الحَمدُ لِلَّهِ فاطِرِ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ جاعِلِ المَلٰئِكَةِ رُسُلًا أُولى أَجنِحَةٍ مَثنىٰ وَثُلٰثَ وَرُبٰعَ يَزيدُ فِى الخَلقِ ما يَشاءُ إِنَّ اللَّهَ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرٌ (آيت : 1) |
سڀ ساراهه الله کي ئي جڳائي جيڪو آسمانن ۽ زمين جو جوڙيندڙ آهي پيغام رسائڻ لاءِ ملائڪن کي مقرر ڪندڙ (اهڙا فرشتا) جن جا بازو ٻه ٻه ۽ ٽي ٽي ۽ چار چار آهن، وڌائيندو آهي پنهنجي مخلوق کي جيئن چاهي، بيشڪ اهو الله ئي هر شيءِ تي قدرت رکي ٿو |
ما يَفتَحِ اللَّهُ لِلنّاسِ مِن رَحمَةٍ فَلا مُمسِكَ لَها وَما يُمسِك فَلا مُرسِلَ لَهُ مِن بَعدِهِ وَهُوَ العَزيزُ الحَكيمُ (آيت : 2) |
جيڪو به در کولي الله ماڻهن جي لاءِ پنهنجي رحمت جو، ته ان کي ڪوبه روڪڻ وارو ناهي، ۽ جيڪو هو بند ڪري پوءِ ناهي ان کي ان کان سواءِ ڪوبه کولڻ وارو، ۽ اهو ئي زبردست ۽ حڪمت وارو آهي |
يٰأَيُّهَا النّاسُ اذكُروا نِعمَتَ اللَّهِ عَلَيكُم هَل مِن خٰلِقٍ غَيرُ اللَّهِ يَرزُقُكُم مِنَ السَّماءِ وَالأَرضِ لا إِلٰهَ إِلّا هُوَ فَأَنّىٰ تُؤفَكونَ (آيت : 3) |
اي انسانؤ! ياد رکو اهي احسان جيڪي الله توهان تي ڪيا آهن، ڇا ڪو ٻيو خالق به آهي الله کان سواءِ جيڪو رزق ڏيندو هجي توهان کي آسمان ۽ زمين مان؟ ناهي ڪوبه معبود سواءِ ان جي، پوءِ ڪٿان کان پيا دوکو کائيندا وتو؟ |
وَإِن يُكَذِّبوكَ فَقَد كُذِّبَت رُسُلٌ مِن قَبلِكَ وَإِلَى اللَّهِ تُرجَعُ الأُمورُ (آيت : 4) |
۽ جيڪڏهن اهي ڪوڙو ٿا سڏين توکي (اي نبي!) ته اها نئين ڳالهه ناهي، ڪيترا ئي رسول ڪوڙا سڏيا ويا تو کان اڳي، ۽ الله ڏانهن ئي موٽڻا آهن (اهي) سڀ معاملا |
يٰأَيُّهَا النّاسُ إِنَّ وَعدَ اللَّهِ حَقٌّ فَلا تَغُرَّنَّكُمُ الحَيوٰةُ الدُّنيا وَلا يَغُرَّنَّكُم بِاللَّهِ الغَرورُ (آيت : 5) |
اي انسانؤ! بيشڪ وعدو الله جو ئي برحق (سچو) آهي پوءِ نه وجهي ڪنهن به دوکي ۾ توهان کي زندگي دنيا جي، ۽ نه ئي اهو دوکيباز توهان کي الله جي باري ۾ ڪو دوکو ڏئي |
إِنَّ الشَّيطٰنَ لَكُم عَدُوٌّ فَاتَّخِذوهُ عَدُوًّا إِنَّما يَدعوا حِزبَهُ لِيَكونوا مِن أَصحٰبِ السَّعيرِ (آيت : 6) |
بيشڪ شيطان حقيقت ۾ توهان جو دشمن آهي، تنهنڪري توهان به ان کي پنهنجو دشمن ڄاڻو، بيشڪ هو سڏي ٿو پنهنجي پوئلڳن کي پاڻ ڏي ته جيئن اهي دوزخين ۾ شامل ٿي وڃن |
الَّذينَ كَفَروا لَهُم عَذابٌ شَديدٌ وَالَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ لَهُم مَغفِرَةٌ وَأَجرٌ كَبيرٌ (آيت : 7) |
جيڪي ماڻهو ڪفر ڪندا تن جي لاءِ عذاب سخت آهي ۽ جيڪي ماڻهو ايمان آڻيندا ۽ عمل سٺا ڪندا، تن جي لاءِ بخشش ۽ وڏو اجر آهي |
أَفَمَن زُيِّنَ لَهُ سوءُ عَمَلِهِ فَرَءاهُ حَسَنًا فَإِنَّ اللَّهَ يُضِلُّ مَن يَشاءُ وَيَهدى مَن يَشاءُ فَلا تَذهَب نَفسُكَ عَلَيهِم حَسَرٰتٍ إِنَّ اللَّهَ عَليمٌ بِما يَصنَعونَ (آيت : 8) |
(ڀلا ان شخص جي گمراهي جي ڪا حد به آهي) جنهن لاءِ سهڻو بڻايو ويو هجي سندس عمل ۽ هو به ان کي سٺو سمجهي؟ حقيقت ۾ الله جنهن کي چاهي گمراهي ۾ وجهي ۽ سڌي واٽ هدايت واري ڏيکاري جنهن کي چاهي، پوءِ (اي نبي!) نه وجهه پنجهنجي جان انهن ماڻهن جي غم ۽ افسوس ۾، بيشڪ الله چڱيءَ طرح ڄاڻي ٿو جيڪي ڪجهه اهي ڪري رهيا آهن |
وَاللَّهُ الَّذى أَرسَلَ الرِّيٰحَ فَتُثيرُ سَحابًا فَسُقنٰهُ إِلىٰ بَلَدٍ مَيِّتٍ فَأَحيَينا بِهِ الأَرضَ بَعدَ مَوتِها كَذٰلِكَ النُّشورُ (آيت : 9) |
۽ اهو الله ئي آهي جيڪو موڪلي ٿو هوائن کي، پوءِ اهي کڻنديون آهن ڪڪرن کي، پوءِ ان کي ويران علائقي ڏي نيندا آهيون ۽ جياريندا آهيون انهيءَ زمين کي بعد مرڻ جي، مُئل انسان جو جيئرو ٿي اُٿڻ به ائين هوندو |
مَن كانَ يُريدُ العِزَّةَ فَلِلَّهِ العِزَّةُ جَميعًا إِلَيهِ يَصعَدُ الكَلِمُ الطَّيِّبُ وَالعَمَلُ الصّٰلِحُ يَرفَعُهُ وَالَّذينَ يَمكُرونَ السَّيِّـٔاتِ لَهُم عَذابٌ شَديدٌ وَمَكرُ أُولٰئِكَ هُوَ يَبورُ (آيت : 10) |
جيڪو آهي طلبگار عزت جو، ان کي معلوم هجي ته الله لاءِ ئي سموري عزت آهي، ان ڏي جيڪا مٿي چڙهي ٿي، سا رڳو پاڪ ۽ عمل صالح جي آهي جيڪو مٿي کڻي ٿو ۽ اهي ماڻهو جيڪي بيهوديون چالبازيون ڪندا آهن، انهن جي لاءِ عذاب سخت آهي، ۽ مڪر سندن آهي پاڻ مرادو ناس ٿيڻ وارو |
وَاللَّهُ خَلَقَكُم مِن تُرابٍ ثُمَّ مِن نُطفَةٍ ثُمَّ جَعَلَكُم أَزوٰجًا وَما تَحمِلُ مِن أُنثىٰ وَلا تَضَعُ إِلّا بِعِلمِهِ وَما يُعَمَّرُ مِن مُعَمَّرٍ وَلا يُنقَصُ مِن عُمُرِهِ إِلّا فى كِتٰبٍ إِنَّ ذٰلِكَ عَلَى اللَّهِ يَسيرٌ (آيت : 11) |
۽ الله توهان کي پيدا ڪيو مٽيءَ مان، پوءِ منجهان نطفي جي، پوءِ بڻايائين توهان جا جوڙا (مرد ۽ عورت) ۽ نه ڪا عورت پيٽ سان ٿئي ۽ نه ٻار ڄڻي ٿي، پر اهو سڀ ان (الله) جي علم ۾ هوندو آهي، ۽ نه ڄمار ماڻڻ وارو ڄمار نٿو ماڻي ۽ نه ڪنهن جي گهٽتائي ٿئي ٿي ڪنهن جي ڄمار ۾ پر اهو سڀ هڪ ڪتاب ۾ لکيل آهي، بيشڪ اهو الله جي لاءِ سولو ڪم آهي |
وَما يَستَوِى البَحرانِ هٰذا عَذبٌ فُراتٌ سائِغٌ شَرابُهُ وَهٰذا مِلحٌ أُجاجٌ وَمِن كُلٍّ تَأكُلونَ لَحمًا طَرِيًّا وَتَستَخرِجونَ حِليَةً تَلبَسونَها وَتَرَى الفُلكَ فيهِ مَواخِرَ لِتَبتَغوا مِن فَضلِهِ وَلَعَلَّكُم تَشكُرونَ (آيت : 12) |
۽ ناهن هڪ جهڙا پاڻيءَ جا ذخيرا، هڪڙو مٺو جيڪو اڃ لاهيندڙ آهي پيئڻ ۾ مٺو، پر ٻيو سخت کارو جيڪو نڙي ئي ڇلي ڇڏي، پر ٻنهي مان توهان تازو گوشت کائو ٿا ۽ پائڻ جي لاءِ زيب زينت جو سامان ڪڍندا آهيو، ۽ انهيءَ پاڻي ۾ ڏسو ٿا ته ٻيڙيون ان جو سينو چيرينديون آهن جيئن توهان الله جو فضل ڳوليو ۽ ان جا توهان شڪرگذار بڻجو |
يولِجُ الَّيلَ فِى النَّهارِ وَيولِجُ النَّهارَ فِى الَّيلِ وَسَخَّرَ الشَّمسَ وَالقَمَرَ كُلٌّ يَجرى لِأَجَلٍ مُسَمًّى ذٰلِكُمُ اللَّهُ رَبُّكُم لَهُ المُلكُ وَالَّذينَ تَدعونَ مِن دونِهِ ما يَملِكونَ مِن قِطميرٍ (آيت : 13) |
پوئيندو آهي رات کي ڏينهن ۾ ۽ پوئيندو آهي ڏينهن کي رات ۾، ۽ تابع ڪيو آهي سج ۽ چنڊ کي، اهو سڀڪجهه هلندو رهي ٿو هڪ مقرر وقت تائين، اهو ئي توهان جو الله توهان جو رب آهي انهيءَ جي بادشاهي آهي، ۽ انهيءَ کي ڇڏي پڪاريو ٿا جن ٻين کي، سي ته مالڪ ئي ناهن هڪ ڪک جا به |
إِن تَدعوهُم لا يَسمَعوا دُعاءَكُم وَلَو سَمِعوا مَا استَجابوا لَكُم وَيَومَ القِيٰمَةِ يَكفُرونَ بِشِركِكُم وَلا يُنَبِّئُكَ مِثلُ خَبيرٍ (آيت : 14) |
جيڪڏهن انهن کي پڪاريندا ته نه ٻڌي سگهندا اهي توهان جا سڏ، ۽ جيڪڏهن ٻڌن به ته ڪوبه جواب ڏئي نه سگهندا توهان کي، ۽ ڏينهن قيامت جي اهي انڪار ڪندا توهان جي شرڪ جو، ۽ ڪوبه توکي خبر ڏئي نه سگهندو ان حقيقت جي هڪ باخبر کان سواءِ |
يٰأَيُّهَا النّاسُ أَنتُمُ الفُقَراءُ إِلَى اللَّهِ وَاللَّهُ هُوَ الغَنِىُّ الحَميدُ (آيت : 15) |
اي انسانؤ! توهان سڀ محتاج آهيو الله جا، ۽ الله ته اهو غني آهي جيڪو ساراهيل آهي |
إِن يَشَأ يُذهِبكُم وَيَأتِ بِخَلقٍ جَديدٍ (آيت : 16) |
هو جيڪڏهن چاهي ته توهان کي هٽائي ڇڏي ۽ آڻي ٻي ڪا خلق توهان جي جاءِ تي |
وَما ذٰلِكَ عَلَى اللَّهِ بِعَزيزٍ (آيت : 17) |
۽ ناهي اهو ڪم الله جي لاءِ ڪو ڏکيو |
وَلا تَزِرُ وازِرَةٌ وِزرَ أُخرىٰ وَإِن تَدعُ مُثقَلَةٌ إِلىٰ حِملِها لا يُحمَل مِنهُ شَيءٌ وَلَو كانَ ذا قُربىٰ إِنَّما تُنذِرُ الَّذينَ يَخشَونَ رَبَّهُم بِالغَيبِ وَأَقامُوا الصَّلوٰةَ وَمَن تَزَكّىٰ فَإِنَّما يَتَزَكّىٰ لِنَفسِهِ وَإِلَى اللَّهِ المَصيرُ (آيت : 18) |
۽ نه کڻندو ڪو بار کڻندڙ ڪنهن ٻئي جو بار، ۽ جي سڏيندو ڪو نفس پنهنجي ذرڙي بار کڻڻ جي لاءِ ته نه ايندو ان جي کڻڻ لاءِ، پوءِ ڀلي اهو ويجهو عزيز ئي ڇو نه هجي، (اي نبي!) تون خبردار ڪري سگهين ٿو انهن ماڻهن کي جيڪي ڊڄن ٿا پنهنجي رب اڻ ڏٺي کان، ۽ قائم ڪن ٿا نماز ۽ جيڪو شخص پاڪائي اختيار ڪري ٿو سو بيشڪ پاڪائي اختيار ڪري ٿو پنهنجي ڀلائي لاءِ، ۽ الله ڏي ئي سڀني کي موٽڻو آهي |
وَما يَستَوِى الأَعمىٰ وَالبَصيرُ (آيت : 19) |
۽ ناهن برابر انڌو ۽ اکين وارو |
وَلَا الظُّلُمٰتُ وَلَا النّورُ (آيت : 20) |
۽ ناهن برابر اونداهيون ۽ نه روشني |
وَلَا الظِّلُّ وَلَا الحَرورُ (آيت : 21) |
۽ ناهن هڪ جهڙيون ٿڌي ڇانوَ ۽ نه اس جي تپش |
وَما يَستَوِى الأَحياءُ وَلَا الأَموٰتُ إِنَّ اللَّهَ يُسمِعُ مَن يَشاءُ وَما أَنتَ بِمُسمِعٍ مَن فِى القُبورِ (آيت : 22) |
۽ ناهن برابر جيئرا ۽ نه مئل، بيشڪ الله ٻڌرائيندو آهي جنهن کي چاهي، پر (اي نبي!) تون انهن کي ٻڌائي نٿو سگهين جيڪي قبرن ۾ مدفون آهن |
إِن أَنتَ إِلّا نَذيرٌ (آيت : 23) |
تون ته هڪ خبردار ڪندڙ آهين |
إِنّا أَرسَلنٰكَ بِالحَقِّ بَشيرًا وَنَذيرًا وَإِن مِن أُمَّةٍ إِلّا خَلا فيها نَذيرٌ (آيت : 24) |
اسان توکي موڪليو آهي حق سان خوشخبري ڏيندڙ ۽ ڊيڄاريندڙ ڪري، ۽ ڪابه امت اهڙي نه گذري آهي جنهن ۾ نه آيو هجي ڪوبه ڊيڄاريندڙ |
وَإِن يُكَذِّبوكَ فَقَد كَذَّبَ الَّذينَ مِن قَبلِهِم جاءَتهُم رُسُلُهُم بِالبَيِّنٰتِ وَبِالزُّبُرِ وَبِالكِتٰبِ المُنيرِ (آيت : 25) |
۽ جي توکي اهي ڪوڙو سڏين ٿا ته پوءِ ڪوڙو چيو هو انهن ماڻهن به جيڪي کانئن اڳ گذريا، وٽن آيا هئا سندن رسول پڌرن دليلن سان ۽ صحيفا ۽ ڪتاب آندا هدايت ڏيڻ وارا |
ثُمَّ أَخَذتُ الَّذينَ كَفَروا فَكَيفَ كانَ نَكيرِ (آيت : 26) |
پوءِ پڪڙي ورتوسين انهن ماڻهن کي جن انڪار ڪيو پوءِ ڏسو ته منهنجي سزا ڪهڙي نه سخت هئي |
أَلَم تَرَ أَنَّ اللَّهَ أَنزَلَ مِنَ السَّماءِ ماءً فَأَخرَجنا بِهِ ثَمَرٰتٍ مُختَلِفًا أَلوٰنُها وَمِنَ الجِبالِ جُدَدٌ بيضٌ وَحُمرٌ مُختَلِفٌ أَلوٰنُها وَغَرابيبُ سودٌ (آيت : 27) |
ڇا تو اهو نه ڏٺو ته بيشڪ الله وسائي ٿو آسمان مان پاڻي، پوءِ ڪڍندا آهيون ان جي وسيلي ميوا قسمين قسمين جا جدا جدا رنگ وارا، ۽ ملن ٿيون جبلن ۾ ڌاريون اڇيون ۽ ڳاڙهيون مختلف هڪ ٻئي کان نراليون ۽ ڪي بنهه ڪاريون |
وَمِنَ النّاسِ وَالدَّوابِّ وَالأَنعٰمِ مُختَلِفٌ أَلوٰنُهُ كَذٰلِكَ إِنَّما يَخشَى اللَّهَ مِن عِبادِهِ العُلَمٰؤُا۟ إِنَّ اللَّهَ عَزيزٌ غَفورٌ (آيت : 28) |
۽ اهڙيءَ طرح انسانن ۽ جانورن ۽ چوپائي مال جا مختلف رنگ به جدا جدا آهن، حقيقت هي آهي ته ڊڄندا آهن الله کان اهي بندا جيڪي علم وارا آهن، بيشڪ الله زبردست بخشڻهار آهي |
إِنَّ الَّذينَ يَتلونَ كِتٰبَ اللَّهِ وَأَقامُوا الصَّلوٰةَ وَأَنفَقوا مِمّا رَزَقنٰهُم سِرًّا وَعَلانِيَةً يَرجونَ تِجٰرَةً لَن تَبورَ (آيت : 29) |
بيشڪ جيڪي ماڻهو تلاوت ڪن ٿا ڪتاب الله جي ۽ قائم ڪن ٿا نماز ۽ خرچ ڪن ٿا ان رزق مان جيڪو کين ڏنو ويو آهي لڪائي ۽ ظاهر ظهور، بيشڪ اهي هڪ اهڙي واپار جي اميد رکن ٿا جنهن ۾ ڪوبه نقصان نه ٿيندو |
لِيُوَفِّيَهُم أُجورَهُم وَيَزيدَهُم مِن فَضلِهِ إِنَّهُ غَفورٌ شَكورٌ (آيت : 30) |
(ان واپار ۾ سندن سڀڪجهه لڳايو آهي) جيئن الله کين پورو اجر عطا ڪري ۽ وڌيڪ پنهنجي فضل مان ڏئي، بيشڪ اهو (الله) بخشڻهار ۽ قدردان آهي |
وَالَّذى أَوحَينا إِلَيكَ مِنَ الكِتٰبِ هُوَ الحَقُّ مُصَدِّقًا لِما بَينَ يَدَيهِ إِنَّ اللَّهَ بِعِبادِهِ لَخَبيرٌ بَصيرٌ (آيت : 31) |
(اي نبي!) ۽ جنهن وحي سان اسان تو ڏي ڪتاب موڪليو آهي، اهو (بلڪل) حق آهي اهو تصديق ڪندڙ آهي انهن (ڪتابن) جي جيڪي ان کان اڳي آيا هئا، بيشڪ الله پنهنجي ٻانهن جي حالت کان باخبر هر شيءِ تي نظر رکندڙ آهي |
ثُمَّ أَورَثنَا الكِتٰبَ الَّذينَ اصطَفَينا مِن عِبادِنا فَمِنهُم ظالِمٌ لِنَفسِهِ وَمِنهُم مُقتَصِدٌ وَمِنهُم سابِقٌ بِالخَيرٰتِ بِإِذنِ اللَّهِ ذٰلِكَ هُوَ الفَضلُ الكَبيرُ (آيت : 32) |
پوءِ وارث بڻايو اسان ان ڪتاب جو انهن ماڻهن کي، جن کي اسان چونڊي کنيو پنهنجن ٻانهن مان (وراثت لاءِ) هاڻي ڪو ته انهن مان ظلم ڪرڻ وارو آهي پنهنجي نفس تي، ۽ انهن مان ڪو وچٿرو آهي ۽ ڪو انهن مان نيڪين ۾ اڳرائي ڪندڙ آهي الله جي حڪم سان، اهو ئي تمام وڏو فضل آهي |
جَنّٰتُ عَدنٍ يَدخُلونَها يُحَلَّونَ فيها مِن أَساوِرَ مِن ذَهَبٍ وَلُؤلُؤًا وَلِباسُهُم فيها حَريرٌ (آيت : 33) |
جنتون آهن هميشه رهڻ واريون اهي داخل ٿيندا انهن ۾، اتي سينگاريو ويندو انهن کي ڪنگڻن سونن سان ۽ موتين سان ۽ لباس سندن هوندو ريشم جو |
وَقالُوا الحَمدُ لِلَّهِ الَّذى أَذهَبَ عَنَّا الحَزَنَ إِنَّ رَبَّنا لَغَفورٌ شَكورٌ (آيت : 34) |
۽ اهي چوندا ته شڪر آهي ان معبود جو جنهن دور ڪيو اسان کان غم کي، بيشڪ اسان جو رب معاف ڪندڙ قدر ڪرڻ وارو آهي |
الَّذى أَحَلَّنا دارَ المُقامَةِ مِن فَضلِهِ لا يَمَسُّنا فيها نَصَبٌ وَلا يَمَسُّنا فيها لُغوبٌ (آيت : 35) |
جنهن اسان کي رهايو آهي سدائين رهڻ واري هنڌ پنهنجي فضل سان، نٿي ڪرڻي پوي هتي ڪا جاکوڙ ۽ نه وري ٿئي ٿي ڪابه ٿڪاوٽ |
وَالَّذينَ كَفَروا لَهُم نارُ جَهَنَّمَ لا يُقضىٰ عَلَيهِم فَيَموتوا وَلا يُخَفَّفُ عَنهُم مِن عَذابِها كَذٰلِكَ نَجزى كُلَّ كَفورٍ (آيت : 36) |
۽ جن ماڻهن ڪفر ڪيو انهن جي لاءِ ته باهه آهي دوزخ جي، نه حڪم ڪيو ويندو انهن لاءِ ته مري وڃن ۽ نه وري ڪا هلڪائي ڪئي ويندي انهن تي دوزخ جي عذاب جي، اهڙو ئي بدلو ڏيندڙ آهيون هر ان شخص کي جيڪو ڪفر ڪندڙ آهي. |
وَهُم يَصطَرِخونَ فيها رَبَّنا أَخرِجنا نَعمَل صٰلِحًا غَيرَ الَّذى كُنّا نَعمَلُ أَوَلَم نُعَمِّركُم ما يَتَذَكَّرُ فيهِ مَن تَذَكَّرَ وَجاءَكُمُ النَّذيرُ فَذوقوا فَما لِلظّٰلِمينَ مِن نَصيرٍ (آيت : 37) |
۽ اهي اتي رڙيون ڪري چوندا، اي اسان جا رب! اسان کي هتان ڪڍ، جيئن عمل نيڪ ڪريون، انهن کان (بلڪل) بدليل عمل، جيڪي اڳي ڪندا هئاسين، (جواب ڏنو ويندو) ڇا ايڏي عمر نه ڏني وئي توهان کي، جنهن ۾ ڪو نصيحت وٺي ها، سبق وٺي ها ۽ آيو هو توهان وٽ خبردار ڪرڻ وارو به، هاڻي چکو مزو، ظالمن جي لاءِ هتي ڪوبه مددگار ناهي |
إِنَّ اللَّهَ عٰلِمُ غَيبِ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ إِنَّهُ عَليمٌ بِذاتِ الصُّدورِ (آيت : 38) |
بيشڪ الله ڄاڻي ٿو هرڪو ڳجهه آسمانن ۽ زمين جو، بيشڪ اهو ئي ڄاڻي ٿو لڪل راز سينن جا |
هُوَ الَّذى جَعَلَكُم خَلٰئِفَ فِى الأَرضِ فَمَن كَفَرَ فَعَلَيهِ كُفرُهُ وَلا يَزيدُ الكٰفِرينَ كُفرُهُم عِندَ رَبِّهِم إِلّا مَقتًا وَلا يَزيدُ الكٰفِرينَ كُفرُهُم إِلّا خَسارًا (آيت : 39) |
اهو ئي ته آهي جنهن بڻايو آهي توهان کي خليفو زمين ۾، پوءِ جيڪو به ڪفر ڪري ٿو ته سندس وبال مٿس آهي ڪفر جو، ڪابه ترقي نٿو ڏئي ڪافرن کي سندن ڪفر (انهيءَ کان سواءِ) جو سندن رب وٽ ان جو ڏمر وڌندو ٿو وڃي، ۽ ناهي ڪوبه اضافو ڪافرن جي لاءِ سندن ڪفر ۾ سواءِ خساري جي |
قُل أَرَءَيتُم شُرَكاءَكُمُ الَّذينَ تَدعونَ مِن دونِ اللَّهِ أَرونى ماذا خَلَقوا مِنَ الأَرضِ أَم لَهُم شِركٌ فِى السَّمٰوٰتِ أَم ءاتَينٰهُم كِتٰبًا فَهُم عَلىٰ بَيِّنَتٍ مِنهُ بَل إِن يَعِدُ الظّٰلِمونَ بَعضُهُم بَعضًا إِلّا غُرورًا (آيت : 40) |
(اي نبي!) انهن کي چؤ، ڇا ڪڏهن توهان ڏٺو آهي پنهنجي انهن شريڪن کي، جن کي توهان سڏيندا آهيو ڇڏي (پنهنجي رب) الله کي؟ مون کي ڏيکاريو، انهن ڇا پيدا ڪيو آهي زمين ۾؟ يا سندن ڪا ڀائيواري آهي آسمان ۾، (ٻڌائڻ کان قاصر آهن ته پڇ) ڇا اسان کين ڪا ڏني آهي لکت، جنهن جي بنياد تي (پنهنجي شرڪ لاءِ) ڪا چٽي سَنَد رکندا هجن؟ نه! پر وعدا ڏين پيا اهي ظالم هڪ ٻئي کي رڳو ٺلها ئي دوکي جا ڏٽا |
إِنَّ اللَّهَ يُمسِكُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ أَن تَزولا وَلَئِن زالَتا إِن أَمسَكَهُما مِن أَحَدٍ مِن بَعدِهِ إِنَّهُ كانَ حَليمًا غَفورًا (آيت : 41) |
حقيقت اها آهي ته الله جهلي رکيو آهي آسمانن ۽ زمين کي ٿڙڻ کان، ۽ جي اهي ٿڙي وڃن ته انهن کي سنڀالڻ وارو اڪيلو (الله کان سواءِ) ٻيو ڪوبه ناهي، بيشڪ (الله) آهي وڏو بردبار ۽ بخشڻهار |
وَأَقسَموا بِاللَّهِ جَهدَ أَيمٰنِهِم لَئِن جاءَهُم نَذيرٌ لَيَكونُنَّ أَهدىٰ مِن إِحدَى الأُمَمِ فَلَمّا جاءَهُم نَذيرٌ ما زادَهُم إِلّا نُفورًا (آيت : 42) |
۽ قسم الله جا کڻي چوندا هئا سخت قسم جا ته جي ڪو اچي ها وٽن خبردار ڪندڙ ته ضرور ٿيندا اهي هدايت وارا وڌيڪ دنيا جي هرهڪ قوم کان، پر جڏهن اچي ويو انهن وٽ خبردار ڪندڙ ته (سندس اچڻ) وڌائي ڇڏيو انهن جي حق جي بيزاري کي |
استِكبارًا فِى الأَرضِ وَمَكرَ السَّيِّئِ وَلا يَحيقُ المَكرُ السَّيِّئُ إِلّا بِأَهلِهِ فَهَل يَنظُرونَ إِلّا سُنَّتَ الأَوَّلينَ فَلَن تَجِدَ لِسُنَّتِ اللَّهِ تَبديلًا وَلَن تَجِدَ لِسُنَّتِ اللَّهِ تَحويلًا (آيت : 43) |
اهي وڌيڪ وڏائي ڪرڻ لڳا زمين ۾ ۽ نهايت بريون رٿون رٿڻ لڳا، جڏهن ته گهيري رکن ٿيون بريون رٿون انهن رٿڻ وارن کي، پوءِ ڇا اهي انتظار ڪن جاري ٿيل (الله جي) طريقي جو اڳين بابت، پوءِ تون ڪڏهن به نه ڏسندين الله جي قاعدي ۾ مٽ سٽ، ۽ ڪڏهن به نه ڏسندين الله جي قاعدي ۾ ڪا ڦير ڦار |
أَوَلَم يَسيروا فِى الأَرضِ فَيَنظُروا كَيفَ كانَ عٰقِبَةُ الَّذينَ مِن قَبلِهِم وَكانوا أَشَدَّ مِنهُم قُوَّةً وَما كانَ اللَّهُ لِيُعجِزَهُ مِن شَيءٍ فِى السَّمٰوٰتِ وَلا فِى الأَرضِ إِنَّهُ كانَ عَليمًا قَديرًا (آيت : 44) |
ڇا اهي ناهن گهميا زمين ۾، ته پوءِ ڏسن ته ڪهڙي ٿي پڇاڙي ٿئي انهن جي جيڪي کانئن اڳي هئا ۽ اهي ته وڌيڪ هئا انهن کان طاقت ۾، ۽ اهڙو نه آهي الله جنهن کي عاجز ڪري سگهي ڪابه شيءِ آسمانن ۾ ۽ نه وري زمين ۾، بيشڪ اهو سڀڪجهه ڄاڻندڙ قدرت وارو آهي |
وَلَو يُؤاخِذُ اللَّهُ النّاسَ بِما كَسَبوا ما تَرَكَ عَلىٰ ظَهرِها مِن دابَّةٍ وَلٰكِن يُؤَخِّرُهُم إِلىٰ أَجَلٍ مُسَمًّى فَإِذا جاءَ أَجَلُهُم فَإِنَّ اللَّهَ كانَ بِعِبادِهِ بَصيرًا (آيت : 45) |
۽ جيڪڏهن هڪدم پڪڙ ڪري الله ماڻهن جي سندن ڪرتوتن جي ڪري ته نه ڇڏي ها زمين جي پٺيءَ تي ڪوبه چرندڙ، ليڪن هو ڍر ڏئي ٿو هڪ مقرر مدت تائين، پوءِ جڏهن اچي ويو سندن پورو وقت، ته پوءِ بيشڪ الله پنهنجن بندن کي ڏسي رهندو. |