الحَمدُ لِلَّهِ فاطِرِ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ جاعِلِ المَلٰئِكَةِ رُسُلًا أُولى أَجنِحَةٍ مَثنىٰ وَثُلٰثَ وَرُبٰعَ يَزيدُ فِى الخَلقِ ما يَشاءُ إِنَّ اللَّهَ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرٌ (آيت : 1) |
هر طرح جو حمد (۽ سڀ خاص ساراھ) خدا جي لاءِ ئي آهي جو آسمانن ۽ زمينن کي پيدا ڪرڻ وارو، فرشتن کي پنهنجو (قاصد بنائڻ وارو) جن جا ٻه ٻه ٽي ٽي ۽ چار چار پر هوندا آهن. (مخلوقات جي) پيدائش ۾ جو (مناسب) ڄاڻي وڌائي ٿو. بيشڪ خدا هر شيءِ تي قادر آهي. |
ما يَفتَحِ اللَّهُ لِلنّاسِ مِن رَحمَةٍ فَلا مُمسِكَ لَها وَما يُمسِك فَلا مُرسِلَ لَهُ مِن بَعدِهِ وَهُوَ العَزيزُ الحَكيمُ (آيت : 2) |
ماڻهن لاءِ جا به رحمت کولي ٿو تنهن کي ڪو به روڪ ڪرڻ وارو نه آهي. ۽ جيڪي روڪي ٿو تنهن کي ڪو به ان کان پوءِ کولڻ وارو نه آهي ۽ اهو زبردست (۽) حمڪت وارو آهي. |
يٰأَيُّهَا النّاسُ اذكُروا نِعمَتَ اللَّهِ عَلَيكُم هَل مِن خٰلِقٍ غَيرُ اللَّهِ يَرزُقُكُم مِنَ السَّماءِ وَالأَرضِ لا إِلٰهَ إِلّا هُوَ فَأَنّىٰ تُؤفَكونَ (آيت : 3) |
اي انسانو! پاڻ تي الله جا احسان ياد ڪيو جيڪي اوهان تي ڪيا اٿس. ڇا خدا کان سواءِ ٻيو ڪو پيدا ڪندڙ آهي جو اوهان کي آسمان ۽ زمين مان روزي ڏئي ٿو ۽ ان کان سواءِ ڪو معبود قابل عبادت نه آهي پوءِ ڪئين ابتا وڃو ٿا؟ |
وَإِن يُكَذِّبوكَ فَقَد كُذِّبَت رُسُلٌ مِن قَبلِكَ وَإِلَى اللَّهِ تُرجَعُ الأُمورُ (آيت : 4) |
۽ (اي رسول) اهي ماڻهن جيڪڏهن تو کي ڪوڙو ڪن ته (فڪر نه ڪر) تو کان اڳ به ڪيترن ئي پيغمبرن کي ڪوڙو ڪيو آهي. ۽ (نيٺ ته) خدا ڏي ئي سڀ ڪم موٽايا وڃن ٿا. |
يٰأَيُّهَا النّاسُ إِنَّ وَعدَ اللَّهِ حَقٌّ فَلا تَغُرَّنَّكُمُ الحَيوٰةُ الدُّنيا وَلا يَغُرَّنَّكُم بِاللَّهِ الغَرورُ (آيت : 5) |
اي انسانو! خدا جو (قيامت وارو) وعدو بلڪل سچو آهي ته ائين نه ٿي جو اوهان کي دنيا جي (فاني) حياتي فريب ڏئي ۽ نه اوهان کي ڌوڪو ڏيندڙ (شيطان) خدا جي باري ۾ ڌوڪو ڏئي. |
إِنَّ الشَّيطٰنَ لَكُم عَدُوٌّ فَاتَّخِذوهُ عَدُوًّا إِنَّما يَدعوا حِزبَهُ لِيَكونوا مِن أَصحٰبِ السَّعيرِ (آيت : 6) |
بيشڪ شيطان اوهان جو دشمن آهي ته اوهين به کيس پنهنجو دشمن ڄاڻو.اهي ته پنهنجي جماعت کي هن لاءِ سڏي ٿو ته اهي (سڀئي ماڻهو) دوزخي بنجن. |
الَّذينَ كَفَروا لَهُم عَذابٌ شَديدٌ وَالَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ لَهُم مَغفِرَةٌ وَأَجرٌ كَبيرٌ (آيت : 7) |
جن ماڻهن (دنيا ۾) ڪفر اختيار ڪيو تن لاء (آخرت ۾) سخت عذاب آهي. ۽ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن لاءِ معافي ۽ وڏو اجر (جنت) آهي. |
أَفَمَن زُيِّنَ لَهُ سوءُ عَمَلِهِ فَرَءاهُ حَسَنًا فَإِنَّ اللَّهَ يُضِلُّ مَن يَشاءُ وَيَهدى مَن يَشاءُ فَلا تَذهَب نَفسُكَ عَلَيهِم حَسَرٰتٍ إِنَّ اللَّهَ عَليمٌ بِما يَصنَعونَ (آيت : 8) |
ته ڀلا جنهن کي سندس (بڇڙو) ڪم (شيطان) چڱو ڪري ڏيکاريو آهي ۽ اهو ان کي سٺو ڪم سمجهڻ لڳو آهي (ڪڏهن نيڪ انسان وانگر ٿي سگهي ٿو؟ هر گز نه) پڪي (ڳالھ) هيءَ آهي ته خدا جنهن کي چاهي ته گمراهي ۾ ڇڏي ڏئي ٿو ۽ جنهن کي گهري ٿو ته سڌي راھ تي اچڻ جي (توفيق) عطا فرمائي ٿو، تنهن ڪري (اي پيغمبر) تون مٿن افسوس جي ڪري پاڻ کي نه مار! بيشڪ اهي جيڪي ڪن ٿا تنهن کي خدا چڱيءَ طرح ڄاڻي ٿو. |
وَاللَّهُ الَّذى أَرسَلَ الرِّيٰحَ فَتُثيرُ سَحابًا فَسُقنٰهُ إِلىٰ بَلَدٍ مَيِّتٍ فَأَحيَينا بِهِ الأَرضَ بَعدَ مَوتِها كَذٰلِكَ النُّشورُ (آيت : 9) |
پڻ خدا ئي اهو (قادر مطلق) آهي جيڪو هوائن کي موڪلي ٿو ته اهي ڪڪرن کي اڏائينديون ڦرن ٿيون. پوءِ اسين انهن ڪڪرن کي مئل (ويران) شهر ڏي هڪليون ٿا ته ان (جي پاڻيءَ) سان زمين کي ان جي مرڻ کان پوءِ جيئرو (آباد) ڪريون ٿا. اهڙي طرح (قيامت ۾) جيئرو ٿي اٿڻو آهي. |
مَن كانَ يُريدُ العِزَّةَ فَلِلَّهِ العِزَّةُ جَميعًا إِلَيهِ يَصعَدُ الكَلِمُ الطَّيِّبُ وَالعَمَلُ الصّٰلِحُ يَرفَعُهُ وَالَّذينَ يَمكُرونَ السَّيِّـٔاتِ لَهُم عَذابٌ شَديدٌ وَمَكرُ أُولٰئِكَ هُوَ يَبورُ (آيت : 10) |
جو شخص عزت ڇاهي ٿو (سو خدا کان گهري) ڇو ته سڀ عزت ته خدا جي ئي آهي. جنهن بارگاھ تائين چڱيون ڳالهيون (بلند ٿي) پهچن ٿيون چڱا ڪم ته اهو پاڻ بلند ڪري ٿو ۽ (اي رسول) جي ماڻهو (پنهنجي خلاف) بڇڙيون تدبيرون ڪن ٿا تن لاءِ (قيامت ۾) سخت عذاب آهي ۽ (آخر) سندن تدبيرون برباد ٿينديون. |
وَاللَّهُ خَلَقَكُم مِن تُرابٍ ثُمَّ مِن نُطفَةٍ ثُمَّ جَعَلَكُم أَزوٰجًا وَما تَحمِلُ مِن أُنثىٰ وَلا تَضَعُ إِلّا بِعِلمِهِ وَما يُعَمَّرُ مِن مُعَمَّرٍ وَلا يُنقَصُ مِن عُمُرِهِ إِلّا فى كِتٰبٍ إِنَّ ذٰلِكَ عَلَى اللَّهِ يَسيرٌ (آيت : 11) |
۽ (اي انسانو) خدا توهان کي مٽيءَ مان پيدا ڪيو وري نطفي مان وري اوهان کي جوڙو (نر ۽ مادي) ڪيائين ۽ ڪا به مادي سندس علم (۽ اجازت) کان سواءِ نه پيٽ سان ٿئي ٿي ۽ نه ڄڻي ٿي ۽ نه ڪنهن جي عمر ۾ واڌارو ٿئي ٿو ۽ نه سندس عمر مان گهٽ ڪيو وڃي ٿو پر اهو (سڀ) ڪتاب (لوح محفوظ) ۾ (ضرور) آهي. بيشڪ اها ڳالھ خدا تي تمام آسان آهي. |
وَما يَستَوِى البَحرانِ هٰذا عَذبٌ فُراتٌ سائِغٌ شَرابُهُ وَهٰذا مِلحٌ أُجاجٌ وَمِن كُلٍّ تَأكُلونَ لَحمًا طَرِيًّا وَتَستَخرِجونَ حِليَةً تَلبَسونَها وَتَرَى الفُلكَ فيهِ مَواخِرَ لِتَبتَغوا مِن فَضلِهِ وَلَعَلَّكُم تَشكُرونَ (آيت : 12) |
۽ (سندس قدرت ڏسو جو) ٻه دريا (پاڻ ۾ ملي وڃڻ هوندي به) هڪ ٿي نه ٿا وڃن. هيءُ مٺو اڃ لاهيندڙ سندس پاڻي وڻندڙ آهي ۽ هي (ٻيو) کارو ڪوڙو آهي. ۽ ان (اختلاف) هوندي به اوهين ٻنهي مان (مڇين جو) تازو گوشت (هڪجهڙو) کائو ٿا ۽ پنهنجي لاءِ (موتي مرجان ۽ ٻيا) زيور ڪڍو ٿا جن کي اوهين پهريو ٿا پڻ اوهين ڏسو ٿا ته ٻيڙيون دريا ۾ (پاڻيءَ کي) ڇيرينديون هليون وڃن ٿيون هن لاءِ ته خدا جي فضل (۽ ڪرم) تجارت (۽ روزگار) جي تلاش ڪريو ۽ من اوهين شڪر ڪريو. |
يولِجُ الَّيلَ فِى النَّهارِ وَيولِجُ النَّهارَ فِى الَّيلِ وَسَخَّرَ الشَّمسَ وَالقَمَرَ كُلٌّ يَجرى لِأَجَلٍ مُسَمًّى ذٰلِكُمُ اللَّهُ رَبُّكُم لَهُ المُلكُ وَالَّذينَ تَدعونَ مِن دونِهِ ما يَملِكونَ مِن قِطميرٍ (آيت : 13) |
اهو رات کي (وڌائي) ڏينهن ۾ داخل ڪري ٿو (ته رات وڌي وڃي ٿي) ۽ اهو ئي ڏينهن کي (وڌائي) رات ۾ داخل ڪري ٿو (ته ڏينهن وڌي وڃي ٿو ۽) ان ئي سج ۽ چنڊ کي پنهنجو مطيع ڪري ڇڏيو آهي جو سڀ ڪو پنهنجي (پنهنجي) مقرر ڪيل مدت تائين هلي ٿو. اهو ئي اوهان جو پالڻهار آهي سندس ئي حڪومت آهي. ۽ ان کي ڇڏي جن معبودن کي اوهين سڏيو ٿا سي کارڪ جي ککڙيءَ کل جيتري به قدرت نٿا رکن. |
إِن تَدعوهُم لا يَسمَعوا دُعاءَكُم وَلَو سَمِعوا مَا استَجابوا لَكُم وَيَومَ القِيٰمَةِ يَكفُرونَ بِشِركِكُم وَلا يُنَبِّئُكَ مِثلُ خَبيرٍ (آيت : 14) |
جيڪڏهن اوهين انهن کي سڏيو ته اوهان جو سڏ نه ٻڌندا ۽ جيڪڏهن (کڻي) ٻڌن به ته اوهان کي جواب نه ڏيندا ۽ قيامت جي ڏينهن اوهان جي شريڪ ٺهرائڻ جو (اهي) انڪار ڪندا، ۽ واقف ڪار (شخص) وانگر (پوءِ انهن جي پوري حالت) اوهان کي ٻڌائي نه ٿو سگهي. |
يٰأَيُّهَا النّاسُ أَنتُمُ الفُقَراءُ إِلَى اللَّهِ وَاللَّهُ هُوَ الغَنِىُّ الحَميدُ (آيت : 15) |
اي انسانو! اوهين سڀئي الله جا (هر وقت) محتاج آهيو ۽ (رڳو) الله ئي (سڀني کان) بي پرواھ لائق حمد (۽ ساراھ آهي) |
إِن يَشَأ يُذهِبكُم وَيَأتِ بِخَلقٍ جَديدٍ (آيت : 16) |
جيڪڏهن چاهي ته اوهان ماڻهن کي (ميٽي) پري ڪري ڇڏي ۽ هڪ نئين خلق آڻي. |
وَما ذٰلِكَ عَلَى اللَّهِ بِعَزيزٍ (آيت : 17) |
۽ اها ڳالھ ڪا خدا ته مشڪل نه آهي. |
وَلا تَزِرُ وازِرَةٌ وِزرَ أُخرىٰ وَإِن تَدعُ مُثقَلَةٌ إِلىٰ حِملِها لا يُحمَل مِنهُ شَيءٌ وَلَو كانَ ذا قُربىٰ إِنَّما تُنذِرُ الَّذينَ يَخشَونَ رَبَّهُم بِالغَيبِ وَأَقامُوا الصَّلوٰةَ وَمَن تَزَكّىٰ فَإِنَّما يَتَزَكّىٰ لِنَفسِهِ وَإِلَى اللَّهِ المَصيرُ (آيت : 18) |
۽ (ياد رهي ته) ڪو به شخص ڪنهن ٻئي (جي گناهن) جو بار نه کڻندو. ۽ جيڪڏهن ڪو ڳري بار وارو پنهنجي بار (کڻائڻ) لاءِ (ڪنهن کي) سڏيندو ته ان مان ڪجھ به نه کنيو ويندو توري جو مائٽ هجي. (اي پيغمبر) تون رڳو انهن کي ڊيڄاري سگهين ٿو جيڪي اڻ ڏٺي پنهنجي پالڻهار کان ڊڄن ٿا ۽ نماز قائم ڪن ٿا. ۽ (ياد رکو) جو شخص پاڪ صاف رهي ٿو سو پنهنجي ئي فائدي لاءِ پاڪ صاف رهي ٿو ۽ (نيٺ ته ڦري گهري سڀ کي) خدا ڏي ئي موٽڻو آهي. |
وَما يَستَوِى الأَعمىٰ وَالبَصيرُ (آيت : 19) |
۽ انڌو (ڪافر) ۽ اکين وارو (مومن ڪڏهين به) برابر نه ٿا سگهن، |
وَلَا الظُّلُمٰتُ وَلَا النّورُ (آيت : 20) |
۽ نه اونداهي (ڪفر) ۽ سوجهرو (ايمان جي برابر آهي). |
وَلَا الظِّلُّ وَلَا الحَرورُ (آيت : 21) |
۽ نه ڇانو (بهشت) ۽ نه اس (دوزخ برابر آهن) |
وَما يَستَوِى الأَحياءُ وَلَا الأَموٰتُ إِنَّ اللَّهَ يُسمِعُ مَن يَشاءُ وَما أَنتَ بِمُسمِعٍ مَن فِى القُبورِ (آيت : 22) |
۽ نه جيئرا (مومن) ۽ نه مئل (ڪافر) برابر ٿي سگهن ٿا. ۽ خدا جنهن کي گهري چڱيءَ طرح ٻڌائي (سمجهائي) ٿو ۽ (اي رسول) جي (ڪافر مردن وانگر) قبرن ۾ آهن تن کي تون (پنهنجيون ڳالهيون) ٻڌائي سمجهائي نه ٿو سگهين. |
إِن أَنتَ إِلّا نَذيرٌ (آيت : 23) |
تون ته رڳو (هڪ خدا کان) ڊيڄارڻ وارو آهين. |
إِنّا أَرسَلنٰكَ بِالحَقِّ بَشيرًا وَنَذيرًا وَإِن مِن أُمَّةٍ إِلّا خَلا فيها نَذيرٌ (آيت : 24) |
اسان ئي تو کي بيشڪ قرآن ڏيئي خوش خبري ٻڌائيندڙ ۽ ڊيڄاريندڙ (پيغمبر) بنائي موڪليو آهي. ۽ ڪا به امت (دنيا ۾) اهڙي نه گذري جو جنهن ۾ ڪو به ڊيڄاريندڙ (پيغمبر) نه گذريو آهي. |
وَإِن يُكَذِّبوكَ فَقَد كَذَّبَ الَّذينَ مِن قَبلِهِم جاءَتهُم رُسُلُهُم بِالبَيِّنٰتِ وَبِالزُّبُرِ وَبِالكِتٰبِ المُنيرِ (آيت : 25) |
۽ جيڪڏهن اهي ماڻهو تو کي ڪوڙو ڪن ته (ڪا پرواھ نه ڪر! ڇو ته) انهن جي اڳين به (پنهنجي پنهنجي پيغمبرن کي ڪوڙو ڪيو آهي (هوڏانهن) انهن وٽ سندن پيغمبر ظاهر نشانيون ۽ صحيفا ۽ روشن ڪتاب کڻي آيا هئا. |
ثُمَّ أَخَذتُ الَّذينَ كَفَروا فَكَيفَ كانَ نَكيرِ (آيت : 26) |
وري اسان انهن ماڻهن کي جي ڪافر ٿي ويٺا، پڪڙيو ته (تو ڏٺو ته) منهنجو عذاب، انهن تي ڪهڙو نه (سخت) هو. |
أَلَم تَرَ أَنَّ اللَّهَ أَنزَلَ مِنَ السَّماءِ ماءً فَأَخرَجنا بِهِ ثَمَرٰتٍ مُختَلِفًا أَلوٰنُها وَمِنَ الجِبالِ جُدَدٌ بيضٌ وَحُمرٌ مُختَلِفٌ أَلوٰنُها وَغَرابيبُ سودٌ (آيت : 27) |
ڇا تو نه ڏٺو ته بيشڪ الله آسمان مان پاڻي وسايو. پوءِ ان (پاڻيءَ) سان هر قسم جا ميوا ڪڍياسون جن جا رنگ جدا جدا آهن. پڻ جبلن جا (ڪي) اڇا ۽ (ڪي) ڳاڙها جدا جدا رنگن وارا ۽ (ڪي) بند ڪارا ڀاڱا (۽ رستا) آهن. |
وَمِنَ النّاسِ وَالدَّوابِّ وَالأَنعٰمِ مُختَلِفٌ أَلوٰنُهُ كَذٰلِكَ إِنَّما يَخشَى اللَّهَ مِن عِبادِهِ العُلَمٰؤُا۟ إِنَّ اللَّهَ عَزيزٌ غَفورٌ (آيت : 28) |
پڻ ماڻهن ۽ وهٽن ۽ ڍورن مان، اهڙي طرح جدا جدا رنگن وارا آهن. سندس بندن مان خدا جو خوف ڪرڻ وارا ته رڳو عالم شخص آهن. بيشڪ خدا زبردست (۽) معاف ڪندڙ آهي. |
إِنَّ الَّذينَ يَتلونَ كِتٰبَ اللَّهِ وَأَقامُوا الصَّلوٰةَ وَأَنفَقوا مِمّا رَزَقنٰهُم سِرًّا وَعَلانِيَةً يَرجونَ تِجٰرَةً لَن تَبورَ (آيت : 29) |
بيشڪ جي ماڻهو خدا جو ڪتاب پڙهن ٿا ۽ نماز قائم ڪن ٿا ۽ جيڪا روزي کين عطا ڪيل آهي تنهن مان ڳجهو ۽ ظاهر (خدا جي راھ ۾) خرچ ڪن ٿا سي اهڙي واپار جي اميد رکن ٿا جو ڪڏهين به برباد نه ٿيندو. |
لِيُوَفِّيَهُم أُجورَهُم وَيَزيدَهُم مِن فَضلِهِ إِنَّهُ غَفورٌ شَكورٌ (آيت : 30) |
هن لاءِ ته انهن کي سندن اجر پورا پورا ڏئي ۽ انهن کي پنهنجي فضل (۽ ڪرم) مان وڌيڪ به ڏئي. بيشڪ اهو معاف ڪندڙ قدردان آهي. |
وَالَّذى أَوحَينا إِلَيكَ مِنَ الكِتٰبِ هُوَ الحَقُّ مُصَدِّقًا لِما بَينَ يَدَيهِ إِنَّ اللَّهَ بِعِبادِهِ لَخَبيرٌ بَصيرٌ (آيت : 31) |
۽ (اي پيغمر) جيڪو ڪتاب اسان تو ڏي وحي ذريعي موڪليو آهي سو (بلڪل) برحق آهي ۽ جيڪي (اڳيان ڪتاب) سندس سامهون آهن تن کي سچو چوندڙ آهي. بيشڪ خدا پنهنجن ٻانهن (جي حال) کان چڱيءَ طرح واقف (۽ کين) ڏسي رهيو آهي. |
ثُمَّ أَورَثنَا الكِتٰبَ الَّذينَ اصطَفَينا مِن عِبادِنا فَمِنهُم ظالِمٌ لِنَفسِهِ وَمِنهُم مُقتَصِدٌ وَمِنهُم سابِقٌ بِالخَيرٰتِ بِإِذنِ اللَّهِ ذٰلِكَ هُوَ الفَضلُ الكَبيرُ (آيت : 32) |
وري پنهنجي بندن مان خاص انهن کي قرآن جو وارث ڪيوسون جن کي اسان (لائق فائق ڄاڻي) چونڊيو. ڇو ته بندن مان ڪجھ ته (نافرماني ڪري) پاڻ تي ظلم ڪن ٿا ۽ ڪي (وري نيڪي ۽ بدي ۾) وچٿرا آهن. پڻ انهن مان ڪو خدا جي (ڏنل) اختيار سان نيڪيءَ ۾ اڏي وڌي ويندڙ آهن. اهو ئي (انتخاب ۽ اڳتي وڌي وڃڻ) ته خدا جو وڏو فضل آهي. |
جَنّٰتُ عَدنٍ يَدخُلونَها يُحَلَّونَ فيها مِن أَساوِرَ مِن ذَهَبٍ وَلُؤلُؤًا وَلِباسُهُم فيها حَريرٌ (آيت : 33) |
(۽ ان جو بدلو بهشت جا) سدا بهار باغ آهن جن ۾ اهي شخص داخل ٿيندا ۽ کين اتي سونا ڪنگڻ ۽ موتين (جا هار) پهرايا ويندا. پڻ اتي سندن (معمولي) پوشاڪ خالص ريشمي هوندي. |
وَقالُوا الحَمدُ لِلَّهِ الَّذى أَذهَبَ عَنَّا الحَزَنَ إِنَّ رَبَّنا لَغَفورٌ شَكورٌ (آيت : 34) |
۽ اهي ماڻهو (خوشيءَ سان) چوندا خدا جو شڪر جنهن اسان کان (هر قسم جو) ڏک ۽ غم پري ڪيو. بيشڪ اسان جو پروردگار وڏو بخشڻهار ۽ قدردان آهي. |
الَّذى أَحَلَّنا دارَ المُقامَةِ مِن فَضلِهِ لا يَمَسُّنا فيها نَصَبٌ وَلا يَمَسُّنا فيها لُغوبٌ (آيت : 35) |
جنهن اسان کي پنهنجي فضل (۽ ڪرم) سان سدائين رهڻ واري گهر (بهشت) ۾ رهايو جتي اسان کي ڪا به تڪليف نه ڇهندي ۽ نه ان ۾ اسان کي ڪو ٿڪ پهچندو. |
وَالَّذينَ كَفَروا لَهُم نارُ جَهَنَّمَ لا يُقضىٰ عَلَيهِم فَيَموتوا وَلا يُخَفَّفُ عَنهُم مِن عَذابِها كَذٰلِكَ نَجزى كُلَّ كَفورٍ (آيت : 36) |
۽ جن ڪفر ڪيو تن لاءِ دوزخ جي باھ آهي. نه مٿن قضا ايندي جو مرن (۽ تڪليف مان ڇٽن) ۽ نه (وري) سندن عذاب مان ڪجھ هلڪو ڪيو ويندو. اسين هر ناشڪري کي اهڙي طرح سزا ڏيندا ڪندا آهيون. |
وَهُم يَصطَرِخونَ فيها رَبَّنا أَخرِجنا نَعمَل صٰلِحًا غَيرَ الَّذى كُنّا نَعمَلُ أَوَلَم نُعَمِّركُم ما يَتَذَكَّرُ فيهِ مَن تَذَكَّرَ وَجاءَكُمُ النَّذيرُ فَذوقوا فَما لِلظّٰلِمينَ مِن نَصيرٍ (آيت : 37) |
۽ اهي ان (دوزخ) ۾ دانهون ڪندا ته اي اسان جا پالڻهار! اسان کي (هتان) ڪڍ! ته جيڪي ڪم ڪنداهئاسون تن کي ڇڏي ٻيا چڱا ڪم ڪريون (کين جواب ڏبو ته) ڇا اسان اوهان کي ايتري عمر نه ڏني هئي جنهن ۾ جنهن کي سو سوچڻو هجي سوچي سمجهي وٺي ۽ (تنهن کان سواءِ) اوهان وٽ (هن عذاب کان) ڊيڄاريندڙ (رسول) به آيو. پوءِ (سزا جو مزو) چکيو. ڇو ته ظالمن جو ڪو به مددگار نه آهي. |
إِنَّ اللَّهَ عٰلِمُ غَيبِ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ إِنَّهُ عَليمٌ بِذاتِ الصُّدورِ (آيت : 38) |
بيشڪ خدا آسمانن ۽ زمين جو ڳجھ ڄاڻندڙ آهي. بيشڪ اهو سينن جون ڳالهيون (به) ڄاڻندڙ آهي. |
هُوَ الَّذى جَعَلَكُم خَلٰئِفَ فِى الأَرضِ فَمَن كَفَرَ فَعَلَيهِ كُفرُهُ وَلا يَزيدُ الكٰفِرينَ كُفرُهُم عِندَ رَبِّهِم إِلّا مَقتًا وَلا يَزيدُ الكٰفِرينَ كُفرُهُم إِلّا خَسارًا (آيت : 39) |
هو اهو (خدا) آهي جنهن اوهان کي زمين ۾ (اڳين جو) جانشيءَن بنايو پوءِ جو شخص ڪفر ڪندو ته ان جي ڪفر جو وبال سندس سر تي پوندو. ۽ ڪافرن لاءِ سندن ڪفر انهن جي پاليندڙ وٽ رڳو ڪاوڙ وڌائيندو ۽ ڪافرن لاءِ سندن ڪفر رڳو نقصان (ئي) وڌائيندو. |
قُل أَرَءَيتُم شُرَكاءَكُمُ الَّذينَ تَدعونَ مِن دونِ اللَّهِ أَرونى ماذا خَلَقوا مِنَ الأَرضِ أَم لَهُم شِركٌ فِى السَّمٰوٰتِ أَم ءاتَينٰهُم كِتٰبًا فَهُم عَلىٰ بَيِّنَتٍ مِنهُ بَل إِن يَعِدُ الظّٰلِمونَ بَعضُهُم بَعضًا إِلّا غُرورًا (آيت : 40) |
(اي پيغمر! کين) چئو ته خدا کان سواءِ جن پنهنجن (ٺهرايل) شريڪن کي سڏيو ٿا تن کي اوهان ڏٺو آهي ڇا؟ مون کي ڏيکاريو ته انهن زمين مان ڇا پيدا ڪيو؟ يا ته انهن جي آسمانن ۾ ڪا ڀائيواري آهي ڇا؟ يا ته اسان انهن (مشرڪن) کي ڪو ڪتاب ڏنو آهي ڇا؟ جو اهي ان جي ظاهر ثابتيءَ تي آهن (انهن مان ڪا به ڳالھ نه آهي) پر ظالم هڪ ٻئي کي رڳو ڌوڪي جو وعدو ڪن ٿا. |
إِنَّ اللَّهَ يُمسِكُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ أَن تَزولا وَلَئِن زالَتا إِن أَمسَكَهُما مِن أَحَدٍ مِن بَعدِهِ إِنَّهُ كانَ حَليمًا غَفورًا (آيت : 41) |
بيشڪ خدا ئي آسمانن ۽ زمين کي پنهنجي (پنهنجي) جاءِ کان هٽي وڃڻ کان جهلي ڇڏيو آهي. پر جيڪڏهن اهي پنهنجي جاءِ تان هٽي وڃن ته پوءِ ان کان سواءِ کين ڪوئي به روڪي نه ٿو سگهي. بيشڪ اهو وڏو بردبار (۽) وڏو معاف ڪندڙ آهي. |
وَأَقسَموا بِاللَّهِ جَهدَ أَيمٰنِهِم لَئِن جاءَهُم نَذيرٌ لَيَكونُنَّ أَهدىٰ مِن إِحدَى الأُمَمِ فَلَمّا جاءَهُم نَذيرٌ ما زادَهُم إِلّا نُفورًا (آيت : 42) |
۽ اهي ماڻهو ته خدا جا وڏا وڏا قسم کڻي چون ٿا ته جيڪڏهن وٽن ڪو به ڊيڄاريندڙ ايندو ته اهي سڀ ڪنهن قوم کان وڌيڪ هدايت وارا ٿيندا. پوءِ جڏهن وٽن ڊيڄارڻ وارو (رسول) آيو ته (انهن کي) روءِ زمين ۾ وڏائي ۽ بڇڙين تدبيرن ڪرڻ سبب (ان جي اچڻ سان) سندن نفرت وڌندي ئي ويئي. |
استِكبارًا فِى الأَرضِ وَمَكرَ السَّيِّئِ وَلا يَحيقُ المَكرُ السَّيِّئُ إِلّا بِأَهلِهِ فَهَل يَنظُرونَ إِلّا سُنَّتَ الأَوَّلينَ فَلَن تَجِدَ لِسُنَّتِ اللَّهِ تَبديلًا وَلَن تَجِدَ لِسُنَّتِ اللَّهِ تَحويلًا (آيت : 43) |
زمين ۾ وڏائي ڪرڻ ۽ بڇڙائي رٿڻ جي ڪري، هوڏانهن بڇڙي رٿ رڳو ان جي رٿڻ وارن کي ئي وڪوڙي ٿي. پوءِ اهي رڳو اڳين تي جاري ٿيل قاعدي جو انتظار ٿا ڪن. پوءِ تون ڪڏهن به خدا جي دستور ۾ ڪا مٽ سٽ نه لهندين. ۽ تون خدا جي دستور ۾ ڪا ڦير گهير نه لهندين. |
أَوَلَم يَسيروا فِى الأَرضِ فَيَنظُروا كَيفَ كانَ عٰقِبَةُ الَّذينَ مِن قَبلِهِم وَكانوا أَشَدَّ مِنهُم قُوَّةً وَما كانَ اللَّهُ لِيُعجِزَهُ مِن شَيءٍ فِى السَّمٰوٰتِ وَلا فِى الأَرضِ إِنَّهُ كانَ عَليمًا قَديرًا (آيت : 44) |
ته ڇا انهن ماڻهن روءِ زمين تي گهمي ڦري نه ڏٺو ته جيڪي ماڻهو انهن کان اڳ هئا تن جي پڇاڙي ڪئين ٿي هوڏانهن اهي انهن کان طاقت ۾ وڌيڪ هئا. ۽ خدا اهڙو نه آهي جو ان کي آسمانن ۾ ۽ زمين ۾ ڪا به شيءَ عاجز ڪري سگهي. بيشڪ اهو (سڀ ڪجھ) ڄاڻندڙ قوت رکندڙ آهي. |
وَلَو يُؤاخِذُ اللَّهُ النّاسَ بِما كَسَبوا ما تَرَكَ عَلىٰ ظَهرِها مِن دابَّةٍ وَلٰكِن يُؤَخِّرُهُم إِلىٰ أَجَلٍ مُسَمًّى فَإِذا جاءَ أَجَلُهُم فَإِنَّ اللَّهَ كانَ بِعِبادِهِ بَصيرًا (آيت : 45) |
۽ جيڪڏهن خدا ماڻهن کي سندن ڪرتوتن تي (هڪدم) پڪڙ ڪري ته زمين جي پٺيءَ تي ڪو به جانور نه ڇڏي ها، پر انهن کي هڪ مقرر ڪيل مدت تائين مهلت ڏئي ٿو (ته جيڪي ڪرڻو اٿو سو ڪريو) پوءِ جڏهن ان جو (اهو) وقت ايندو ته خدا پاڪ پنهنجن بندن (جي حال) کي ڏسي رهيو آهي. (پوءِ جهڙي ڪرڻي تهڙي ڀرڻي ڏسندو). |