الحَمدُ لِلَّهِ فاطِرِ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ جاعِلِ المَلٰئِكَةِ رُسُلًا أُولى أَجنِحَةٍ مَثنىٰ وَثُلٰثَ وَرُبٰعَ يَزيدُ فِى الخَلقِ ما يَشاءُ إِنَّ اللَّهَ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرٌ (آيت : 1) |
سڀ تعريفون الله تعالى جي لاءِ ئي آهن جيڪو آسمانن ۽ زمين کي ٺاهيندڙ آهي ۽ (جنهن) ٻن ٻن، ٽن ٽن ۽ چئن چئن پرن وارن ملائڪن کي پيغام پھچائيندڙ طور مقرر ڪيو آهي. هو خلقت ۾ جيئن چاهي ٿو واڌارو ڪري ٿو. بيشڪ الله تعالى هر شيءِ تي قدرت رکندڙ آهي. |
ما يَفتَحِ اللَّهُ لِلنّاسِ مِن رَحمَةٍ فَلا مُمسِكَ لَها وَما يُمسِك فَلا مُرسِلَ لَهُ مِن بَعدِهِ وَهُوَ العَزيزُ الحَكيمُ (آيت : 2) |
الله تعالى جن ماڻهن لاءِ رحمت جو دروازو کولي ٿو ته ڪير ان کي بند ڪرڻ وارو نه آهي ۽ جن ماڻهن لاءِ رحمت جو دروازو بند ڪري ٿو تنھن کي ان کان سواءِ ڪير کولڻ وارو نه آهي ۽ هو زبردست حڪمت وارو آهي. |
يٰأَيُّهَا النّاسُ اذكُروا نِعمَتَ اللَّهِ عَلَيكُم هَل مِن خٰلِقٍ غَيرُ اللَّهِ يَرزُقُكُم مِنَ السَّماءِ وَالأَرضِ لا إِلٰهَ إِلّا هُوَ فَأَنّىٰ تُؤفَكونَ (آيت : 3) |
اي انسانو! الله تعالى جي نعمتن کي ياد ڪريو جيڪي هُن توهان جي مٿان ڪيون آهن. ڇا الله تعالى کان سواءِ ڪو ٻيو اهڙو پيدا ڪندڙ آهي، جيڪو توهان کي آسمان ۽ زمين مان رزق عطا ڪري، ان کان سواءِ ٻيو ڪير به معبود نه آهي. پوءِ توهان کي ڪاڏي ڦيرايو وڃي ٿو. |
وَإِن يُكَذِّبوكَ فَقَد كُذِّبَت رُسُلٌ مِن قَبلِكَ وَإِلَى اللَّهِ تُرجَعُ الأُمورُ (آيت : 4) |
(اي نبيﷺ!) جيڪڏهن هي ماڻهو توهان کي ڪوڙو ڪن ٿا ته (ڏک نه ڪر) توهان کان اڳ ڪيترن ئي رسولن کي به ڪوڙو ڪيو ويو هو. آخرڪار سڀني ڪمن جي موٽ الله تعالى جي طرف ئي آهي. |
يٰأَيُّهَا النّاسُ إِنَّ وَعدَ اللَّهِ حَقٌّ فَلا تَغُرَّنَّكُمُ الحَيوٰةُ الدُّنيا وَلا يَغُرَّنَّكُم بِاللَّهِ الغَرورُ (آيت : 5) |
اي انسانو! بيشڪ الله تعالى جو وعدو سچو آهي، توهان کي دنيا جي زندگي ڌوڪي ۾ نه وجهي ۽ نه وڏو ڌوڪي باز (شيطان) ئي توهان کي ڌوڪي ۾ مبتلا ڪري. |
إِنَّ الشَّيطٰنَ لَكُم عَدُوٌّ فَاتَّخِذوهُ عَدُوًّا إِنَّما يَدعوا حِزبَهُ لِيَكونوا مِن أَصحٰبِ السَّعيرِ (آيت : 6) |
بيشڪ شيطان توهان جو دشمن آهي پوءِ توهان کيس دشمن ئي سمجهو، هو ته پنھنجي جماعت کي دوزخين ۾ شامل ڪرڻ لاءِ سڏي رهيو آهي. |
الَّذينَ كَفَروا لَهُم عَذابٌ شَديدٌ وَالَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ لَهُم مَغفِرَةٌ وَأَجرٌ كَبيرٌ (آيت : 7) |
جيڪي ماڻهو ڪفر ڪندا تن لاءِ سخت عذاب آهي ۽ جيڪي ماڻهو ايمان آڻيندا ۽ نيڪ عمل ڪندا ته انهن لاءِ معافي ۽ وڏو اجرآهي. |
أَفَمَن زُيِّنَ لَهُ سوءُ عَمَلِهِ فَرَءاهُ حَسَنًا فَإِنَّ اللَّهَ يُضِلُّ مَن يَشاءُ وَيَهدى مَن يَشاءُ فَلا تَذهَب نَفسُكَ عَلَيهِم حَسَرٰتٍ إِنَّ اللَّهَ عَليمٌ بِما يَصنَعونَ (آيت : 8) |
جنھن ماڻهوءَ کي سندس برو عمل سھڻو ڪري ڏيکاريو ويو هجي ۽ هو خود به ان کي سھڻو سمجهندو هجي (ته ڇا اُهو نيڪ ماڻهو جھڙو ٿي سگهي ٿو؟) بيشڪ الله تعالى جنھن کي گهري گمراهه ڪري ٿو ۽ جنھن کي گهري هدايت ڏئي ٿو. (اي نبيﷺ!) تنھن ڪري تون انهن جي ڪري پنھنجو ساهه ساڻو نه ڪر. بيشڪ الله تعالى کي سڀ خبر آهي جيڪو هو ڪن ٿا. |
وَاللَّهُ الَّذى أَرسَلَ الرِّيٰحَ فَتُثيرُ سَحابًا فَسُقنٰهُ إِلىٰ بَلَدٍ مَيِّتٍ فَأَحيَينا بِهِ الأَرضَ بَعدَ مَوتِها كَذٰلِكَ النُّشورُ (آيت : 9) |
الله تعالى ئي آهي جيڪو هوائن کي موڪلي ٿو، پوءِ اهي ڪڪرن کي گھلين ٿيون، پوءِ اسان انهن کي غيرآباد علائقي ڏي وٺي ويندا آهيون، ۽ ان پاڻي جي ذريعي غيرآباد زمين کي سرسبز ۽ شاداب ڪري ڇڏيندا آهيون. اهڙي طريقي سان ئي مئل ماڻهو به ٻيھر جيئرو ڪري اٿاريا ويندا. |
مَن كانَ يُريدُ العِزَّةَ فَلِلَّهِ العِزَّةُ جَميعًا إِلَيهِ يَصعَدُ الكَلِمُ الطَّيِّبُ وَالعَمَلُ الصّٰلِحُ يَرفَعُهُ وَالَّذينَ يَمكُرونَ السَّيِّـٔاتِ لَهُم عَذابٌ شَديدٌ وَمَكرُ أُولٰئِكَ هُوَ يَبورُ (آيت : 10) |
جيڪو ماڻهو عزت چاهي ٿو تنھن کي معلوم هجڻ کپي ته حقيقي عزت الله تعالى جي هٿ ۾ آهي. الله تعالى وٽ (توهان جو) سھڻو ٻول قبوليت جي درجي تي پهچي ٿو ۽ سھڻو عمل ان کي ويتر بلندي تائين پھچائي ٿو ۽ جيڪي ماڻهو بيهودهه چال بازيون ڪن ٿا تن لاءِ سخت عذاب آهي ۽ انهن جون چال بازيون برباد ٿي وينديون. |
وَاللَّهُ خَلَقَكُم مِن تُرابٍ ثُمَّ مِن نُطفَةٍ ثُمَّ جَعَلَكُم أَزوٰجًا وَما تَحمِلُ مِن أُنثىٰ وَلا تَضَعُ إِلّا بِعِلمِهِ وَما يُعَمَّرُ مِن مُعَمَّرٍ وَلا يُنقَصُ مِن عُمُرِهِ إِلّا فى كِتٰبٍ إِنَّ ذٰلِكَ عَلَى اللَّهِ يَسيرٌ (آيت : 11) |
الله تعالى توهان کي پھريون ڀيرو مٽيءَ مان پيدا ڪيو پوءِ نطفي مان ٺاهي توهان کي جوڙو (يعني مرد ۽ عورت) بنايائين. الله تعالى جي حڪم کان سواءِ ڪابه عورت نه ته ڳورهاري ٿئي ٿي ۽ نه ئي ٻار ڄڻي ٿي. ۽ڪنھن به ڊگهي عمر واري کي ڊگهي عمر نٿي ملي ۽ نه ڪنهن جي عمر ۾ گهٽتائي اچي ٿي پراهو سڀ ڪجهه هڪ ڪتاب ۾ لکيل هوندو آهي. بيشڪ اهو ڪم الله تعالى جي لاءِ انتهائي آسان آهي. |
وَما يَستَوِى البَحرانِ هٰذا عَذبٌ فُراتٌ سائِغٌ شَرابُهُ وَهٰذا مِلحٌ أُجاجٌ وَمِن كُلٍّ تَأكُلونَ لَحمًا طَرِيًّا وَتَستَخرِجونَ حِليَةً تَلبَسونَها وَتَرَى الفُلكَ فيهِ مَواخِرَ لِتَبتَغوا مِن فَضلِهِ وَلَعَلَّكُم تَشكُرونَ (آيت : 12) |
۽ ٻه سمنڊ به هڪ جھڙا نه آهن، هڪ جو پاڻي مٺو، اُڃ لاهڻ وارو ۽ وڻندڙ هوندو آهي ۽ ٻئي جو پاڻي کارو ۽ ڪڙو هوندو آهي ۽ سمنڊن مان اوهان تازو گوشت کائو ٿا ۽ هار سينگار لاءِ زينت واريون شيون ڪڍي پھريو ٿا ۽ توهان ڏسو ٿا ته ان ۾ ٻيڙيون پاڻي کي چيري تيزيءَ سان هلن ٿيون ته جيئن توهان پنھنجي پالڻھار جو فضل تلاش ڪريو. شايد توهان ان ذريعي شڪر ادا ڪريو. |
يولِجُ الَّيلَ فِى النَّهارِ وَيولِجُ النَّهارَ فِى الَّيلِ وَسَخَّرَ الشَّمسَ وَالقَمَرَ كُلٌّ يَجرى لِأَجَلٍ مُسَمًّى ذٰلِكُمُ اللَّهُ رَبُّكُم لَهُ المُلكُ وَالَّذينَ تَدعونَ مِن دونِهِ ما يَملِكونَ مِن قِطميرٍ (آيت : 13) |
۽ هو رات کي ڏينھن ۾ داخل ڪري ٿو ۽ ڏينھن کي رات ۾ داخل ڪري ٿو، سج ۽ چنڊ کي(پنهنجي نظام ۾) پابند رکيو آهي. هي سڀ هڪ مقرر وقت تائين هلي رهيا آهن. اِهوئي توهان جو پالڻھار الله آهي. جنھن جي بادشاهي آهي ۽ جن کي توهان الله تعالى کان سواءِ سڏيو ٿا سي ته کوکڙيءَ جي (اندر واري) کل جا به مالڪ نه آهن. |
إِن تَدعوهُم لا يَسمَعوا دُعاءَكُم وَلَو سَمِعوا مَا استَجابوا لَكُم وَيَومَ القِيٰمَةِ يَكفُرونَ بِشِركِكُم وَلا يُنَبِّئُكَ مِثلُ خَبيرٍ (آيت : 14) |
جيڪڏهن توهان انهن کي سڏيندا به ته مجال آهي ته هو توهان جو ٻڌن ۽ جيڪڏهن ٻڌندا به ته توهان کي ڪو جواب ئي نه ڏئي سگهندا ۽ هو توهان جي شرڪ جو قيامت جي ڏينھن انڪار ڪندا. (اي نبيﷺ!) توهان کي اهڙي سچي خبر ڪير به نه ٻڌائي سگهندو. |
يٰأَيُّهَا النّاسُ أَنتُمُ الفُقَراءُ إِلَى اللَّهِ وَاللَّهُ هُوَ الغَنِىُّ الحَميدُ (آيت : 15) |
اي انسانو! توهان سڀ الله تعالى جا محتاج آهيو ۽ الله تعالى بيپرواهه ۽ تعريف جي لائق آهي. |
إِن يَشَأ يُذهِبكُم وَيَأتِ بِخَلقٍ جَديدٍ (آيت : 16) |
جيڪڏهن هو چاهي ته توهان کي هٽائي ٻي نئين مخلوق آڻي. |
وَما ذٰلِكَ عَلَى اللَّهِ بِعَزيزٍ (آيت : 17) |
الله تعالى جي لاءِ ايئن ڪرڻ ڪو مشڪل ڪم نه آهي. |
وَلا تَزِرُ وازِرَةٌ وِزرَ أُخرىٰ وَإِن تَدعُ مُثقَلَةٌ إِلىٰ حِملِها لا يُحمَل مِنهُ شَيءٌ وَلَو كانَ ذا قُربىٰ إِنَّما تُنذِرُ الَّذينَ يَخشَونَ رَبَّهُم بِالغَيبِ وَأَقامُوا الصَّلوٰةَ وَمَن تَزَكّىٰ فَإِنَّما يَتَزَكّىٰ لِنَفسِهِ وَإِلَى اللَّهِ المَصيرُ (آيت : 18) |
۽ ڪوبه بار کڻندڙ ٻئي ڪنھن جو بار نه کڻندو ۽ جيڪڏهن بار کڻندڙ پنھنجي مٿان سٿيل بار کڻڻ لاءِ ٻئي کي ايلاز منٿون به ڪندو ته به ڪير سندس بار جو ذرو به کڻڻ لاءِ تيار نه ٿيندو، چاهي ان جو پنھنجو مائٽ ئي ڇو نه هجي. (اي نبيﷺ!) تون رڳو ان شخص کي ڊيڄاري سگهين ٿو جيڪو پنھنجي پالڻھار کان اڻ ڏٺي ڊڄندو هجي، نماز جو اهتمام ڪندڙ هجي ۽ جيڪڏهن ڪير پاڪباز ٿيڻ چاهي ته اها پاڪبازي سندس ئي ڪم ايندي. آخرڪار سڀني جي موٽ الله تعالى ڏانھن ئي آهي. |
وَما يَستَوِى الأَعمىٰ وَالبَصيرُ (آيت : 19) |
انڌو ۽ اکين وارو برابر نه آهن. |
وَلَا الظُّلُمٰتُ وَلَا النّورُ (آيت : 20) |
نه اونداهي ۽ روشني برابر آهن. |
وَلَا الظِّلُّ وَلَا الحَرورُ (آيت : 21) |
نه ڇانوَ ۽ اُس برابر آهن. |
وَما يَستَوِى الأَحياءُ وَلَا الأَموٰتُ إِنَّ اللَّهَ يُسمِعُ مَن يَشاءُ وَما أَنتَ بِمُسمِعٍ مَن فِى القُبورِ (آيت : 22) |
۽ نه زنده ۽ مئل هڪ جھڙا آهن. بيشڪ الله تعالى جنھن کي چاهي ٻڌڻ جي طاقت ڏي ٿو ۽ جيڪي ماڻهو قبرن ۾ آهن، تن کي توهان ڪابه ڳالهه نٿا ٻڌائي سگهو. |
إِن أَنتَ إِلّا نَذيرٌ (آيت : 23) |
توهان ته رڳو (جيئرن کي) ڊيڄاريندڙ آهيو. |
إِنّا أَرسَلنٰكَ بِالحَقِّ بَشيرًا وَنَذيرًا وَإِن مِن أُمَّةٍ إِلّا خَلا فيها نَذيرٌ (آيت : 24) |
بيشڪ اسان توهان کي حق سان خوشخبري ڏيندڙ ۽ ڊيڄاريندڙ ڪري موڪليو آهي. اهڙي طرح اسان هر امت (۽ هر قوم) ۾ ڪونه ڪو ڊيڄاريندڙ ضرور موڪليو آهي. |
وَإِن يُكَذِّبوكَ فَقَد كَذَّبَ الَّذينَ مِن قَبلِهِم جاءَتهُم رُسُلُهُم بِالبَيِّنٰتِ وَبِالزُّبُرِ وَبِالكِتٰبِ المُنيرِ (آيت : 25) |
۽ جيڪڏهن هي ماڻهو توهان کي ڪوڙو ڪن ٿا ته انهن کان اڳ گذريل ماڻهن به ته ڪوڙو ڪيو هو. انهن وٽ سندن رسول سڳورا واضح نشانيون، صحيفا ۽ روشن ڪتاب کڻي آيا هئا. |
ثُمَّ أَخَذتُ الَّذينَ كَفَروا فَكَيفَ كانَ نَكيرِ (آيت : 26) |
پوءِ مون ڪافرن کي پڪڙيو (توهان ڏٺوَ ته) منھنجي پڪڙ ڪيئن هئي؟ |
أَلَم تَرَ أَنَّ اللَّهَ أَنزَلَ مِنَ السَّماءِ ماءً فَأَخرَجنا بِهِ ثَمَرٰتٍ مُختَلِفًا أَلوٰنُها وَمِنَ الجِبالِ جُدَدٌ بيضٌ وَحُمرٌ مُختَلِفٌ أَلوٰنُها وَغَرابيبُ سودٌ (آيت : 27) |
ڇا تو نه ڏٺو ته بيشڪ الله تعالى آسمان مان پاڻي نازل ڪيو پوءِ اسان ان جي ذريعي مختلف رنگن جا ميوا ڪڍيا ۽ جبلن مان به ڪي جبل اڇا، ڳاڙها ۽ مختلف رنگن جا هوندا آهن. ڪي ته وري صفا ڪاري رنگ جا پٽا پٽي هوندا آهن. |
وَمِنَ النّاسِ وَالدَّوابِّ وَالأَنعٰمِ مُختَلِفٌ أَلوٰنُهُ كَذٰلِكَ إِنَّما يَخشَى اللَّهَ مِن عِبادِهِ العُلَمٰؤُا۟ إِنَّ اللَّهَ عَزيزٌ غَفورٌ (آيت : 28) |
۽ اهڙي طرح انسان، جاندار ۽ جانور به مختلف رنگن جا پيدا ڪيا، بيشڪ الله تعالى کان سندس ٻانهن مان صرف علم وارا ئي ٻانها ڊڄندا آهن. بيشڪ الله تعالى زبردست ۽ وڏو معاف ڪندڙ آهي. |
إِنَّ الَّذينَ يَتلونَ كِتٰبَ اللَّهِ وَأَقامُوا الصَّلوٰةَ وَأَنفَقوا مِمّا رَزَقنٰهُم سِرًّا وَعَلانِيَةً يَرجونَ تِجٰرَةً لَن تَبورَ (آيت : 29) |
بيشڪ جيڪي ماڻهو الله تعالى جي (پاڪ) ڪتاب جي تلاوت ڪندا رهن ٿا، نماز قائم ڪن ٿا ۽ اسان کين جيڪو رزق ڏنو آهي ان مان ظاهري ۽ ڳجهي نموني خرچ ڪندا رهن ٿا سي اهڙي واپار جي اميد رکيو ويٺا آهن جنهن ۾ ڪڏهن به نقصان نه ٿيندو . |
لِيُوَفِّيَهُم أُجورَهُم وَيَزيدَهُم مِن فَضلِهِ إِنَّهُ غَفورٌ شَكورٌ (آيت : 30) |
ته جيئن الله تعالى کين پورو اجرڏئي ۽ پنھنجي مھرباني سان ان ۾ اڃا به واڌارو ڪري. بيشڪ هو وڏو معاف ڪندڙ ۽ وڏو قدردان آهي. |
وَالَّذى أَوحَينا إِلَيكَ مِنَ الكِتٰبِ هُوَ الحَقُّ مُصَدِّقًا لِما بَينَ يَدَيهِ إِنَّ اللَّهَ بِعِبادِهِ لَخَبيرٌ بَصيرٌ (آيت : 31) |
۽ ڪتاب مان جيڪا وحي اسان توڏانهن نازل ڪريون ٿا سوئي سچ آهي. (هي ڪتاب) گذريل ڪتابن کي سچو مڃي ٿو. بيشڪ الله تعالى پنھنجي ٻانهن کان باخبر ۽ انهن جي معاملات کي ڏسندڙ آهي. |
ثُمَّ أَورَثنَا الكِتٰبَ الَّذينَ اصطَفَينا مِن عِبادِنا فَمِنهُم ظالِمٌ لِنَفسِهِ وَمِنهُم مُقتَصِدٌ وَمِنهُم سابِقٌ بِالخَيرٰتِ بِإِذنِ اللَّهِ ذٰلِكَ هُوَ الفَضلُ الكَبيرُ (آيت : 32) |
پوءِ اسان هن ڪتاب جو وارث انهن ماڻهن کي بنايو جن کي اسان سڄي دنيا جي ٻانهن مان وڌيڪ پسند ڪيو. (يعني مسلم امت). پوءِ انهن مان ڪجهه پنھنجو پاڻ تي ظلم ڪندڙ آهن، ڪي وري وچٿري راهه اختيار ڪندڙ آهن ۽ ڪي وري الله تعالى جي مھرباني سان نيڪيون ڪمائڻ ۾ تمام اڳرائي ڪندڙ آهن. اهائي الله تعالى جي وڏي مھرباني آهي. |
جَنّٰتُ عَدنٍ يَدخُلونَها يُحَلَّونَ فيها مِن أَساوِرَ مِن ذَهَبٍ وَلُؤلُؤًا وَلِباسُهُم فيها حَريرٌ (آيت : 33) |
اِهي ماڻهو هميشه رهڻ وارن باغن ۾ داخل ٿيندا پوءِ انهن باغن ۾ کين سون جا ڪنگڻ ۽ موتي پارايا ويندا ۽ انهن جي اتي ريشمي پوشاڪ هوندي. |
وَقالُوا الحَمدُ لِلَّهِ الَّذى أَذهَبَ عَنَّا الحَزَنَ إِنَّ رَبَّنا لَغَفورٌ شَكورٌ (آيت : 34) |
هو چوندا ته سڀ تعريفون الله تعالى جي لاءِ ئي آهن جنھن اسان جا سڀ ڏک سور ئي ختم ڪري ڇڏيا. بيشڪ اسان جو پالڻھار وڏو معاف ڪندڙ ۽ وڏو قدردان آهي. |
الَّذى أَحَلَّنا دارَ المُقامَةِ مِن فَضلِهِ لا يَمَسُّنا فيها نَصَبٌ وَلا يَمَسُّنا فيها لُغوبٌ (آيت : 35) |
جنھن اسان کي پنھنجي مھربانيءَ سان اهڙي جاءِ تي رهايو آهي، جتي ڪابه تڪليف نه آهي ۽ نه ئي ان ۾ ڪا ٿڪاوٽ ٿئي ٿي. |
وَالَّذينَ كَفَروا لَهُم نارُ جَهَنَّمَ لا يُقضىٰ عَلَيهِم فَيَموتوا وَلا يُخَفَّفُ عَنهُم مِن عَذابِها كَذٰلِكَ نَجزى كُلَّ كَفورٍ (آيت : 36) |
۽ جن ماڻهن ڪفر ڪيو تن لاءِ جھنم جي باهه آهي، نه انهن لاءِ مرڻ جو حڪم جاري ڪيو ويندو ۽ نه ئي انهن جي عذاب ۾ ڪا گهٽتائي ڪئي ويندي.اهڙي طريقي سان ئي اسان ڪفر ڪرڻ وارن کي بدلو ڏيندا آهيون. |
وَهُم يَصطَرِخونَ فيها رَبَّنا أَخرِجنا نَعمَل صٰلِحًا غَيرَ الَّذى كُنّا نَعمَلُ أَوَلَم نُعَمِّركُم ما يَتَذَكَّرُ فيهِ مَن تَذَكَّرَ وَجاءَكُمُ النَّذيرُ فَذوقوا فَما لِلظّٰلِمينَ مِن نَصيرٍ (آيت : 37) |
هي ماڻهو جھنم ۾ رانڀاٽ ڪندا رهندا ته اي اسان جا پالڻھار! اسان کي هتان ڪڍ. هاڻي اسان پوين عملن جي بجاءِ نيڪ عمل ڪنداسين. (کين جواب ملندو ته) ڇا مان توهان کي ڊگهي عمر نه ڏني هئي؟ نصيحت وٺڻ وارو ته ايتري عمر ۾ نصيحت وٺي سگهي ها ۽ توهان ڏانھن ڊيڄاريندڙ به آيو هو. بس! هاڻي (عذاب جو) مزو چکو. ظالم جو ڪير به مدد ڪرڻ وارو نه آهي. |
إِنَّ اللَّهَ عٰلِمُ غَيبِ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ إِنَّهُ عَليمٌ بِذاتِ الصُّدورِ (آيت : 38) |
بيشڪ الله تعالى آسمانن ۽ زمين جا ڳجهه ڄاڻندڙ آهي. بيشڪ هو ته سينن جي رازن کان به خوب واقف آهي. |
هُوَ الَّذى جَعَلَكُم خَلٰئِفَ فِى الأَرضِ فَمَن كَفَرَ فَعَلَيهِ كُفرُهُ وَلا يَزيدُ الكٰفِرينَ كُفرُهُم عِندَ رَبِّهِم إِلّا مَقتًا وَلا يَزيدُ الكٰفِرينَ كُفرُهُم إِلّا خَسارًا (آيت : 39) |
اُهو الله ئي ته آهي جنھن توهان کي زمين ۾ خليفو بنايو، سو هاڻي جيڪو ڪفر ڪندو، سندس ڪفر جو وبال مٿس آهي ۽ ڪافرن جو ڪفر ڪرڻ پنھنجي پالڻھار جي ڪاوڙ کي اڃا به وڌائي ٿو ۽ اهو سندن نقصان کي به وڌائي ٿو. |
قُل أَرَءَيتُم شُرَكاءَكُمُ الَّذينَ تَدعونَ مِن دونِ اللَّهِ أَرونى ماذا خَلَقوا مِنَ الأَرضِ أَم لَهُم شِركٌ فِى السَّمٰوٰتِ أَم ءاتَينٰهُم كِتٰبًا فَهُم عَلىٰ بَيِّنَتٍ مِنهُ بَل إِن يَعِدُ الظّٰلِمونَ بَعضُهُم بَعضًا إِلّا غُرورًا (آيت : 40) |
(اي نبيﷺ!) چؤ ته ڇا ڀلا اوهان پنھنجي شريڪن کي ڏٺو آهي جن کي توهان الله تعالى کان سواءِ سڏيو ٿا؟ مون کي ڏيکاريو ته انهن زمين ۾ ڇا پيدا ڪيو آهي؟ يا آسمانن جي ٺاهڻ ۾ سندن ڪھڙو ڪردار آهي؟ ڇا اسان کين ڪا لکيل سَنَدَ ڏني آهي جو هو واضح دليل تي آهن؟ پر هي ظالم ته پنھنجو پاڻ ۾ هڪ ٻئي کي ڌوڪو ڏئي رهيا آهن. |
إِنَّ اللَّهَ يُمسِكُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ أَن تَزولا وَلَئِن زالَتا إِن أَمسَكَهُما مِن أَحَدٍ مِن بَعدِهِ إِنَّهُ كانَ حَليمًا غَفورًا (آيت : 41) |
بيشڪ الله تعالى ئي آسمانن ۽ زمين کي پنھنجي جاءِ تان هٽڻ کان روڪي رکيو آهي ۽ جيڪڏهن اُهي هٽي به وڃن ته به انهن کي (الله تعالى) کان سواءِ ٻيو ڪير به قابو نه ڪري سگهندو. بيشڪ هو وڏو بُردبار ۽ وڏو معاف ڪندڙ آهي. |
وَأَقسَموا بِاللَّهِ جَهدَ أَيمٰنِهِم لَئِن جاءَهُم نَذيرٌ لَيَكونُنَّ أَهدىٰ مِن إِحدَى الأُمَمِ فَلَمّا جاءَهُم نَذيرٌ ما زادَهُم إِلّا نُفورًا (آيت : 42) |
هي ماڻهو (دنيا ۾) الله تعالى جا وڏا پڪا قسم کڻندا هئا ته جيڪڏهن ڪو انهن وٽ ڊيڄاريندڙ (رسول سڳورو) ايندو ته هُو ٻين امتن جي مقابلي ۾ وڏا هدايت وارا ٿيندا. پر جڏهن وٽن ڊيڄاريندڙ رسول سڳورو آيو ته ويتر انهن جي اندر رسول سڳورن جي خلاف نفرت وڌندي وئي. |
استِكبارًا فِى الأَرضِ وَمَكرَ السَّيِّئِ وَلا يَحيقُ المَكرُ السَّيِّئُ إِلّا بِأَهلِهِ فَهَل يَنظُرونَ إِلّا سُنَّتَ الأَوَّلينَ فَلَن تَجِدَ لِسُنَّتِ اللَّهِ تَبديلًا وَلَن تَجِدَ لِسُنَّتِ اللَّهِ تَحويلًا (آيت : 43) |
۽ زمين ۾ اڃا به وڌيڪ مغروري ۽ بيھودهه چالاڪيون ڪرڻ لڳا. حالانڪه بيهودهه چالاڪيون سندن لاءِ تباهي جو سبب ٿينديون. ڇا هي ماڻهو الله تعالى جي ان طريقي ۽ قانون جو انتظار ڪري رهيا آهن جيڪو گذريل ماڻهن سان لاڳو ڪيو ويو هو؟ توهان ڪڏهن به الله تعالى جي طريقي ۽ قانون ۾ تبديلي نه ڏسندا ۽ نه ئي الله تعالى جي قاعدي ۾ ڪا ڦير ڦار ڏسندا. |
أَوَلَم يَسيروا فِى الأَرضِ فَيَنظُروا كَيفَ كانَ عٰقِبَةُ الَّذينَ مِن قَبلِهِم وَكانوا أَشَدَّ مِنهُم قُوَّةً وَما كانَ اللَّهُ لِيُعجِزَهُ مِن شَيءٍ فِى السَّمٰوٰتِ وَلا فِى الأَرضِ إِنَّهُ كانَ عَليمًا قَديرًا (آيت : 44) |
ڇا هي ماڻهو زمين ۾ گهميا ڦريا نه آهن جو ڏسن ته انهن کان اڳ گذريل ماڻهن جي پڇاڙي ڪيئن ٿي؟ حالانڪه هو ته طاقت ۾ هنن کان به گهڻو وڌيڪ هئا. الله تعالى جي ذات اهڙي ڪمزور نه آهي جو کيس آسمانن ۽ زمين جي ڪابه شيءِ بي وس ڪري ڇڏي. بيشڪ هو وڏو ڄاڻندڙ ۽ وڏي طاقت وارو آهي. |
وَلَو يُؤاخِذُ اللَّهُ النّاسَ بِما كَسَبوا ما تَرَكَ عَلىٰ ظَهرِها مِن دابَّةٍ وَلٰكِن يُؤَخِّرُهُم إِلىٰ أَجَلٍ مُسَمًّى فَإِذا جاءَ أَجَلُهُم فَإِنَّ اللَّهَ كانَ بِعِبادِهِ بَصيرًا (آيت : 45) |
۽ جيڪڏهن الله تعالى جي ذات ماڻهن جي برن ڪرتوتن جي ڪري (فوراً) پڪڙ ڪري ها ته زمين تي ڪير به ساهوارو زندهه نه بچي سگهي ها. پر هو انهن سڀني کي هڪ مقرر مدت تائين رهڻ جي مھلت ڏئي ٿو. پوءِ جڏهن انهن جو وقت پورو ٿيندو ته بيشڪ الله تعالى پنھنجي ٻانهن کي چڱي طرح ڏسي وٺندو. |