يس (آيت : 1) |
يا ــ سين |
وَالقُرءانِ الحَكيمِ (آيت : 2) |
قسم آهي حڪمت واري قرآن جو. |
إِنَّكَ لَمِنَ المُرسَلينَ (آيت : 3) |
ته بيشڪ توهان رسولن مان آهيو. |
عَلىٰ صِرٰطٍ مُستَقيمٍ (آيت : 4) |
(توهان) بلڪل سڌي رستي تي آهيو. |
تَنزيلَ العَزيزِ الرَّحيمِ (آيت : 5) |
(۽ هي قرآن) نهايت زبردست ۽ وڏي رحم ڪندڙ (هستي) جي طرفان نازل ڪيل آهي. |
لِتُنذِرَ قَومًا ما أُنذِرَ ءاباؤُهُم فَهُم غٰفِلونَ (آيت : 6) |
ته جيئن اهڙن ماڻهن کي ڊيڄارين جن جي ابن ڏاڏن کي نه ڊيڄاريو ويو هو. تنھن ڪري هُو غفلت ۾ پيل آهن. |
لَقَد حَقَّ القَولُ عَلىٰ أَكثَرِهِم فَهُم لا يُؤمِنونَ (آيت : 7) |
بيشڪ انهن ماڻهن مان گهڻن تي (عذاب جو) قول لازم ٿي چڪو آهي، تنھنڪري هي ماڻهو ايمان ئي نه آڻيندا. |
إِنّا جَعَلنا فى أَعنٰقِهِم أَغلٰلًا فَهِىَ إِلَى الأَذقانِ فَهُم مُقمَحونَ (آيت : 8) |
بيشڪ اسان اهڙن ماڻهن جي ڳچين ۾ ٽوڙها وجهي ڇڏيا آهن جيڪي (انهن جي) کاڏين تائين پيل آهن. تنھنڪري انهن جا ڪنڌَ (ڪڏهن به) نه جهڪندا. |
وَجَعَلنا مِن بَينِ أَيديهِم سَدًّا وَمِن خَلفِهِم سَدًّا فَأَغشَينٰهُم فَهُم لا يُبصِرونَ (آيت : 9) |
اسان انهن جي اڳيان ۽ پويان هڪ ڀت بيھاري ڇڏي آهي، ۽ انهن کي ڍڪي ڇڏيو آهي تنهنڪري هو (سڌو رستو) نه ڏسي سگهندا. |
وَسَواءٌ عَلَيهِم ءَأَنذَرتَهُم أَم لَم تُنذِرهُم لا يُؤمِنونَ (آيت : 10) |
هاڻي کين تون ڊيڄارين يا نه ڊيڄارين ڳالهه برابر آهي، هو ڪڏهن به ايمان نه آڻيندا. |
إِنَّما تُنذِرُ مَنِ اتَّبَعَ الذِّكرَ وَخَشِىَ الرَّحمٰنَ بِالغَيبِ فَبَشِّرهُ بِمَغفِرَةٍ وَأَجرٍ كَريمٍ (آيت : 11) |
بيشڪ تون اهڙي ماڻهوءَ کي ڊيڄاري سگهين ٿو جيڪو نصيحت تي ڌيان ڏي ۽ الله تعالى کان اڻ ڏٺي ڊڄندو رهي، پوءِ اهڙي ماڻهوءَ کي معافي ۽ بھترين بدلي جي خوشخبري ٻڌاءِ. |
إِنّا نَحنُ نُحىِ المَوتىٰ وَنَكتُبُ ما قَدَّموا وَءاثٰرَهُم وَكُلَّ شَيءٍ أَحصَينٰهُ فى إِمامٍ مُبينٍ (آيت : 12) |
بيشڪ اسان مئلن کي جيئرو ڪنداسين ۽ اسان سندن اهي عمل جيڪي هنن پنھنجي زندگي ۾ ڪيا ۽ جن عملن جا نقش قدم انهن پوئتي ڇڏيا آهن، سي سڀ لکندا وڃون ٿا ۽ اسان هر شيءِ کي هڪ پڌري ڪتاب ۾ محفوظ ڪري ڇڏيو آهي. |
وَاضرِب لَهُم مَثَلًا أَصحٰبَ القَريَةِ إِذ جاءَهَا المُرسَلونَ (آيت : 13) |
انهن (مڪي وارن) کي هڪ شھر وارن جو مثال بيان ڪر، جڏهن انهن وٽ رسول سڳورا آيا. |
إِذ أَرسَلنا إِلَيهِمُ اثنَينِ فَكَذَّبوهُما فَعَزَّزنا بِثالِثٍ فَقالوا إِنّا إِلَيكُم مُرسَلونَ (آيت : 14) |
جڏهن اسان وٽن ٻه رسول سڳورا موڪليا ته (شهر وارن) انهن ٻنهي کي ڪوڙو ڪيو. پوءِ اسان انهن رسولن جي مدد لاءِ ٽيون رسول سڳورو به موڪليو. پوءِ انهن ٽنهي رسول سڳورن گڏجي چيو ته بيشڪ اسان کي توهان ڏانھن موڪليو ويو آهي. |
قالوا ما أَنتُم إِلّا بَشَرٌ مِثلُنا وَما أَنزَلَ الرَّحمٰنُ مِن شَيءٍ إِن أَنتُم إِلّا تَكذِبونَ (آيت : 15) |
انهن ماڻهن جواب ۾ چيو ته توهان ته اسان جھڙا ئي انسان آهيو. الله تعالى ڪابه شيءِ نازل نه ڪئي آهي. توهان رڳو ڪوڙ ڳالهايو ٿا. |
قالوا رَبُّنا يَعلَمُ إِنّا إِلَيكُم لَمُرسَلونَ (آيت : 16) |
(رسول سڳورن) چيو ته اسان جو پالڻھار ئي وڌيڪ ڄاڻي ٿو ته اسان کي (واقعي) توهان ڏانھن ئي موڪليو ويو آهي. |
وَما عَلَينا إِلَّا البَلٰغُ المُبينُ (آيت : 17) |
(جيڪڏهن توهان اسان جي ڳالهه نه مڃيندا ته ٺيڪ آ) اسان کي ته رڳو (الله تعالى جو) پڌرو پيغام پھچائڻ جي ذميداري ڏنل آهي. |
قالوا إِنّا تَطَيَّرنا بِكُم لَئِن لَم تَنتَهوا لَنَرجُمَنَّكُم وَلَيَمَسَّنَّكُم مِنّا عَذابٌ أَليمٌ (آيت : 18) |
(انهن ماڻهن جواب ۾) چيو ته بيشڪ اسان ته توهان کي نڀاڳو ٿا سمجهون. جيڪڏهن توهان پنھنجي تبليغ کان باز نه ايندا، ته اسان توهان کي پٿر هڻي ماري ڇڏينداسين ۽ توهان کي اسان جي طرفان تڪليف وارو عذاب پھچندو. |
قالوا طٰئِرُكُم مَعَكُم أَئِن ذُكِّرتُم بَل أَنتُم قَومٌ مُسرِفونَ (آيت : 19) |
(رسول سڳورن) چيو ته توهان کي توهان جو پنھنجو ئي نڀاڳ کنيو بيٺو آهي. ڇا توهان کي ان لاءِ نصيحت ڪئي وڃي ٿي (ته الٽو توهان اسان کي نڀاڳو سمجهو) توهان ته (واقعي) حد کان چڙهيل ماڻهو آهيو. |
وَجاءَ مِن أَقصَا المَدينَةِ رَجُلٌ يَسعىٰ قالَ يٰقَومِ اتَّبِعُوا المُرسَلينَ (آيت : 20) |
پوءِ شھر جي آخري ڪنڊ کان هڪ ماڻهو ڊوڙندو آيو ۽ چيائين ته اي منھنجا قومي ڀائرو! رسول سڳورن جي پيروي ڪريو. |
اتَّبِعوا مَن لا يَسـَٔلُكُم أَجرًا وَهُم مُهتَدونَ (آيت : 21) |
اهڙن ماڻهن جي پيروي ڪريو جيڪي توهان کان ڪوبه اجرنٿا گهرن ۽ هو (ويچارا) سڌي رستي تي به آهن. |
وَما لِىَ لا أَعبُدُ الَّذى فَطَرَنى وَإِلَيهِ تُرجَعونَ (آيت : 22) |
آخر مان ان هستي جي عبادت ڇو نه ڪريان جنھن مون کي پيدا ڪيو آهي؟ ۽ ان ڏانھن ئي توهان سڀ موٽايا ويندا. |
ءَأَتَّخِذُ مِن دونِهِ ءالِهَةً إِن يُرِدنِ الرَّحمٰنُ بِضُرٍّ لا تُغنِ عَنّى شَفٰعَتُهُم شَيـًٔا وَلا يُنقِذونِ (آيت : 23) |
ڇا مان اُن هستي کي ڇڏي اهڙن کي معبود ٺاهيان جو جيڪڏهن الله تعالى مون کي تڪليف ڏي ته هنن جي مون کي ڪابه سفارش ڪم نه ايندي ۽ نه ئي هو مون کي (ان جي پڪڙ کان) ڇڏائي سگهن ٿا. |
إِنّى إِذًا لَفى ضَلٰلٍ مُبينٍ (آيت : 24) |
جيڪڏهن مان ايئن ڪيو ته يقين ڄاڻو ته مان وڏي گمراهي ۾ پئجي ويندس. |
إِنّى ءامَنتُ بِرَبِّكُم فَاسمَعونِ (آيت : 25) |
تنهنڪري توهان منھنجي ڳالهه غور سان ٻڌو، بيشڪ مان به توهان جي (حقيقي) پالڻھار (الله تعالى) تي ايمان آڻي چڪو آهيان. |
قيلَ ادخُلِ الجَنَّةَ قالَ يٰلَيتَ قَومى يَعلَمونَ (آيت : 26) |
(ان چوڻ تي شھر وارن کيس شھيد ڪري ڇڏيو. الله تعالى جي طرفان) کيس چيو ويو ته جنت ۾ داخل ٿي وڃ. چيائين ته ڪاش! منھنجي قوم کي منهنجي هن حالت جي خبر پئجي وڃي ها. |
بِما غَفَرَ لى رَبّى وَجَعَلَنى مِنَ المُكرَمينَ (آيت : 27) |
ته منھنجي پالڻھار مون کي (ڪهڙي ڳالهه جي ڪري) معاف فرمايو ۽ مون کي عزت وارن ماڻهن ۾ شامل ڪري ڇڏيو آهي. |
وَما أَنزَلنا عَلىٰ قَومِهِ مِن بَعدِهِ مِن جُندٍ مِنَ السَّماءِ وَما كُنّا مُنزِلينَ (آيت : 28) |
ان کان پوءِ اسان سندس قوم تي آسمان مان ڪوبه لشڪر نه لاٿو ، اسان کي لشڪر لاهڻ جي ضرورت به نه هئي. |
إِن كانَت إِلّا صَيحَةً وٰحِدَةً فَإِذا هُم خٰمِدونَ (آيت : 29) |
بس! هڪ رَڙ هئي جنھن ڪري انهن سڀني جي زندگيءَ جي لاٽ ئي وسامجي وئي. |
يٰحَسرَةً عَلَى العِبادِ ما يَأتيهِم مِن رَسولٍ إِلّا كانوا بِهِ يَستَهزِءونَ (آيت : 30) |
ٻانهن تي افسوس! انهن وٽ جيڪي به رسول سڳورا آيا تِن سڀني سان اُنهن مذاق ڪيو. |
أَلَم يَرَوا كَم أَهلَكنا قَبلَهُم مِنَ القُرونِ أَنَّهُم إِلَيهِم لا يَرجِعونَ (آيت : 31) |
ڇا انهن ماڻهن هي نه ڏٺو ته اسان اُنهن کان اڳ ڪيترين ئي قومن کي تباهه ڪري چڪا آهيون جيڪي انهن ڏي ڪڏهن به موٽي نه اينديون. |
وَإِن كُلٌّ لَمّا جَميعٌ لَدَينا مُحضَرونَ (آيت : 32) |
اُنهن سڀني کي اسان جي اڳيان حاضر ڪيو ويندو. |
وَءايَةٌ لَهُمُ الأَرضُ المَيتَةُ أَحيَينٰها وَأَخرَجنا مِنها حَبًّا فَمِنهُ يَأكُلونَ (آيت : 33) |
ماڻهن لاءِ غير آباد زمين ۾ هڪ نشاني آهي ته اسان ان کي سرسبز ڪريون ٿا ۽ ان مان اناج ڪڍون ٿا پوءِ ان اناج مان هي سڀ کائن ٿا. |
وَجَعَلنا فيها جَنّٰتٍ مِن نَخيلٍ وَأَعنٰبٍ وَفَجَّرنا فيها مِنَ العُيونِ (آيت : 34) |
ان ئي زمين ۾ اسان کجين ۽ انگورن جا باغ پيدا ڪيا۽ ان ۾ پاڻي جا چشما به وهايا. |
لِيَأكُلوا مِن ثَمَرِهِ وَما عَمِلَتهُ أَيديهِم أَفَلا يَشكُرونَ (آيت : 35) |
ته جيئن هي ماڻهو ان جو ميوو کائين، انهن جي هٿن هي شيون پيدا نه ڪيون آهن پر پوءِ به هي ماڻهو شڪرگذار ٻانها ڇو نٿا ٿين؟ |
سُبحٰنَ الَّذى خَلَقَ الأَزوٰجَ كُلَّها مِمّا تُنبِتُ الأَرضُ وَمِن أَنفُسِهِم وَمِمّا لا يَعلَمونَ (آيت : 36) |
پاڪ آهي اها ذات جنھن هر قسم جا جوڙا پيدا ڪيا، چاهي اُهي زمين جي پيداوار مان هجن، يا خود انهن جي جنس مان هجن يا انهن شين مان هجن جن کي هي ماڻهو اڃا ڄاڻن ئي نٿا. |
وَءايَةٌ لَهُمُ الَّيلُ نَسلَخُ مِنهُ النَّهارَ فَإِذا هُم مُظلِمونَ (آيت : 37) |
انهن لاءِ رات جي هجڻ ۾ به هڪ نشاني آهي، جڏهن اسان ان مان ڏينھن کي ڪڍون ٿا ته پوءِ هي ماڻهو اونداهه ۾ رهجي وڃن ٿا. |
وَالشَّمسُ تَجرى لِمُستَقَرٍّ لَها ذٰلِكَ تَقديرُ العَزيزِ العَليمِ (آيت : 38) |
۽ سجُّ پنھنجي منزل ڏي تيزي سان هلي رهيو آهي. هي زبردست ۽ وڏي علم واري جو ٺاهيل حساب آهي. |
وَالقَمَرَ قَدَّرنٰهُ مَنازِلَ حَتّىٰ عادَ كَالعُرجونِ القَديمِ (آيت : 39) |
۽ اسان چنڊ لاءِ منزلون مقرر ڪيون آهن. (آخري تاريخن ۾) هو کجيءَ جي سُڪل ڇڙيءَ وانگر (سنهو) ٿي ويندو آهي. |
لَا الشَّمسُ يَنبَغى لَها أَن تُدرِكَ القَمَرَ وَلَا الَّيلُ سابِقُ النَّهارِ وَكُلٌّ فى فَلَكٍ يَسبَحونَ (آيت : 40) |
سجَّ جي مجال نه آهي ته هو چنڊ کي وڃي پھچي ۽ نه ئي رات ڏينھن کان اڳ اچي سگهي ٿي. (درحقيقت) هي سڀ جا سڀ پنھنجي پنھنجي دائري ۾ ئي گردش ڪري رهيا آهن. |
وَءايَةٌ لَهُم أَنّا حَمَلنا ذُرِّيَّتَهُم فِى الفُلكِ المَشحونِ (آيت : 41) |
انهن لاءِ ان ڳالهه ۾ به نشاني آهي ته اسان سندن (پوئين) نسل کي هڪ ڀريل ٻيڙي ۾ کڻي هلايو. |
وَخَلَقنا لَهُم مِن مِثلِهِ ما يَركَبونَ (آيت : 42) |
پوءِ اسان انهن لاءِ اُن جھڙيون ٻيون شيون به پيدا ڪيون، جن تي هو سواري ڪن ٿا. |
وَإِن نَشَأ نُغرِقهُم فَلا صَريخَ لَهُم وَلا هُم يُنقَذونَ (آيت : 43) |
جيڪڏهن اسان چاهيون ته کين ٻوڙي ڇڏيون، پوءِ ڪير به سندن دانهون ۽ ڪُوڪُون ٻڌڻ وارو نه هوندو ۽ نه ئي هو جان بچائي سگهندا. |
إِلّا رَحمَةً مِنّا وَمَتٰعًا إِلىٰ حينٍ (آيت : 44) |
بس! اها اسان جي رحمت ئي ته آهي جو اهي ماڻهو مقرر ٿيل وقت تائين خوشحاليءَ مان فائدا وٺن ٿا. |
وَإِذا قيلَ لَهُمُ اتَّقوا ما بَينَ أَيديكُم وَما خَلفَكُم لَعَلَّكُم تُرحَمونَ (آيت : 45) |
جڏهن کين چيو وڃي ٿو ته توهان دنيا ۽ آخرت جي عذاب کان ڊڄو ته جيئن توهان تي رحم ڪيو وڃي. (ته هو ان طرف توجه ئي نٿا ڏين) |
وَما تَأتيهِم مِن ءايَةٍ مِن ءايٰتِ رَبِّهِم إِلّا كانوا عَنها مُعرِضينَ (آيت : 46) |
انهن وٽ سندن پالڻھار جي طرفان نشانين مان جيڪا به نشاني اچي ٿي ته هو ان کان ڪن لاٽار ڪندا رهن ٿا. |
وَإِذا قيلَ لَهُم أَنفِقوا مِمّا رَزَقَكُمُ اللَّهُ قالَ الَّذينَ كَفَروا لِلَّذينَ ءامَنوا أَنُطعِمُ مَن لَو يَشاءُ اللَّهُ أَطعَمَهُ إِن أَنتُم إِلّا فى ضَلٰلٍ مُبينٍ (آيت : 47) |
جڏهن کين چيو وڃي ٿو ته توهان کي الله تعالى جيڪو رزق ڏنو آهي تنھن مان ڪجهه (غريبن تي) خرچ ڪريو ته ڪافر، مؤمنن کي چون ٿا ته ڇا اسان اهڙن ماڻهن کي کارايون، الله تعالى جيڪڏهن چاهي ها ته کين خود کارائي ها. (درحقيقت) توهان صفا پڌري گمراهيءَ ۾ پيل آهيو. |
وَيَقولونَ مَتىٰ هٰذَا الوَعدُ إِن كُنتُم صٰدِقينَ (آيت : 48) |
۽ هو اهو به چون ٿا ته جيڪڏهن توهان سچا آهيو ته (عذاب جي) هي ڌمڪي ڪڏهن پوري ٿيندي؟ |
ما يَنظُرونَ إِلّا صَيحَةً وٰحِدَةً تَأخُذُهُم وَهُم يَخِصِّمونَ (آيت : 49) |
بس! هي ماڻهو ته رڳو هڪ رَڙِ جي انتظار ۾ آهن. جيڪا کين ان وقت اچانڪ پڪڙيندي جڏهن هو (دنيا جي معاملات ۾) پاڻ ۾ جهيڙو ڪري رهيا هوندا. |
فَلا يَستَطيعونَ تَوصِيَةً وَلا إِلىٰ أَهلِهِم يَرجِعونَ (آيت : 50) |
(رَڙِ جي اچڻ کان پوءِ) هو نه ته ڪا وصيت ڪري سگهندا ۽ نه پنھنجي گهر ڀاتين ڏانھن موٽي سگهندا. |
وَنُفِخَ فِى الصّورِ فَإِذا هُم مِنَ الأَجداثِ إِلىٰ رَبِّهِم يَنسِلونَ (آيت : 51) |
(پوءِ جڏهن) صور ۾ ڦوڪيو ويندو ته هو اُتي جو اُتي پنھنجي قبرن مان نڪري پنھنجي پالڻھار جي آڏو پيش ٿيڻ لاءِ هلي پوندا. |
قالوا يٰوَيلَنا مَن بَعَثَنا مِن مَرقَدِنا هٰذا ما وَعَدَ الرَّحمٰنُ وَصَدَقَ المُرسَلونَ (آيت : 52) |
۽ چوندا ته هاءِ ويل ٿي ويو، اسان کي اسان جي قبر (سمهڻ واري جاءِ) مان ڪنھن اٿاريو آهي؟ هي ته اُها ئي شيءِ آهي جنھن جو الله تعالى وعدو ڪيو هو ۽ جنھن لاءِ رسولن به سچ چيو هو. |
إِن كانَت إِلّا صَيحَةً وٰحِدَةً فَإِذا هُم جَميعٌ لَدَينا مُحضَرونَ (آيت : 53) |
بس! اها هڪ رَڙِ ته هوندي جنھن ڪري هو سڀ جا سڀ اسان جي سامھون فوراً حاضر ڪيا ويندا. |
فَاليَومَ لا تُظلَمُ نَفسٌ شَيـًٔا وَلا تُجزَونَ إِلّا ما كُنتُم تَعمَلونَ (آيت : 54) |
اڄ ڪنھن تي ذَري جيترو به ظلم نه ڪيو ويندو ۽ هر ڪنھن کي پنھنجي عملن جو بدلو ڏنو ويندو. |
إِنَّ أَصحٰبَ الجَنَّةِ اليَومَ فى شُغُلٍ فٰكِهونَ (آيت : 55) |
بيشڪ جنتي ماڻهو اڄ خوشيون ملهائڻ ۾ مگن هوندا. |
هُم وَأَزوٰجُهُم فى ظِلٰلٍ عَلَى الأَرائِكِ مُتَّكِـٔونَ (آيت : 56) |
هو خود ۽ سندن گهر واريُون (ٿڌين) ڇانون ۾ تختن تي ٽيڪ لڳائي ويٺا هوندا. |
لَهُم فيها فٰكِهَةٌ وَلَهُم ما يَدَّعونَ (آيت : 57) |
جنت ۾ انهن لاءِ ميون سان گڏ هر اها شيءِ هوندي جنھن جي هو گُهر ڪندا. |
سَلٰمٌ قَولًا مِن رَبٍّ رَحيمٍ (آيت : 58) |
مھربان پالڻھار طرفان کين سلام پھچايا ويندا. |
وَامتٰزُوا اليَومَ أَيُّهَا المُجرِمونَ (آيت : 59) |
(وري) ڏوهارين کي چيو ويندو ته اڄ توهان سڀ الڳ الڳ ٿي وڃو. |
أَلَم أَعهَد إِلَيكُم يٰبَنى ءادَمَ أَن لا تَعبُدُوا الشَّيطٰنَ إِنَّهُ لَكُم عَدُوٌّ مُبينٌ (آيت : 60) |
اي آدم جو اولاد! ڇا مان توهان کي تاڪيد نه ڪيو هو ته شيطان جي پيروي نه ڪجو بيشڪ هو توهان جو پڌرو دشمن آهي. |
وَأَنِ اعبُدونى هٰذا صِرٰطٌ مُستَقيمٌ (آيت : 61) |
منھنجي ئي عبادت ڪجو، اهوئي سڌو رستو آهي. |
وَلَقَد أَضَلَّ مِنكُم جِبِلًّا كَثيرًا أَفَلَم تَكونوا تَعقِلونَ (آيت : 62) |
پر هن (شيطان) توهان مان گهڻن ئي ماڻهن کي گمراهه ڪري ڇڏيو، پوءِ توهان عقل کان ڪم ڇونه ورتو؟ |
هٰذِهِ جَهَنَّمُ الَّتى كُنتُم توعَدونَ (آيت : 63) |
هي اهوئي جھنم آهي، جنھن جو توهان سان وعدو ڪيو ويو هو. |
اصلَوهَا اليَومَ بِما كُنتُم تَكفُرونَ (آيت : 64) |
پنهنجي ڪفر جي ڪري اڄ توهان ان ۾ داخل ٿيو. |
اليَومَ نَختِمُ عَلىٰ أَفوٰهِهِم وَتُكَلِّمُنا أَيديهِم وَتَشهَدُ أَرجُلُهُم بِما كانوا يَكسِبونَ (آيت : 65) |
اڄ اسان انهن جي زبانن تي مھر هڻون ٿا، هاڻي انهن جا هٿ ئي اسان سان ڳالهائيندا ۽ انهن جا پير شاهدي ڏيندا ته هي ماڻهو(دنيا ۾) ڪھڙا ڪهڙا ڪم ڪندا هئا؟ |
وَلَو نَشاءُ لَطَمَسنا عَلىٰ أَعيُنِهِم فَاستَبَقُوا الصِّرٰطَ فَأَنّىٰ يُبصِرونَ (آيت : 66) |
جيڪڏهن اسان چاهيون ته سندن اکين جي نور کي چَٽ ڪري ڇڏيون، پوءِ هو رستو ڳولهڻ لڳندا پر هو ڪٿان رستو ڏسي سگهندا؟ |
وَلَو نَشاءُ لَمَسَخنٰهُم عَلىٰ مَكانَتِهِم فَمَا استَطٰعوا مُضِيًّا وَلا يَرجِعونَ (آيت : 67) |
جيڪڏهن اسان چاهيون ته سندن شڪلين کي اُتي جو اُتي ڦيرائي ڇڏيون ته پوءِ هو نه اڳتي هلي سگهندا ۽ نه ئي پوئتي موٽي سگهندا. |
وَمَن نُعَمِّرهُ نُنَكِّسهُ فِى الخَلقِ أَفَلا يَعقِلونَ (آيت : 68) |
اسان جنھن کي ڊگهي عمر ڏيندا آهيون ته وري کيس ٻاراڻي بناوت (۽ طبيعت) ڏي واپس ڦيرائي ڇڏيندا آهيون. پوءِ هي ماڻهو ان ڳالهه کي ڇو نٿا سمجهن؟ |
وَما عَلَّمنٰهُ الشِّعرَ وَما يَنبَغى لَهُ إِن هُوَ إِلّا ذِكرٌ وَقُرءانٌ مُبينٌ (آيت : 69) |
۽ اسان هن (پيغمبر سڳوري) کي ڪابه شاعري نه سيکاري آهي ۽ نه ئي شاعري ڪرڻ سندس شان وٽان آهي. هي ته هڪ نصيحت وارو ڪتاب ۽ پڌرو قرآن آهي (جيڪو هو ٻڌائي ٿو) |
لِيُنذِرَ مَن كانَ حَيًّا وَيَحِقَّ القَولُ عَلَى الكٰفِرينَ (آيت : 70) |
ته جيئن سوچڻ ۽ سمجهڻ واري کي ڊيڄاري ۽ ڪافرن تي (اسان جي) حجت پوري ٿئي. |
أَوَلَم يَرَوا أَنّا خَلَقنا لَهُم مِمّا عَمِلَت أَيدينا أَنعٰمًا فَهُم لَها مٰلِكونَ (آيت : 71) |
ڇا انهن ماڻهن نه ڏٺو آهي ته جن شين کي اسان خود ٺاهيو آهي انهن ئي شين مان اسان ڍور ڍڳا به پيدا ڪيا، پوءِ هي ماڻهو انهن جا مالڪ ٿيا ويٺا آهن. |
وَذَلَّلنٰها لَهُم فَمِنها رَكوبُهُم وَمِنها يَأكُلونَ (آيت : 72) |
پوءِ اسان انهن ئي ڍور ڍڳن کي سندن قبضي ۾ ڏنو ته جيئن هو انهن مان ڪن تي سواري ڪندا رهن ۽ ڪن جو گوشت کائيندا رهن. |
وَلَهُم فيها مَنٰفِعُ وَمَشارِبُ أَفَلا يَشكُرونَ (آيت : 73) |
۽ انهن (ڍور ڍڳن) ۾ اسان انهن لاءِ گهڻا ئي فائدا ۽ پيئڻ جون شيون رکيون آهن، پوءِ به هي ماڻهو شڪر ڇو نٿا ادا ڪن؟ |
وَاتَّخَذوا مِن دونِ اللَّهِ ءالِهَةً لَعَلَّهُم يُنصَرونَ (آيت : 74) |
(سڀ نعمتون ملڻ کان پوءِ به) هي ماڻهو الله تعالى کان سواءِ ٻين کي معبود بڻائي ويٺا آهن ته جيئن سندن مدد ڪئي وڃي. |
لا يَستَطيعونَ نَصرَهُم وَهُم لَهُم جُندٌ مُحضَرونَ (آيت : 75) |
هي معبود انهن جي ڪابه مدد نه ڪري سگهندا بلڪه هنن (يعني مشرڪن) کي ته (ڪوڙن) معبودن جي لشڪر جي حيثيت ۾ الله تعالى جي آڏو پيش ڪيو ويندو. |
فَلا يَحزُنكَ قَولُهُم إِنّا نَعلَمُ ما يُسِرّونَ وَما يُعلِنونَ (آيت : 76) |
(اي نبيﷺ!) هنن ماڻهن جي ڳالهين تي هرگز ڏک نه ڪر، اسان انهن جي لڪيل ۽ ظاهري ڳالهين کي خوب ڄاڻون ٿا. |
أَوَلَم يَرَ الإِنسٰنُ أَنّا خَلَقنٰهُ مِن نُطفَةٍ فَإِذا هُوَ خَصيمٌ مُبينٌ (آيت : 77) |
ڇا انسان نه ڏٺو آهي ته اسان کيس نطفي مان پيدا ڪيو پوءِ به هو پڌرو ڦڏائي ٿي بيٺو آهي؟ |
وَضَرَبَ لَنا مَثَلًا وَنَسِىَ خَلقَهُ قالَ مَن يُحىِ العِظٰمَ وَهِىَ رَميمٌ (آيت : 78) |
هو اسان جي لاءِ مثال ڏيندو وتي ٿو، پنھنجي پيدائش (جي مرحلن) کي وساري ويٺو آهي ۽ چوي ٿو ته هنن هڏين کي صفا ڳري وڃڻ کان پوءِ ڪير زندهه ڪندو؟ |
قُل يُحييهَا الَّذى أَنشَأَها أَوَّلَ مَرَّةٍ وَهُوَ بِكُلِّ خَلقٍ عَليمٌ (آيت : 79) |
(اي نبيﷺ! کين) ٻڌاءِ ته انهن کي اُهوئي زنده ڪندو جنھن کين پھريون ڀيرو پيدا ڪيو هو ۽ هو هر قسم جي پيدائشي ڪمن کي خوب ڄاڻي ٿو. |
الَّذى جَعَلَ لَكُم مِنَ الشَّجَرِ الأَخضَرِ نارًا فَإِذا أَنتُم مِنهُ توقِدونَ (آيت : 80) |
اُن ئي توهان جي لاءِ سائي وڻ مان باهه پيدا ڪئي آهي جنھن مان توهان (باهه) ٻاريو ٿا. |
أَوَلَيسَ الَّذى خَلَقَ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ بِقٰدِرٍ عَلىٰ أَن يَخلُقَ مِثلَهُم بَلىٰ وَهُوَ الخَلّٰقُ العَليمُ (آيت : 81) |
جنھن هستيءَ آسمانن ۽ زمين کي پيدا ڪيو آهي، ڇا هوءَ انهن جھڙي ٻي مخلوق پيدا ڪرڻ جي طاقت نٿي رکي سگهي؟ ڇو نه! هو (الله) ته تمام وڏو پيدا ڪندڙ ۽ وڏي علم وارو آهي. |
إِنَّما أَمرُهُ إِذا أَرادَ شَيـًٔا أَن يَقولَ لَهُ كُن فَيَكونُ (آيت : 82) |
بيشڪ هو جنھن به شيءِ (جي پيدا ڪرڻ) جو ارادو ڪندو آهي ته چوندو آهي ته ”ٿيءُ“ ته اها شيءِ ”ٿي پوندي“ آهي. |
فَسُبحٰنَ الَّذى بِيَدِهِ مَلَكوتُ كُلِّ شَيءٍ وَإِلَيهِ تُرجَعونَ (آيت : 83) |
پاڪ آهي اها ذات جنھن جي هٿ ۾ هر شيءِ جي بادشاهي آهي. توهان سڀئي ان ڏانهن ئي موٽايا ويندا. |