الحَمدُ لِلَّهِ فاطِرِ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ جاعِلِ المَلٰئِكَةِ رُسُلًا أُولى أَجنِحَةٍ مَثنىٰ وَثُلٰثَ وَرُبٰعَ يَزيدُ فِى الخَلقِ ما يَشاءُ إِنَّ اللَّهَ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرٌ (آيت : 1) |
هر ڪا واکاڻ فقط الله کي جڳائي ٿي جو آسمانن ۽ زمين جو پيدا ڪندڙ آهي_ هو ٻن ٻن ۽ ٽن ٽن ۽ چئن چئن پَرن وارن ملائڪن کي حڪم رسائيندڙ بنائيندڙ آهي_ جيڪي چاهي سو خلقت ۾ وڌائي ٿو_ بيشڪ الله هر ڳالهه تي اختيار وارو آهي. |
ما يَفتَحِ اللَّهُ لِلنّاسِ مِن رَحمَةٍ فَلا مُمسِكَ لَها وَما يُمسِك فَلا مُرسِلَ لَهُ مِن بَعدِهِ وَهُوَ العَزيزُ الحَكيمُ (آيت : 2) |
الله ماڻهن لاءِ جيڪا ٻاجهه کولي ٿو، ان کي روڪڻ وارو ڪو ڪونهي ۽ جيڪي بند ڪندو، ته ان کان پوءِ ان کي کولڻ وارو ڪو به ڪونهي_ ۽ اهو غالب، ڏاهپ وارو آهي. |
يٰأَيُّهَا النّاسُ اذكُروا نِعمَتَ اللَّهِ عَلَيكُم هَل مِن خٰلِقٍ غَيرُ اللَّهِ يَرزُقُكُم مِنَ السَّماءِ وَالأَرضِ لا إِلٰهَ إِلّا هُوَ فَأَنّىٰ تُؤفَكونَ (آيت : 3) |
اي انسانو! اوهين پاڻ تي ڪيل الله جون نعمتون ياد ڪريو، ڇا، الله کان سواءِ ڪو ٻيو اهڙو خالق آهي، جو اوهان کي آسمان ۽ زمين مان روزي ڏئي؟ ان کان سواءِ ٻيو ڪو به بندگيءَ جو لائق ڪونهي، پوءِ ڪيڏانهن پيا ڀٽڪو؟ |
وَإِن يُكَذِّبوكَ فَقَد كُذِّبَت رُسُلٌ مِن قَبلِكَ وَإِلَى اللَّهِ تُرجَعُ الأُمورُ (آيت : 4) |
۽ (اي رسول)! جيڪڏهن توکي ڪوڙو ڀانيئن، ته بيشڪ توکان اڳ به رسولن کي ڪوڙو ڀانيو ويو هو، ۽ سڀ ڪم الله ڏانهن ٿا موٽائجن. |
يٰأَيُّهَا النّاسُ إِنَّ وَعدَ اللَّهِ حَقٌّ فَلا تَغُرَّنَّكُمُ الحَيوٰةُ الدُّنيا وَلا يَغُرَّنَّكُم بِاللَّهِ الغَرورُ (آيت : 5) |
اي انسانو! بيشڪ الله جو وعدو سچو آهي، پوءِ اوهان کي نڪي دنيا جي حياتي ڀنڀلائي، نڪي ڪو ٻيو ڀنڀلائيندڙ اوهان کي الله بابت ڀنڀلائي. |
إِنَّ الشَّيطٰنَ لَكُم عَدُوٌّ فَاتَّخِذوهُ عَدُوًّا إِنَّما يَدعوا حِزبَهُ لِيَكونوا مِن أَصحٰبِ السَّعيرِ (آيت : 6) |
بيشڪ شيطان اوهان جو دشمن آهي، ان ڪري ان کي دشمن ئي سمجهو، هو سندس ٽوليءَ کي رڳو دوزخي بنائڻ لاءِ ئي سڏيندو آهي. |
الَّذينَ كَفَروا لَهُم عَذابٌ شَديدٌ وَالَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ لَهُم مَغفِرَةٌ وَأَجرٌ كَبيرٌ (آيت : 7) |
جن ڪفر ڪيو، تن لاءِ سخت عذاب آهي ۽ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن لاءِ بخشش ۽ وڏو اجر آهي. |
أَفَمَن زُيِّنَ لَهُ سوءُ عَمَلِهِ فَرَءاهُ حَسَنًا فَإِنَّ اللَّهَ يُضِلُّ مَن يَشاءُ وَيَهدى مَن يَشاءُ فَلا تَذهَب نَفسُكَ عَلَيهِم حَسَرٰتٍ إِنَّ اللَّهَ عَليمٌ بِما يَصنَعونَ (آيت : 8) |
ڀلا جنهن لاءِ سندس بڇڙو ڪم سهڻو ڪيو ويو، پوءِ به ان کي چڱو سمجهي (سو ڪو چڱي ڪم ڪندڙ جهڙو آهي ڇا؟) بيشڪ الله جنهن کي وڻيس، تنهن کي گهمراهه ڪري ۽ جنهن کي وڻيس، تنهن کي سنئين واٽ ڏيکاري، ان ڪري انهن تي ارمان ڪرڻ ۾ تنهنجو ساهه نه نڪري! بيشڪ الله کي خبر آهي، جيڪي هو ڪن ٿا. |
وَاللَّهُ الَّذى أَرسَلَ الرِّيٰحَ فَتُثيرُ سَحابًا فَسُقنٰهُ إِلىٰ بَلَدٍ مَيِّتٍ فَأَحيَينا بِهِ الأَرضَ بَعدَ مَوتِها كَذٰلِكَ النُّشورُ (آيت : 9) |
۽ الله اهو آهي، جنهن هوائون موڪليون، پوءِ انهن ڪڪرن کي کنيو، پوءِ انهن کي ويران ڳوٺن ڏي موڪليوسون_ پوءِ انهن سان زمين کي سندن مرڻ بعد جيئاريوسون، مئا به ائين ئي اٿندا. |
مَن كانَ يُريدُ العِزَّةَ فَلِلَّهِ العِزَّةُ جَميعًا إِلَيهِ يَصعَدُ الكَلِمُ الطَّيِّبُ وَالعَمَلُ الصّٰلِحُ يَرفَعُهُ وَالَّذينَ يَمكُرونَ السَّيِّـٔاتِ لَهُم عَذابٌ شَديدٌ وَمَكرُ أُولٰئِكَ هُوَ يَبورُ (آيت : 10) |
جنهن کي عزت کپي، (سو ياد رکي ته) عزت سڀ الله جي هٿ ۾ آهي، پاڪ ڳالهيون هن ڏي ئي چڙهنديون آهن ۽ چڱو ڪم انهن کي مٿي کڻندو آهي_ جيڪي شخص بُڇڙاين جون رٿون رٿيندا آهن، تن لاءِ سخت عذاب آهي_ ۽ سندن اها رٿ به نيٺ ٽُٽندي. |
وَاللَّهُ خَلَقَكُم مِن تُرابٍ ثُمَّ مِن نُطفَةٍ ثُمَّ جَعَلَكُم أَزوٰجًا وَما تَحمِلُ مِن أُنثىٰ وَلا تَضَعُ إِلّا بِعِلمِهِ وَما يُعَمَّرُ مِن مُعَمَّرٍ وَلا يُنقَصُ مِن عُمُرِهِ إِلّا فى كِتٰبٍ إِنَّ ذٰلِكَ عَلَى اللَّهِ يَسيرٌ (آيت : 11) |
الله اوهان کي مٽيءَ مان پيدا ڪيو، پوءِ ڦڙي مان، پوءِ اوهان کي جوڙو جوڙو ڪيائين_ ڪا به مادي سندس ڄاڻ ڌاران نڪي پيٽ سان ٿيندي آهي، نڪي ڄڻيندي آهي_ جنهن به وڏيءَ عمر واري کي عمر ملندي آهي، يا سندس عمر گهٽجندي آهي، سا سڀ ڪتاب ۾ آهي، بيشڪ اهو الله لاءِ سولو آهي. |
وَما يَستَوِى البَحرانِ هٰذا عَذبٌ فُراتٌ سائِغٌ شَرابُهُ وَهٰذا مِلحٌ أُجاجٌ وَمِن كُلٍّ تَأكُلونَ لَحمًا طَرِيًّا وَتَستَخرِجونَ حِليَةً تَلبَسونَها وَتَرَى الفُلكَ فيهِ مَواخِرَ لِتَبتَغوا مِن فَضلِهِ وَلَعَلَّكُم تَشكُرونَ (آيت : 12) |
ٻه سمنڊ برابر نه آهن؛_ هي آهي مٺو، اُڃ لاهيندڙ ۽ سندس پاڻي وڻندڙ، ۽ هي آهي کارو ۽ ڪڙو_ پر سڀني مان اوهين تازو گوشت (مڇي) ٿا کائو ۽ منجهانئن سينگار جون شيون ڪڍو ٿا، جي پايو ٿا، ۽ تون هن ۾ پاڻيءَ کي چيريندڙ ٻيڙيون ڏسندو آهين، ته سندس فضل ڳوليو ۽ من اوهين شڪر ڪريو. |
يولِجُ الَّيلَ فِى النَّهارِ وَيولِجُ النَّهارَ فِى الَّيلِ وَسَخَّرَ الشَّمسَ وَالقَمَرَ كُلٌّ يَجرى لِأَجَلٍ مُسَمًّى ذٰلِكُمُ اللَّهُ رَبُّكُم لَهُ المُلكُ وَالَّذينَ تَدعونَ مِن دونِهِ ما يَملِكونَ مِن قِطميرٍ (آيت : 13) |
هو رات کي ڏينهن۾ ٿو وجهي ۽ ڏينهن کي رات ۾_ ۽ چنڊ ۽ سج کي جڪڙي ڇڏيو اٿس، جو هر ڪو مقرر ڪيل مدت تي هلندو آهي_ اهو آهي الله اوهان جو ڌڻي، بادشاهي ان جي ئي آهي ۽ اوهين ان کانسواءِ جن کي پڪاريو ٿا، سي ذرڙي جا به مالڪ نه آهن. |
إِن تَدعوهُم لا يَسمَعوا دُعاءَكُم وَلَو سَمِعوا مَا استَجابوا لَكُم وَيَومَ القِيٰمَةِ يَكفُرونَ بِشِركِكُم وَلا يُنَبِّئُكَ مِثلُ خَبيرٍ (آيت : 14) |
جيڪڏهن اوهين کين پڪاريندا، ته اهي اوهان جي پڪار ڪا نه ٻڌندا ۽ جي کڻي ٻُڌن، ته به اونائي نه سگهندا ۽ قيامت ڏينهن اوهان جي انهي شرڪ جا منڪر ٿيندا_ توکي سچي خبر رکندڙ (الله) جهڙي خبر ٻيو ڪو به ڪو نه ڏيندو. |
يٰأَيُّهَا النّاسُ أَنتُمُ الفُقَراءُ إِلَى اللَّهِ وَاللَّهُ هُوَ الغَنِىُّ الحَميدُ (آيت : 15) |
اي انسانو! اوهين الله ڏانهن محتاج آهيو ۽ الله بي پرواهه واکاڻيل آهي. |
إِن يَشَأ يُذهِبكُم وَيَأتِ بِخَلقٍ جَديدٍ (آيت : 16) |
جيڪڏهن هو چاهي، ته اوهان کي ناس ڪري ڇڏي ۽ نئين خلق پيدا ڪري. |
وَما ذٰلِكَ عَلَى اللَّهِ بِعَزيزٍ (آيت : 17) |
ائين ڪرڻ الله لاءِ ڏکيو نه آهي. |
وَلا تَزِرُ وازِرَةٌ وِزرَ أُخرىٰ وَإِن تَدعُ مُثقَلَةٌ إِلىٰ حِملِها لا يُحمَل مِنهُ شَيءٌ وَلَو كانَ ذا قُربىٰ إِنَّما تُنذِرُ الَّذينَ يَخشَونَ رَبَّهُم بِالغَيبِ وَأَقامُوا الصَّلوٰةَ وَمَن تَزَكّىٰ فَإِنَّما يَتَزَكّىٰ لِنَفسِهِ وَإِلَى اللَّهِ المَصيرُ (آيت : 18) |
۽ ڪو به شخص ڪنهن ٻئي جو (گناهن جو) بار نه کڻندو_ ۽ جيڪڏهن ڪو ڳري بار وارو سندس بار کڻڻ لاءِ ڪنهن کي سڏيندو، ته اهو کڻي سندس عزيز هوندو؛ ته به ان مان ڪجهه به نه کڻندو تون ته فقط انهن کي ڊيڄاري سگهندين جيڪي پنهنجي ڌڻيءَ کان پرپٺ ڊڄن ٿا_ ۽ نماز هميشه پڙهن ٿا، جيڪو شخص پاڪ ٿئي ٿو، سو فقط پنهنجي پاڻ لاءِ ئي پاڪ ٿو ٿئي، ۽ الله ڏي ئي موٽڻ آهي. |
وَما يَستَوِى الأَعمىٰ وَالبَصيرُ (آيت : 19) |
نڪي انڌو ۽ سڄو برابر آهن. |
وَلَا الظُّلُمٰتُ وَلَا النّورُ (آيت : 20) |
نه اونداهيون ۽ سوجهرو. |
وَلَا الظِّلُّ وَلَا الحَرورُ (آيت : 21) |
۽ نه ڇانو ۽ اُس_ |
وَما يَستَوِى الأَحياءُ وَلَا الأَموٰتُ إِنَّ اللَّهَ يُسمِعُ مَن يَشاءُ وَما أَنتَ بِمُسمِعٍ مَن فِى القُبورِ (آيت : 22) |
نڪي وري جيئرا ۽ مئا برابر آهن، بيشڪ الله جنهن کي گهري، تنهن کي بڌائي ٿو ۽ تون قبرن ۾ پيلن کي ٻڌائيندڙ ڪونه آهين. |
إِن أَنتَ إِلّا نَذيرٌ (آيت : 23) |
تون ته فقط ڊيڄاريندڙ آهين. |
إِنّا أَرسَلنٰكَ بِالحَقِّ بَشيرًا وَنَذيرًا وَإِن مِن أُمَّةٍ إِلّا خَلا فيها نَذيرٌ (آيت : 24) |
بيشڪ اسان توکي سچي دين سان مبارڪ ڏيندڙ ۽ ڊيڄاريندڙ ڪري موڪليو آهي؛ ۽ ڪا به اهڙي امت ناهي، جنهن ۾ ڊيڄاريندڙ نه موڪليو ويو هجي. |
وَإِن يُكَذِّبوكَ فَقَد كَذَّبَ الَّذينَ مِن قَبلِهِم جاءَتهُم رُسُلُهُم بِالبَيِّنٰتِ وَبِالزُّبُرِ وَبِالكِتٰبِ المُنيرِ (آيت : 25) |
۽ جيڪڏهن توکي ڪوڙو ٿا ڀانئين، ته انهن کان اڳين وٽ به جڏهن چٽن معجزن ۽ صحيفن ۽ پڌرن ڪتابن سان رسول آيا هئا، تڏهن انهن به کين ڪوڙو سمجهيو هو. |
ثُمَّ أَخَذتُ الَّذينَ كَفَروا فَكَيفَ كانَ نَكيرِ (آيت : 26) |
پوءِ مون ڪافرن تي وٺ وڌي، پوءِ ڪهڙي هئي منهنجي سزا! |
أَلَم تَرَ أَنَّ اللَّهَ أَنزَلَ مِنَ السَّماءِ ماءً فَأَخرَجنا بِهِ ثَمَرٰتٍ مُختَلِفًا أَلوٰنُها وَمِنَ الجِبالِ جُدَدٌ بيضٌ وَحُمرٌ مُختَلِفٌ أَلوٰنُها وَغَرابيبُ سودٌ (آيت : 27) |
تو ڏٺو آهي، ته الله آسمان کان پاڻي وسايو_ پوءِ ان سان ميوا پيدا ڪياسون، جن جا قسمين قسمين رنگ آهن ۽ جبلن مان به طرحين طرحين رنگ وارا ٽڪرا آهن، ڪي اڇا، ڪي ڳاڙها ۽ ڪي صفا ڪارا. |
وَمِنَ النّاسِ وَالدَّوابِّ وَالأَنعٰمِ مُختَلِفٌ أَلوٰنُهُ كَذٰلِكَ إِنَّما يَخشَى اللَّهَ مِن عِبادِهِ العُلَمٰؤُا۟ إِنَّ اللَّهَ عَزيزٌ غَفورٌ (آيت : 28) |
۽ اهڙيءَ طرح ماڻهن، چرندڙن ۽ ڍورن مان به طرح طرح رنگن وارا آهن_ بيشڪ الله کان رڳو سندس ڄاڻو ٻانها ڊڄندا آهن_ ۽ الله غالب بخشيندڙ آهي. |
إِنَّ الَّذينَ يَتلونَ كِتٰبَ اللَّهِ وَأَقامُوا الصَّلوٰةَ وَأَنفَقوا مِمّا رَزَقنٰهُم سِرًّا وَعَلانِيَةً يَرجونَ تِجٰرَةً لَن تَبورَ (آيت : 29) |
بيشڪ جيڪي شخص الله جو ڪتاب پڙهندا آهن، نماز هميشه پڙهندا آهن ۽ کين جيڪي ڏنو سون، تنهن مان ڳجهو ۽ پڌرو (چڱن ڪمن ۾) خرچ ڪندا آهن، سي اهڙي واپار جي اميد رکندا آهن، جو ڪڏهن به نه ڦٽندو. |
لِيُوَفِّيَهُم أُجورَهُم وَيَزيدَهُم مِن فَضلِهِ إِنَّهُ غَفورٌ شَكورٌ (آيت : 30) |
ان لاءِ ته الله انهن کي سندن عيوض پورو ڏئي، کين پنهنجي فضل سان وڌيڪ به ڏئي، بيشڪ اهو بخشيندڙ ۽ قدر ڄاڻندڙ آهي. |
وَالَّذى أَوحَينا إِلَيكَ مِنَ الكِتٰبِ هُوَ الحَقُّ مُصَدِّقًا لِما بَينَ يَدَيهِ إِنَّ اللَّهَ بِعِبادِهِ لَخَبيرٌ بَصيرٌ (آيت : 31) |
۽ ڪتاب مان جيڪي تو ڏانهن وحي ڪيوسون، سو سچ آهي، جيڪي کانئس اڳ آهن، تن کي به سچو ڪندڙ آهي- بيشڪ الله سندس ٻانهن جي خبر رکندڙ ڏسندڙ آهي. |
ثُمَّ أَورَثنَا الكِتٰبَ الَّذينَ اصطَفَينا مِن عِبادِنا فَمِنهُم ظالِمٌ لِنَفسِهِ وَمِنهُم مُقتَصِدٌ وَمِنهُم سابِقٌ بِالخَيرٰتِ بِإِذنِ اللَّهِ ذٰلِكَ هُوَ الفَضلُ الكَبيرُ (آيت : 32) |
پوءِ وري پنهنجن ٻانهن مان جن کي چونڊيوسون، انهن کي ڪتاب جو وارث ڪيوسون؛ پوءِ انهن مان ڪي پاڻ لاءِ ظالم آهن، ڪي وچٿرا آهن، ۽ منجهانئن ڪي الله جي حڪم سان چڱاين ۾ اڳرائي ڪندڙ آهن_ اهو ئي وڏو فضل آهي. |
جَنّٰتُ عَدنٍ يَدخُلونَها يُحَلَّونَ فيها مِن أَساوِرَ مِن ذَهَبٍ وَلُؤلُؤًا وَلِباسُهُم فيها حَريرٌ (آيت : 33) |
اهي هميشه رهندڙ باغن ۾ داخل ٿيندا_ انهن ۾ هنن کي سون جا ڪنگڻ ۽ موتي پارائبا ۽ انهن ۾ سندن ڪپڙا ريشمي هوندا. |
وَقالُوا الحَمدُ لِلَّهِ الَّذى أَذهَبَ عَنَّا الحَزَنَ إِنَّ رَبَّنا لَغَفورٌ شَكورٌ (آيت : 34) |
هو چوندا ته ”هر ڪا واکاڻ الله کي جڳائي ٿي، جنهن اسان تان سڀ ڏک ٽاريا، بيشڪ اسان جو ڌڻي بخشيندڙ ۽ قدر ڄاڻندڙ آهي. |
الَّذى أَحَلَّنا دارَ المُقامَةِ مِن فَضلِهِ لا يَمَسُّنا فيها نَصَبٌ وَلا يَمَسُّنا فيها لُغوبٌ (آيت : 35) |
جنهن اسان کي سندس فضل سان هميشه رهڻ واري هنڌ لاٿو_ ان ۾ اسان کي نڪي ڏک پهچندو ۽ نڪي اسان کي ان ۾ ڪو ٿڪ ٿيندو. |
وَالَّذينَ كَفَروا لَهُم نارُ جَهَنَّمَ لا يُقضىٰ عَلَيهِم فَيَموتوا وَلا يُخَفَّفُ عَنهُم مِن عَذابِها كَذٰلِكَ نَجزى كُلَّ كَفورٍ (آيت : 36) |
۽ جن ڪفر ڪيو، تن لاءِ دوزخ جي باهه آهي_ انهن تي نڪي اهڙو حڪم ڪبو، جو مرن ۽ نڪي مٿن انهي جي عذاب مان ڪجهه گهٽ ڪبو، اهڙيءَ طرح اسين هر ڪنهن بي شڪر کي سزا ڏيندا آهيون. |
وَهُم يَصطَرِخونَ فيها رَبَّنا أَخرِجنا نَعمَل صٰلِحًا غَيرَ الَّذى كُنّا نَعمَلُ أَوَلَم نُعَمِّركُم ما يَتَذَكَّرُ فيهِ مَن تَذَكَّرَ وَجاءَكُمُ النَّذيرُ فَذوقوا فَما لِلظّٰلِمينَ مِن نَصيرٍ (آيت : 37) |
۽ اهي ان ۾ دانهون ڪندا ته ”اي اسان جا ڌڻي! اسان کي هتان ڪڍ، ته اسين نيڪ ڪم ڪنداسون؛ اهڙا نه، جهڙا اڳ ڪندا هئاسون.“ (چئبن ته) ”ڇا، اوهان کي ايتري عمر ڪانه ڏني هئي سون، جو جيڪو نصيحت وٺڻ گهري ها سو وٺي ها ۽ اوهان وٽ ڊيڄاريندڙ به آيو هو؟ پوءِ چکو مزو_ هاڻي ظالمن لاءِ ڪو به مددگار ڪونهي.“ |
إِنَّ اللَّهَ عٰلِمُ غَيبِ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ إِنَّهُ عَليمٌ بِذاتِ الصُّدورِ (آيت : 38) |
بيشڪ الله آسمانن ۽ زمين جو ڳجهه ڄاڻندڙ آهي، بيشڪ اهو ڄاڻي ٿو جيڪي دلين ۾ آهي. |
هُوَ الَّذى جَعَلَكُم خَلٰئِفَ فِى الأَرضِ فَمَن كَفَرَ فَعَلَيهِ كُفرُهُ وَلا يَزيدُ الكٰفِرينَ كُفرُهُم عِندَ رَبِّهِم إِلّا مَقتًا وَلا يَزيدُ الكٰفِرينَ كُفرُهُم إِلّا خَسارًا (آيت : 39) |
هو اهو آهي، جنهن اوهان کي زمين ۾ اڳين جي جاءِ ڏني_ پوءِ جيڪو ڪفر ڪندو، ته سندس ڪفر مٿس ئي آهي، ڪافرن جو ڪفر سندن رب وٽ رڳو ڏمر پيو وڌائيندو، ۽ ڪافرن لاءِ سندن ڪفر رڳو نقصان پيو وڌائيندو. |
قُل أَرَءَيتُم شُرَكاءَكُمُ الَّذينَ تَدعونَ مِن دونِ اللَّهِ أَرونى ماذا خَلَقوا مِنَ الأَرضِ أَم لَهُم شِركٌ فِى السَّمٰوٰتِ أَم ءاتَينٰهُم كِتٰبًا فَهُم عَلىٰ بَيِّنَتٍ مِنهُ بَل إِن يَعِدُ الظّٰلِمونَ بَعضُهُم بَعضًا إِلّا غُرورًا (آيت : 40) |
چوين ته ”ڇا، توهان اهي ڏٺا آهن، جن کي اوهين الله جا نائب سمجهي، الله جا ڀائيوار ٿا بنايو؟_ مون کي ته ڏيکاريو، ته هنن زمين مان ڇا خلقيو آهي، يا هنن جي آسمانن ۾ ڪهڙي ڀائيواري آهي؟ يا انهن کي اسان ڪو ڪتاب ڏنو آهي ڇا، جو انهيءَ جي چٽيءَ حجت تي آهن؟“ ڪي به ڪونهي، ظالم رڳو هڪ ٻين سان ٺڳين جا وعدا پيا ڪن! |
إِنَّ اللَّهَ يُمسِكُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ أَن تَزولا وَلَئِن زالَتا إِن أَمسَكَهُما مِن أَحَدٍ مِن بَعدِهِ إِنَّهُ كانَ حَليمًا غَفورًا (آيت : 41) |
بيشڪ الله ئي آسمانن خواهه زمين کي (سندن هنڌ کان) ٿڙڻ کان روڪيو آهي، ۽ جيڪڏهن ٿڙن، ته الله کانسواءِ انهن کي ٻيو ڪو به جهلي نه سگهندو_ بيشڪ اهو کانڌ وارو ۽ بخشيندڙ آهي. |
وَأَقسَموا بِاللَّهِ جَهدَ أَيمٰنِهِم لَئِن جاءَهُم نَذيرٌ لَيَكونُنَّ أَهدىٰ مِن إِحدَى الأُمَمِ فَلَمّا جاءَهُم نَذيرٌ ما زادَهُم إِلّا نُفورًا (آيت : 42) |
۽ هن سندن پڪن قسمن سان الله جو قسم کنيو، ته ”جيڪڏهن وٽن ڪو به ڊيڄاريندڙ آيو، ته هو ٻين سڀني ٽولين کان وڌيڪ هدايت حاصل ڪندا“ پر جنهن وقت وٽن ڊيڄاريندڙ آيو، ته نفرت ۾ ئي وڌيا. |
استِكبارًا فِى الأَرضِ وَمَكرَ السَّيِّئِ وَلا يَحيقُ المَكرُ السَّيِّئُ إِلّا بِأَهلِهِ فَهَل يَنظُرونَ إِلّا سُنَّتَ الأَوَّلينَ فَلَن تَجِدَ لِسُنَّتِ اللَّهِ تَبديلًا وَلَن تَجِدَ لِسُنَّتِ اللَّهِ تَحويلًا (آيت : 43) |
رڳو ملڪ ۾ آڪڙ ڪرڻ ۽ بڇڙين رٿن سان، پر بڇڙي رٿ نيٺ رٿ وارن مٿي ئي پوندي، هاڻ هو رڳو اڳين جي دستور جي واٽ پيا نهارين، پوءِ تون الله جي دستور ۾ هر گز ڪا مٽ سٽ ڪا نه ڏسندين ۽ نڪي تون الله جي دستور کي ٽرندو ڏسندين. |
أَوَلَم يَسيروا فِى الأَرضِ فَيَنظُروا كَيفَ كانَ عٰقِبَةُ الَّذينَ مِن قَبلِهِم وَكانوا أَشَدَّ مِنهُم قُوَّةً وَما كانَ اللَّهُ لِيُعجِزَهُ مِن شَيءٍ فِى السَّمٰوٰتِ وَلا فِى الأَرضِ إِنَّهُ كانَ عَليمًا قَديرًا (آيت : 44) |
ڇا هو زمين ۾ ڪو نه گهميا آهن_ جو ڏسن ته کانئن اڳين جي پڇاڙي ڪهڙي ٿي؟ جي کانئن تمام گهڻو طاقتور هئا_ ۽ الله اهڙو ناهي جنهن کي ڪا به آسمانن خواهه زمين جي چيز ٿڪائي سگهي، بيشڪ هو ڄاڻندڙ وس وارو آهي. |
وَلَو يُؤاخِذُ اللَّهُ النّاسَ بِما كَسَبوا ما تَرَكَ عَلىٰ ظَهرِها مِن دابَّةٍ وَلٰكِن يُؤَخِّرُهُم إِلىٰ أَجَلٍ مُسَمًّى فَإِذا جاءَ أَجَلُهُم فَإِنَّ اللَّهَ كانَ بِعِبادِهِ بَصيرًا (آيت : 45) |
۽ جيڪڏهن الله ماڻهن کي سندن ڪرتوتن تي (يڪدم) پڪڙ ڪري، ته جيڪر زمين جي پٺ تي ڪو به چرندڙ ڇڏي ئي ڪونه ها! پر هو انهن کي هڪڙي وقت تائين ڍر ڏئي ٿو_ پوءِ جڏهن سندن اهو وقت آيو، تڏهن بيشڪ الله سندس ٻانهن کي ڏسندڙ آهي. |