الحَمدُ لِلَّهِ الَّذى لَهُ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَما فِى الأَرضِ وَلَهُ الحَمدُ فِى الءاخِرَةِ وَهُوَ الحَكيمُ الخَبيرُ (آيت : 1) |
آهي شڪر الله جو، جنهن جا سڀ جنسار، جيڪي آهي اُڀن ۾، جيڪي ڀُون ۾ بَرقرار، آهي آخِرت ۾ پڻ تِنهنجِي طَلب تنوار، اُهو حِڪمتي هوشيار، پڻ خدا خبردار گھڻو. |
يَعلَمُ ما يَلِجُ فِى الأَرضِ وَما يَخرُجُ مِنها وَما يَنزِلُ مِنَ السَّماءِ وَما يَعرُجُ فيها وَهُوَ الرَّحيمُ الغَفورُ (آيت : 2) |
ڄاڻي ڄاڻڻهار، جيڪِي پَوي زمين ۾، پڻ اولھ، اوڀر اُن مَنجھان، جيڪِي ٻوٽا ٿِينَ ٻَهار، ۽ جيڪِي اُتري اُڀ ڪنان، ۽ جيڪِي اُسري اُنهئ پار، ۽ آهي اُو اِظهار، مَرهِيندڙ ۽ مِهر ڀَريو. |
وَقالَ الَّذينَ كَفَروا لا تَأتينَا السّاعَةُ قُل بَلىٰ وَرَبّى لَتَأتِيَنَّكُم عٰلِمِ الغَيبِ لا يَعزُبُ عَنهُ مِثقالُ ذَرَّةٍ فِى السَّمٰوٰتِ وَلا فِى الأَرضِ وَلا أَصغَرُ مِن ذٰلِكَ وَلا أَكبَرُ إِلّا فى كِتٰبٍ مُبينٍ (آيت : 3) |
۽ اُتو، جَن اِنڪار ڪيو، ته اِيندِي نَه اَسان تي وار، چَئو هائو، سنهن سايَمِ جو، جو عالِم سَڀ اِسرار، اِيندِي اُها اوچتِي، جنهن ۾ ڦير نَه ڦار، اُڀ، ڀُون ۾ نَه لِڪي، اُن کان، ماڪوڙِي مِقدار، ۽ نه ننڍِي تِنهن کان تور ۾، ۽ نَه وڏِي وَزندار، مگر مِڙئـِي ڪَم ڪار، لِکيل لَوح مَحفوظ ۾. |
لِيَجزِىَ الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ أُولٰئِكَ لَهُم مَغفِرَةٌ وَرِزقٌ كَريمٌ (آيت : 4) |
تان اَجر ڏي اُنهن کي، آندو جَن اِيمان، پڻ چڱا ڪيائون ڪَمڙا، اُنهن لئي ڪَئـِين اِحسان، بَخشش بي گمان، پڻ مانَ ڀَريون مِهمانيون. |
وَالَّذينَ سَعَو فى ءايٰتِنا مُعٰجِزينَ أُولٰئِكَ لَهُم عَذابٌ مِن رِجزٍ أَليمٌ (آيت : 5) |
۽ اَسان جي آيتن ۾، جي ڪاهي پِيا ڪُلال، ڏاڍا بَنجِي ڏيہ ۾، تَن نالائـِقن نال، وَبا وارو وَبال، ڏاڍو آهي ڏُ کيو. |
وَيَرَى الَّذينَ أوتُوا العِلمَ الَّذى أُنزِلَ إِلَيكَ مِن رَبِّكَ هُوَ الحَقَّ وَيَهدى إِلىٰ صِرٰطِ العَزيزِ الحَميدِ (آيت : 6) |
۽ جن کي علم عطا ٿيو، سي سَمجھن سَڄِي ڳالھ، ته توڏي، تُنهن جي ڌَڻِئَ کان، جيڪِي لاٿو وِيو لال! آهي قُرآن ڪرِيم، سو بَرحق ڀَلو بَحال، ۽ ٿو ڏَسي، واٽ وِصال، سَٻر،ساراهِيَل جِي. |
وَقالَ الَّذينَ كَفَروا هَل نَدُلُّكُم عَلىٰ رَجُلٍ يُنَبِّئُكُم إِذا مُزِّقتُم كُلَّ مُمَزَّقٍ إِنَّكُم لَفى خَلقٍ جَديدٍ (آيت : 7) |
۽ اُتو جَن اِنڪار ڪيو، ته آن کي، ڏَسيون اِنسان، خبر ڏِئي ٿو خان سو، جڏهن خاڪ ٿيا خيمان، جُمله جڳ جَھان، ته اَوهِين اِيندا نَئـِين جوڙ ۾. |
أَفتَرىٰ عَلَى اللَّهِ كَذِبًا أَم بِهِ جِنَّةٌ بَلِ الَّذينَ لا يُؤمِنونَ بِالءاخِرَةِ فِى العَذابِ وَالضَّلٰلِ البَعيدِ (آيت : 8) |
ڇا ٻَڌئـِين ڪُوڙ ڪَرِيم تي، يا لَڳسِ جُسي ۾ جِن؟ اُٽلو آخِرت کي، مُور نه مَڃيو جَن، مَنجھ دوزخ ديرو تَن، پڻ آهِن آڳاهِين وِرس ۾. |
أَفَلَم يَرَوا إِلىٰ ما بَينَ أَيديهِم وَما خَلفَهُم مِنَ السَّماءِ وَالأَرضِ إِن نَشَأ نَخسِف بِهِمُ الأَرضَ أَو نُسقِط عَلَيهِم كِسَفًا مِنَ السَّماءِ إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايَةً لِكُلِّ عَبدٍ مُنيبٍ (آيت : 9) |
ڇا وِيچاريؤن نه وار؟ جيڪي اُڀ، زَمِين مان، اَ ڳيان، پُٺيان اُنهن جي، عَجائـِب اَسرار، زوزا زورزَمِين ۾، جي گُھرون ته ڪَريون گار، يا ڪو اَڌڙ اُڀ مان، ڪيريون سِرڪِپار، آهي اِنهِئَ ڳالھ ۾، نِشانِي نِروار، هر ٻانهي لئي ٻِيهار، جو رُجوع ٿِيندڙ رَبَّ ڏي. |
وَلَقَد ءاتَينا داوۥدَ مِنّا فَضلًا يٰجِبالُ أَوِّبى مَعَهُ وَالطَّيرَ وَأَلَنّا لَهُ الحَديدَ (آيت : 10) |
۽ دوست نَبِي دائود سان، بي شڪ ڪياسون ڀال، اي پهڻ! پَڙهو، پڻ پکي!، تسبِيحون تِنهِين نال، پڻ نَرم ميڻ مِثال، لاڪسِ ڪيوسون لوھ کي. |
أَنِ اعمَل سٰبِغٰتٍ وَقَدِّر فِى السَّردِ وَاعمَلوا صٰلِحًا إِنّى بِما تَعمَلونَ بَصيرٌ (آيت : 11) |
جوڙ زرهون اُن مان، گڏ ڪَڙو ڪڙي ساڻ، ۽ صَحِي سُڌارو مُلڪ جو، ساري ڪر سُڄاڻ! آئون پَسندڙ آهيان پاڻ، جيڪِي ڪريو، جھان ۾. |
وَلِسُلَيمٰنَ الرّيحَ غُدُوُّها شَهرٌ وَرَواحُها شَهرٌ وَأَسَلنا لَهُ عَينَ القِطرِ وَمِنَ الجِنِّ مَن يَعمَلُ بَينَ يَدَيهِ بِإِذنِ رَبِّهِ وَمَن يَزِغ مِنهُم عَن أَمرِنا نُذِقهُ مِن عَذابِ السَّعيرِ (آيت : 12) |
۽ ڪيو سون سُليمان جو، تابِع واءُ تمام، مَنزل مَهِينو صُبح جو، ۽ مَنزل مَهِينو شام، ۽ تنهن لئي تلاءُ ٽامي جو، جو جارِي ڪيوسون جام، پڻ مَنظورِئَ سان مالِڪ جي، آگي سَندسِ عَلام، مَهندان تِنهن مُدام، ڪي جِنَّ ڪمائـِيندا رهيا. ۽ اسان جي اَمر کان، جو ڦيري لِک لَوڻو، ته چَکايونسِ چَوڻو، ٻَلڙھ ٻَرندڙ باھ جو. |
يَعمَلونَ لَهُ ما يَشاءُ مِن مَحٰريبَ وَتَمٰثيلَ وَجِفانٍ كَالجَوابِ وَقُدورٍ راسِيٰتٍ اعمَلوا ءالَ داوۥدَ شُكرًا وَقَليلٌ مِن عِبادِىَ الشَّكورُ (آيت : 13) |
جوڙِين جِھڙا پاڻ گُھري، تِنهن لئي ڪوٽ ڪمال، تَلاءَ وَڏي جِيئن تاسريون، پڻ ديڳِيُون ڌَمتال، دِلئون ويا دائود جا!، ڳايو ڳُڻنِ ڳالھ، ۽ آهِن جڏهن مُنهنجي، بَندن مان بَحال، لوڪ سَڄي ۾ لال، ڳاڻ ڳَـڻيائي ڳائـِڻا. |
فَلَمّا قَضَينا عَلَيهِ المَوتَ ما دَلَّهُم عَلىٰ مَوتِهِ إِلّا دابَّةُ الأَرضِ تَأكُلُ مِنسَأَتَهُ فَلَمّا خَرَّ تَبَيَّنَتِ الجِنُّ أَن لَو كانوا يَعلَمونَ الغَيبَ ما لَبِثوا فِى العَذابِ المُهينِ (آيت : 14) |
پوءِ جڏهن مَٿسِ موت جو، ڦيريو سون فرمان، پوءِ رَضا ۽ رُخصت جِي، سَندِي سُليمان، ري اُوڏهِئَ اُنهن کي، ڪِنهن ڪَر ڏِني به ڪان، جَا لَڳي سَندسِ لَٺ کي، جِنهن تي کَڙو هو خان، پوءِ ڪِريو پَٽ تي، مُرسل مِهربان، جڏهن ٿي جِنن تي، اِها ڳالھ عيان، ڄاڻن ڳجھيون ڳالهيون، جيڪر مَنجھ جھان، ته هيترو حيران، ڪَر ڪمن ۾ ڪين رهيا! |
لَقَد كانَ لِسَبَإٍ فى مَسكَنِهِم ءايَةٌ جَنَّتانِ عَن يَمينٍ وَشِمالٍ كُلوا مِن رِزقِ رَبِّكُم وَاشكُروا لَهُ بَلدَةٌ طَيِّبَةٌ وَرَبٌّ غَفورٌ (آيت : 15) |
سَباجي ساڪِنن لئي، هئي نِشاني نِروار، گھاٽا باغ گَسن تي، سَڄي، کَٻي پار، چي روزِي پنهنجي ربَّ جي، کائو خوش گوار، پڻ ڳايون ڳڻ اُنهِئَ جا، هِڪ شهر شاهوڪار، ٻِيو مالِڪ رُبُّ مختيار، مَرهِيندڙ ۽ مِهر ڀَريو. |
فَأَعرَضوا فَأَرسَلنا عَلَيهِم سَيلَ العَرِمِ وَبَدَّلنٰهُم بِجَنَّتَيهِم جَنَّتَينِ ذَواتَى أُكُلٍ خَمطٍ وَأَثلٍ وَشَيءٍ مِن سِدرٍ قَليلٍ (آيت : 16) |
پوءِ موڙيون مُنهن، ته اُنهن تي، ڇانب چڏِيسون ڇَر، بَدل ڏِنوسون باغن جو، ٻِن جو ٻِيهر، کارا پيرون کٻڙِين، ڪَساريون ڪثر، لاسڙ لَيون آسريون، ٻِيون ٻيريون ڪِي قدر، |
ذٰلِكَ جَزَينٰهُم بِما كَفَروا وَهَل نُجٰزى إِلَّا الكَفورَ (آيت : 17) |
جو ڪيائون ڪُفر اُن جو، ڏِنو سونِ اَجر، ۽ ري مُنڪرن مگر، ٻِئي بَدلو نه ڏِيون باھ جو. |
وَجَعَلنا بَينَهُم وَبَينَ القُرَى الَّتى بٰرَكنا فيها قُرًى ظٰهِرَةً وَقَدَّرنا فيهَا السَّيرَ سيروا فيها لَيالِىَ وَأَيّامًا ءامِنينَ (آيت : 18) |
تَن وِچ ۽ واهڻِين، گل ڪياسون گام، مُقرّر ڪيونسون مَنزلون، سانگ سَندنِ تان شام، صُبح سُکيا هِڪ شهر ۾، ۽ ٻي شهر ۾ شام، رَهو مَنجَھنِ ڏِينهن، راتيون، اَمن، سان آرام، |
فَقالوا رَبَّنا بٰعِد بَينَ أَسفارِنا وَظَلَموا أَنفُسَهُم فَجَعَلنٰهُم أَحاديثَ وَمَزَّقنٰهُم كُلَّ مُمَزَّقٍ إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايٰتٍ لِكُلِّ صَبّارٍ شَكورٍ (آيت : 19) |
آکيؤن پوءِ ته، اسان جا، آگاربَّ عَلام، ڪر پَنڌ اسان جو پَر ڀَرو، مَنزِل دُور مُدام، ۽ پاڻهِين ڪيائون پاڻ سان، جاڙ جَفائون جام، پوءِ ڪيوسون آکاڻيون اُنهن کي، ٻئو نه نِشاني نام، ڇِنِي ڪياسون ڇَڙو ڇَڙ، توائـِي تمام، اِن ۾ عِبرت عام، هر صابِر شُڪر گُذارلئي. |
وَلَقَد صَدَّقَ عَلَيهِم إِبليسُ ظَنَّهُ فَاتَّبَعوهُ إِلّا فَريقًا مِنَ المُؤمِنينَ (آيت : 20) |
۽ صَحِي ثابت ڪيو اُنهن تي، پَنهنجو شَڪ شيطان، پوءِ لڳا لڙھ اُن جي، تابِع ٿيا تَعبان، سوا ساٿ هيڪڙي، جي مُؤْمن مُسلمان، |
وَما كانَ لَهُ عَلَيهِم مِن سُلطٰنٍ إِلّا لِنَعلَمَ مَن يُؤمِنُ بِالءاخِرَةِ مِمَّن هُوَ مِنها فى شَكٍّ وَرَبُّكَ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ حَفيظٌ (آيت : 21) |
۽ مَٿنِ طاقت مُورهين، اُن کي آهي ڪانه، پَرتان پَرکيؤَن، جي رکن، عُقبا تي اِيمان، اُنهن ڪنان، آهين جي مَنجِھين غلط گُمان، ۽ آهي نِگھبان، سَڀ شئِ تي، صاحب تُنهنجو. |
قُلِ ادعُوا الَّذينَ زَعَمتُم مِن دونِ اللَّهِ لا يَملِكونَ مِثقالَ ذَرَّةٍ فِى السَّمٰوٰتِ وَلا فِى الأَرضِ وَما لَهُم فيهِما مِن شِركٍ وَما لَهُ مِنهُم مِن ظَهيرٍ (آيت : 22) |
چئو، ته اَوهِين اُنهن کي وَرڪريو سَڏ سُوال، جَن کي نائـِب صاحب جا، ڀانيان ٿي بَطال، تِرتور نَه عَرش، فرش ۾، سَندنِ هَٿ سَنڀال، ۽ ڀور، نَه ڀاڱو اُنهن جو، مَنجھنِ ڪو مَجال، پڻ تَن مان، تِنهين نال، ٽڪو ٽيڪِيندڙ ناھِ ڪو. |
وَلا تَنفَعُ الشَّفٰعَةُ عِندَهُ إِلّا لِمَن أَذِنَ لَهُ حَتّىٰ إِذا فُزِّعَ عَن قُلوبِهِم قالوا ماذا قالَ رَبُّكُم قالُوا الحَقَّ وَهُوَ العَلِىُّ الكَبيرُ (آيت : 23) |
۽ وَٽسِ وَٽابو ڪِنهن نه ڏِئي، اُهکي وير وَهار، مگر موڪل مِهر سان، هادِئَ ڏِنِي جِنهن هار، تان هيبت سَندنِ هِينَن مان، ويئـِي ڪَڍِي جنهن وار، چي، اَهنجي آگي ڇا چيو؟ پُڇڻ لڳا پَچار، چي، سَڀ ڪُجھ سائـِينءَ سَچ چيو، اِذن ڏِنو اِظهار، ۽ سو مَٿاهون مُختيار، وَڏِي وڏائـِئَ جو ڌَڻِي. |
قُل مَن يَرزُقُكُم مِنَ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ قُلِ اللَّهُ وَإِنّا أَو إِيّاكُم لَعَلىٰ هُدًى أَو فى ضَلٰلٍ مُبينٍ (آيت : 24) |
چئو، آن کي اُڀ، زمين مان، قُوْت ڏيٿو ڪير؟ چَئو، اَلله جَلَّ جَلالہ سانجِھي، صُبح سوير، چئو ، اَسان، ڪِ اوهان ڌُر، هيڪڙِي مَٿي پوري پير، ٻِي فِرق بِنا ڦير، مُنهن ٻولِي مُونجھ ۾. |
قُل لا تُسـَٔلونَ عَمّا أَجرَمنا وَلا نُسـَٔلُ عَمّا تَعمَلونَ (آيت : 25) |
چئو، اَسِين جيڪي اَوَلاهَلون، تِنهنجِي اَوهان تي نَه پُڇا، ۽ اَوهِين ڪريو ڇا؟ ته پُڇا نَه اَسان تي اُن جِي، |
قُل يَجمَعُ بَينَنا رَبُّنا ثُمَّ يَفتَحُ بَينَنا بِالحَقِّ وَهُوَ الفَتّاحُ العَليمُ (آيت : 26) |
چَئو، پَرور پَنهنجو، پاڻ کي، ميڙيندو مَحشر، پوءِ ڪندو حق تي فيصلو ، پَنهنجي وِچ پَرور، ۽ سو مُنصِف مُقرّر، سَمجھندڙ سَچ کي. |
قُل أَرونِىَ الَّذينَ أَلحَقتُم بِهِ شُرَكاءَ كَلّا بَل هُوَ اللَّهُ العَزيزُ الحَكيمُ (آيت : 27) |
چئو، ڏيکاريومِ صَحِي، سي آڻي اَڄ اِظهار، ڪيان اُن سان ڪَمن ۾، جَن کي ڀورا! ڀائيوار، سَمجھ ته آهي اُٽلندو، نِظارو نِروار، سَٻر ، سَمجھدار، سو اَلله جَلّ جَلالہٗ. |
وَما أَرسَلنٰكَ إِلّا كافَّةً لِلنّاسِ بَشيرًا وَنَذيرًا وَلٰكِنَّ أَكثَرَ النّاسِ لا يَعلَمونَ (آيت : 28) |
۽ تو نه مُڪو سون، مگر مِڙنِي ماڻهن ڪاڻ، خبرون ڏِيندڙ خير جون ۽ ڄيري ڪندڙ ڄاڻ، پر ماڻهون مَت اَڄاڻ، جَجھا نه جانچِينِ ڳالھ کي. |
وَيَقولونَ مَتىٰ هٰذَا الوَعدُ إِن كُنتُم صٰدِقينَ (آيت : 29) |
۽ چَونِ سَچا آهيو ته، ڪَڏِهن ڏِينهن قِيام؟ |
قُل لَكُم ميعادُ يَومٍ لا تَستَـٔخِرونَ عَنهُ ساعَةً وَلا تَستَقدِمونَ (آيت : 30) |
چئو اوهان لئي آھِ ڪو ، اُن ڏِينهن جو اَنجام، گَھڙي هِڪ گگدام! اُن کان نه اڳي، ۽ نه پوءِٿيو. |
وَقالَ الَّذينَ كَفَروا لَن نُؤمِنَ بِهٰذَا القُرءانِ وَلا بِالَّذى بَينَ يَدَيهِ وَلَو تَرىٰ إِذِ الظّٰلِمونَ مَوقوفونَ عِندَ رَبِّهِم يَرجِعُ بَعضُهُم إِلىٰ بَعضٍ القَولَ يَقولُ الَّذينَ استُضعِفوا لِلَّذينَ استَكبَروا لَولا أَنتُم لَكُنّا مُؤمِنينَ (آيت : 31) |
ڦِريا جي فرمان کان، تن جوڙي ڏِنو جواب، ڪڏهن نه مَڃيون قُرآن هِي ، ۽ اِنهيان اڳيون ڪتاب، ۽ حال هاڃيڪارن جو، جيڪر ڏِسِين جناب! آگي سَندنِ اڳيان، بِيٺل جڏهن بيتاب، هِڪڙا ڏِين ٻِين کي، رَد ڪَد روز حِساب، ڏاڍَنِ ڏِيندا ڏُٻرا، اوڀالا، عِتاب، ته اوهين آڏا جي نه هئا، ڪنان سُڌ صَواب، ته هُئاسون هرباب، حق مَڃِيندڙمُورهِين. |
قالَ الَّذينَ استَكبَروا لِلَّذينَ استُضعِفوا أَنَحنُ صَدَدنٰكُم عَنِ الهُدىٰ بَعدَ إِذ جاءَكُم بَل كُنتُم مُجرِمينَ (آيت : 32) |
هَٺِيلن هيٺيَنِ کي، پاٻوهيو پَهِي، ڇا اسان اوهان کي، روڪيو، سَنئـِين کان صَحِي؟ جنهن بعد اوهان کي آئيو، واحِد جو وَحِي، بَلڪ حقِيقت هِي، ته اَوهِين پاپِي پاڻ هُئا. |
وَقالَ الَّذينَ استُضعِفوا لِلَّذينَ استَكبَروا بَل مَكرُ الَّيلِ وَالنَّهارِ إِذ تَأمُرونَنا أَن نَكفُرَ بِاللَّهِ وَنَجعَلَ لَهُ أَندادًا وَأَسَرُّوا النَّدامَةَ لَمّا رَأَوُا العَذابَ وَجَعَلنَا الأَغلٰلَ فى أَعناقِ الَّذينَ كَفَروا هَل يُجزَونَ إِلّا ما كانوا يَعمَلونَ (آيت : 33) |
۽ هَٺِيلن کي، هيٺيَن چَيو اِهڙِئَ چال، بَلڪ رِٿون ڏِينهن رات جون، جڏهن ڪَهيان اَسان کي ڪالھ، ته اَسِين ڦِرون اَلله کان، ۽ جوڙيونسِ جوڙِيوال، پوءِ ڳُجھيون کاڌئون ڳَـڻتـِـيُون، جڏهن ڏِٺئون جَنجال، ۽ ڳَٽ اُنهن جي ڳِچينَ ۾، هنياسون هر حال، ڪِريا جي ڪفر ۾، ٿِيا پُٺيرا پيمال، ڪنهن کي، نه ملي ٻِيو، مگر بَدلو سو بَحال، اَجايا اَفعال، جيڪِي ڪن جَھان ۾. |
وَما أَرسَلنا فى قَريَةٍ مِن نَذيرٍ إِلّا قالَ مُترَفوها إِنّا بِما أُرسِلتُم بِهِ كٰفِرونَ (آيت : 34) |
۽ ڄاڻوئـِي ڄيري جو، نه مُڪوسون ڪِنهن ماڳ، مگر مُنهان تَن ٻوليو، جَن وٽ اَجھانگا اَجھاڳ، ته آن کي ڏِناجي وِيا، سنِيها سُهاڳ، تِنِين کان تياڳ، اَسِين اِنڪارِي آهيون. |
وَقالوا نَحنُ أَكثَرُ أَموٰلًا وَأَولٰدًا وَما نَحنُ بِمُعَذَّبينَ (آيت : 35) |
۽ چي، مال، عيال ۾، آهيون اَسِين اَڪثر، اسان تي يَڪسر، اَچڻو ناھِ عَذاب ڪو |
قُل إِنَّ رَبّى يَبسُطُ الرِّزقَ لِمَن يَشاءُ وَيَقدِرُ وَلٰكِنَّ أَكثَرَ النّاسِ لا يَعلَمونَ (آيت : 36) |
چئو، جنهن کي گُھري، ته ڏئيسِ گھڻو روزي مُنهنجو ربُّ، ۽ ڪِنهن کي تنِگي توڻ جِي، ڏِئي سانيَمِ ڪِنهن سبب، پر ماڻهن مان مَطلب، ته ججهانه جانچِين ڳالھ کي. |
وَما أَموٰلُكُم وَلا أَولٰدُكُم بِالَّتى تُقَرِّبُكُم عِندَنا زُلفىٰ إِلّا مَن ءامَنَ وَعَمِلَ صٰلِحًا فَأُولٰئِكَ لَهُم جَزاءُ الضِّعفِ بِما عَمِلوا وَهُم فِى الغُرُفٰتِ ءامِنونَ (آيت : 37) |
۽ مال ۽ اولاد اَهنجا، سامَڻيان نه آهنِ مُور، ته اَسان وَٽ اَوهان کي، حاصل ڪن حُضور، مگر جن مڃيو، ۽ ڪيون ڀلايون ڀَرپُور، ٻِيڻا آهن ٻاجھ سان، اُنهن لئي اَجر اُجُور، ۽ اُهي ماڙِيُن ۾ مَسْرُور، آهِن اَمن اَمان ۾. |
وَالَّذينَ يَسعَونَ فى ءايٰتِنا مُعٰجِزينَ أُولٰئِكَ فِى العَذابِ مُحضَرونَ (آيت : 38) |
۽ جي ڊُڪن ڊوڙن اُن لئي، ته ڪن حُڪم اسان جا هيٺ، اُهي نِڀا ڳانيٺ، ساڪِن سَخت عذاب ۾. |
قُل إِنَّ رَبّى يَبسُطُ الرِّزقَ لِمَن يَشاءُ مِن عِبادِهِ وَيَقدِرُ لَهُ وَما أَنفَقتُم مِن شَيءٍ فَهُوَ يُخلِفُهُ وَهُوَ خَيرُ الرّٰزِقينَ (آيت : 39) |
چي، سانيَمِ سَندسِ ٻانهن مان جنهن لئي گُھري جبار، توڻ وَڌائي ۽ تنگ ڪري، سڀ اُن جي اِختيار، ۽ سوئـِي سَنڀالي تِنهن کي، جيڪا لَهو سَقِيمن سار، ۽ قرارو ڪلتار، روزِي ڏِيندڙن کان، ڏيھ ۾. |
وَيَومَ يَحشُرُهُم جَميعًا ثُمَّ يَقولُ لِلمَلٰئِكَةِ أَهٰؤُلاءِ إِيّاكُم كانوا يَعبُدونَ (آيت : 40) |
۽ سائـِين اُن سَڀن کي، جڏهن ميڙي ڏِينهن مَحشر، موٽِي مَلائـِڪن کي، پُڇندو پوءِ پَرور، ته هِي ڇا، پُوڄِيندڙ هُئا، اَوهان کي آخر؟ |
قالوا سُبحٰنَكَ أَنتَ وَلِيُّنا مِن دونِهِم بَل كانوا يَعبُدونَ الجِنَّ أَكثَرُهُم بِهِم مُؤمِنونَ (آيت : 41) |
چي، پَڪ پاڪائـِي توکي،پَرور هر ڪِنهن پر، ڌڻِي اَسان جو آهيِين، اُن ڌاران، تون داور، جاٽون ڪندا هُئا جِنن جون، بَلڪ اِهي بَدتر، اُنهن مان اَڪثر، آهِن مَڃِيندڙ اُنهن کي. |
فَاليَومَ لا يَملِكُ بَعضُكُم لِبَعضٍ نَفعًا وَلا ضَرًّا وَنَقولُ لِلَّذينَ ظَلَموا ذوقوا عَذابَ النّارِ الَّتى كُنتُم بِها تُكَذِّبونَ (آيت : 42) |
پوءِ اَڄ نه اَوهِين هِڪ ٻِئي کي، ڏِيو نَفعو ۽ نه نُقصان،۽ چِٽو چونداسون، تن کي، جَن ڪيا ظُلم زِيان، جنهن کي ڪوڙو چيان ڪُفران!، چَکو پَکو تِنهن چِيز کي. |
وَإِذا تُتلىٰ عَلَيهِم ءايٰتُنا بَيِّنٰتٍ قالوا ما هٰذا إِلّا رَجُلٌ يُريدُ أَن يَصُدَّكُم عَمّا كانَ يَعبُدُ ءاباؤُكُم وَقالوا ما هٰذا إِلّا إِفكٌ مُفتَرًى وَقالَ الَّذينَ كَفَروا لِلحَقِّ لَمّا جاءَهُم إِن هٰذا إِلّا سِحرٌ مُبينٌ (آيت : 43) |
پَڙهجن اُتن اَسان جون، جڏهن نِشانيون نِروار، چي، هِي مَرد مَنع ٿو ڪَنِيان، تَن تِير ٿِنيان تڪرار، پُوڄِيندا هُئا پِئ اَهنجا، جيڪِي دَر، دُوار، ۽ ڪونهي هِي قرآن، چي، ڪارٖي ڪُوڙ ڌار، ۽ تن چيو، صفا سچ لئي، جَن اَنڌن ڪو اِنڪار، جڏهن آيو اُنهن پار، هِي ناھ، مگر مَنڊ پَڌرو.. |
وَما ءاتَينٰهُم مِن كُتُبٍ يَدرُسونَها وَما أَرسَلنا إِلَيهِم قَبلَكَ مِن نَذيرٍ (آيت : 44) |
۽ نه ڏِنو سونِ ڪِتاب ڪو، پَڙهن جِنهن کي پاڻ، ۽ نَه ڪَندڙ ڄيري ڄاڻ، مَهند مُڪو سُون اُنهن ۾. |
وَكَذَّبَ الَّذينَ مِن قَبلِهِم وَما بَلَغوا مِعشارَ ما ءاتَينٰهُم فَكَذَّبوا رُسُلى فَكَيفَ كانَ نَكيرِ (آيت : 45) |
اُنهن کان اڳين سڀ، ڪوٺيون ڪُوڙ فُتور، ۽ پُهتا نه ڏهِين پَتِئَ کي، اُن مِلڪيت جي مُور، اَسان ڏِنا اُنهن کي، ڀانڊارا ڀَرپُور، ڪُوڙا پوءِ ڪوٺيؤن، مُنهنجا نَبِي نُور، پوءِ ڌَمڪيون ڪِنهن دَستور، آهِن آخِر مُنهنجون. |
قُل إِنَّما أَعِظُكُم بِوٰحِدَةٍ أَن تَقوموا لِلَّهِ مَثنىٰ وَفُرٰدىٰ ثُمَّ تَتَفَكَّروا ما بِصاحِبِكُم مِن جِنَّةٍ إِن هُوَ إِلّا نَذيرٌ لَكُم بَينَ يَدَى عَذابٍ شَديدٍ (آيت : 46) |
چئو، آئون نه اوهان کي ٿو ڏِيان، مگر هِڪِڙي مَت، ٻَه ٻَه، اَڪيلا ٿِي اُٿيو، صاحِب لڳه سُڀت، پوءِ سوچيو ته اَهنجي ساٿِي کي، ڪانهي لَهس لڳت، هِن ري، اوهان لئي ناھِ، ٻِيو، هرگز هِي حَضرت، اِطلاعِي اَلبت، اڳ ۾ سَخت عذاب کان. |
قُل ما سَأَلتُكُم مِن أَجرٍ فَهُوَ لَكُم إِن أَجرِىَ إِلّا عَلَى اللَّهِ وَهُوَ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ شَهيدٌ (آيت : 47) |
چَئو، آن کي رَسيو، جو گُھران، آن کان اُجورو، مُنهنجو اَجر اَلله تي، ثابِت سَمورو، ۽ سو پَهري تي پُورو، حاضِر هَر ڪِنهن شي مَٿي. |
قُل إِنَّ رَبّى يَقذِفُ بِالحَقِّ عَلّٰمُ الغُيوبِ (آيت : 48) |
چئو، سَچ سِينن ۾ ٿو سَٽي، سانيَمِ ربّ، ستار، ڄاڻي ڄاڻڻهار، ڳالهيون سڀ ڳجھن جون. |
قُل جاءَ الحَقُّ وَما يُبدِئُ البٰطِلُ وَما يُعيدُ (آيت : 49) |
چئو آيو سَچ عالم ۾، ناحق نه اَچي نِئين سِر، پڻ پَڇاڙِئَ ڪِنهن پر، موٽِي نه اَچي ماڳ تي. |
قُل إِن ضَلَلتُ فَإِنَّما أَضِلُّ عَلىٰ نَفسى وَإِنِ اهتَدَيتُ فَبِما يوحى إِلَىَّ رَبّى إِنَّهُ سَميعٌ قَريبٌ (آيت : 50) |
چئو، ڀُليسِ جي ڀاڻي ڪنان، ته سَندمِ سرِ تي بار، ۽ جي لوچي لَڌيَمِ واٽ سَنِئين، ته ڪرم سَندمِ ڪَلتار، جنهن موجب مون ڏي، موڪلي سَنِيها سَتار، آهي سو اِظهار، سُڻندڙ، سَڀَنِيان اوڏڙو. |
وَلَو تَرىٰ إِذ فَزِعوا فَلا فَوتَ وَأُخِذوا مِن مَكانٍ قَريبٍ (آيت : 51) |
۽ جي ڏِسينِ تنهن ڏينهن ۾، جڏهن هُوندا سڀ حيران، پوءِ واھ وڃڻ جِي، اُنهن لئي، ڪيڏانهن آهي ڪانه، ۽ ويجھي ماڳان وَٺجِي پِيا، جَڙين زَنجيرِين جان، |
وَقالوا ءامَنّا بِهِ وَأَنّىٰ لَهُمُ التَّناوُشُ مِن مَكانٍ بَعيدٍ (آيت : 52) |
چي، مڃيو سون مُورهِين، هِي قادر جو قُرآن، ته اُنهن لئي ڪِٿان اِيمان، آڻڻ ڏُور مَڪان کان. |
وَقَد كَفَروا بِهِ مِن قَبلُ وَيَقذِفونَ بِالغَيبِ مِن مَكانٍ بَعيدٍ (آيت : 53) |
۽ آڳاٽو اُن سان، ڪيائون ڪُفران، ۽ هَڻن ٺَلا ٺَپ ڳُجھ ۾، پَري ماڳان پَڪِ، ۽ تَن وِچ، پڻ طلبِين جو، ڏاڍا ڏِناوِيا ڏَڪ، |
وَحيلَ بَينَهُم وَبَينَ ما يَشتَهونَ كَما فُعِلَ بِأَشياعِهِم مِن قَبلُ إِنَّهُم كانوا فى شَكٍّ مُريبٍ (آيت : 54) |
اُن جھڙن سان، اڳي ٿِئي، سا سزا مِليَنِ سَڪ، اُهي آهِن اَندر شڪ، گڏِيندڙ گُمان ۾. |