الحَمدُ لِلَّهِ فاطِرِ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ جاعِلِ المَلٰئِكَةِ رُسُلًا أُولى أَجنِحَةٍ مَثنىٰ وَثُلٰثَ وَرُبٰعَ يَزيدُ فِى الخَلقِ ما يَشاءُ إِنَّ اللَّهَ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرٌ (آيت : 1) |
آهِن هِڪ اَلله لئي، هردم حَمد هزار، جو جوڙيندڙ اُڀ، ڀونيون، نوان نقش نگار، مُقرّر ڪَندڙ مَلڪِين، مُرسل ماڻهِن پار، خاصِيتون جَن کَنڀڙاٽيون، ٻه ٻه، ٽي ٽي، چار،وَڌائي وڻيس تِئين، جوڙڻ مَنجھ جبار، ڪُل شئ مٿي ڪلتار، هَلندِئَ وارو هر حال ۾. |
ما يَفتَحِ اللَّهُ لِلنّاسِ مِن رَحمَةٍ فَلا مُمسِكَ لَها وَما يُمسِك فَلا مُرسِلَ لَهُ مِن بَعدِهِ وَهُوَ العَزيزُ الحَكيمُ (آيت : 2) |
ماڻهن تي مِهر مَنجھان، جيڪِي ڌَڻِي کولي دَر، پوءِ نه پُورِيندڙ اُن جو، ۽ پُوري جي پَروَر، اُپٽِيندڙ ناهي اُن جو، پُڃاڻسِ ڪِنهن پر، سَڀنيان سو سَٻر، ڏاهپ وارو ڏيھ ڌڻِي. |
يٰأَيُّهَا النّاسُ اذكُروا نِعمَتَ اللَّهِ عَلَيكُم هَل مِن خٰلِقٍ غَيرُ اللَّهِ يَرزُقُكُم مِنَ السَّماءِ وَالأَرضِ لا إِلٰهَ إِلّا هُوَ فَأَنّىٰ تُؤفَكونَ (آيت : 3) |
ساريو سُک سائينءَ جا، آن سان اي انسان! ڌُران ڌَڻِي آھِ ڪو، جوڙيندڙ جھان؟ جو ڏي اوهان کي اُڀ ڪنان، پڻ ڀُون مان بي گمان، اَصل ڪونهي اُن ري، ڪو اَجھو، نه آستان، ڪيڏانهن پوءِ ڪُفران!، ڦيريا وڃو فريب سان. |
وَإِن يُكَذِّبوكَ فَقَد كُذِّبَت رُسُلٌ مِن قَبلِكَ وَإِلَى اللَّهِ تُرجَعُ الأُمورُ (آيت : 4) |
۽ جي توکي ڪوٺِينِ ڪُوڙ مٿي ته، مَهند تُنهان مَهندار، سَچ پَچ ڪُوڙا ڪوٺيون، مُرسل مڻياندار، آخِر پَروَر پار، ڦِرِي اِيندا فيصلا. |
يٰأَيُّهَا النّاسُ إِنَّ وَعدَ اللَّهِ حَقٌّ فَلا تَغُرَّنَّكُمُ الحَيوٰةُ الدُّنيا وَلا يَغُرَّنَّكُم بِاللَّهِ الغَرورُ (آيت : 5) |
آهِن ٻول اَلله جا، اي ماڻهئا! سَڀ مَنظور، هِئَ حَياتِي ننڍڙِي، پوءِ نه موهي آن کي مُور، ۽ ڌُوتِي نه ڌُتاري ڪَنِيان، ڌَڻِئَ ڪنان دُور، |
إِنَّ الشَّيطٰنَ لَكُم عَدُوٌّ فَاتَّخِذوهُ عَدُوًّا إِنَّما يَدعوا حِزبَهُ لِيَكونوا مِن أَصحٰبِ السَّعيرِ (آيت : 6) |
اِبلِيس عَدُوّ اوهان جو، ظاهِر آھِ ضَرُور، وَٺوسِ، پوءِ ويرِي ڪري؛ جنهن جو دائـِم هِي دَستور، لاشڪ، سَندسِ لشڪر کي، واڪي سو وَهلور، تان بَنجن بي شُعور، مَنجھان ڀاتِيَن باھ جي. |
الَّذينَ كَفَروا لَهُم عَذابٌ شَديدٌ وَالَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ لَهُم مَغفِرَةٌ وَأَجرٌ كَبيرٌ (آيت : 7) |
ڪيو جَن اِنڪار، سَزا سَخت اُنهن لئي، ۽ جَن مالِڪ مَڃيو، ۽ چڱا ڪيؤَن ڪم ڪار، بَخشش بي شمار، پڻ اَجر وَڏا اُنهن لئي. |
أَفَمَن زُيِّنَ لَهُ سوءُ عَمَلِهِ فَرَءاهُ حَسَنًا فَإِنَّ اللَّهَ يُضِلُّ مَن يَشاءُ وَيَهدى مَن يَشاءُ فَلا تَذهَب نَفسُكَ عَلَيهِم حَسَرٰتٍ إِنَّ اللَّهَ عَليمٌ بِما يَصنَعونَ (آيت : 8) |
پوءِ ڇا؟ جَڏا ڪم جنهن جا،ٿياسَندسِ لئي سيگار، چڱو چوڱو تن کي، ڀانيو پوءِ بَدڪار! مالِڪ مُنجھائي ڪِنهن کي، اي اُن جي اِختيار، ۽ ڪِنهن سُهائي واٽ سَئـِين، جي گُھري ربُّ غفار، پوءِ تَن تي، تُنهنجي تَن کي، نه وٺَنِ ڳڻتيون ڳار، سائـِين سَمجھدار، ڪَن جِھِڙئَ ڪار کي. |
وَاللَّهُ الَّذى أَرسَلَ الرِّيٰحَ فَتُثيرُ سَحابًا فَسُقنٰهُ إِلىٰ بَلَدٍ مَيِّتٍ فَأَحيَينا بِهِ الأَرضَ بَعدَ مَوتِها كَذٰلِكَ النُّشورُ (آيت : 9) |
۽ ڏِيندڙ سو ڏاتار، جنهن واحِد واءَ موڪليا، پوءِ اُٿارينِ اُٻَن کي، پوءِ ڪاهيو سونِ قطار، صَفا سُڃي شهر ڏي، جنهن ۾ وڻ نه ڪو وڻڪار، جنهن سان جِياريو سون وَرِي، ڀُون کي برقرار، اَوسر بعد اُن جي ۽ وساياسون وَلهار، اُٿڻ اِن آچار، مُئن جو مقام مان. |
مَن كانَ يُريدُ العِزَّةَ فَلِلَّهِ العِزَّةُ جَميعًا إِلَيهِ يَصعَدُ الكَلِمُ الطَّيِّبُ وَالعَمَلُ الصّٰلِحُ يَرفَعُهُ وَالَّذينَ يَمكُرونَ السَّيِّـٔاتِ لَهُم عَذابٌ شَديدٌ وَمَكرُ أُولٰئِكَ هُوَ يَبورُ (آيت : 10) |
جو گُھري عِزت، آب، پوءِ عِزت سَڀ الله جِي، اُسري ڳالھ اُن ڏي، ڀَلِي هَر ڪِنهن باب، ۽ سڀَڪو ڪم صَواب، قبولي ڪَرم سان. جَن سِٽيون سِٽائون بُڇڙيون، اُنهن لئي سَخت عذاب، ۽ خانوئـِي خَراب، تَن مُنڪرن جي مَڪر جو. |
وَاللَّهُ خَلَقَكُم مِن تُرابٍ ثُمَّ مِن نُطفَةٍ ثُمَّ جَعَلَكُم أَزوٰجًا وَما تَحمِلُ مِن أُنثىٰ وَلا تَضَعُ إِلّا بِعِلمِهِ وَما يُعَمَّرُ مِن مُعَمَّرٍ وَلا يُنقَصُ مِن عُمُرِهِ إِلّا فى كِتٰبٍ إِنَّ ذٰلِكَ عَلَى اللَّهِ يَسيرٌ (آيت : 11) |
۽ خدا خلقيا خاڪ مان، پوءِ نُطفي مان نِبار، وَرِي اوهان کي جوڙيو، جوڙا جوڙڻهار، ۽ بِلڪل نه کَڻي، بارڪو ، نار ۽ نه ڄڻي ٻار، مگر مِڙئي اُن جي، سارڻ ساڻ سَنڀار، ۽ لِکيل لوح مَحفوظ ۾، جيڪي وَڌي، گھٽي ڄَمار، قادر تي ڪم ڪار، آهي اِي آسان گھڻو. |
وَما يَستَوِى البَحرانِ هٰذا عَذبٌ فُراتٌ سائِغٌ شَرابُهُ وَهٰذا مِلحٌ أُجاجٌ وَمِن كُلٍّ تَأكُلونَ لَحمًا طَرِيًّا وَتَستَخرِجونَ حِليَةً تَلبَسونَها وَتَرَى الفُلكَ فيهِ مَواخِرَ لِتَبتَغوا مِن فَضلِهِ وَلَعَلَّكُم تَشكُرونَ (آيت : 12) |
۽ سَرکا ڪِين سَمونڊ ٻَئـِي، هِي مِٺو مَزيدار، وَڻندڙ اُن جو واهِپو، ۽ هِي ڪَڙو ڪارونڀار، ۽ ٻاهر ڪڍو ٻنهِي مان، تازا طعام تيار، پڻ جي پايو پاڻ ٿا، سي ڪڍو سِينگار، ۽ ڏِسِين ٻيڙيون ٻنهين ۾، چِرِيندڙ چوڌار، ڀَلِين، ته سَندسِ ڀال مان، وَرسو مَنجھ واپار، اِي هارَ سَڀيئـِي اِن هار، تان مِهربانيون مَڃيو. |
يولِجُ الَّيلَ فِى النَّهارِ وَيولِجُ النَّهارَ فِى الَّيلِ وَسَخَّرَ الشَّمسَ وَالقَمَرَ كُلٌّ يَجرى لِأَجَلٍ مُسَمًّى ذٰلِكُمُ اللَّهُ رَبُّكُم لَهُ المُلكُ وَالَّذينَ تَدعونَ مِن دونِهِ ما يَملِكونَ مِن قِطميرٍ (آيت : 13) |
رات گڏي ڏِينهن ۾، قُدرت ساڻ ڪمال، ۽ روشن ڏِينهن رات ۾، جوڙي جَلَّ جَلال، سِج، چَنڊ سَندسِ حُڪم ۾، سوگھا رَکيائـِين سال، مُقرّر مُدت سَئـِين، سَڀ چلن چڱِئَ چال، سو اَلله آهي اوهان جو، مالِڪ بي مِثال، ۽ مُلڪ مالامال، آهي آجو اُن جو ۽ تِنهن ڌاران، دانهيون جَن کي، اُن جو اِهڙو حال، ته خالِي گِد کَکَئَ تي، نه هَلي سَندنِ سَنڀال، |
إِن تَدعوهُم لا يَسمَعوا دُعاءَكُم وَلَو سَمِعوا مَا استَجابوا لَكُم وَيَومَ القِيٰمَةِ يَكفُرونَ بِشِركِكُم وَلا يُنَبِّئُكَ مِثلُ خَبيرٍ (آيت : 14) |
کَڻِي تن کي ڪيترو، پُوڪاريو پيمال!، ته سُڻن نه سَڏ اَوهان جو، ۽ جي سُڻن کڻي سُوال، ته به سَگھن قبولي ڪِين ڪِي، مَدد ڏِيڻ مَحال، ۽ اِنڪار، اَهنجي شِرڪ ڪنان، ڪَن قيامت ۾ ڪالھ، محرم حال مِثال، ڪَر نه توکي، ڪير ڏي! |
يٰأَيُّهَا النّاسُ أَنتُمُ الفُقَراءُ إِلَى اللَّهِ وَاللَّهُ هُوَ الغَنِىُّ الحَميدُ (آيت : 15) |
مِڙئـِي آهيو ماڻهئا! پَروَر جا پينار، ۽ هِڪ سائـِين شاهوڪار، ساراهيل سَڀين پَرِين. |
إِن يَشَأ يُذهِبكُم وَيَأتِ بِخَلقٍ جَديدٍ (آيت : 16) |
جي اَلله گُهري، ته اوهان کي نيئـِي ڪَري ناس، ۽ جوڙي وَرِي جوڙنَئـِين، |
وَما ذٰلِكَ عَلَى اللَّهِ بِعَزيزٍ (آيت : 17) |
هرگز حق شناس، ربَّ تي اِها راس، ڪا ڳَرِي ناهي ڳالهڙِي. |
وَلا تَزِرُ وازِرَةٌ وِزرَ أُخرىٰ وَإِن تَدعُ مُثقَلَةٌ إِلىٰ حِملِها لا يُحمَل مِنهُ شَيءٌ وَلَو كانَ ذا قُربىٰ إِنَّما تُنذِرُ الَّذينَ يَخشَونَ رَبَّهُم بِالغَيبِ وَأَقامُوا الصَّلوٰةَ وَمَن تَزَكّىٰ فَإِنَّما يَتَزَكّىٰ لِنَفسِهِ وَإِلَى اللَّهِ المَصيرُ (آيت : 18) |
۽ کڻندڙ کڻي ڪو نه ڪو، ٻئي جو بوجو بار،۽ ڳَرو ڳوٺاين کي، سَڏي کڻي صد بار، کَڻڻ سَندسِ ڏي، ته نه کڻي مَنجھاسِ ڪُجھ مِقدار، ڀَلِين هُجن ڀار، اوڏا عَزِيز ڪيترو. تون ڊِيڄارين تن کي، نبي! نيڪ نِهال، جي پَر پُٺ پنهنجي ربُّ جو، رکنِ خوف خيال، ۽ نِت نِمازون نِيهن مان، پڙهن چڱِئَ چال، ۽ جو لاهي مَرمال جو، ته جِيَسِ تان جنجال،لاهي سو لال، ۽ آخِر هَلڻ اَلله ڏي. |
وَما يَستَوِى الأَعمىٰ وَالبَصيرُ (آيت : 19) |
۽ اَڙو نه اَنڌو ۽ نه سَڄو، |
وَلَا الظُّلُمٰتُ وَلَا النّورُ (آيت : 20) |
نه اُونداهِي ۽ نه نُور، |
وَلَا الظِّلُّ وَلَا الحَرورُ (آيت : 21) |
۽ هِير، نه ڄَرِي هِڪ جھڙويون، |
وَما يَستَوِى الأَحياءُ وَلَا الأَموٰتُ إِنَّ اللَّهَ يُسمِعُ مَن يَشاءُ وَما أَنتَ بِمُسمِعٍ مَن فِى القُبورِ (آيت : 22) |
۽ نه جِيرَا، نه مُئامُور،پاڻ سُڻايو ٿو سگھي، جنهن کي گُھري رَبُّ، غفور، ۽ جي قابُو مَنجھ قُبور، تون نه ٻُڌائـِيندڙ تن کي. |
إِن أَنتَ إِلّا نَذيرٌ (آيت : 23) |
نه آهِين نَبِي نُور! مگر اِطلاعي آڳ جو، |
إِنّا أَرسَلنٰكَ بِالحَقِّ بَشيرًا وَنَذيرًا وَإِن مِن أُمَّةٍ إِلّا خَلا فيها نَذيرٌ (آيت : 24) |
توکي صَفا سَچ تي، موڪليوسون مُور، خاص کِيانتوخير جو ڏِيندڙ سُڌيون سُور، ڪونهي قوم، نه ڳوٺ ڪو، مُلڪن ۾ مَشهور، مگر مَنجھنِ ضَرور، ڪو اِطلاعِي آيو وِيو. |
وَإِن يُكَذِّبوكَ فَقَد كَذَّبَ الَّذينَ مِن قَبلِهِم جاءَتهُم رُسُلُهُم بِالبَيِّنٰتِ وَبِالزُّبُرِ وَبِالكِتٰبِ المُنيرِ (آيت : 25) |
۽ جي ڪو ٺِينَئـِي ڪُوڙ مَٿي، ته تِنيان اَ ڳ تڪرار، ڪُوڙا ڪوٺيون پَنهنجا، مُرسل مَڻيادار، جي اُنهن وَٽ کڻِي آئـِيا، نِشانيون نِروار، ۽ صَحِي صَحِيفن سان، پڻ لِکيا نُور بِنار، |
ثُمَّ أَخَذتُ الَّذينَ كَفَروا فَكَيفَ كانَ نَكيرِ (آيت : 26) |
موٽِي جَن نه مَڃيو، تَن ڪَيمِ گرِفتار، پوءِ آهي ڪِيئن اِنڪار، مُنهنجو مَردُودن مَٿي! |
أَلَم تَرَ أَنَّ اللَّهَ أَنزَلَ مِنَ السَّماءِ ماءً فَأَخرَجنا بِهِ ثَمَرٰتٍ مُختَلِفًا أَلوٰنُها وَمِنَ الجِبالِ جُدَدٌ بيضٌ وَحُمرٌ مُختَلِفٌ أَلوٰنُها وَغَرابيبُ سودٌ (آيت : 27) |
نه ڏِٺئـِي؟ ته ڏاتار، اُڀ کان، آب اُتاريو، پوءِ اُڀاريوسون اُن سان، ميوا، مَڃر ڏار، جن جون جنسون ڪيتريون، رنگ به ڌارو ڌار، ٽاڪر ٽڪرا ٽڪرا، جدا سَندنِ جِنسار، ڳورا، ڳاڙهاٻِه سَرا، ڪي ڪارا ڪارُونڀار، |
وَمِنَ النّاسِ وَالدَّوابِّ وَالأَنعٰمِ مُختَلِفٌ أَلوٰنُهُ كَذٰلِكَ إِنَّما يَخشَى اللَّهَ مِن عِبادِهِ العُلَمٰؤُا۟ إِنَّ اللَّهَ عَزيزٌ غَفورٌ (آيت : 28) |
۽ ماڻهو، مال، وَهٽ ڪَئـِين، جَن جا طرحِين رَنگ، پار، اِهڙن اُهڃاڻن سان، ٿا ڏَرنِ ڀَر ڏاتار، سَندسِ سَچن ٻانهن مان، عالمِ عقلدار، غالِب ۽ غفار، اَلله جَلَّ جَلالہٗ |
إِنَّ الَّذينَ يَتلونَ كِتٰبَ اللَّهِ وَأَقامُوا الصَّلوٰةَ وَأَنفَقوا مِمّا رَزَقنٰهُم سِرًّا وَعَلانِيَةً يَرجونَ تِجٰرَةً لَن تَبورَ (آيت : 29) |
پَڪ پاڪ ڪتاب تي، هَلن جي هر حال ، نِت نِمازون نِيهن مان، پڙهن چَڱِئ چال، ڏِينِ، ڏِنوسونِ، تِنهن مان، ڳُجھو، پَڌرو مال، نه وڃي، تِنهن واپار جو، رَکنِ خاص خيال، |
لِيُوَفِّيَهُم أُجورَهُم وَيَزيدَهُم مِن فَضلِهِ إِنَّهُ غَفورٌ شَكورٌ (آيت : 30) |
پُورا ڏِيندُن پورها، مالِڪ بي مِثال، ۽ ڀَلو ڏِيندڙ ڀاڳ گھڻُ، مَنجھان پَنهنجي ڀال، سو بَخشِيندڙبَحال، پڻ ڳُڻن ڳائـِڻ جِھڙو. |
وَالَّذى أَوحَينا إِلَيكَ مِنَ الكِتٰبِ هُوَ الحَقُّ مُصَدِّقًا لِما بَينَ يَدَيهِ إِنَّ اللَّهَ بِعِبادِهِ لَخَبيرٌ بَصيرٌ (آيت : 31) |
۽ ڪيو سون ڪتاب مان، اوهان ڏي اِلهام، صَفا آهي سچ سو، جي اِنهيان اَڳ اَحڪام، قائـِم ڪندڙ اُنهِئ کي، ڪَڍي خيال خام، سائـِين سَندسِ ٻانهن جِي، ماهِيت کان مُدام، خَبرار تمام، پڻ ڏِسندڙ آهي ڏيہ ڌڻِي. |
ثُمَّ أَورَثنَا الكِتٰبَ الَّذينَ اصطَفَينا مِن عِبادِنا فَمِنهُم ظالِمٌ لِنَفسِهِ وَمِنهُم مُقتَصِدٌ وَمِنهُم سابِقٌ بِالخَيرٰتِ بِإِذنِ اللَّهِ ذٰلِكَ هُوَ الفَضلُ الكَبيرُ (آيت : 32) |
ڪيو سون وَرِي ڪِتاب سو اُنهن تي اِنعام، پَنهنجي پُوڄارين مان، جي وڻيا سون وَريام، پوءِ اُنهن مان پاڻهِي پاڻ سان، ڪي جاڙون ڪندڙ جام، ۽ ڪي وِچٿر آهن اُنهن مان، ڪي نِرمل نيڪو نام، اڳرا خير خرات ۾، اِذن، ساڻ عَلام، آهي وَڏو تمام، ڀَليرن سال ڀال اِي. |
جَنّٰتُ عَدنٍ يَدخُلونَها يُحَلَّونَ فيها مِن أَساوِرَ مِن ذَهَبٍ وَلُؤلُؤًا وَلِباسُهُم فيها حَريرٌ (آيت : 33) |
گِھڙن گھاٽي باغ ۾، پڻ پَهرائـِبُنِ پاس، ٻانهِيون سونَ صاف جون، پڻ اَصل ۽ اِلماس، لاشڪ مَنجھسِ لِباس، هُوندنِ پَٽ پَٽوريون. |
وَقالُوا الحَمدُ لِلَّهِ الَّذى أَذهَبَ عَنَّا الحَزَنَ إِنَّ رَبَّنا لَغَفورٌ شَكورٌ (آيت : 34) |
۽ وراڻيؤَن تِنهن وار، ته آهي شُڪر اَلله جو، جنهن اسان تان، عمر جا لاٿا غم غُبار، آهي ربُّ اسان جو، بي شڪ بخشڻهار، آهي سو اِظهار، ڳُڻن ڳائـِڻ جِھڙو. |
الَّذى أَحَلَّنا دارَ المُقامَةِ مِن فَضلِهِ لا يَمَسُّنا فيها نَصَبٌ وَلا يَمَسُّنا فيها لُغوبٌ (آيت : 35) |
ڏِنَئـِينِيون پَنهنجي ڏات سان، هميشہ جو هَنڌ، ڏُک نه رَسَنِيون اُن ڏيہ ۾، سدا سُک سُڳنڌ، ۽ نه ڪو پورهيو پَنڌ، جِنهن مان ٿِينِيون ٿَڪ ٿورڙو. |
وَالَّذينَ كَفَروا لَهُم نارُ جَهَنَّمَ لا يُقضىٰ عَلَيهِم فَيَموتوا وَلا يُخَفَّفُ عَنهُم مِن عَذابِها كَذٰلِكَ نَجزى كُلَّ كَفورٍ (آيت : 36) |
اُهي جَن اِنڪار ڪيو، تن لئي باھ تيار، نه پُورا ٿِين پَهر تَن، نَه مَرنِ ڪنان مار، نه اُنهن تان سَندنِ آزار مان، لاهِبو لَغار، اَسِين اِهڙِي ڪار، ڪريون ڪُل ڪُفارن سان. |
وَهُم يَصطَرِخونَ فيها رَبَّنا أَخرِجنا نَعمَل صٰلِحًا غَيرَ الَّذى كُنّا نَعمَلُ أَوَلَم نُعَمِّركُم ما يَتَذَكَّرُ فيهِ مَن تَذَكَّرَ وَجاءَكُمُ النَّذيرُ فَذوقوا فَما لِلظّٰلِمينَ مِن نَصيرٍ (آيت : 37) |
۽ اُهي ڪندا پيا اُن ۾، زاريو زارو زار، ته ڪَڍ اسان کي اُن مَنجھان، سانيَمِ ربَّ سَتار! وَڃِي چڱا ڪم ڪريون، جيڪِي ڪيو سون تِنيان ڌار، ڇا اَوهان کي نه ايتري، ڏِنِيسون ڄَمار؟ پِرائي پِرائـِيندڙ جنهن ۾، پوءِ چکو باہ چِڪار، ۽ ڄاڻوئـِي ڄيري جو، پَڪ پُهتو اوهان پارِ، پوٰءِ هاڃيڪارن هار، مُور، نه مَددگار ڪو. |
إِنَّ اللَّهَ عٰلِمُ غَيبِ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ إِنَّهُ عَليمٌ بِذاتِ الصُّدورِ (آيت : 38) |
اَلله آهي ڄاڻندڙ، اُڀ، ڀُونيَن جا اَسرار، پڻ سوئـِي سمجھدار، جيڪي سِر سَرِير ۾. |
هُوَ الَّذى جَعَلَكُم خَلٰئِفَ فِى الأَرضِ فَمَن كَفَرَ فَعَلَيهِ كُفرُهُ وَلا يَزيدُ الكٰفِرينَ كُفرُهُم عِندَ رَبِّهِم إِلّا مَقتًا وَلا يَزيدُ الكٰفِرينَ كُفرُهُم إِلّا خَسارًا (آيت : 39) |
وارِث واري سان ڪيان، جنهن ڀُون تي بَرقرار، پوءِ جيڪو ڦِريو، ته ڦِرڻ جو، بَرسِر مَٿسِ بار، ۽ ڪِين وَڌائي ڪافرِين، ڪُفر سَندنِ جِي ڪار، مگر ڏَمر ڏِيل تي، سائـِين وَٽِ، سَتار، ۽ خالِي خَساري ڌار، ڪُفر نه وڌائي ڪافرِين. |
قُل أَرَءَيتُم شُرَكاءَكُمُ الَّذينَ تَدعونَ مِن دونِ اللَّهِ أَرونى ماذا خَلَقوا مِنَ الأَرضِ أَم لَهُم شِركٌ فِى السَّمٰوٰتِ أَم ءاتَينٰهُم كِتٰبًا فَهُم عَلىٰ بَيِّنَتٍ مِنهُ بَل إِن يَعِدُ الظّٰلِمونَ بَعضُهُم بَعضًا إِلّا غُرورًا (آيت : 40) |
چَئو ڀورا! ڪِيئن ٿا ڀانيو؟ اَهنجا ڀائيوار، جاٽون ڪريو جَن جون، دانهيو ڌڻِئَ ڌار، ڏيکاريو مِ ته ڏيہ مان، جوڙيؤن ڪو جِنسار؟ يا اُنهن جو آھِ اُڀن ۾، ڪو تَڪ ڪٿي تڪرار؟ يا اُنهن کي، اسان ڪِتاب ڪو، بَخشيو بَرقرار؟ پوءِ ثابتِي ۽ ساک تي، آهي اُهو اِظهار، هِڪ ٻِئي کي دوکي ڌار، ڪافِر نه ڏِين قول ٻِئو. |
إِنَّ اللَّهَ يُمسِكُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ أَن تَزولا وَلَئِن زالَتا إِن أَمسَكَهُما مِن أَحَدٍ مِن بَعدِهِ إِنَّهُ كانَ حَليمًا غَفورًا (آيت : 41) |
اُڀ، ڀُون کي، ڪِرڻ ڪنان، جَھلي ٿو جبّار، ۽ جي ڪِريا ته، ڪِنهن نه جَھليا، تِنهن کان پوءِ تڪرار، بارِي بُربار، مَرهڻ وارو مِهر سان. |
وَأَقسَموا بِاللَّهِ جَهدَ أَيمٰنِهِم لَئِن جاءَهُم نَذيرٌ لَيَكونُنَّ أَهدىٰ مِن إِحدَى الأُمَمِ فَلَمّا جاءَهُم نَذيرٌ ما زادَهُم إِلّا نُفورًا (آيت : 42) |
۽ قَسم کنيو ڪافرِين، سَندو ربَّ، ستار، قَسم سَندنِ ڪوشش جا، ته ڪو پَيَڙو آيَن پار، ته هُوندا سَنواٽِي هيڪڙِي، اُمتن مان اِظهار، پوءِ ڄاڻوئـِي ڄيري سَندو، وارِد ٿيو جنهن وار، ته هرگز حق کان، ٽاھ سوا، ٻِيو وَڌائـِينِ نه وار، |
استِكبارًا فِى الأَرضِ وَمَكرَ السَّيِّئِ وَلا يَحيقُ المَكرُ السَّيِّئُ إِلّا بِأَهلِهِ فَهَل يَنظُرونَ إِلّا سُنَّتَ الأَوَّلينَ فَلَن تَجِدَ لِسُنَّتِ اللَّهِ تَبديلًا وَلَن تَجِدَ لِسُنَّتِ اللَّهِ تَحويلًا (آيت : 43) |
پوءِ ڄاڻوئـِي ڄيري سَندو، وارِد ٿيو جنهن وار، ته هرگز حق کان، ثاھ سوا، ٻِيو وَڌائـِينِ نه وار، ڀُون ۾ ڀانئـِڻ پاڻ کي، ۽ حِيلا بَد هَزار، ۽ مڪر نه گُھٽي مُور ڪِنهن، سَندسِ ساٿين ڌار، ٻِيو ڪَڍن ڪِين ٿا، اُهي اِنتظار، مگر مَهندوڻن جِي، سَندو پَر ۽ پار، پوءِ پَر ۾ پَروَر پاڪ جي، نه لَهندِين ڦير ڦار، ۽ پَر ۾ پرور پاڪ جي، اَوّل، آخِرڪار، لَهندين ڪِين لَغار، ٽارو ٽِيا ڪرن ڏي. |
أَوَلَم يَسيروا فِى الأَرضِ فَيَنظُروا كَيفَ كانَ عٰقِبَةُ الَّذينَ مِن قَبلِهِم وَكانوا أَشَدَّ مِنهُم قُوَّةً وَما كانَ اللَّهُ لِيُعجِزَهُ مِن شَيءٍ فِى السَّمٰوٰتِ وَلا فِى الأَرضِ إِنَّهُ كانَ عَليمًا قَديرًا (آيت : 44) |
ڇا، ڀُون گُھميا نَه ڀورڙا؟ پوءِ نِرتًاڪن نِهار، ڪِهڙا اُنهن کان اَڳين جا، ٿياپَڇاڙِئَ پار، ۽ جي هُئا قَرار قُوَّت ۾، تِنِين کان تَڪرار، ۽ اُڀ ڀُون ۾ نه ٿئي، ٿوڪ ڪو، ڏاڍو کان ڏاتار، سوئـِي سَمجدار، پن قادِر آهي ڪُل مٿي. |
وَلَو يُؤاخِذُ اللَّهُ النّاسَ بِما كَسَبوا ما تَرَكَ عَلىٰ ظَهرِها مِن دابَّةٍ وَلٰكِن يُؤَخِّرُهُم إِلىٰ أَجَلٍ مُسَمًّى فَإِذا جاءَ أَجَلُهُم فَإِنَّ اللَّهَ كانَ بِعِبادِهِ بَصيرًا (آيت : 45) |
۽ ٻَڌٖي سَندسِ ٻانهن کي، جي ڪَمن ۾ ڪَلتار، ته پَٽيِين پٺسِ تي، نه ڇَڏي، چُرندڙ ڪو چوڌار، پر مُقرّر مُدت سِين، ٿو جِيَرو ڇَڏي جبّار، پوءِ اُنهن جو اَجل اوچتو، وارِد ٿيو جِنهن وار، پوءِ ڏِسندڙ آهي ڏاتار، بيشڪ سَندسِ بَندن کي. |