يس (آيت : 1) |
ياسين |
وَالقُرءانِ الحَكيمِ (آيت : 2) |
قسم آهي قرآن حڪمت ڀرئي جو |
إِنَّكَ لَمِنَ المُرسَلينَ (آيت : 3) |
تون بيشڪ آهين رسولن مان |
عَلىٰ صِرٰطٍ مُستَقيمٍ (آيت : 4) |
آهين واٽ سڌي تي |
تَنزيلَ العَزيزِ الرَّحيمِ (آيت : 5) |
(هي قرآن) نازل ڪيل آهي غالب ٻاجهاري هستيءَ جو |
لِتُنذِرَ قَومًا ما أُنذِرَ ءاباؤُهُم فَهُم غٰفِلونَ (آيت : 6) |
جيئن خبردار ڪرين اهڙيءَ قوم کي جيڪي خبردار نه ڪيا ويا هئا سندس ابا ڏاڏا، پوءِ اهي غفلت ۾ پيل هئا |
لَقَد حَقَّ القَولُ عَلىٰ أَكثَرِهِم فَهُم لا يُؤمِنونَ (آيت : 7) |
تحقيق حقدار ٿي چڪا آهن عذاب جي فيصلي جا گهڻا ماڻهو انهن مان، تنهن ڪري هو نٿا آڻين ايمان |
إِنّا جَعَلنا فى أَعنٰقِهِم أَغلٰلًا فَهِىَ إِلَى الأَذقانِ فَهُم مُقمَحونَ (آيت : 8) |
بيشڪ اسان وجهي ڇڏيا آهن انهن جي ڳچين ۾ ڳٽ جن سان اهي کاڏين تائين جڪڙيل آهن، ان ڪري سندن ڪنڌ مٿي آهن |
وَجَعَلنا مِن بَينِ أَيديهِم سَدًّا وَمِن خَلفِهِم سَدًّا فَأَغشَينٰهُم فَهُم لا يُبصِرونَ (آيت : 9) |
۽ بيهاري آهي اسان سندن اڳيان هڪ ڀت ۽ هڪڙي پٺيان ڀت، (جنهن سان) کين ڍڪي ڇڏيو آهي، پوءِ انهن کي (هاڻي) نٿو ڪجهه نظر اچي |
وَسَواءٌ عَلَيهِم ءَأَنذَرتَهُم أَم لَم تُنذِرهُم لا يُؤمِنونَ (آيت : 10) |
۽ برابر آهي انهن لاءِ جو تون کين خبردار ڪرين يا نه ڪرين، نه آڻيندا (اهي) ايمان |
إِنَّما تُنذِرُ مَنِ اتَّبَعَ الذِّكرَ وَخَشِىَ الرَّحمٰنَ بِالغَيبِ فَبَشِّرهُ بِمَغفِرَةٍ وَأَجرٍ كَريمٍ (آيت : 11) |
بيشڪ تون ڪري سگهين ٿو ان شخص کي خبردار جيڪو پيروي ڪري نصيحت جي ۽ ڊڄي رحمٰن کان (اهو) اڻ ڏٺو آهي، پوءِ خوشخبري ڏي ان کي بخشش ۽ اجر وڏي کان وڏي جي |
إِنّا نَحنُ نُحىِ المَوتىٰ وَنَكتُبُ ما قَدَّموا وَءاثٰرَهُم وَكُلَّ شَيءٍ أَحصَينٰهُ فى إِمامٍ مُبينٍ (آيت : 12) |
بيشڪ اسان جيارڻ وارا آهيون مئلن کي (هڪ ڏينهن) ۽ لکندا ٿا وڃون جيڪي به انهن ڪم اڳتي موڪليا ۽ سندن ڇڏيل نشان محفوظ ڪيل آهن ۽ هر شيءِ کي گهيري رکيو آهي هڪ ڪتاب پڌري (ظاهر ظهور) ۾ |
وَاضرِب لَهُم مَثَلًا أَصحٰبَ القَريَةِ إِذ جاءَهَا المُرسَلونَ (آيت : 13) |
۽ ٻڌاءِ انهن کي مثال طور قصو ان وستيءَ وارن جو، جڏهن آيا هئا انهن ۾ رسول |
إِذ أَرسَلنا إِلَيهِمُ اثنَينِ فَكَذَّبوهُما فَعَزَّزنا بِثالِثٍ فَقالوا إِنّا إِلَيكُم مُرسَلونَ (آيت : 14) |
جڏهن موڪلياسين انهن ڏي ٻه (رسول) انهن (ٻنهي کي) ڪوڙو چيو، ته ٽيون سندن مدد ۾ موڪليو، پوءِ انهن سڀني چيو، بيشڪ اسان توهان ڏي رسول ڪري موڪليل آهيون |
قالوا ما أَنتُم إِلّا بَشَرٌ مِثلُنا وَما أَنزَلَ الرَّحمٰنُ مِن شَيءٍ إِن أَنتُم إِلّا تَكذِبونَ (آيت : 15) |
وستيءَ وارن چيو، توهان ڪجهه ناهيو، سواءِ انسان ڪي اسان جهڙا، ۽ ناهي نازل ڪئي رحمٰن ڪابه شيءِ، ها توهان ته رڳو ڪوڙ پيا ڳالهايو |
قالوا رَبُّنا يَعلَمُ إِنّا إِلَيكُم لَمُرسَلونَ (آيت : 16) |
رسولن چيو، اسان جو رب ٿو ڄاڻي، بيشڪ اسان توهان ڏي موڪليا ويا آهيون رسول ڪري |
وَما عَلَينا إِلَّا البَلٰغُ المُبينُ (آيت : 17) |
۽ ناهي اسان تي ڪا ذميواري سواءِ پيغام پهچائڻ جي چٽي صاف |
قالوا إِنّا تَطَيَّرنا بِكُم لَئِن لَم تَنتَهوا لَنَرجُمَنَّكُم وَلَيَمَسَّنَّكُم مِنّا عَذابٌ أَليمٌ (آيت : 18) |
ڳوٺاڻا چوڻ لڳا، اسان ته نحوست ٿا سمجهون توهان کي، جيڪر توهان نه مڙيا ته پٿرن سان توهان کي چٿي مارينداسين ۽ توهان کي پهچندو اسان کان عذاب سخت ڏکوئيندڙ |
قالوا طٰئِرُكُم مَعَكُم أَئِن ذُكِّرتُم بَل أَنتُم قَومٌ مُسرِفونَ (آيت : 19) |
رسولن جواب ڏنو، توهان تي برو سنوڻ آهي، ڇا اهي ڳالهيون ان لاءِ ڪريو ٿا؟ (توهان کي نصيحت ٿي ڪجي؟) اصل ۾ توهان حد کان ٽپي ويل ماڻهو آهيو |
وَجاءَ مِن أَقصَا المَدينَةِ رَجُلٌ يَسعىٰ قالَ يٰقَومِ اتَّبِعُوا المُرسَلينَ (آيت : 20) |
۽ ايتري ۾ ڏوراهين ڇيڙي شهر جي مان هڪ ماڻهو ڊوڙندو آيو ۽ چيائين، اي منهنجي قوم تابعداري ڪريو انهن رسولن جي پيروي ڪريو |
اتَّبِعوا مَن لا يَسـَٔلُكُم أَجرًا وَهُم مُهتَدونَ (آيت : 21) |
جيڪي توهان کان ڪوبه بدلو نٿا گهرن ۽ اهي ئي سڌي راهه تي آهن |
وَما لِىَ لا أَعبُدُ الَّذى فَطَرَنى وَإِلَيهِ تُرجَعونَ (آيت : 22) |
آخر ڇو نه ان هستيءَ جي بندگي ڪريان جنهن مون کي پئدا ڪيو ۽ ان ڏي ئي سڀني کي موٽڻو آهي |
ءَأَتَّخِذُ مِن دونِهِ ءالِهَةً إِن يُرِدنِ الرَّحمٰنُ بِضُرٍّ لا تُغنِ عَنّى شَفٰعَتُهُم شَيـًٔا وَلا يُنقِذونِ (آيت : 23) |
ڇا آئون ان کي ڇڏي ٻين کي معبود بڻايان؟ رحمٰن مون کي ڪو نقصان پهچائڻ گهري ته نه انهن جي شفاعت منهنجي ڪم ايندي ۽ نه اهي مون کي ڇڏائي سگهن ٿا |
إِنّى إِذًا لَفى ضَلٰلٍ مُبينٍ (آيت : 24) |
بيشڪ جي آئون ائين ڪندس ته پڌري گمراهيءَ ۾ وڃي پوندس |
إِنّى ءامَنتُ بِرَبِّكُم فَاسمَعونِ (آيت : 25) |
مون ته ايمان آندو آهي توهان جي رب تي، توهان به منهنجي ڳالهه مڃو |
قيلَ ادخُلِ الجَنَّةَ قالَ يٰلَيتَ قَومى يَعلَمونَ (آيت : 26) |
(انهن کيس قتل ڪيو) کيس چيو ويو ته جنت ۾ داخل ٿي ان چيو، جيڪر منهنجي قوم کي اهو پتو پوي ها |
بِما غَفَرَ لى رَبّى وَجَعَلَنى مِنَ المُكرَمينَ (آيت : 27) |
ته ڇا جي ڪري بخشش ڪئي منهنجي رب ۽ مون کي ڪيو شامل عزت وارن ماڻهن ۾ |
وَما أَنزَلنا عَلىٰ قَومِهِ مِن بَعدِهِ مِن جُندٍ مِنَ السَّماءِ وَما كُنّا مُنزِلينَ (آيت : 28) |
۽ نه اسان لاٿو سندس قوم تي ان کان پوءِ ڪوبه لشڪر آسمان مان ۽ نه اسان کي ڪا ضرورت ئي هئي لشڪر موڪلڻ جي |
إِن كانَت إِلّا صَيحَةً وٰحِدَةً فَإِذا هُم خٰمِدونَ (آيت : 29) |
بس ٿيو هڪڙو ئي ڌماڪو ۽ پوءِ ٺهه پهه اهي سڀ ئي ويا اجهامي |
يٰحَسرَةً عَلَى العِبادِ ما يَأتيهِم مِن رَسولٍ إِلّا كانوا بِهِ يَستَهزِءونَ (آيت : 30) |
افسوس آهي ٻانهن جي حال تي، جيڪو به آيو انهن وٽ رسول، ته ان تي ڪندا رهيا ٺٺوليون |
أَلَم يَرَوا كَم أَهلَكنا قَبلَهُم مِنَ القُرونِ أَنَّهُم إِلَيهِم لا يَرجِعونَ (آيت : 31) |
ڇا انهن ڏٺو ناهي ته اسان هلاڪ ڪري چڪا آهيون انهن کان اڳ ۾ ڪيترين ئي قومن کي، ۽ پوءِ انهن ڏانهن اهي موٽي نه آيا |
وَإِن كُلٌّ لَمّا جَميعٌ لَدَينا مُحضَرونَ (آيت : 32) |
۽ انهن سڀني کي هڪڙي ڏينهن گڏي اسان جي آڏو حاضر ڪيو ويندو |
وَءايَةٌ لَهُمُ الأَرضُ المَيتَةُ أَحيَينٰها وَأَخرَجنا مِنها حَبًّا فَمِنهُ يَأكُلونَ (آيت : 33) |
۽ نشاني آهي انهن ماڻهن لاءِ هي زمين جيڪا بي جان آهي، اسان ان کي زندگي ڏني ۽ ان مان اپايو آهي اناج، جنهن کي اهي کائن ٿا |
وَجَعَلنا فيها جَنّٰتٍ مِن نَخيلٍ وَأَعنٰبٍ وَفَجَّرنا فيها مِنَ العُيونِ (آيت : 34) |
۽ اسان ان ۾ پيدا ڪيا آهن باغ کجين جا ۽ انگورن جا، ۽ وهاياسين ان جي اندران (ڪيترا ئي) چشما |
لِيَأكُلوا مِن ثَمَرِهِ وَما عَمِلَتهُ أَيديهِم أَفَلا يَشكُرونَ (آيت : 35) |
جيئن اهي کائن ان جا ميوا ۽ اهو سڀڪجهه پيدا ڪيل ناهي سندن هٿن جو، پوءِ ڇا اهي شڪر ادا نٿا ڪن؟ |
سُبحٰنَ الَّذى خَلَقَ الأَزوٰجَ كُلَّها مِمّا تُنبِتُ الأَرضُ وَمِن أَنفُسِهِم وَمِمّا لا يَعلَمونَ (آيت : 36) |
پاڪ آهي اها ذات جنهن پيدا ڪيا جوڙا هر قسم جا، توڙي اهي زمين جي نباتات مان هجن يا خود انهن جي پنهنجي جنس (انسان) يا انهن شين مان، نٿا اهي ڄاڻن جن کي |
وَءايَةٌ لَهُمُ الَّيلُ نَسلَخُ مِنهُ النَّهارَ فَإِذا هُم مُظلِمونَ (آيت : 37) |
۽ هڪ نشاني انهن جي لاءِ رات به آهي، اسان هٽايون ٿا ان تان ڏينهن کي، ته انهن تي اوندهه ڇائنجي ويندي آهي |
وَالشَّمسُ تَجرى لِمُستَقَرٍّ لَها ذٰلِكَ تَقديرُ العَزيزِ العَليمِ (آيت : 38) |
۽ سج هلندو رهي ٿو پنهنجي منزل ڏانهن ۽ اهو مقرر ڪيل حساب آهي زبردست ڄاڻو هستيءَ جو |
وَالقَمَرَ قَدَّرنٰهُ مَنازِلَ حَتّىٰ عادَ كَالعُرجونِ القَديمِ (آيت : 39) |
۽ چنڊ، ان جي لاءِ اسان مقرر ڪيون آهن منزلون، تانجو انهن مان پار پوندي اهو کجيءَ جي سڪل شاخ وانگر وڃي بچي ٿو |
لَا الشَّمسُ يَنبَغى لَها أَن تُدرِكَ القَمَرَ وَلَا الَّيلُ سابِقُ النَّهارِ وَكُلٌّ فى فَلَكٍ يَسبَحونَ (آيت : 40) |
نه سج جي وس ۾ آهي ته اهو وڃي پهچي چنڊ کي ۽ نه رات اڳرائي ڪري سگهي ٿي ڏينهن تي، ۽ اهي سڀ هڪ هڪ فلڪ ۾ تري رهيا آهن |
وَءايَةٌ لَهُم أَنّا حَمَلنا ذُرِّيَّتَهُم فِى الفُلكِ المَشحونِ (آيت : 41) |
۽ اها به هڪ نشاني آهي انهن لاءِ جو اسان سوار ڪيو سندن نسل کي هڪ ڀريل ٻيڙي ۾ |
وَخَلَقنا لَهُم مِن مِثلِهِ ما يَركَبونَ (آيت : 42) |
۽ اسان پيدا ڪيون انهن لاءِ اهڙيون ئي ٻيون به ٻيڙيون جن تي اهي سوار ٿين ٿا |
وَإِن نَشَأ نُغرِقهُم فَلا صَريخَ لَهُم وَلا هُم يُنقَذونَ (آيت : 43) |
۽ اسان چاهيون ها ته انهن کي ٻوڙي ڇڏيون ها ۽ ڪوبه سندن دانهن ٻڌڻ وارو نه هجي ۽ نه ڪنهن طرح بچايا وڃن |
إِلّا رَحمَةً مِنّا وَمَتٰعًا إِلىٰ حينٍ (آيت : 44) |
بس اسان جي رحمت ئي کين پار لڳائي ٿي ۽ هڪ خاص وقت لاءِ لاڀ حاصل ڪرڻ جو موقعو ڏئي ٿي |
وَإِذا قيلَ لَهُمُ اتَّقوا ما بَينَ أَيديكُم وَما خَلفَكُم لَعَلَّكُم تُرحَمونَ (آيت : 45) |
۽ جڏهن کين چيو وڃي ٿو ته بچو ان پڄاڻيءَ کان جيڪا توهان آڏو اچي پئي ۽ جيڪا توهان جي پويان گذري چڪي آهي من توهان تي رحم ڪيو وڃي |
وَما تَأتيهِم مِن ءايَةٍ مِن ءايٰتِ رَبِّهِم إِلّا كانوا عَنها مُعرِضينَ (آيت : 46) |
(ته هي اڻ ٻڌي ڪن ٿا) ۽ انهن جي سامهون جيڪا به آيت سندن رب جي ايندي آهي ته اهي ان ڏانهن ڪوبه ڌيان نه ڏيندا آهن |
وَإِذا قيلَ لَهُم أَنفِقوا مِمّا رَزَقَكُمُ اللَّهُ قالَ الَّذينَ كَفَروا لِلَّذينَ ءامَنوا أَنُطعِمُ مَن لَو يَشاءُ اللَّهُ أَطعَمَهُ إِن أَنتُم إِلّا فى ضَلٰلٍ مُبينٍ (آيت : 47) |
۽ جڏهن به کين چيو ويندو آهي ته خرچ ڪريو ان مان جيڪو رزق ڏنو آهي توهان کي الله (سندس راهه ۾) ته چوندا آهن اهي ماڻهو جن ڪفر ڪيو آهي ايمان آڻڻ وارن کي، ڇا اسان انهن کي کارايون جن کي جي چاهي ها الله ته انهن کي پاڻ کارائي ها، توهان ته بلڪل ئي گمراهه ٿي ويا آهيو ظاهر ظهور |
وَيَقولونَ مَتىٰ هٰذَا الوَعدُ إِن كُنتُم صٰدِقينَ (آيت : 48) |
۽ اهي ئي (ماڻهو) چون ٿا ته، اها ڌمڪي (قيامت جي) ڪڏهن پوري ٿيندي؟ جيڪڏهن توهان واقعي سچا آهيو؟ |
ما يَنظُرونَ إِلّا صَيحَةً وٰحِدَةً تَأخُذُهُم وَهُم يَخِصِّمونَ (آيت : 49) |
اصل ۾ اهي جنهن ڳالهه جي انتظار ۾ آهن اها ته بس هڪ ڌماڪو آهي، جيڪو کين پڪڙيندو ان وقت جڏهن اهي (دنيا لاءِ) وڙهي رهيا هوندا |
فَلا يَستَطيعونَ تَوصِيَةً وَلا إِلىٰ أَهلِهِم يَرجِعونَ (آيت : 50) |
۽ ان وقت اهي ڪا وصيت به نه ڪري سگهندا ۽ نه وري اهي پنهنجي گهر وارن ڏي موٽي سگهندا |
وَنُفِخَ فِى الصّورِ فَإِذا هُم مِنَ الأَجداثِ إِلىٰ رَبِّهِم يَنسِلونَ (آيت : 51) |
پوءِ ڦوڪي ويندي هڪ صور، پوءِ اهي پنهنجي قبرن مان هڪدم نڪري ايندا پيش ٿيڻ جي لاءِ پنهنجي رب جي حضور ۾ |
قالوا يٰوَيلَنا مَن بَعَثَنا مِن مَرقَدِنا هٰذا ما وَعَدَ الرَّحمٰنُ وَصَدَقَ المُرسَلونَ (آيت : 52) |
گهٻرائجي چوندا، اڙي ويل ٿي ويو ڪنهن اسان کي اٿاري بيهاريو آهي پنهنجي جاين تان؟ هيءَ ڳالهه اهو رحمٰن جو وعدو آهي ۽ اها ئي سچي ڳالهه آهي جيڪا رسولن چئي هئي |
إِن كانَت إِلّا صَيحَةً وٰحِدَةً فَإِذا هُم جَميعٌ لَدَينا مُحضَرونَ (آيت : 53) |
بس اهو ئي ٿيندو زوردار ڌماڪو هڪڙو ۽ پوءِ سڀ جا سڀ حاضر ڪيا ويندا اسان جي حضور ۾ |
فَاليَومَ لا تُظلَمُ نَفسٌ شَيـًٔا وَلا تُجزَونَ إِلّا ما كُنتُم تَعمَلونَ (آيت : 54) |
اڄوڪي ڏينهن تي ظلم نه ڪيو ويندو ڪنهن تي به ڪنهن شيءِ جو ۽ اهڙو ئي بدلو ڏنو ويندو توهان کي جيڪي عمل ڪندا رهيا هئا |
إِنَّ أَصحٰبَ الجَنَّةِ اليَومَ فى شُغُلٍ فٰكِهونَ (آيت : 55) |
بيشڪ جنت وارا ماڻهو اڄوڪي ڏينهن تي مشغول هوندا مزا ماڻڻ ۾ |
هُم وَأَزوٰجُهُم فى ظِلٰلٍ عَلَى الأَرائِكِ مُتَّكِـٔونَ (آيت : 56) |
اهي ۽ سندن زالون گهاٽين ڇانون ۾ اوچن گاديلن تي ٽيڪون ڏئي ويٺل هوندا |
لَهُم فيها فٰكِهَةٌ وَلَهُم ما يَدَّعونَ (آيت : 57) |
انهن جي لاءِ موجود هونديون کاڌي پيتي جون لذيذ شيون اتي جيڪي طلبيندا سو حاضر هوندو |
سَلٰمٌ قَولًا مِن رَبٍّ رَحيمٍ (آيت : 58) |
سلام چيو ويو آهي انهن کي پنهنجي رب مهربان جي طرفان |
وَامتٰزُوا اليَومَ أَيُّهَا المُجرِمونَ (آيت : 59) |
۽ هٽي پري ٿي وڃو اڄ (توهان) اي ڏوهاريو |
أَلَم أَعهَد إِلَيكُم يٰبَنى ءادَمَ أَن لا تَعبُدُوا الشَّيطٰنَ إِنَّهُ لَكُم عَدُوٌّ مُبينٌ (آيت : 60) |
ڇا مون هدايت نه ڪئي توهان کي اي اولادِ آدم! ته نه ڪريو بندگي توهان شيطان جي، بيشڪ اهو توهان جو سڌو سنئون دشمن آهي |
وَأَنِ اعبُدونى هٰذا صِرٰطٌ مُستَقيمٌ (آيت : 61) |
۽ منهنجي ئي بندگي ڪريو، اهو ئي رستو سڌو آهي |
وَلَقَد أَضَلَّ مِنكُم جِبِلًّا كَثيرًا أَفَلَم تَكونوا تَعقِلونَ (آيت : 62) |
پوءِ هن گمراهه ڪري ڇڏيو توهان مان ڪيترن کي، ڇا نه رکندا هئا توهان ڪوبه عقل؟ |
هٰذِهِ جَهَنَّمُ الَّتى كُنتُم توعَدونَ (آيت : 63) |
هيءُ ئي اها دوزخ آهي جنهن کان توهان کي ڊيڄاريو ويندو هو |
اصلَوهَا اليَومَ بِما كُنتُم تَكفُرونَ (آيت : 64) |
هاڻي ان جو ٻارڻ ٿيو اڄ ان سزا ۾ جيڪو توهان دنيا ۾ ڪفر ڪندا رهيا |
اليَومَ نَختِمُ عَلىٰ أَفوٰهِهِم وَتُكَلِّمُنا أَيديهِم وَتَشهَدُ أَرجُلُهُم بِما كانوا يَكسِبونَ (آيت : 65) |
اڄ اسان بند ٿا ڪري ڇڏيون سندن وات، ۽ اسان سان ڳالهائيندا سندن هٿ ۽ شاهدي ڏيندا سندن پير ته (دنيا ۾) هو ڇا ڪمائي ڪندا رهيا |
وَلَو نَشاءُ لَطَمَسنا عَلىٰ أَعيُنِهِم فَاستَبَقُوا الصِّرٰطَ فَأَنّىٰ يُبصِرونَ (آيت : 66) |
۽ جي چاهيون اسان ناس ڪري ڇڏيون سندن اکين کي، پوءِ وڌندا رستي ڏي ته ڪٿان ڏسي سگهندا |
وَلَو نَشاءُ لَمَسَخنٰهُم عَلىٰ مَكانَتِهِم فَمَا استَطٰعوا مُضِيًّا وَلا يَرجِعونَ (آيت : 67) |
۽ جي چاهيون ته بدلائي ڇڏيون سندن شڪليون جتي به هجن، ته پوءِ نه اڳتي هلي سگهندا ۽ نه (وري) پٺتي موٽي سگهندا |
وَمَن نُعَمِّرهُ نُنَكِّسهُ فِى الخَلقِ أَفَلا يَعقِلونَ (آيت : 68) |
۽ ڏيون ٿا وڏي عمر جنهن کي به بناوٽ ۾ موٽائي اڳي جهڙو ڪريون ٿا، (اهو سڀڪجهه ڏسي به) کين عقل نٿو اچي؟ |
وَما عَلَّمنٰهُ الشِّعرَ وَما يَنبَغى لَهُ إِن هُوَ إِلّا ذِكرٌ وَقُرءانٌ مُبينٌ (آيت : 69) |
۽ نه سيکاريو آهي اسان هن (نبي) کي شعر ۽ نه شاعري کيس سونهين ٿي، هي ته هڪ نصيحت سان پڙهجڻ وارو چٽو ڪتاب آهي |
لِيُنذِرَ مَن كانَ حَيًّا وَيَحِقَّ القَولُ عَلَى الكٰفِرينَ (آيت : 70) |
جيئن ڊيڄاري هر ان شخص کي جيڪو زنده هجي ۽ حجت قائم ٿي وڃي انڪار ڪندڙن تي |
أَوَلَم يَرَوا أَنّا خَلَقنا لَهُم مِمّا عَمِلَت أَيدينا أَنعٰمًا فَهُم لَها مٰلِكونَ (آيت : 71) |
ڇا اهي ڏسن نٿا ته اسان خلقيا آهن انهن جي لاءِ پنهنجي ئي هٿن سان چوپايا مال ۽ هاڻي اهي انهن جا مالڪ بڻيا ويٺا آهن |
وَذَلَّلنٰها لَهُم فَمِنها رَكوبُهُم وَمِنها يَأكُلونَ (آيت : 72) |
۽ انهن کي اسان اهڙي طرح سندن وس ۾ ڪيو آهي جو ڪن تي سواري ٿا ڪن ۽ ڪن جو گوشت ٿا کائن |
وَلَهُم فيها مَنٰفِعُ وَمَشارِبُ أَفَلا يَشكُرونَ (آيت : 73) |
۽ انهن جي لاءِ منجهن طرح طرح جا فائدا ۽ پيئڻ جون شيون آهن، پوءِ به اهي شڪر نٿا ڪن |
وَاتَّخَذوا مِن دونِ اللَّهِ ءالِهَةً لَعَلَّهُم يُنصَرونَ (آيت : 74) |
۽ ان سڀ هوندي به انهن بڻايا آهن معبود (پنهنجي لاءِ) الله کان سواءِ ۽ اميد ٿا رکن ته سندن مدد ڪئي ويندي؟ |
لا يَستَطيعونَ نَصرَهُم وَهُم لَهُم جُندٌ مُحضَرونَ (آيت : 75) |
اهي سندن ڪابه مدد ڪرڻ جي طاقت نٿا رکن، پر اهي اٽلندو انهن جي لاءِ حاضر ٿيل لشڪر بڻيل آهن |
فَلا يَحزُنكَ قَولُهُم إِنّا نَعلَمُ ما يُسِرّونَ وَما يُعلِنونَ (آيت : 76) |
چڱو، انهن جون ڳالهيون توکي ڏکوئن نه، بيشڪ اسان ڄاڻون ٿا انهن جي سڀني لڪل ۽ ظاهر ڳالهين کي |
أَوَلَم يَرَ الإِنسٰنُ أَنّا خَلَقنٰهُ مِن نُطفَةٍ فَإِذا هُوَ خَصيمٌ مُبينٌ (آيت : 77) |
ڇا اهو نٿو ڏسي انسان ته اسان کيس خلقيو آهي هڪ ڦڙي مان، پوءِ هو هڪ جهڳڙالو بڻجي بيٺو آهي |
وَضَرَبَ لَنا مَثَلًا وَنَسِىَ خَلقَهُ قالَ مَن يُحىِ العِظٰمَ وَهِىَ رَميمٌ (آيت : 78) |
۽ هاڻي هو اسان تي مثال ٿو لاڳو ڪري ۽ وساريو اٿس پنهنجي پيدائش کي، چوي ٿو ڪير زنده ڪندو هڏن کي، جڏهن ته اهي ڀاڻ ڀتر ٿي ويا هجن؟ |
قُل يُحييهَا الَّذى أَنشَأَها أَوَّلَ مَرَّةٍ وَهُوَ بِكُلِّ خَلقٍ عَليمٌ (آيت : 79) |
چوين انهن کي جياريندو اهو ئي جنهن کين پهرين پيدا ڪيو هو ۽ اهو ئي پيدا ڪرڻ جي هر ڪم جو ڄاڻو آهي |
الَّذى جَعَلَ لَكُم مِنَ الشَّجَرِ الأَخضَرِ نارًا فَإِذا أَنتُم مِنهُ توقِدونَ (آيت : 80) |
اهو ئي آهي جنهن پيدا ڪئي توهان جي لاءِ چهچ سائي وڻ مان باهه، پوءِ ان مان توهان پنهنجا چلها ٻاريندا ٿا رهو |
أَوَلَيسَ الَّذى خَلَقَ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ بِقٰدِرٍ عَلىٰ أَن يَخلُقَ مِثلَهُم بَلىٰ وَهُوَ الخَلّٰقُ العَليمُ (آيت : 81) |
ڇا اهو ناهي جنهن پيدا ڪيو آسمانن ۽ زمين کي جيڪو قادر آهي ان ڳالهه تي ته انهن جهڙا پيدا ڪيا ٻيا؟ ڇونه، جڏهن ته اهو خالق وڏو ماهر آهي |
إِنَّما أَمرُهُ إِذا أَرادَ شَيـًٔا أَن يَقولَ لَهُ كُن فَيَكونُ (آيت : 82) |
بيشڪ هو حڪم ڪندو آهي جڏهن ڪو ارادو ڪندو آهي ڪنهن شيءِ جو ته چوندو آهي ان کي ”ٿي“ ۽ اها ٿي پوندي آهي |
فَسُبحٰنَ الَّذى بِيَدِهِ مَلَكوتُ كُلِّ شَيءٍ وَإِلَيهِ تُرجَعونَ (آيت : 83) |
پوءِ پاڪ آهي اهو جنهن جي هٿ ۾ اقتدار آهي هر ڪنهن شيءِ جو، ان ڏي ئي توهان موٽايا ويندا |