الحَمدُ لِلَّهِ الَّذى لَهُ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَما فِى الأَرضِ وَلَهُ الحَمدُ فِى الءاخِرَةِ وَهُوَ الحَكيمُ الخَبيرُ (آيت : 1) |
سڀ ساراهه انهيءَ الله لاءِ آهي، جيڪو آسمانن ۽ زمين جي هر شيءِ جو مالڪ آهي ۽ آخرت ۾ به ساراهه انهيءَ لاءِ آهي. هو داناءُ ۽ هر ڳالهه ڄاڻندڙ آهي |
يَعلَمُ ما يَلِجُ فِى الأَرضِ وَما يَخرُجُ مِنها وَما يَنزِلُ مِنَ السَّماءِ وَما يَعرُجُ فيها وَهُوَ الرَّحيمُ الغَفورُ (آيت : 2) |
جيڪي زمين ۾ اندر وڃي ٿو ۽ جيڪي منجهانئس نڪري ٿو ۽ جيڪي آسمان مان لهي ٿو ۽ جيڪو منجهس چڙهي ٿو، اهو سڀ ڪجهه هو ڄاڻي ٿو، هو رحم ڪندڙ ۽ بخشڻهار آهي |
وَقالَ الَّذينَ كَفَروا لا تَأتينَا السّاعَةُ قُل بَلىٰ وَرَبّى لَتَأتِيَنَّكُم عٰلِمِ الغَيبِ لا يَعزُبُ عَنهُ مِثقالُ ذَرَّةٍ فِى السَّمٰوٰتِ وَلا فِى الأَرضِ وَلا أَصغَرُ مِن ذٰلِكَ وَلا أَكبَرُ إِلّا فى كِتٰبٍ مُبينٍ (آيت : 3) |
انڪار ڪندڙ چون ٿا ته ڀلا قيامت اسان تي ڇو نه ٿي اچي! چوين: "قسم آهي منهنجي غيب ڄاڻندڙ پالڻهار جو ته اها توهان تي ضرور ايندي. هن کان ڪا ذرڙي جيتري شيءِ به نڪي آسمانن ۾ لڪل آهي ۽ نه زمين ۾، نڪي ذرڙي کان ننڍي ۽ نه ان کان وڏي، سڀ ڪجهه هڪڙي پڌري ڪتاب ۾ لکيل آهي" |
لِيَجزِىَ الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ أُولٰئِكَ لَهُم مَغفِرَةٌ وَرِزقٌ كَريمٌ (آيت : 4) |
۽ اها قيامت ان لاءِ ايندي ته جيئن هو انهن ماڻهن کي اجورا ڏئي جن ايمان آندو آهي ۽ نيڪ عمل ڪندا رهيا آهن، انهن لاءِ (گناهن کان) معافي آهي ۽ مانائتو رزق آهي |
وَالَّذينَ سَعَو فى ءايٰتِنا مُعٰجِزينَ أُولٰئِكَ لَهُم عَذابٌ مِن رِجزٍ أَليمٌ (آيت : 5) |
۽ جن ماڻهن اسانجي آيتن کي گهٽ ڪرڻ لاءِ پئي پاڻ پتوڙيو آهي، تن لاءِ نهايت بڇڙي قسم جو دردناڪ عذاب آهي |
وَيَرَى الَّذينَ أوتُوا العِلمَ الَّذى أُنزِلَ إِلَيكَ مِن رَبِّكَ هُوَ الحَقَّ وَيَهدى إِلىٰ صِرٰطِ العَزيزِ الحَميدِ (آيت : 6) |
اي نبي! علم وارا ڄاڻن ٿا ته جيڪو تنهنجي رب وٽان توتي نازل ڪيو ويو آهي، سو بلڪل حق آهي ۽ انهيءَ زبردست ۽ پنهنجو پاڻ ئي ساراهيل الله جو رستو ڏيکاري ٿو |
وَقالَ الَّذينَ كَفَروا هَل نَدُلُّكُم عَلىٰ رَجُلٍ يُنَبِّئُكُم إِذا مُزِّقتُم كُلَّ مُمَزَّقٍ إِنَّكُم لَفى خَلقٍ جَديدٍ (آيت : 7) |
حق جا انڪاري ماڻهن کي چون ٿا: "توهان کي ٻڌايون اهو ماڻهو، جيڪو توهان کي خبر ٿو ڏئي ته جڏهن توهان جا جسم ذرا پرزا ٿي ڪک پن ٿي ويندا ته وري توهان ورائي نئين سر پيدا ڪيا ويندؤ؟ |
أَفتَرىٰ عَلَى اللَّهِ كَذِبًا أَم بِهِ جِنَّةٌ بَلِ الَّذينَ لا يُؤمِنونَ بِالءاخِرَةِ فِى العَذابِ وَالضَّلٰلِ البَعيدِ (آيت : 8) |
پتو ناهي ته اهو ماڻهو الله تي پاڻ ٺاهي ڪوڙَ ٿو هڻي يا وري چريائي ٿي پئي اٿس؟" نه نه! بلڪه جيڪي ماڻهو آخرت کي نٿا مڃين، اهي عذاب ڀوڳڻ وارا آهن ۽ گمراهيءَ ۾ تمام پري وڃي پيا آهن |
أَفَلَم يَرَوا إِلىٰ ما بَينَ أَيديهِم وَما خَلفَهُم مِنَ السَّماءِ وَالأَرضِ إِن نَشَأ نَخسِف بِهِمُ الأَرضَ أَو نُسقِط عَلَيهِم كِسَفًا مِنَ السَّماءِ إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايَةً لِكُلِّ عَبدٍ مُنيبٍ (آيت : 9) |
ڀلا انهن ڪڏهن آسمان ۽ زمين کي نه ڏٺو آهي ڇا، جيڪي کين اڳيان توڙي پويان وڪوڙيو بيٺا آهن؟ اسان چاهيون ته کين زمين ۾ ڳهائي ڇڏيون يا آسمان جا ڪي ٽڪرا مٿن ڪيرائي وجهون. بيشڪ ان ۾ هڪ نشاني آهي هر انهيءَ ٻانهي لاءِ، جيڪو الله ڏانهن رجوع ڪرڻ وارو آهي |
وَلَقَد ءاتَينا داوۥدَ مِنّا فَضلًا يٰجِبالُ أَوِّبى مَعَهُ وَالطَّيرَ وَأَلَنّا لَهُ الحَديدَ (آيت : 10) |
اسان دائود کي پاڻ وٽان وڏو فضل عطا ڪيو هو (اسان حڪم ڏنو ته) اي جبلؤ! ساڻس گڏجي ســُـر ملائيندا ڪريو ۽ (اهڙو ئي حڪم ڏنوسين) پکين کي به، اسان ان لاءِ لوهه کي نرم ڪري ڇڏيو |
أَنِ اعمَل سٰبِغٰتٍ وَقَدِّر فِى السَّردِ وَاعمَلوا صٰلِحًا إِنّى بِما تَعمَلونَ بَصيرٌ (آيت : 11) |
اها هدايت ڏئي ته زرهون ٺاهه ۽ سندن ڪڙين جي ماپ پوري رک ۽ (اي دائود جي اولاد) چڱا عمل ڪريو. جيڪي به توهان ڪريو ٿا، مان ان کي ڏسان پيو |
وَلِسُلَيمٰنَ الرّيحَ غُدُوُّها شَهرٌ وَرَواحُها شَهرٌ وَأَسَلنا لَهُ عَينَ القِطرِ وَمِنَ الجِنِّ مَن يَعمَلُ بَينَ يَدَيهِ بِإِذنِ رَبِّهِ وَمَن يَزِغ مِنهُم عَن أَمرِنا نُذِقهُ مِن عَذابِ السَّعيرِ (آيت : 12) |
۽ سليمان لاءِ اسان هوا کي تابع بڻائي ڇڏيو. صبح جو ان جو گهلڻ به هڪ مهيني جي پنڌ جيترو ۽ شام جي وقت به ان جو گهلڻ هڪ مهيني جي پنڌ تائين. اسان ان لاءِ رجيل ٽامي جو چشمو وهائي ڇڏيو ۽ اهڙا جــِـنَ سندس قبضي ۾ ڏناسون، جيڪي پنهنجي رب جي حڪم سان سندس آڏو ڪم ڪندا هئا. انهن مان جيڪو اسان جي حڪم کان ڪنڌ ڪڍائيندو هو، تنهن کي اسان باهه جي عذاب جو مزو چکائيندا هئاسون |
يَعمَلونَ لَهُ ما يَشاءُ مِن مَحٰريبَ وَتَمٰثيلَ وَجِفانٍ كَالجَوابِ وَقُدورٍ راسِيٰتٍ اعمَلوا ءالَ داوۥدَ شُكرًا وَقَليلٌ مِن عِبادِىَ الشَّكورُ (آيت : 13) |
۽ هو ان لاءِ جوڙيندا هئا جيڪو هو چاهيندو هو، اوچيون محل ماڙيون، مورتون، وڏا وڏا حوضن جيڏا ٿالهه ۽ پنهنجي جاءِ تان نه هٽندڙ ڳوريون ديڳون. اي دائود جي اولاد! عمل ڪريو شڪرگذار ٿي، منهنجن ٻانهن مان ٿورڙائي شڪر ڪندا آهن |
فَلَمّا قَضَينا عَلَيهِ المَوتَ ما دَلَّهُم عَلىٰ مَوتِهِ إِلّا دابَّةُ الأَرضِ تَأكُلُ مِنسَأَتَهُ فَلَمّا خَرَّ تَبَيَّنَتِ الجِنُّ أَن لَو كانوا يَعلَمونَ الغَيبَ ما لَبِثوا فِى العَذابِ المُهينِ (آيت : 14) |
پوءِ جڏهن سليمان تي اسان موت جو فيصلو لاڳو ڪيو ته جنن کي سندس موت جي خبر ڏيڻ واري شيءِ اڏوهي ئي هئي، جنهن سندس لٺ کي کاڌو، پوءِ جڏهن سليمان ڪري پيو ته جنن تي اها ڳالهه کــُـلي پئي ته جيڪڏهن هو غيب ڄاڻندا هجن ها ته انهيءَ ذلت واري عذاب ۾ نه پيا هجن ها |
لَقَد كانَ لِسَبَإٍ فى مَسكَنِهِم ءايَةٌ جَنَّتانِ عَن يَمينٍ وَشِمالٍ كُلوا مِن رِزقِ رَبِّكُم وَاشكُروا لَهُ بَلدَةٌ طَيِّبَةٌ وَرَبٌّ غَفورٌ (آيت : 15) |
سبا (جي قوم) لاءِ سندن ٺڪاڻي ۾ ئي هڪڙي نشاني موجود هئي، ٻه باغ ساڄي ۽ کاٻي پاسي کان. کائو پنهنجي رب جو رزق ۽ شڪرانو ادا ڪريو ان جو. مــُـلڪ آهي ڏاڍو ڀلو ۽ رب اٿوَ بخشڻهار |
فَأَعرَضوا فَأَرسَلنا عَلَيهِم سَيلَ العَرِمِ وَبَدَّلنٰهُم بِجَنَّتَيهِم جَنَّتَينِ ذَواتَى أُكُلٍ خَمطٍ وَأَثلٍ وَشَيءٍ مِن سِدرٍ قَليلٍ (آيت : 16) |
پر هنن پٺي ڏني، پوءِ ته اسان مٿن بند ڀڃي ڇڏيندڙ ٻوڏ موڪلي ۽ اڳين ٻن باغن بدران کين ٻه ٻيا باغ ڏنا، جن ۾ ڪوڙا ڪسارا ميوا، ليون لاڻيون هيون ۽ ڪي چند ٻيريون |
ذٰلِكَ جَزَينٰهُم بِما كَفَروا وَهَل نُجٰزى إِلَّا الكَفورَ (آيت : 17) |
اهو هو بدلو سندن ڪفر جو جيڪو اسان کين ڏنو ۽ اهڙو بدلو ناشڪري انسان کانسواءِ اسان ڪنهن ٻئي کي نه ڏيندا آهيون |
وَجَعَلنا بَينَهُم وَبَينَ القُرَى الَّتى بٰرَكنا فيها قُرًى ظٰهِرَةً وَقَدَّرنا فيهَا السَّيرَ سيروا فيها لَيالِىَ وَأَيّامًا ءامِنينَ (آيت : 18) |
۽ اسان انهن جي ۽ سندن ڳوٺن جي وچ ۾، جن ۾ اسان برڪت وڌي هئي، پري کان ئي نظر ايندڙ وسنديون آباد ڪيون هيون ۽ منجهن سفر جا مفاصلا هڪ اندازي مطابق رکيا هئا. گهمندا ڦرندا وتو انهن رستن تي رات ڏينهن بلڪل امن امان سان |
فَقالوا رَبَّنا بٰعِد بَينَ أَسفارِنا وَظَلَموا أَنفُسَهُم فَجَعَلنٰهُم أَحاديثَ وَمَزَّقنٰهُم كُلَّ مُمَزَّقٍ إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايٰتٍ لِكُلِّ صَبّارٍ شَكورٍ (آيت : 19) |
پر انهن چيو ته "اي اسان جا رب! اسان جي سفرن جا مفاصلا ڊگها ڪري ڇڏ" انهن پنهنجي مٿان پاڻ ظلم ڪيو، پوءِ اسان کين (ٻين لاءِ) ڪهاڻيون بڻائي ڇڏيو ۽ صفا ڪڻو ڪڻو ڪري ڇڏيوسون. بيشڪ انهيءَ ۾ نشانيون آهن، هر ان ماڻهوءَ لاءِ جيڪو صبر وارو ۽ شڪر ڪندڙ هجي |
وَلَقَد صَدَّقَ عَلَيهِم إِبليسُ ظَنَّهُ فَاتَّبَعوهُ إِلّا فَريقًا مِنَ المُؤمِنينَ (آيت : 20) |
انهن جي باري ۾ ابليس پنهنجو اندازو صحيح لڌو جو هو سندس ڪڍ لڳا، سواءِ هڪڙي ٿورڙي ٽولي جي جيڪي مؤمن هئا |
وَما كانَ لَهُ عَلَيهِم مِن سُلطٰنٍ إِلّا لِنَعلَمَ مَن يُؤمِنُ بِالءاخِرَةِ مِمَّن هُوَ مِنها فى شَكٍّ وَرَبُّكَ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ حَفيظٌ (آيت : 21) |
ابليس کي انهن جي مٿان ڪو زور ڪونه هو، باقي اهو ان ڪري ٿيو جو اسان کي ڏسڻو هو ته ڪير آهي آخرت کي مڃڻ وارو ۽ ڪير آهي ان بابت شڪ ۾ پيل. تنهنجو رب هر شيءِ تي نظر رکندڙ آهي |
قُلِ ادعُوا الَّذينَ زَعَمتُم مِن دونِ اللَّهِ لا يَملِكونَ مِثقالَ ذَرَّةٍ فِى السَّمٰوٰتِ وَلا فِى الأَرضِ وَما لَهُم فيهِما مِن شِركٍ وَما لَهُ مِنهُم مِن ظَهيرٍ (آيت : 22) |
(اي نبي! انهن مشرڪن کي) چؤ ته سڏي ڏسو انهن معبودن کي جن کي الله جي بدران توهان معبود سمجهيو ويٺا آهيو. هو نڪي آسمانن ۾ ڪنهن ذري جيتري شيءِ جا مالڪ آهن ۽ نه زمين ۾، نه وري هو آسمان ۽ زمين جي ملڪيت ۾ ڪو ڀائيوار آهن. انهن مان ڪو الله جو ٻانهن ٻيلي به ناهي |
وَلا تَنفَعُ الشَّفٰعَةُ عِندَهُ إِلّا لِمَن أَذِنَ لَهُ حَتّىٰ إِذا فُزِّعَ عَن قُلوبِهِم قالوا ماذا قالَ رَبُّكُم قالُوا الحَقَّ وَهُوَ العَلِىُّ الكَبيرُ (آيت : 23) |
۽ الله وٽ ڪا سفارش به ڪنهن کي فائدو نه ٿي ڏئي سگهي، سواءِ ان شخص جي جنهن لاءِ سفارش ڪرڻ جي الله اجازت ڏني هجي، تان جو جڏهن ماڻهن جي دلين جي مونجهه لهي ويندي ته هو سفارش ڪرڻ وارن کان پڇندا ته "توهان جي رب ڪهڙي ورندي ڏني؟" چوندا ته "ورندي صحيح ملي ۽ هو مٿانهون ۽ وڏو آهي" |
قُل مَن يَرزُقُكُم مِنَ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ قُلِ اللَّهُ وَإِنّا أَو إِيّاكُم لَعَلىٰ هُدًى أَو فى ضَلٰلٍ مُبينٍ (آيت : 24) |
(اي نبي) پڇين ته "ڪير ٿو توهان کي آسمانن ۽ زمين منجهان رزق رسائي؟" چؤ: "الله ! هاڻي ته پڪ ئي پڪ اسان مان ۽ توهان مان ضرور ڪو هڪڙو ئي يا ته هدايت تي آهي يا پڌريءَ گمراهيءَ ۾ پيل آهي" |
قُل لا تُسـَٔلونَ عَمّا أَجرَمنا وَلا نُسـَٔلُ عَمّا تَعمَلونَ (آيت : 25) |
چوين ته "جيڪي ڏوهه اسان ڪيا آهن، تن جو پڇاڻو توهان کان نه ٿيندو ۽ نه وري اسان کان توهان جي عملن بابت ڪا پڇا ڳاڇا ٿيندي" |
قُل يَجمَعُ بَينَنا رَبُّنا ثُمَّ يَفتَحُ بَينَنا بِالحَقِّ وَهُوَ الفَتّاحُ العَليمُ (آيت : 26) |
چوين ته "اسان جو رب اسان سڀني کي گڏ ڪندو، پوءِ اسان جي وچ ۾ حق مطابق فيصلو ڪري ڇڏيندو. هو زبردست نبيرو ڪندڙ آهي، جيڪو سڀ ڪجهه ڄاڻي ٿو |
قُل أَرونِىَ الَّذينَ أَلحَقتُم بِهِ شُرَكاءَ كَلّا بَل هُوَ اللَّهُ العَزيزُ الحَكيمُ (آيت : 27) |
چوين ته "مونکي ڏيکاريو ته اهي آهن ڪير، جن کي هن (الله) سان شريڪ بڻائي ڇڏيو اٿوَ". هرگز نه، زبردست ۽ داناءُ ته فقط اهو الله ئي آهي |
وَما أَرسَلنٰكَ إِلّا كافَّةً لِلنّاسِ بَشيرًا وَنَذيرًا وَلٰكِنَّ أَكثَرَ النّاسِ لا يَعلَمونَ (آيت : 28) |
۽ (اي نبي) اسان توکي سڀني انسانن لاءِ خوشخبري ڏيندڙ ۽ ڊيڄاريندڙ ڪري موڪليو آهي، پر گهڻا ماڻهو نٿا ڄاڻن |
وَيَقولونَ مَتىٰ هٰذَا الوَعدُ إِن كُنتُم صٰدِقينَ (آيت : 29) |
هي ماڻهو توکي چون ٿا ته اهو (قيامت وارو) وعدو ڪڏهن پورو ٿيندو، جيڪڏهن توهان سچا آهيو؟" |
قُل لَكُم ميعادُ يَومٍ لا تَستَـٔخِرونَ عَنهُ ساعَةً وَلا تَستَقدِمونَ (آيت : 30) |
چؤ: "توهان لاءِ هڪ اهڙي ڏينهن جو ميعاد مقرر آهي، جنهن جي اچڻ ۾ نڪي پل برابر ڪا دير وجهي سگهو ٿا ۽ نه ان کي گهڙي کن اڳي آڻي سگهو ٿا" |
وَقالَ الَّذينَ كَفَروا لَن نُؤمِنَ بِهٰذَا القُرءانِ وَلا بِالَّذى بَينَ يَدَيهِ وَلَو تَرىٰ إِذِ الظّٰلِمونَ مَوقوفونَ عِندَ رَبِّهِم يَرجِعُ بَعضُهُم إِلىٰ بَعضٍ القَولَ يَقولُ الَّذينَ استُضعِفوا لِلَّذينَ استَكبَروا لَولا أَنتُم لَكُنّا مُؤمِنينَ (آيت : 31) |
هي ڪافر چون ٿا ته "اسان ڪڏهن به هن قرآن کي نه مڃينداسون ۽ نڪي ان کان اڳ آيل ڪنهن ڪتاب کي مڃينداسون". (اي نبي) جيڪر تون ڏسي وٺين انهن جي حالت، جڏهن اهي ظالم پنهنجي رب آڏو آڻي بيهاريل هوندا، تنهن وقت اهي پيا هڪ ٻئي تي الزام هڻندا. جيڪي ماڻهو دنيا ۾ هيڻا بنائي رکيا ويا هئا، اهي وڏائي ڪندڙن کي چوندا ته "جيڪڏهن توهان نه هجو ها ته اسان مؤمن هجون ها" |
قالَ الَّذينَ استَكبَروا لِلَّذينَ استُضعِفوا أَنَحنُ صَدَدنٰكُم عَنِ الهُدىٰ بَعدَ إِذ جاءَكُم بَل كُنتُم مُجرِمينَ (آيت : 32) |
اُهي وڏائي ڪندڙ انهن هيڻن ماڻهن کي وراڻي ڏيندا: "ڇا اسان توهان کي انهيءَ هدايت کان روڪيو هو، جيڪا توهان وٽ آئي هئي؟ نه! بلڪ توهان پاڻ ئي ڏوهاري هئا" |
وَقالَ الَّذينَ استُضعِفوا لِلَّذينَ استَكبَروا بَل مَكرُ الَّيلِ وَالنَّهارِ إِذ تَأمُرونَنا أَن نَكفُرَ بِاللَّهِ وَنَجعَلَ لَهُ أَندادًا وَأَسَرُّوا النَّدامَةَ لَمّا رَأَوُا العَذابَ وَجَعَلنَا الأَغلٰلَ فى أَعناقِ الَّذينَ كَفَروا هَل يُجزَونَ إِلّا ما كانوا يَعمَلونَ (آيت : 33) |
اُهي هيڻا ماڻهو انهن وڏائي ڪندڙن کي چوندا ته "اصل ڳالهه اها آهي ته اهو ته رات ڏينهن جو پٿيريل مڪر هو، جڏهن توهان اسانکي چوندا هيؤ ته اسان الله سان ڪفر ڪريون ۽ ٻين کي ان جو شريڪ بڻايون". نيٺ جڏهن هو عذاب ڏسندا ته اندر ۾ پڇتائيندا ۽ اسان انهن ڪافرن جي ڳچين ۾ ڳٽ وجهي ڇڏينداسون. ڀلا ماڻهن کي سندن عملن کانسواءِ به ڪو ٻيو بدلو ملندو آهي ڇا؟ |
وَما أَرسَلنا فى قَريَةٍ مِن نَذيرٍ إِلّا قالَ مُترَفوها إِنّا بِما أُرسِلتُم بِهِ كٰفِرونَ (آيت : 34) |
ڪڏهن به ائين نه ٿيو آهي ته اسان ڪنهن آباديءَ ۾ ڪو خبردار ڪرڻ وارو موڪليو هجي ۽ ان ڳوٺ جي آسودن ماڻهن ائين نه چيو هجي ته "جيڪو پيغام توهان آندو آهي اسان ان کي نٿا مڃون" |
وَقالوا نَحنُ أَكثَرُ أَموٰلًا وَأَولٰدًا وَما نَحنُ بِمُعَذَّبينَ (آيت : 35) |
انهن سدائين اهوئي چيو آهي ته "اسان توهان کان وڌيڪ مال ملڪيت ۽ اولاد وارا آهيون ۽ اسان سزا ڀوڳڻ وارا آهيون ئي ڪونه" |
قُل إِنَّ رَبّى يَبسُطُ الرِّزقَ لِمَن يَشاءُ وَيَقدِرُ وَلٰكِنَّ أَكثَرَ النّاسِ لا يَعلَمونَ (آيت : 36) |
اي نبي چوين ته "منهنجو رب جنهن کي وڻيس رزق ڪشادو ڏئي ٿو ۽ جنهن کي وڻيس تنگ ڏئي ٿو، پر اڪثر ماڻهو نٿا ڄاڻن" |
وَما أَموٰلُكُم وَلا أَولٰدُكُم بِالَّتى تُقَرِّبُكُم عِندَنا زُلفىٰ إِلّا مَن ءامَنَ وَعَمِلَ صٰلِحًا فَأُولٰئِكَ لَهُم جَزاءُ الضِّعفِ بِما عَمِلوا وَهُم فِى الغُرُفٰتِ ءامِنونَ (آيت : 37) |
اها ڪا توهان جي دولت يا اولاد نه آهي، جيڪا توهان کي اسان جي ويجهو ڪندي هجي، پر جيڪي ايمان آڻيندا ۽ نيڪ عمل ڪندا، اهي ئي ماڻهو آهن جن لاءِ سندن عملن جو ٻيڻو اجورو آهي ۽ هو اوچين ماڙين ۾ امن سان رهندا |
وَالَّذينَ يَسعَونَ فى ءايٰتِنا مُعٰجِزينَ أُولٰئِكَ فِى العَذابِ مُحضَرونَ (آيت : 38) |
۽ جيڪي ماڻهو اسان جي آيتن کي هيٺانهون ڪرڻ لاءِ ڊڪ ڊوڙ ٿا ڪن ته اهي عذاب ۾ ڦاٿل هوندا |
قُل إِنَّ رَبّى يَبسُطُ الرِّزقَ لِمَن يَشاءُ مِن عِبادِهِ وَيَقدِرُ لَهُ وَما أَنفَقتُم مِن شَيءٍ فَهُوَ يُخلِفُهُ وَهُوَ خَيرُ الرّٰزِقينَ (آيت : 39) |
اي نبي چوين ته "بيشڪ منهنجو رب پنهنجن بندن مان جنهن لاءِ چاهي ٿو رزق ڪشادو ڏئي ٿو ۽ جنهن کي گهري ٿو تنگ ڏئي ٿو، جيڪو توهان خرچ ڪريو ٿا، ان جي جاءِ تي اهوئي توهان کي ورائي ٻيو ڏئي ٿو، اهو ڀلي ۾ ڀلو رازق آهي" |
وَيَومَ يَحشُرُهُم جَميعًا ثُمَّ يَقولُ لِلمَلٰئِكَةِ أَهٰؤُلاءِ إِيّاكُم كانوا يَعبُدونَ (آيت : 40) |
۽ جنهن ڏينهن هو سڀني انسانن کي ميڙي گڏ ڪندو ته ملائڪن کان پڇندو ته ڇا اهي هئا، جيڪي توهان جي پوڄا ڪندا هئا؟" |
قالوا سُبحٰنَكَ أَنتَ وَلِيُّنا مِن دونِهِم بَل كانوا يَعبُدونَ الجِنَّ أَكثَرُهُم بِهِم مُؤمِنونَ (آيت : 41) |
ته هو جواب ۾ چوندا ته "پاڪ آهي تنهنجي ذات، اسان جو واسطو ته توسان آهي ۽ نه انهن ماڻهن سان، اهي ته اسان جي نه پر جنن جي پوڄا ڪندا هئا، انهن مان گهڻن انهن تي ايمان آندو هو |
فَاليَومَ لا يَملِكُ بَعضُكُم لِبَعضٍ نَفعًا وَلا ضَرًّا وَنَقولُ لِلَّذينَ ظَلَموا ذوقوا عَذابَ النّارِ الَّتى كُنتُم بِها تُكَذِّبونَ (آيت : 42) |
(ان وقت اسان چونداسون ته) اڄ ته توهان مان ڪو ڪنهن کي نڪي نفعو ٿو پهچائي سگهي ۽ نه وري نقصان ۽ ظالمن کي اسان چونداسون ته هاڻي چکو مزو جهنم جي عذاب جو، جنهن کي توهان ڪوڙ ڀانئيندا هئا |
وَإِذا تُتلىٰ عَلَيهِم ءايٰتُنا بَيِّنٰتٍ قالوا ما هٰذا إِلّا رَجُلٌ يُريدُ أَن يَصُدَّكُم عَمّا كانَ يَعبُدُ ءاباؤُكُم وَقالوا ما هٰذا إِلّا إِفكٌ مُفتَرًى وَقالَ الَّذينَ كَفَروا لِلحَقِّ لَمّا جاءَهُم إِن هٰذا إِلّا سِحرٌ مُبينٌ (آيت : 43) |
انهن ماڻهن کي جڏهن اسان جون چٽيون آيتون ٻڌايون وڃن ٿيون ته اهي چون ٿا ته "هيءُ شخص ته فقط اهوئي ٿو چاهي ته توهان کي انهن معبودن کان ڦيرائي ڇڏي جن جي پوڄا توهان جا ابا ڏاڏا ڪندا آيا آهن" ۽ پڻ چون ٿا ته "هيءُ (قرآن) رڳو ڪوڙ جو ٺاهه ٺاهيل آهي". انهن ڪافرن جي اڳيان جڏهن حق اچي ويو ته چئي ڏنائون ته "اهو ته کليو کلايو جادو آهي" |
وَما ءاتَينٰهُم مِن كُتُبٍ يَدرُسونَها وَما أَرسَلنا إِلَيهِم قَبلَكَ مِن نَذيرٍ (آيت : 44) |
حالانڪه نه اسان انهن ماڻهن کي اڳ ڪو ڪتاب ڏنو هو جو کڻي ان کي پڙهندا هجن ۽ نه توکان اڳ انهن ڏي ڪو ڊيڄاريندڙ ئي موڪليو هو |
وَكَذَّبَ الَّذينَ مِن قَبلِهِم وَما بَلَغوا مِعشارَ ما ءاتَينٰهُم فَكَذَّبوا رُسُلى فَكَيفَ كانَ نَكيرِ (آيت : 45) |
انهن کان اڳ ٿي گذريل ماڻهن به ته (اسان جي هدايت کي) ڪوڙو سڏيو هو. جيڪي ڪجهه اسان انهن کي ڏنو هو، تنهن جي ڏهين پتيءَ کي به هي نه پهتا آهن، پر پوءِ جڏهن منهنجي رسولن کي ڪوڙو سڏيائون ته پوءِ منهنجي سزا به ڪهڙي نه سخت هئي |
قُل إِنَّما أَعِظُكُم بِوٰحِدَةٍ أَن تَقوموا لِلَّهِ مَثنىٰ وَفُرٰدىٰ ثُمَّ تَتَفَكَّروا ما بِصاحِبِكُم مِن جِنَّةٍ إِن هُوَ إِلّا نَذيرٌ لَكُم بَينَ يَدَى عَذابٍ شَديدٍ (آيت : 46) |
اي نبي چوين ته "مان توهان کي رڳو هڪڙي نصيحت ٿو ڪريان ته الله جي واسطي ٻه ٻه گڏجي يا هڪ هڪ ٿي دماغ هلايو ۽ سوچيو ته توهان جي سنگتيءَ (نبيءَ) ۾ ڀلا چريائپ جي ڪهڙي ڳالهه آهي؟ هو ته هڪڙي سخت عذاب جي اچڻ کان اڳواٽ ئي توهان کي خبردار ڪندڙ آهي" |
قُل ما سَأَلتُكُم مِن أَجرٍ فَهُوَ لَكُم إِن أَجرِىَ إِلّا عَلَى اللَّهِ وَهُوَ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ شَهيدٌ (آيت : 47) |
چوين ته "جيڪڏهن مان توهان کان ڪو اجورو گهريو آهي ته اهو توهان کي ئي نيبهه هجي، منهنجو اجر ته الله تي آهي ۽ هو هر شيءِ تي شاهد آهي" |
قُل إِنَّ رَبّى يَقذِفُ بِالحَقِّ عَلّٰمُ الغُيوبِ (آيت : 48) |
چوين ته "منهنجو رب (مون تي) سچي وحي ٿو نازل فرمائي ۽ هو سڀني ڳجهين حقيقتن جو ڄاڻندڙ آهي" |
قُل جاءَ الحَقُّ وَما يُبدِئُ البٰطِلُ وَما يُعيدُ (آيت : 49) |
چوين ته "حق اچي ويو هاڻي باطل نڪي منهن ڪڍندو ۽ نه موٽي ايندو" |
قُل إِن ضَلَلتُ فَإِنَّما أَضِلُّ عَلىٰ نَفسى وَإِنِ اهتَدَيتُ فَبِما يوحى إِلَىَّ رَبّى إِنَّهُ سَميعٌ قَريبٌ (آيت : 50) |
چوين ته "جيڪڏهن مان گمراهه ٿي ويو آهيان ته منهنجي گمراهيءَ جو بار مون تي آهي ۽ جيڪڏهن مان هدايت تي آهيان ته پوءِ اهو انهيءَ وحيءَ جي ڪري ئي آهيان، جيڪو منهنجو رب مون تي نازل ڪري ٿو، هو سڀ ڪجهه ٻڌندڙ ۽ ويجهو آهي" |
وَلَو تَرىٰ إِذ فَزِعوا فَلا فَوتَ وَأُخِذوا مِن مَكانٍ قَريبٍ (آيت : 51) |
جيڪر تون کين ان وقت ڏسين جڏهن هو وائـڙا ٿيا هيڏي هوڏي ڀڄندا ۽ ڪيڏانهن بچي نه وڃي سگهندا پر ويجهو ئي پڪڙجي پوندا |
وَقالوا ءامَنّا بِهِ وَأَنّىٰ لَهُمُ التَّناوُشُ مِن مَكانٍ بَعيدٍ (آيت : 52) |
ان وقت چوندا ته اسان مٿس ايمان آندو، هاڻي ڀلا ڪٿان ٿي هٿ اچين اها شيءِ جيڪا وڃي تمام پري نڪتي آهي |
وَقَد كَفَروا بِهِ مِن قَبلُ وَيَقذِفونَ بِالغَيبِ مِن مَكانٍ بَعيدٍ (آيت : 53) |
هن کان اڳ اهي ڪفر ڪري چڪا هئا ۽ ڏورانهين هنڌ کان اڻ ڏٺو گمان ڪندا هئا |
وَحيلَ بَينَهُم وَبَينَ ما يَشتَهونَ كَما فُعِلَ بِأَشياعِهِم مِن قَبلُ إِنَّهُم كانوا فى شَكٍّ مُريبٍ (آيت : 54) |
ان وقت اهي جنهن شيءِ جي تمنا ڪندا رهيا ان کان محروم ڪيا ويا، جيئن جو کانئن اڳ ٿي گذريل سندن طريقي وارن سان ٿيو هو، ڇو ته اهي ڏاڍي شڪ ۾ پيل هئا |