الحَمدُ لِلَّهِ الَّذى لَهُ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَما فِى الأَرضِ وَلَهُ الحَمدُ فِى الءاخِرَةِ وَهُوَ الحَكيمُ الخَبيرُ (آيت : 1) |
سڀ تعريفون ان الله لاءِ آهن جو جيڪي آسمانن ۾ ۽ جيڪي زمين ۾ آهي سو سندس (ئي) آهي. ۽ آخرت ۾ (به هر طرف) تعريف ان جي آهي ۽ اهو ئي واقف ڪار حڪيم آهي. |
يَعلَمُ ما يَلِجُ فِى الأَرضِ وَما يَخرُجُ مِنها وَما يَنزِلُ مِنَ السَّماءِ وَما يَعرُجُ فيها وَهُوَ الرَّحيمُ الغَفورُ (آيت : 2) |
جيڪي (ٻج وغيره) زمين ۾ داخل ٿئي ٿو ۽ جيڪي (وڻ وغيره) ان مان نڪرن ٿا ۽ جيڪي (مينهن وغيره) آسمانن مان نازل ٿئي ٿو ۽ جيڪي (بخار يا فرشتا وغيره) ان ۾ چڙهن ٿا تن کي ڄاڻي ٿو ۽ اهو نهايت رحم وارو معاف ڪندڙ آهي. |
وَقالَ الَّذينَ كَفَروا لا تَأتينَا السّاعَةُ قُل بَلىٰ وَرَبّى لَتَأتِيَنَّكُم عٰلِمِ الغَيبِ لا يَعزُبُ عَنهُ مِثقالُ ذَرَّةٍ فِى السَّمٰوٰتِ وَلا فِى الأَرضِ وَلا أَصغَرُ مِن ذٰلِكَ وَلا أَكبَرُ إِلّا فى كِتٰبٍ مُبينٍ (آيت : 3) |
۽ ڪافر چون ٿا ته اسان تي اها گهڙي (قيامت ڪڏهين) نه ايندي (اي رسول! کين) چئو ته هاءُ! (هاءُ) مون کي پنهنجي ان عالم الغيب پالڻهار جو قسم آهي جنهن کان ذري جيتري (ڪا به شيءِ) نه آسمانن ۾ لڪل آهي ۽ نه زمين ۾ ته قيامت ضرور ايندي. ۽ ذري کان (به) تمام ننڊي ۽ نه تمام وڏي شيءِ (مطلب ته هر شيءِ) ظاهر ڪتاب (لوح محفوظ) ۾ محفوظ آهي. |
لِيَجزِىَ الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ أُولٰئِكَ لَهُم مَغفِرَةٌ وَرِزقٌ كَريمٌ (آيت : 4) |
هن لاءِ ته جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن کي نيڪ بدلو ڏئي. انهن لاءِ ئي (گناهن جي) معافي ۽ (تمام وڏي) عزت جي روزي آهي. |
وَالَّذينَ سَعَو فى ءايٰتِنا مُعٰجِزينَ أُولٰئِكَ لَهُم عَذابٌ مِن رِجزٍ أَليمٌ (آيت : 5) |
۽ جن اسان جي آيتن (جي مقابلي) ۾ (اسان کي) عاجز ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي تن لاءِ ئي دردناڪ عذاب جي سزا آهي. |
وَيَرَى الَّذينَ أوتُوا العِلمَ الَّذى أُنزِلَ إِلَيكَ مِن رَبِّكَ هُوَ الحَقَّ وَيَهدى إِلىٰ صِرٰطِ العَزيزِ الحَميدِ (آيت : 6) |
۽ (اي رسول) جن کي (اسان جي بارگاھ مان) علم عطا ڪيل آهي سي ڄاڻن ٿا ته جو ڪتاب (قرآن) تنهنجي پروردگار جي طرفان تو تي نازل ٿيو آهي سو برحق آهي ۽ لائق حمد (۽ ثنا) غالب (خدا) جي راھ ڏيکاري ٿو. |
وَقالَ الَّذينَ كَفَروا هَل نَدُلُّكُم عَلىٰ رَجُلٍ يُنَبِّئُكُم إِذا مُزِّقتُم كُلَّ مُمَزَّقٍ إِنَّكُم لَفى خَلقٍ جَديدٍ (آيت : 7) |
۽ ڪافر (هڪ ٻئي کي چرچو ڪندي) چون ٿا ته چئو ته اسين اوهان کي اهڙو آدمي (محمد) ڏسيون جو اوهان کي ٻڌائيندو ته جڏهن اوهين (مري ڳري ويندو ۽) صفا ذرا ذرا ٿي ويندو ته اوهين هڪ نئين جنم ۾ ايندو! |
أَفتَرىٰ عَلَى اللَّهِ كَذِبًا أَم بِهِ جِنَّةٌ بَلِ الَّذينَ لا يُؤمِنونَ بِالءاخِرَةِ فِى العَذابِ وَالضَّلٰلِ البَعيدِ (آيت : 8) |
ڇا هن (محمد) خدا تي ڪوڙ ٺاهيو آهي يا کيس ڪو سوداءُ آهي؟ (ائين نه آهي) پر جيڪي آخرت تي ايمان نٿا آڻين سي عذاب ۽ تمام وڏي گمراهي ۾ پيل آهن. |
أَفَلَم يَرَوا إِلىٰ ما بَينَ أَيديهِم وَما خَلفَهُم مِنَ السَّماءِ وَالأَرضِ إِن نَشَأ نَخسِف بِهِمُ الأَرضَ أَو نُسقِط عَلَيهِم كِسَفًا مِنَ السَّماءِ إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايَةً لِكُلِّ عَبدٍ مُنيبٍ (آيت : 9) |
پوءِ جيڪو آسمان ۽ زمين سندن اڳيان ۽ سندن پويان (چوڌاري) آهي تنهن (قدرت) ڏي غور نه ڪيو اٿن ته جيڪڏهن اسين گهرون ته انهن کي زمين ۾ ڳهائي ڇڏيون يا آسمان جا ڪي ٽڪرا مٿن ڪيرايون. بيشڪ ان (ڳالھ) ۾ سڀ ڪنهن رجوع ڪندڙ عبد لاءِ وڏو سبق آهي. |
وَلَقَد ءاتَينا داوۥدَ مِنّا فَضلًا يٰجِبالُ أَوِّبى مَعَهُ وَالطَّيرَ وَأَلَنّا لَهُ الحَديدَ (آيت : 10) |
۽ اسان يقينا دائود کي پنهنجي بارگاھ مان بزرگي عنايت ڪئي هئي (۽ جبلن کي حڪم ڪيوسون ته) اي جبلو! تسبيح ڪرڻ ۾ ساڻس ساٿ ڏيو پڻ پکين کي (سندس تابعدار ڪيوسون) ۽ ان لاءِ لوهي کي نرم ڪيوسون. |
أَنِ اعمَل سٰبِغٰتٍ وَقَدِّر فِى السَّردِ وَاعمَلوا صٰلِحًا إِنّى بِما تَعمَلونَ بَصيرٌ (آيت : 11) |
(۽ ان کي) چيوسون ته ڪشاديون زرهون بنائي ۽ (ڪڙين) بنائڻ ۾ اندازي جو خيال رک ۽ اوهين سڀئي چڱا ڪم ڪريو، جيڪي اوهين ڪريو ٿا سو سڀ پڪ آءُ ڏسان ٿو. |
وَلِسُلَيمٰنَ الرّيحَ غُدُوُّها شَهرٌ وَرَواحُها شَهرٌ وَأَسَلنا لَهُ عَينَ القِطرِ وَمِنَ الجِنِّ مَن يَعمَلُ بَينَ يَدَيهِ بِإِذنِ رَبِّهِ وَمَن يَزِغ مِنهُم عَن أَمرِنا نُذِقهُ مِن عَذابِ السَّعيرِ (آيت : 12) |
پڻ هوا کي سليمان لاءِ (تابعدار بنائي ڇڏيو هيوسون) ان جو صبح جو گشت هڪ مهيني جو پنڌ ۽ ان جو شام جو گشت هڪ مهيني جو پنڌ هو. ۽ اسان ان لاءِ ٽامي (کي پگهاري ان) جو چشمو وهايو هو. پڻ جنن (کي سندس تابعدار ڪري ڇڏيو هو جو انهن) مان ڪجھ سندس پالڻهار جي حڪم سان ان جي اڳيان ڪم (ڪندا هئا ۽) انهن مان جنهن به اسان جي حڪم کان منهن موڙيو تنهن کي اسين (قيامت ۾) دوزخ جي عذاب جو مزو چکائينداسون. |
يَعمَلونَ لَهُ ما يَشاءُ مِن مَحٰريبَ وَتَمٰثيلَ وَجِفانٍ كَالجَوابِ وَقُدورٍ راسِيٰتٍ اعمَلوا ءالَ داوۥدَ شُكرًا وَقَليلٌ مِن عِبادِىَ الشَّكورُ (آيت : 13) |
(مطلب ته) سليمان کي جيڪي بڻائڻو هو ته اهي جن ان لاءِ بنائيندا هئا جيئن مسجدون، محل، قلعا ۽ تصويرون ۽ حوض جيڏا ٿالھ ۽ هڪ هنڌ رهڻ واريون (وڏيون) ديڳيون. (جن ۾ هزار ماڻهن جو کاڌو تيار ٿي سگهي). اي دائود جي اولاد! شڪر گذار ٿي ڪم ڪريو. ۽ منهنجن بندن مان شڪر گذار (بندا) ٿورا آهن. |
فَلَمّا قَضَينا عَلَيهِ المَوتَ ما دَلَّهُم عَلىٰ مَوتِهِ إِلّا دابَّةُ الأَرضِ تَأكُلُ مِنسَأَتَهُ فَلَمّا خَرَّ تَبَيَّنَتِ الجِنُّ أَن لَو كانوا يَعلَمونَ الغَيبَ ما لَبِثوا فِى العَذابِ المُهينِ (آيت : 14) |
پوءِ جڏهن مٿس موت جو حڪم جاري ڪيوسون ته (مري ويو پر لٺ جي ٽيڪ تي بيٺو هو ۽) جنن کي ڪنهين سندس موت جي خبر نه ڪئي پر زمين جي اڏوهي، جنهن سليمان جي لٺ کي کاڌو ٿي، پوءِ جڏهن ڪريو تڏهن جنن کي معلوم ٿيو ته جيڪڏهن اهي غيب ڄاڻن ها ته (هن) ذليل ڪرڻ واري (ڪم ڪرڻ جي) مصيبت ۾ نه رهن ها. |
لَقَد كانَ لِسَبَإٍ فى مَسكَنِهِم ءايَةٌ جَنَّتانِ عَن يَمينٍ وَشِمالٍ كُلوا مِن رِزقِ رَبِّكُم وَاشكُروا لَهُ بَلدَةٌ طَيِّبَةٌ وَرَبٌّ غَفورٌ (آيت : 15) |
۽ “سبا” جي (قوم) لاءِ سندن گهرن ۾ (خدا جي قدرت جي) هڪ وڏي نشاني هئي (جو سندن شهر جي ٻنهي طرفن کان) سڄي ۽ کٻي (ساوا) باغ هئا. (پڻ کين حڪم هو ته) پنهنجي پروردگار جي عطا ڪيل روزي کائو (پيئو) ۽ سندس شڪر ادا ڪريو. (دنيا ۾ اوهان جو اهڙو) سٺو شهر ۽ (آخرت ۾) پالڻهار جهڙو بخشڻهار. |
فَأَعرَضوا فَأَرسَلنا عَلَيهِم سَيلَ العَرِمِ وَبَدَّلنٰهُم بِجَنَّتَيهِم جَنَّتَينِ ذَواتَى أُكُلٍ خَمطٍ وَأَثلٍ وَشَيءٍ مِن سِدرٍ قَليلٍ (آيت : 16) |
تڏهين به انهن منهن موڙيو (۽ پيغمبرن جو چوڻ نه مڃيائون) ته اسان (هڪ بند کي ٽوڙي) انهن تي زور جي ٻوڏ موڪلي ۽ (کين برباد ڪري) سندن ٻن باغن جي بدلي اهڙا ٻه باغ ڏنا جن جا ڪسارا ڦر ۽ لئي (لاڻا) ۽ ڪجھ ٿورن ٻيرين وارا ڏنا. |
ذٰلِكَ جَزَينٰهُم بِما كَفَروا وَهَل نُجٰزى إِلَّا الكَفورَ (آيت : 17) |
اها اسان کين ناشڪريءَ جي سزا ڏني ۽ اسين ناشڪريءَ کان سواءِ ٻئي کي سزا نٿا ڏيون. |
وَجَعَلنا بَينَهُم وَبَينَ القُرَى الَّتى بٰرَكنا فيها قُرًى ظٰهِرَةً وَقَدَّرنا فيهَا السَّيرَ سيروا فيها لَيالِىَ وَأَيّامًا ءامِنينَ (آيت : 18) |
۽ اسان ”سبا“ وارن ۽ (شام جي) انهن ڳوٺن جي وچ ۾ جن ۾ اسان برڪت عطا ڪئي هئي (شاهي رستي تي هلندڙن لاءِ) پڌرا ڳوٺ بنايا ۽ انهن جي وچ ۾ اسان اچ وڃ لاءِ (خاص اندازي سان) منزلون مقرر ڪيون. جو انهن ۾ راتيون ۽ ڏينهن بي ڊپا ٿي گهمو ڦرو. |
فَقالوا رَبَّنا بٰعِد بَينَ أَسفارِنا وَظَلَموا أَنفُسَهُم فَجَعَلنٰهُم أَحاديثَ وَمَزَّقنٰهُم كُلَّ مُمَزَّقٍ إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايٰتٍ لِكُلِّ صَبّارٍ شَكورٍ (آيت : 19) |
ته اهي ماڻهو چوڻ لڳا ته پالڻهار! (ويجهي سفر ۾ مزو ڪونهي) تون اسان جي مسافريءَ جي پنڌ ۾ ڏورانهين پيدا ڪر! انهن ماڻهن پنهنجو پاڻ تي ظلم ڪيو ته اسان به کين (تباھ ڪري ٻين لاءِ) آکاڻيون بنايون ۽ انهن کي بلڪل ٽيڙي پکيڙي ڇڏيوسون. بيشڪ ان ۾ سڀ ڪنهن صبر ڪندڙ (۽) شڪر ڪندڙن لاءِ (وڏا) سبق آهن. |
وَلَقَد صَدَّقَ عَلَيهِم إِبليسُ ظَنَّهُ فَاتَّبَعوهُ إِلّا فَريقًا مِنَ المُؤمِنينَ (آيت : 20) |
۽ شيطان پنهنجي خيال کي (جيڪو انهن جي باري ۾ ڪيو هوائين) سچ ڪري ڏيکاريو جو انهن ماڻهن سندس تابعداري ڪئي پر ايمان وارن جو هڪ ٽولو گمراھ نه ٿيو. |
وَما كانَ لَهُ عَلَيهِم مِن سُلطٰنٍ إِلّا لِنَعلَمَ مَن يُؤمِنُ بِالءاخِرَةِ مِمَّن هُوَ مِنها فى شَكٍّ وَرَبُّكَ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ حَفيظٌ (آيت : 21) |
هوڏانهن ان (شيطان جو مٿن ڪو زور نه هو، پر هي (مطلب هو) ته اسين انهن انسانن کي جيڪي آخرت جو يقين رکن ٿا انهن ماڻهن کان الڳ ڏسي وٺن جيڪي قيامت جي باري ۾ شڪ ۾ (ڦاٿا پيا) آهن. ۽ تنهنجو پالڻهار ته هر شيءِ تي نگهبان آهي. |
قُلِ ادعُوا الَّذينَ زَعَمتُم مِن دونِ اللَّهِ لا يَملِكونَ مِثقالَ ذَرَّةٍ فِى السَّمٰوٰتِ وَلا فِى الأَرضِ وَما لَهُم فيهِما مِن شِركٍ وَما لَهُ مِنهُم مِن ظَهيرٍ (آيت : 22) |
(اي رسول! کين) چئو ته جن کي خدا کان سواءِ (معبود) ڄاڻو ٿا، سڏيو (ته پتو پوندو ته) اهي ذري جيترو به نه ته آسمانن ۾ ڪجھ اختيار رکن ٿا ۽ نه زمين ۾ ۽ نه (وري) انهن جي (هنن) ٻنهين ۾ ڪا ڀائيواري آهي ۽ نه انهن مان ڪو (به) خدا جو مددگار آهي. |
وَلا تَنفَعُ الشَّفٰعَةُ عِندَهُ إِلّا لِمَن أَذِنَ لَهُ حَتّىٰ إِذا فُزِّعَ عَن قُلوبِهِم قالوا ماذا قالَ رَبُّكُم قالُوا الحَقَّ وَهُوَ العَلِىُّ الكَبيرُ (آيت : 23) |
۽ نه وٽس (ڪنهن جي) سفارش (ڪنهن کي) فائدو ڏيندي مگر ان جي جنهن کي اجازت ڏني هوندائين (سندس دربار جي هيبت) ايتري قدر آهي جو جڏهن شفاعت جو حڪم ٿئي ٿو (ته شفاعت ڪرڻ وارا بيهوش ٿي وڃڻ ٿا) پوءِ جڏهن سندن دلين تان گهٻراهٽ لاٿي وڃي ٿي ته پڇن ٿا ته اوهان جي پالڻهار ڇا فرمايو؟ ته (مقرب فرشتا) چون ٿا ته جا ڳالھ حق (سچ) هئي. ۽ اهو سڀ کان بلند (۽) وڏو آهي. |
قُل مَن يَرزُقُكُم مِنَ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ قُلِ اللَّهُ وَإِنّا أَو إِيّاكُم لَعَلىٰ هُدًى أَو فى ضَلٰلٍ مُبينٍ (آيت : 24) |
(اي پيغمبر! کين) چئو ته ڪير اوهان کي آسمانن ۽ زمين مان روزي ڏئي ٿو؟ تون چئو ته خدا (ڏئي ٿو) ۽ آءُ يا اوهين (ٻنهين مان هڪ ته) ضرور هدايت تي آهي (۽ ٻيو ٽولو گمراھ) يا اهو ظاهر گمراهي ۾ آهي (۽ ٻيو هدايت تي). |
قُل لا تُسـَٔلونَ عَمّا أَجرَمنا وَلا نُسـَٔلُ عَمّا تَعمَلونَ (آيت : 25) |
(اي پيغمبر!) تو (کين) فرمائي ته اسان جي گناهن جي اوهان کان پڇا ڳاڇا ٿيندي ۽ نه اوهان جي ڪرتوتن جي اسان کان پڇا ٿيندي. |
قُل يَجمَعُ بَينَنا رَبُّنا ثُمَّ يَفتَحُ بَينَنا بِالحَقِّ وَهُوَ الفَتّاحُ العَليمُ (آيت : 26) |
(اي پيغمبر! کين) چئو ته اسان جو پروردگار (قيامت ۾) اسان سڀني کي گڏ ڪندو پوءِ اسان (ٻنهي) جي وچ ۾ حق سان فيصلو ڪندو ۽ اهو ئي (بهتر) فيصلو ڪندڙ سڀ ڪجھ ڄاڻندڙ آهي. |
قُل أَرونِىَ الَّذينَ أَلحَقتُم بِهِ شُرَكاءَ كَلّا بَل هُوَ اللَّهُ العَزيزُ الحَكيمُ (آيت : 27) |
(اي پيغمبر کين) چئو ته جن کي اوهان (خدا جو شريڪ بنائي) خدا سان ملايو ٿا سي (ته ڀلا) مون کي به (ته) ڏيکاريو هو. هرگز (سندس ڪو به شريڪ) نه آهي. بلڪ اهو ئي خدا غالب حڪمت وارو آهي. |
وَما أَرسَلنٰكَ إِلّا كافَّةً لِلنّاسِ بَشيرًا وَنَذيرًا وَلٰكِنَّ أَكثَرَ النّاسِ لا يَعلَمونَ (آيت : 28) |
(اي رسول) اسان تو کي سموري (دنيا جي) ماڻهن لاءِ (نيڪ بندن کي بهشت جي) خوش خبري ڏيڻ وارو ۽ (ڏوهارين کي خدا جي عذاب کان) ڊيڄارڻ وارو (پيغمبر) بنائي موڪليو آهي پر گهڻا ته (ايترو به) نه ٿا ڄاڻن. |
وَيَقولونَ مَتىٰ هٰذَا الوَعدُ إِن كُنتُم صٰدِقينَ (آيت : 29) |
۽ (وري) چون ٿا ته جيڪڏهن تون سچو آهين ته (ڀلا) اهو (قيامت جو) وعدو ڪڏهين (پورو) ٿيندو؟ |
قُل لَكُم ميعادُ يَومٍ لا تَستَـٔخِرونَ عَنهُ ساعَةً وَلا تَستَقدِمونَ (آيت : 30) |
(اي رسول! کين) چئو ته اوهان ماڻهن لاءِ هڪ خاص ڏينهن جو انجام مقرر آهي جنهن کان نه هڪ گهڙي پٺتي ٿيندو ۽ نه اڳتي ٿيندو! |
وَقالَ الَّذينَ كَفَروا لَن نُؤمِنَ بِهٰذَا القُرءانِ وَلا بِالَّذى بَينَ يَدَيهِ وَلَو تَرىٰ إِذِ الظّٰلِمونَ مَوقوفونَ عِندَ رَبِّهِم يَرجِعُ بَعضُهُم إِلىٰ بَعضٍ القَولَ يَقولُ الَّذينَ استُضعِفوا لِلَّذينَ استَكبَروا لَولا أَنتُم لَكُنّا مُؤمِنينَ (آيت : 31) |
۽ ڪافر چون ٿا ته اسين ڪڏهن به هن قرآن تي ايمان نه آڻينداسين ۽ نه هن (ڪتاب) تي جو ان کان اڳي آهي. ۽ (اي پيغمبر) جيڪڏهن تون ڏسين جنهن وقت ظالم پنهنجي پالڻهار وٽ بيهاريا ويندا (۽) انهن مان هڪڙا ٻين تي (پنهنجي) ڳالھ پيا مڙهيندا هوندا جو جيڪي هيڻا سمجهيا ويندا هئا سي هٺيلن کي چوندا ته جيڪڏهن اوهين نه هجو ها ته اسين ايمان وارا هجون ها (۽ هن مصيبت ۾ نه اڙجون ها) |
قالَ الَّذينَ استَكبَروا لِلَّذينَ استُضعِفوا أَنَحنُ صَدَدنٰكُم عَنِ الهُدىٰ بَعدَ إِذ جاءَكُم بَل كُنتُم مُجرِمينَ (آيت : 32) |
ته هٺيلا ماڻهو هيڻن ڏي (ڏسي) چوندا ته جڏهن اوهان وٽ (خدا جي طرفان) هدايت آئي هئي ته ڇا ان جي اچڻ کان پوءِ اسان اوهان کي (زوريءَ عمل ڪرڻ کان) جهليو هو (هرگز) نه پر اوهين ته پاڻ ڏوهاري هئا. |
وَقالَ الَّذينَ استُضعِفوا لِلَّذينَ استَكبَروا بَل مَكرُ الَّيلِ وَالنَّهارِ إِذ تَأمُرونَنا أَن نَكفُرَ بِاللَّهِ وَنَجعَلَ لَهُ أَندادًا وَأَسَرُّوا النَّدامَةَ لَمّا رَأَوُا العَذابَ وَجَعَلنَا الأَغلٰلَ فى أَعناقِ الَّذينَ كَفَروا هَل يُجزَونَ إِلّا ما كانوا يَعمَلونَ (آيت : 33) |
۽ هيڻا ماڻهو هٺيلن کي چوندا (ته زور زبردستي ته نه، پر اسين پاڻ به گمراھ ڪين ٿياسون) پر (اوهان جي) رات ڏينهن جي فريب ڏيڻ (گمراھ ڪيو جو) اوهان اسان کي خدا کي نه مڃڻ ۽ ان جي شريڪ ڪرڻ جو سانده حڪم ڪندا رهيا (ته پوءِ اسان جو ڪهڙو وس) پاڻ جڏهين اهي ماڻهو عذاب کي (اکين سان) ڏسندا ته اندر ئي اندر ۾ پڇتائيندا ۽ اسين ڪافرن جي ڳچين ۾ ڳيٽ وجهنداسون. جيڪي ڪرتوت اهي ماڻهو (دنيا ۾) پيا ڪن تنهن موجب ته سزا ڏني ويندي. |
وَما أَرسَلنا فى قَريَةٍ مِن نَذيرٍ إِلّا قالَ مُترَفوها إِنّا بِما أُرسِلتُم بِهِ كٰفِرونَ (آيت : 34) |
۽ اسان ڪنهن به ڳوٺ ۾ ڪو به ڊيڄاريندڙ (پيغمر) نه موڪليو پر ان جي آسودن (ماڻهن) چيو ته جيڪي حڪم ڏئي اوهين موڪليا ويا آهيو اسين تنهن کي نه ٿا مڃون. |
وَقالوا نَحنُ أَكثَرُ أَموٰلًا وَأَولٰدًا وَما نَحنُ بِمُعَذَّبينَ (آيت : 35) |
پڻ (هي به) چوڻ لڳا، اسين ته (ايماندارن کان) مال ۽ اولاد ۾ گهڻو وڌيڪ آهيون ۽ اسان تي (آخرت ۾) عذاب به ڪين ڪيو ويندو. |
قُل إِنَّ رَبّى يَبسُطُ الرِّزقَ لِمَن يَشاءُ وَيَقدِرُ وَلٰكِنَّ أَكثَرَ النّاسِ لا يَعلَمونَ (آيت : 36) |
(اي رسول! کين) چئو ته بيشڪ منهنجو پالڻهار جنهن لاءِ گهري ٿو تنهنجي روزي ڪشادي ڪري ٿو ۽ (جنهن لاءِ گهري ٿو تنهن جي روزي) تنگ ڪري ٿو پر گهڻا ماڻهو نٿا ڄاڻن. |
وَما أَموٰلُكُم وَلا أَولٰدُكُم بِالَّتى تُقَرِّبُكُم عِندَنا زُلفىٰ إِلّا مَن ءامَنَ وَعَمِلَ صٰلِحًا فَأُولٰئِكَ لَهُم جَزاءُ الضِّعفِ بِما عَمِلوا وَهُم فِى الغُرُفٰتِ ءامِنونَ (آيت : 37) |
۽ (ياد رکو) ته اوهان جي مال ۽ اوهان جي اولاد ۾ اهڙي صلاحيت نه آهي جو اسان جي بارگاھ ۾ اوهان جو درجو ويجهو ڪن. پر (هاءُ) جنهن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن لاءِ ته سندن (نيڪ) ڪمن جو ٻيڻوو بدلو آهي ۽ اهي ماڙين ۾ امن (امان) سان (ويٺا) هوندا. |
وَالَّذينَ يَسعَونَ فى ءايٰتِنا مُعٰجِزينَ أُولٰئِكَ فِى العَذابِ مُحضَرونَ (آيت : 38) |
۽ جيڪي اسان جي آيتن (جي ڀڃگهڙ) ۾ مقابلي جي نموني ڊڪن ڊوڙن ٿا سي ئي ماڻهو (دوزخ جي) عذاب ۾ ڌونڪيا ويندا. |
قُل إِنَّ رَبّى يَبسُطُ الرِّزقَ لِمَن يَشاءُ مِن عِبادِهِ وَيَقدِرُ لَهُ وَما أَنفَقتُم مِن شَيءٍ فَهُوَ يُخلِفُهُ وَهُوَ خَيرُ الرّٰزِقينَ (آيت : 39) |
(اي رسول! کين) چئو ته منهنجو پروردگار پنهنجي ٻانهن مان جنهن لاءِ گهري ٿو (ته) روزي ڪشادي ڪري ٿو ۽ (جنهن لاءِ چاهي ٿو) تنگ ڪري ڇڏي ٿو پڻ اوهين جو ڪجھ به (سندس راھ ۾) ڏيو ٿا اهو اوهان جو بدلو ڏيندو. ۽ هو سڀني کان چڱو روزي ڏيندڙ آهي. |
وَيَومَ يَحشُرُهُم جَميعًا ثُمَّ يَقولُ لِلمَلٰئِكَةِ أَهٰؤُلاءِ إِيّاكُم كانوا يَعبُدونَ (آيت : 40) |
۽ (اهو ڏينهن ياد رکو) جنهن ڏينهن خدا انهن سڀني کي گڏ ڪندو (۽) پوءِ فرشتن کان پڇندو ته ڇا هي اوهان کي پوڄيندا هئا؟ |
قالوا سُبحٰنَكَ أَنتَ وَلِيُّنا مِن دونِهِم بَل كانوا يَعبُدونَ الجِنَّ أَكثَرُهُم بِهِم مُؤمِنونَ (آيت : 41) |
فرشتا عرض ڪندا (خداوندا) تون (هر عيب کان) پاڪ پاڪيزه آهين ۽ تون ئي اسان جو مالڪ آهين (۽) نه اهي ماڻهو (هنن سان اسان جو ڇا) انهن مان (ته) جنن (ڀوتن) جي پوڄا ڪندا هئا ۽ انهن تي ايمان (ويساھ) رکندا هئا. |
فَاليَومَ لا يَملِكُ بَعضُكُم لِبَعضٍ نَفعًا وَلا ضَرًّا وَنَقولُ لِلَّذينَ ظَلَموا ذوقوا عَذابَ النّارِ الَّتى كُنتُم بِها تُكَذِّبونَ (آيت : 42) |
تڏهن (خدا فرمائيندو) ته پوءِ اڄ اوهان مان ڪو به ٻئي کي نه ڪنهن فائدي پهچائڻ ۽ نه ڪنهن نقصان پهچائڻ جو اختيار رکي ٿو ۽ اسين (هٺيلن) ظالمن کي چونداسون ته جنهن باھ کي اوهين ڪوڙ چوندا هئا تنهن جي عذاب (جا) مزا چکيو. |
وَإِذا تُتلىٰ عَلَيهِم ءايٰتُنا بَيِّنٰتٍ قالوا ما هٰذا إِلّا رَجُلٌ يُريدُ أَن يَصُدَّكُم عَمّا كانَ يَعبُدُ ءاباؤُكُم وَقالوا ما هٰذا إِلّا إِفكٌ مُفتَرًى وَقالَ الَّذينَ كَفَروا لِلحَقِّ لَمّا جاءَهُم إِن هٰذا إِلّا سِحرٌ مُبينٌ (آيت : 43) |
۽ جڏهن کين اسان جون پڌريون آيتون پڙهي ٻڌايون ٿي ويون ته پاڻ ۾ چوندا هئا ته هيءُ (رسول) به ته رڳو (اسان جهڙو ئي) هڪ ماڻهو آهي. هي گهري ٿو ته جن کي اوهان جا ابا ڏاڏا پوڄيندا هئا تن (جي پوڄڻ) کان اوهان کي جهلي. ۽ چوڻ لڳا ته هي (قرآن) ته رڳو ڪوڙ ۽ پنهنجي دلئيون گهڙيل آهي. ۽ (انهن) ڪافرن وٽ جڏهن سچي ڳالھ پهتي تڏهن ان جي باري ۾ چوڻ لڳا ته هي رڳو ظاهر جادو آهي. |
وَما ءاتَينٰهُم مِن كُتُبٍ يَدرُسونَها وَما أَرسَلنا إِلَيهِم قَبلَكَ مِن نَذيرٍ (آيت : 44) |
نه اسان کين (آسماني) ڪتاب ڏنا جن کي پڙهن (اي رسول) ۽ نه تو کان اڳي اسان انهن ڏي ڪو ڊيڄاريندڙ (رسول) موڪليو (تڏهين به انهن قدر نه ڪيو) |
وَكَذَّبَ الَّذينَ مِن قَبلِهِم وَما بَلَغوا مِعشارَ ما ءاتَينٰهُم فَكَذَّبوا رُسُلى فَكَيفَ كانَ نَكيرِ (آيت : 45) |
۽ انهن کان اڳين به (پيغمبرن کي) ڪوڙو ڪيو هو. هوڏانهن جيڪي اسان کين ڏنو هو، اهي ماڻهو (اڄ) تنهنجي ڏهين پتيءَ کي به نه پهتا پوءِ انهن ماڻهن اسان جي پيغمبرن کي ڪوڙو ڪيو ته (تو ڏٺو ته) منهنجو عذاب (مٿن) ڪهڙو (نه) سخت هو؟ |
قُل إِنَّما أَعِظُكُم بِوٰحِدَةٍ أَن تَقوموا لِلَّهِ مَثنىٰ وَفُرٰدىٰ ثُمَّ تَتَفَكَّروا ما بِصاحِبِكُم مِن جِنَّةٍ إِن هُوَ إِلّا نَذيرٌ لَكُم بَينَ يَدَى عَذابٍ شَديدٍ (آيت : 46) |
(اي پيغمبر کين) چئو ته آءُ اوهان کي رڳو هڪ ڳالھ جي نصيحت ڪريان ٿو ته ٻه ٻه ۽ هڪ هڪ ٿي خدا لاءِ کڙا ٿيو (۽) وري سوچيو ته اوهان جي ساٿي (محمد) ۾ ڪا چريائي نه آهي. اهو ته رڳو اوهان کي هڪ سخت عذاب (قيامت جي) سامهون اچڻ کان ڊيڄاريندڙ آهي. |
قُل ما سَأَلتُكُم مِن أَجرٍ فَهُوَ لَكُم إِن أَجرِىَ إِلّا عَلَى اللَّهِ وَهُوَ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ شَهيدٌ (آيت : 47) |
(اي رسول) (تون هي به) چوين ته (تبليغ رسالت جي) ڪا اجرت گهري هجيم ته اها اوهان کي ئي (مبارڪ) هجي منهنجي اجرت ته رڳو خدا تي آهي ۽ اهو ئي (اوهان جي اعمال ۽ افعال) هر ڳالھ کان چڱيءَ طرح واقف آهي. |
قُل إِنَّ رَبّى يَقذِفُ بِالحَقِّ عَلّٰمُ الغُيوبِ (آيت : 48) |
(اي رسول! کين) چئو ته منهنجو وڏو غيب دان پروردگار (منهنجيءَ دل ۾) سچي دين کي برابر مٿان لاهي ٿو. |
قُل جاءَ الحَقُّ وَما يُبدِئُ البٰطِلُ وَما يُعيدُ (آيت : 49) |
(هاڻي کين) چئو سچو دين اچي ويو ۽ (ايترو به ته سمجهو ته) باطل (بت) نه شروع (۾) ڪجھ پيدا ڪري سگهي ٿو نه (مرڻ کان پوءِ) ٻيو ڀيرو جيئرو ڪري سگهي ٿو. |
قُل إِن ضَلَلتُ فَإِنَّما أَضِلُّ عَلىٰ نَفسى وَإِنِ اهتَدَيتُ فَبِما يوحى إِلَىَّ رَبّى إِنَّهُ سَميعٌ قَريبٌ (آيت : 50) |
(اي رسول) تون (هي به) چوين ته جيڪڏهن آءُ گمراھ ٿيو آهيان ته پنهنجي جان تي ئي منهنجي گمراهيءَ (جو وبال آهي) ۽ جيڪڏهن هدايت وارو آهيان ته ان (قرآن جي) ڪري جو مون ڏي منهنجو پالڻهار وحي موڪلي ٿو بيشڪ اهو ٻڌندڙ (۽ تمام) ويجهو آهي. |
وَلَو تَرىٰ إِذ فَزِعوا فَلا فَوتَ وَأُخِذوا مِن مَكانٍ قَريبٍ (آيت : 51) |
۽ (اي رسول) جيڪڏهن تون ڏسندين ته حشر جي ميدان ۾ جنهن وقت اهي گهٻرائجي هيڏانهن هوڏانهن ڦرندا رهندا (ته عجب ٿيندءِ) تڏهين به ڇٽڪارو نه ٿيندن ۽ ويجهي هنڌان پڪڙيا ويندا. |
وَقالوا ءامَنّا بِهِ وَأَنّىٰ لَهُمُ التَّناوُشُ مِن مَكانٍ بَعيدٍ (آيت : 52) |
۽ (تنهن وقت بي وس ٿي) چوندا ته هاڻي اسين رسول تي ايمان آندو ۽ انهن جو (اتي) پري هنڌ تان (ايمان) تي پهچ ڪئين ٿيندي؟ |
وَقَد كَفَروا بِهِ مِن قَبلُ وَيَقذِفونَ بِالغَيبِ مِن مَكانٍ بَعيدٍ (آيت : 53) |
حالانڪ ان کان اڳ ان (ايمان) جو انڪار ڪيو اٿن ۽ پري هنڌ تان اڻ ڏٺو (گمان جا تير) اڇلائيندا رهيا. |
وَحيلَ بَينَهُم وَبَينَ ما يَشتَهونَ كَما فُعِلَ بِأَشياعِهِم مِن قَبلُ إِنَّهُم كانوا فى شَكٍّ مُريبٍ (آيت : 54) |
۽ هاڻ ته انهن جي وچ ۾ ۽ سندن خواهش جي وچ ۾ آڙ وڌي ويندي جيئن هن کان اڳين سندن طريقي وارن سان ڪيو ويو ڇو ته اهي به (تمام) وڏي شڪ ۾ (پيل) هئا. |