَنَّهُم إِلَيهِم لا يَرجِعونَ (آيت : 31) |
ڇا نه ڏٺائون ته ڪيترا هلاڪ ڪياسون انهن کان اڳي (ماڻهن جا) طبقا بلاشڪ اهي انهن ڏانهن نه ٿا موٽي اچن . |
وَإِن كُلٌّ لَمّا جَميعٌ لَدَينا مُحضَرونَ (آيت : 32) |
۽ ناهن سڀ مگر مڙئي اسان وٽ حاضر ڪيل آهن . |
وَءايَةٌ لَهُمُ الأَرضُ المَيتَةُ أَحيَينٰها وَأَخرَجنا مِنها حَبًّا فَمِنهُ يَأكُلونَ (آيت : 33) |
۽ نشاني انهن جي لاءِ زمين غير آباد آهي جو آباد ڪيو اسان ان کي ۽ ڪڍيو اسان ان مان داڻو پوءِ ان مان کائين ٿا . |
وَجَعَلنا فيها جَنّٰتٍ مِن نَخيلٍ وَأَعنٰبٍ وَفَجَّرنا فيها مِنَ العُيونِ (آيت : 34) |
۽ پيدا ڪياسون ان ۾ باغ کجين جا ۽ انگورن جا ۽ وهايا سون انهن ۾ چشما . |
لِيَأكُلوا مِن ثَمَرِهِ وَما عَمِلَتهُ أَيديهِم أَفَلا يَشكُرونَ (آيت : 35) |
تانته کانئن ان جي ميوي مان ۽ نه بنايو ان کي هٿن انهن جي ڇا پوءِ شڪر نه ٿا ڪن؟ . |
سُبحٰنَ الَّذى خَلَقَ الأَزوٰجَ كُلَّها مِمّا تُنبِتُ الأَرضُ وَمِن أَنفُسِهِم وَمِمّا لا يَعلَمونَ (آيت : 36) |
پاڪ آهي اهو (الله) جنهن پيدا ڪيا جوڙا جوڙا سمورا ان مان جيڪو زمين ڄمائي ٿي ۽ انهن جي سرن مان ۽ ان مان جيڪو نه ٿا ڄاڻن . |
وَءايَةٌ لَهُمُ الَّيلُ نَسلَخُ مِنهُ النَّهارَ فَإِذا هُم مُظلِمونَ (آيت : 37) |
۽ هڪ نشاني انهن جي لاءِ رات آهي جو ڇڪي ڪڍون ٿا ان مان ڏينهن پوءِ انهيءَ مهل اهي انڌيري ۾ آهن . |
وَالشَّمسُ تَجرى لِمُستَقَرٍّ لَها ذٰلِكَ تَقديرُ العَزيزِ العَليمِ (آيت : 38) |
۽ سج هلي ٿو پنهنجي قرار وٺڻ واري جاءِ لاءِ اها تقدير غالب گهڻو ڄاڻندڙ جي آهي . |
وَالقَمَرَ قَدَّرنٰهُ مَنازِلَ حَتّىٰ عادَ كَالعُرجونِ القَديمِ (آيت : 39) |
۽ چنڊ مقرر ڪيون اسان ان جون منزلون تان جو وري ٿيو کجيءَ جي پراڻي ڳنيءَ وانگر . |
لَا الشَّمسُ يَنبَغى لَها أَن تُدرِكَ القَمَرَ وَلَا الَّيلُ سابِقُ النَّهارِ وَكُلٌّ فى فَلَكٍ يَسبَحونَ (آيت : 40) |
ناهي سج لائق ٿو ٿئي ان جي لاءِ ته پهچي چنڊ کي ۽ نه رات اڳرائي ڪندڙ آهي ڏينهن کان ۽ سڀئي آسمان ۾ ترن ٿا . |
وَءايَةٌ لَهُم أَنّا حَمَلنا ذُرِّيَّتَهُم فِى الفُلكِ المَشحونِ (آيت : 41) |
۽ هڪ نشاني انهن جي لاءِ (هيءَ آهي ته) بلاشڪ اسان کنيو اولاد انهن جي کي ٻيڙيءَ ڀريل ۾ . |
وَخَلَقنا لَهُم مِن مِثلِهِ ما يَركَبونَ (آيت : 42) |
۽ پيدا ڪيوسون انهن جي لاءِ ان جهڙيون (اهي سواريون) جن تي سوار ٿين ٿا . |
وَإِن نَشَأ نُغرِقهُم فَلا صَريخَ لَهُم وَلا هُم يُنقَذونَ (آيت : 43) |
۽ جيڪڏهن گهرون اسين ته ٻوڙيون انهن کي پوءِ ناهي ڪو دانهن ٻڌندڙ انهن جي ۽ نه اهي ڇڏايا ويندا . |
إِلّا رَحمَةً مِنّا وَمَتٰعًا إِلىٰ حينٍ (آيت : 44) |
مگر رحمت ٿي اسان جي طرفان ۽ آسودو ڪرڻ مقرر وقت تائين . |
وَإِذا قيلَ لَهُمُ اتَّقوا ما بَينَ أَيديكُم وَما خَلفَكُم لَعَلَّكُم تُرحَمونَ (آيت : 45) |
۽ جڏهن چيو ويندو آهي انهن کي ته ڊڄو ان (عذاب) کان جيڪو اوهان جي اڳيان ۽ اوهان جي پويان آهي تانته اوهان رحم ڪيا وڃو . |
وَما تَأتيهِم مِن ءايَةٍ مِن ءايٰتِ رَبِّهِم إِلّا كانوا عَنها مُعرِضينَ (آيت : 46) |
۽ نه ٿي اچي انهن وٽ ڪا نشاني سندن رب جي نشانين مان مگر هئا ان کان منهن موڙيندڙ . |
وَإِذا قيلَ لَهُم أَنفِقوا مِمّا رَزَقَكُمُ اللَّهُ قالَ الَّذينَ كَفَروا لِلَّذينَ ءامَنوا أَنُطعِمُ مَن لَو يَشاءُ اللَّهُ أَطعَمَهُ إِن أَنتُم إِلّا فى ضَلٰلٍ مُبينٍ (آيت : 47) |
۽ جڏهن چيو ٿو وڃي انهن کي ته خرچ ڪيو ان مان جيڪو رزق ڏنو اوهان کي الله ته چيو انهن جن ڪفر ڪيو انهن کي جن ايمان آندو ته ڇا کارايون اسين ان کي جو جيڪڏهن گهري ها الله ته کارائي ها ان کي ناهيو اوهان مگر کليل گمراهيءَ ۾ . |
وَيَقولونَ مَتىٰ هٰذَا الوَعدُ إِن كُنتُم صٰدِقينَ (آيت : 48) |
۽ چون ٿا ته ڪڏهن آهي هي وعدو جيڪڏهن آهيو سچا . |
ما يَنظُرونَ إِلّا صَيحَةً وٰحِدَةً تَأخُذُهُم وَهُم يَخِصِّمونَ (آيت : 49) |
نه ٿا انتظار ڪن مگر هڪ سخت آواز جو جيڪو پڪڙيندو انهن کي حالانڪ اهي جهيڙو ڪندا هوندا . |
فَلا يَستَطيعونَ تَوصِيَةً وَلا إِلىٰ أَهلِهِم يَرجِعونَ (آيت : 50) |
پوءِ نه ڪري سگهندا وصيت ۽ نه پنهنجي اهل ڏانهن موٽندا . |
وَنُفِخَ فِى الصّورِ فَإِذا هُم مِنَ الأَجداثِ إِلىٰ رَبِّهِم يَنسِلونَ (آيت : 51) |
۽ ڦوڪ ڏني ويندي صور ۾ پوءِ اتي جو اتي قبرن مان (اٿي) پنهنجي رب ڏانهن ڊوڙندا . |
قالوا يٰوَيلَنا مَن بَعَثَنا مِن مَرقَدِنا هٰذا ما وَعَدَ الرَّحمٰنُ وَصَدَقَ المُرسَلونَ (آيت : 52) |
چوندا اي ويل آهي اسان جي لاءِ ڪنهن اٿاريو اسان کي اسان جي آرام واري جاءِ مان هي اهو آهي جيڪو وعدو ڏنو الله ۽ سچ ڳالهايو پيغمبرن . |
إِن كانَت إِلّا صَيحَةً وٰحِدَةً فَإِذا هُم جَميعٌ لَدَينا مُحضَرونَ (آيت : 53) |
نه هوندو اهو مگر هڪ سخت آواز پوءِ اتي جو اتي اهي سڀئي اسان وٽ حاضر ڪيل آهن . |
فَاليَومَ لا تُظلَمُ نَفسٌ شَيـًٔا وَلا تُجزَونَ إِلّا ما كُنتُم تَعمَلونَ (آيت : 54) |
پوءِ اڄ نه ظلم ڪيو ويندو ڪو نفس ڪجهه به ۽ نه بدلو ڏنا ويندؤ مگر اهو جيڪو ڪندا هيئو . |
إِنَّ أَصحٰبَ الجَنَّةِ اليَومَ فى شُغُلٍ فٰكِهونَ (آيت : 55) |
بيشڪ جنت وارا اڄ هڪ ڪم ۾ خوش ٿيندڙ آهن . |
هُم وَأَزوٰجُهُم فى ظِلٰلٍ عَلَى الأَرائِكِ مُتَّكِـٔونَ (آيت : 56) |
اهي ۽ سندن زالون ڇانؤن ۾ تختن تي ٽيڪون ڏيندڙ آهن . |
لَهُم فيها فٰكِهَةٌ وَلَهُم ما يَدَّعونَ (آيت : 57) |
انهن جي لاءِ انهن ۾ ميوا آهن ۽ انهن جي لاءِ اهو (سڀ) آهي جيڪي گهرندا. |
سَلٰمٌ قَولًا مِن رَبٍّ رَحيمٍ (آيت : 58) |
سلام آهي فرمان ٿي رب، مهربان جي طرفان . |
وَامتٰزُوا اليَومَ أَيُّهَا المُجرِمونَ (آيت : 59) |
۽ جدا ٿيو اڄ اي گنهگارؤ! . |
أَلَم أَعهَد إِلَيكُم يٰبَنى ءادَمَ أَن لا تَعبُدُوا الشَّيطٰنَ إِنَّهُ لَكُم عَدُوٌّ مُبينٌ (آيت : 60) |
ڇا نه فرمان موڪليو هو مون اوهان ڏانهن اي آدم جا اولاد! هي ته نه پوڄيو شيطان کي بلاشڪ اهو اوهان جي لاءِ دشمن کليل آهي . |
وَأَنِ اعبُدونى هٰذا صِرٰطٌ مُستَقيمٌ (آيت : 61) |
۽ هي ته منهنجي عبادت ڪيو هيءَ واٽ سڌي آهي . |
وَلَقَد أَضَلَّ مِنكُم جِبِلًّا كَثيرًا أَفَلَم تَكونوا تَعقِلونَ (آيت : 62) |
۽ البته تحقيق گمراهه ڪيائين اوهان مان گهڻي خلق کي ڇا پوءِ نه ٿي سمجهيو اوهان . |
هٰذِهِ جَهَنَّمُ الَّتى كُنتُم توعَدونَ (آيت : 63) |
هي جهنم آهي جنهن جو وعدو ڏنا ويا هيئو . |
اصلَوهَا اليَومَ بِما كُنتُم تَكفُرونَ (آيت : 64) |
داخل ٿيو ان ۾ اڄ ان سببان جو ڪفر ڪندا هيئو . |
اليَومَ نَختِمُ عَلىٰ أَفوٰهِهِم وَتُكَلِّمُنا أَيديهِم وَتَشهَدُ أَرجُلُهُم بِما كانوا يَكسِبونَ (آيت : 65) |
اڄ مُهر هڻون ٿا انهن جي منهن تي ۽ ڳالهائيندا اسان سان هٿ انهن جا ۽ شاهدي ڏيندا پير انهن جا ان جي جيڪي ڪيو هوندائون . |
وَلَو نَشاءُ لَطَمَسنا عَلىٰ أَعيُنِهِم فَاستَبَقُوا الصِّرٰطَ فَأَنّىٰ يُبصِرونَ (آيت : 66) |
۽ جيڪڏهن اسين گهرون ته البته ميٽي ڇڏيون سندن اکيون پوءِ ڊوڙن ها واٽ سان پوءِ ڪٿان ڏسندا . |
وَلَو نَشاءُ لَمَسَخنٰهُم عَلىٰ مَكانَتِهِم فَمَا استَطٰعوا مُضِيًّا وَلا يَرجِعونَ (آيت : 67) |
۽ جيڪڏهن گهرون ته البته سندن صورتون مٽائي ڇڏيون ها سندن جاين تي پوءِ نه هلي سگهن ها ۽ نه موٽي سگهن ها . |
وَمَن نُعَمِّرهُ نُنَكِّسهُ فِى الخَلقِ أَفَلا يَعقِلونَ (آيت : 68) |
۽ جنهن کي وڏي عمر ڏيون ٿا ته اونڌو ڪيون ٿا ان کي خلقت ۾ ڇا پوءِ نه ٿا سمجهن؟ . |
وَما عَلَّمنٰهُ الشِّعرَ وَما يَنبَغى لَهُ إِن هُوَ إِلّا ذِكرٌ وَقُرءانٌ مُبينٌ (آيت : 69) |
۽ نه سيکاريو اسان ان کي شعر ۽ نه ٿو مناسب ٿئي ان جي لاءِ ناهي اهو مگر نصيحت ۽ قرآن پڌرو . |
لِيُنذِرَ مَن كانَ حَيًّا وَيَحِقَّ القَولُ عَلَى الكٰفِرينَ (آيت : 70) |
تانته ڊيڄاري ان کي جيڪو هجي جيئرو ۽ ثابت رهي حجت ڪافرن تي . |
أَوَلَم يَرَوا أَنّا خَلَقنا لَهُم مِمّا عَمِلَت أَيدينا أَنعٰمًا فَهُم لَها مٰلِكونَ (آيت : 71) |
ڇا نه ڏٺائون ته بيشڪ اسان پيدا ڪيو انهن جي لاءِ ان مان جو ٺاهيا (قدرتي) هٿن اسان جي چوپيا جانور پوءِ اهي انهن جا مالڪ آهن . |
وَذَلَّلنٰها لَهُم فَمِنها رَكوبُهُم وَمِنها يَأكُلونَ (آيت : 72) |
۽ تابعدار ڪيو اسان انهن کي انهن جو پوءِ انهن مان سندن سواريون آهن ۽ انهن مان کائن ٿا . |
وَلَهُم فيها مَنٰفِعُ وَمَشارِبُ أَفَلا يَشكُرونَ (آيت : 73) |
۽ انهن لاءِ انهن ۾ نفعا ۽ پيئڻ جون شيون آهن ڇا پوءِ شڪر نه ٿا ڪن . |
وَاتَّخَذوا مِن دونِ اللَّهِ ءالِهَةً لَعَلَّهُم يُنصَرونَ (آيت : 74) |
۽ بنايائون الله کان سواءِ ٻيا معبود تانته اهي مدد ڪيا وڃن . |
لا يَستَطيعونَ نَصرَهُم وَهُم لَهُم جُندٌ مُحضَرونَ (آيت : 75) |
نه ڪري سگهندا مدد انهن جي ۽ اهي انهن جي لاءِ لشڪر حاضر ڪيل آهن . |
فَلا يَحزُنكَ قَولُهُم إِنّا نَعلَمُ ما يُسِرّونَ وَما يُعلِنونَ (آيت : 76) |
پوءِ نه ڏکوئي توکي قول انهن جو بيشڪ اسين ڄاڻون ٿا جيڪي لڪائن ٿا ۽ جيڪي ظاهر ڪن ٿا. |
أَوَلَم يَرَ الإِنسٰنُ أَنّا خَلَقنٰهُ مِن نُطفَةٍ فَإِذا هُوَ خَصيمٌ مُبينٌ (آيت : 77) |
ڇا نه ڏٺو انسان ته بيشڪ اسان ان کي پيدا فرمايو منيءَ جي ڦڙي مان پوءِ ان وقت اهو جهيڙا ڪار پڌرو آهي . |
وَضَرَبَ لَنا مَثَلًا وَنَسِىَ خَلقَهُ قالَ مَن يُحىِ العِظٰمَ وَهِىَ رَميمٌ (آيت : 78) |
۽ بيان ڪندو آهي اسان جي لاءِ مثال ۽ وساري ويٺو پنهنجي خلقت چوي پيو ته ڪير جيئرو ڪندو هڏن کي حالانڪ اهي سڙيل هوندا . |
قُل يُحييهَا الَّذى أَنشَأَها أَوَّلَ مَرَّةٍ وَهُوَ بِكُلِّ خَلقٍ عَليمٌ (آيت : 79) |
فرماءِ ته جيئرو ڪندو انهن کي اهو (الله) جنهن پيدا ڪيو انهن کي پهرئين ڀيري ۾ اهو هر خلقت کي ڄاڻندڙ آهي . |
الَّذى جَعَلَ لَكُم مِنَ الشَّجَرِ الأَخضَرِ نارًا فَإِذا أَنتُم مِنهُ توقِدونَ (آيت : 80) |
اهو (الله) جنهن پيدا ڪئي اوهان جي لاءِ سائي وڻ مان باهه پوءِ ان وقت اوهان ان مان باهه ٻاريو ٿا . |
أَوَلَيسَ الَّذى خَلَقَ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ بِقٰدِرٍ عَلىٰ أَن يَخلُقَ مِثلَهُم بَلىٰ وَهُوَ الخَلّٰقُ العَليمُ (آيت : 81) |
ڇا ناهي اهو (الله) جنهن پيدا ڪيا آسمان ۽ زمين قادر هن تي جو پيدا ڪري انهن جهڙا هائو ۽ اهو ئي پيدا ڪندڙ ڄاڻندڙ آهي . |
إِنَّما أَمرُهُ إِذا أَرادَ شَيـًٔا أَن يَقولَ لَهُ كُن فَيَكونُ (آيت : 82) |
ان جو امر صرف هي آهي جڏهن ڪنهن شيءِ جو ارادو ٿو ڪري ته فرمائي ٿو ان لاءِ ٿيءُ پوءِ ٿي پوندي آهي . |
فَسُبحٰنَ الَّذى بِيَدِهِ مَلَكوتُ كُلِّ شَيءٍ وَإِلَيهِ تُرجَعونَ (آيت : 83) |
پوءِ پاڪ آهي اهو (الله) جنهن جي هٿ ۾ بادشاهي هر شيءِ جي آهي ۽ ان ڏانهن اوهان موٽايا ويندؤ. ع |