الحَمدُ لِلَّهِ الَّذى لَهُ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَما فِى الأَرضِ وَلَهُ الحَمدُ فِى الءاخِرَةِ وَهُوَ الحَكيمُ الخَبيرُ (آيت : 1) |
سڀ ساراهه الله جي لاءِ آهي جنهن جي قبضي ۾ اهو سڀ ڪجهه آهي جيڪي آسمانن ۾ آهي ۽ جيڪي زمين ۾ آهي ۽ آخرت ۾ به حمد ۽ ثنا انهيءَ ئي جي لاءِ آهي ۽ هو وڏي حڪمت وارو ۽ سڀ خبر رکندڙ آهي. |
يَعلَمُ ما يَلِجُ فِى الأَرضِ وَما يَخرُجُ مِنها وَما يَنزِلُ مِنَ السَّماءِ وَما يَعرُجُ فيها وَهُوَ الرَّحيمُ الغَفورُ (آيت : 2) |
جيڪي جيڪي زمين ۾ داخل ٿئي ٿو ۽ جيڪي جيڪي ان مان نڪري ٿو ۽ جيڪي آسمان مان نازل ٿئي ٿو ۽ جيڪي ان ڏانهن چڙهي وڃي ٿو سو سڀ الله تعاليٰ ڄاڻي ٿو، ۽ هو ڏاڍو رحم وارو ۽ بخشڻهار آهي. |
وَقالَ الَّذينَ كَفَروا لا تَأتينَا السّاعَةُ قُل بَلىٰ وَرَبّى لَتَأتِيَنَّكُم عٰلِمِ الغَيبِ لا يَعزُبُ عَنهُ مِثقالُ ذَرَّةٍ فِى السَّمٰوٰتِ وَلا فِى الأَرضِ وَلا أَصغَرُ مِن ذٰلِكَ وَلا أَكبَرُ إِلّا فى كِتٰبٍ مُبينٍ (آيت : 3) |
جن ڪفر جي واٽ اختيار ڪئي آهي سي چون ٿا ته (عذاب ۽ شڪست جي) گهڙي اسان جي مٿان ڪانه ايندي. (اي پيغمبر!) تون کين _زوردار لفظن ۾) ٻڌائي ڇڏ ته قسم آهي منهنجي پروردگار جو ته اها گهڙي ضرور ايندي (قسم آهي انهيءَ پروردگار جو جيڪو) غيب جو علم رکندڙ آهي. هن کان ڪابه چيز ڳجهي ناهي اگرچه ڪو ذرڙو آسمانن ۾ يا زمين ۾ (لڪل) هجي ۽ ان کان به ننڍو هجي يا وڏو هجي ته اهو ذرڙو به (الله جي) چٽي چٽي ڪتاب ۾ (چٽي طرح لکيل) آهي. |
لِيَجزِىَ الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ أُولٰئِكَ لَهُم مَغفِرَةٌ وَرِزقٌ كَريمٌ (آيت : 4) |
(هرهڪ ڳالهه ۽ عمل خدا جي ڪتاب ۾ لکيل آهي) انهيءَ لاءِ ته جيڪي ماڻهو (حقيقتن تي) ايمان آڻين ٿا ۽ (انهن موجب) صالح عمل ڪن ٿا، تن کي الله تعاليٰ نيڪ بدلو (۽ نعمتون) ڏئي. اهي ئي آهن جن جي لاءِ (خدا وٽان) بخشش آهي ۽ شاندار رزق آهي. |
وَالَّذينَ سَعَو فى ءايٰتِنا مُعٰجِزينَ أُولٰئِكَ لَهُم عَذابٌ مِن رِجزٍ أَليمٌ (آيت : 5) |
پر اهي ماڻهو جيڪي اسان جي نشانين ۽ حڪمن جي مخالفت ڪري اسان کي عاجز ڪرڻ جي ڪوشش ٿا ڪن (سي هرگز اسان جي ارادن کي روڪي نه سگهندا. اٽلندو پاڻ تباهه ٿيندا) اهي ئي آهن جن جي لاءِ سخت دردناڪ ۽ خوار خراب ڪندڙ سزا جو عذاب اچڻو آهي. |
وَيَرَى الَّذينَ أوتُوا العِلمَ الَّذى أُنزِلَ إِلَيكَ مِن رَبِّكَ هُوَ الحَقَّ وَيَهدى إِلىٰ صِرٰطِ العَزيزِ الحَميدِ (آيت : 6) |
۽ جن ماڻهن کي علم ڏنو ويو آهي سي چٽائيءَ سان ڏسن ٿا ته جيڪي تنهنجي پروردگار وٽان نازل ٿيو آهي (يعني قرآن) سوئي حق آهي ۽ (يقين سان ڄاڻن ٿا ته) هو (قرآن) انهيءَ خدا جي (سڌي) واٽ ڏيکاري ٿو جو وڏي غلبي ۽ قدرت وارو آهي ۽ سڀني اعليٰ صفتن سان ڪامل طرح موصوف آهي. |
وَقالَ الَّذينَ كَفَروا هَل نَدُلُّكُم عَلىٰ رَجُلٍ يُنَبِّئُكُم إِذا مُزِّقتُم كُلَّ مُمَزَّقٍ إِنَّكُم لَفى خَلقٍ جَديدٍ (آيت : 7) |
جن ڪفر جو طريقو اختيار ڪيو آهي سي (ٽوڪ وانگر ٻين کي يا هڪٻئي کي) چون ٿا ته، اسان توهان کي اهڙو ماڻهو ڏيکاريون جيڪو چوي ٿو ته، جڏهن توهان (مرڻ بعد) ڳري سڙي ذرڙا ذرڙا ٿي ويندؤ تڏهن توهان کي وري نئين سر پيدا ڪري اٿاريو ويندو؟ |
أَفتَرىٰ عَلَى اللَّهِ كَذِبًا أَم بِهِ جِنَّةٌ بَلِ الَّذينَ لا يُؤمِنونَ بِالءاخِرَةِ فِى العَذابِ وَالضَّلٰلِ البَعيدِ (آيت : 8) |
(اهي ڪافر هيئن به چون ٿا ته، انهيءَ ماڻهو يعني حضرت محمدﷺ) خدا تي ڪوڙو ٺاهه ٺاهيو آهي يا جنن جو اثر پيو اٿس؟ (۽ چريائي ۾ اهڙيون ڳالهيون پيو ڪري؟) هرگز نه! حقيقت هيءَ آهي ته جيڪي ماڻهو آخرت ۾ ايمان نٿا رکن (۽ نٿا سمجهن ته بدعملن جو نتيجو ضرور بد ئي نڪرندو) سي ئي ماڻهو عذاب ۾ گرفتار آهن ۽ وڏي سخت گمراهيءَ ۾ (غلط واٽ تي) دور نڪري ويا آهن. |
أَفَلَم يَرَوا إِلىٰ ما بَينَ أَيديهِم وَما خَلفَهُم مِنَ السَّماءِ وَالأَرضِ إِن نَشَأ نَخسِف بِهِمُ الأَرضَ أَو نُسقِط عَلَيهِم كِسَفًا مِنَ السَّماءِ إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايَةً لِكُلِّ عَبدٍ مُنيبٍ (آيت : 9) |
ڇا اهي (ڪافر) نٿا ڏسن ته آسمان ۽ زمين جون (ڪهڙيون ڪهڙيون قدرتون ۽ قانون ۽ عجائبات) سندن اڳيان ۽ پٺيان ظاهر پيا آهن. جيڪڏهن اسان چاهيون ته کين زمين ۾ پوري ڇڏيون يا آسمان مان مٿن هڪڙي ڇپ ڪيرايون. بيشڪ هن (ڪائنات جي قدرتن) ۾ انهن سڀني ٻانهن لاءِ وڏي نشاني آهي، جيڪي (الله ڏي) رجوع ٿين ٿا. |
وَلَقَد ءاتَينا داوۥدَ مِنّا فَضلًا يٰجِبالُ أَوِّبى مَعَهُ وَالطَّيرَ وَأَلَنّا لَهُ الحَديدَ (آيت : 10) |
۽ هي حقيقت آهي ته اسان حضرت دائود کي پنهنجي فضل سان نوازيو. اي جبلو ۽ اي پکيو! توهان به ساڻس گڏ الله جون صفتون ڳايو ۽ اسان هن جي لاءِ لوهه کي نرم ڪري ڇڏيو. |
أَنِ اعمَل سٰبِغٰتٍ وَقَدِّر فِى السَّردِ وَاعمَلوا صٰلِحًا إِنّى بِما تَعمَلونَ بَصيرٌ (آيت : 11) |
(اسان حضرت دائود کي حڪم ڏنو ته انهيءَ لوهه مان) زرهون ٺاهه ۽ زنجيردار زرهن جي ڪڙين کي پوري انداز تي بيهار (ته جنگي جوڌا انهن کي آسانيءَ سان پهري سگهن ۽ ظالم دشمنن جو مقابلو ڪن) ۽ (اي دائود جا ماڻهو) سٺو ڪم ڪيو (ته زرهون سٺيون ۽ سهوليت واريون ٿين) يقين رکو ته جيڪي جيڪي توهان ڪيو ٿا سو مان چڱيءَ طرح ٿو ڏسان. |
وَلِسُلَيمٰنَ الرّيحَ غُدُوُّها شَهرٌ وَرَواحُها شَهرٌ وَأَسَلنا لَهُ عَينَ القِطرِ وَمِنَ الجِنِّ مَن يَعمَلُ بَينَ يَدَيهِ بِإِذنِ رَبِّهِ وَمَن يَزِغ مِنهُم عَن أَمرِنا نُذِقهُ مِن عَذابِ السَّعيرِ (آيت : 12) |
۽ حضرت سليمان جي لاءِ هوا (کي سندس تابع ڪيوسين، يعني هوا کان ڪم وٺڻ ۽ ان جي وسيلي سڙهن سان جهاز راني ڪرڻ جو هنر سيکاريو) انهيءَ هوا جو صبح وارو پنڌ ۽ شام وارو پنڌ هڪ مهيني جي (پيادل) مسافريءَ جي برابر هو. (يعني جهاز ٻن پهرن جي اندر پيادل مسافرن جي هڪ مهيني جي مسافري جيترو مفاصلو لتاڙي ويندا هئا). ۽ اسان هن جي لاءِ پگهريل پتل جو چشمو وهائي ڇڏيو، (جنهن مان برتن وغيره ٺهڻ لڳا۽ الله جي حڪم سان جنن مان ڪي سندس اڳيان ڪم ڪندا هئا. ۽ (انهن مان) جنهن به اسان جي حڪم کان منهن ٿي موڙيو تنهن کي ڄڀي ڪندڙ باهه جو عذاب ٿي چکايوسين. |
يَعمَلونَ لَهُ ما يَشاءُ مِن مَحٰريبَ وَتَمٰثيلَ وَجِفانٍ كَالجَوابِ وَقُدورٍ راسِيٰتٍ اعمَلوا ءالَ داوۥدَ شُكرًا وَقَليلٌ مِن عِبادِىَ الشَّكورُ (آيت : 13) |
(اهي جيڪي حضرت سليمان لاءِ) اهڙيءَ طرح ڪم ڪندا هئا جيئن هو چاهيندو هو ۽ عمارتون ۽ مورتون ۽ تلاون جيڏا حوض ۽ هڪ هنڌ کتل ديڳيون ٺاهيندا هئا. اي آل دائود (خدا جي) شڪرگذاري ڪندي ڪم ڪندا رهو، پر منهنجي ٻانهن مان ڪي ٿورا آهن جيڪي شڪرگذار ڪن ٿا (گهڻا ته اهڙا آهن جي خدا جي ڏنل نعمتن جسم، دل، دماغ ۽ فطرت جي شين کان پورو ڪم نٿا وٺن). |
فَلَمّا قَضَينا عَلَيهِ المَوتَ ما دَلَّهُم عَلىٰ مَوتِهِ إِلّا دابَّةُ الأَرضِ تَأكُلُ مِنسَأَتَهُ فَلَمّا خَرَّ تَبَيَّنَتِ الجِنُّ أَن لَو كانوا يَعلَمونَ الغَيبَ ما لَبِثوا فِى العَذابِ المُهينِ (آيت : 14) |
پوءِ جڏهن اسان هن (حضرت سليمان) تي موت جو حڪم صادر ڪيو تڏهن ڪنهن به شيءِ هنن (جنن) کي سندس موت جي خبر نه ڏني، سواءِ هڪڙي زميني جيت جي جو سندس لٺ کي (هوريا هوريان) کائي رهيو هو. پوءِ جڏهن (لٺ کاڄي وڃڻ جي ڪري لٺ جو سهارو وڃائي) حضرت سليمان ڪري پيو، تڏهن جنن کي معلوم ٿيو ته، (هو گذاري ويو آهي ۽) جيڪڏهن انهن کي غيب جي خبر هجي ها ته هن خوار خراب ڪندڙ عذاب ۾ نه ترسن ها (۽ ڀڄي وڃن ها). |
لَقَد كانَ لِسَبَإٍ فى مَسكَنِهِم ءايَةٌ جَنَّتانِ عَن يَمينٍ وَشِمالٍ كُلوا مِن رِزقِ رَبِّكُم وَاشكُروا لَهُ بَلدَةٌ طَيِّبَةٌ وَرَبٌّ غَفورٌ (آيت : 15) |
سبا جي ماڻهن لاءِ خود سندن گهرن يا ڳوٺن ۾ وڏي نشاني هئي. (سندن رستن يا واهن جي ٻنهي پاسن تي هر هنڌ) ٻه باغ هئا. هڪڙو ساڄي پاسي ۽ ٻيو کٻي پاسي، (هنن کي الله تعاليٰ وٽان ارشاد مليل هو ته) پنهنجي پروردگار جي رزق مان کائو پيئو ۽ سندس شڪرگذاري ڪيو (يعني سندس نعمتون ورهائڻ ۾ ٻين ماڻهن سان عدل ۽ احسان ڪيو) اهو ڏاڍو سهڻو، آباد ۽ آسودو ملڪ هو ۽ (سندن) پروردگار (هنن جون خطائون) بار بار بخشيندڙ هو. |
فَأَعرَضوا فَأَرسَلنا عَلَيهِم سَيلَ العَرِمِ وَبَدَّلنٰهُم بِجَنَّتَيهِم جَنَّتَينِ ذَواتَى أُكُلٍ خَمطٍ وَأَثلٍ وَشَيءٍ مِن سِدرٍ قَليلٍ (آيت : 16) |
پر پوءِ هنن (خدا جي حڪمن کان) منهن موڙيو تنهن ڪري اسان هنن جي مٿان وڏي ٻوڏ عرم واري موڪلي ۽ سندن ٻن (قطارن وارن) باغن کي ڦيرائي اهڙا ٻه باغ ڪياسين جن ۾ ڪوڙا ڦل، ليون ۽ ننڍڙيون بيڪار ٻيريون وڃي رهيون. |
ذٰلِكَ جَزَينٰهُم بِما كَفَروا وَهَل نُجٰزى إِلَّا الكَفورَ (آيت : 17) |
اهو هو هنن جو عيوضو جو اسان کين سندن بي شڪريءَ جي ڪري ڏنو ۽ اهڙي سزا اسان فقط انهن کي ڏيندا آهيون جيڪي بي شڪر ٿيندا آهن (۽ اسان جون نعمتون خراب طرح ڪم آڻي ظلم ڪندا آهن.) |
وَجَعَلنا بَينَهُم وَبَينَ القُرَى الَّتى بٰرَكنا فيها قُرًى ظٰهِرَةً وَقَدَّرنا فيهَا السَّيرَ سيروا فيها لَيالِىَ وَأَيّامًا ءامِنينَ (آيت : 18) |
(ٻي نعمت اسان مٿن هيءَ ڪئي هئي جو) هنن ۽ (شام ملڪ جي) شهرن جن تي اسان برڪتون ڪيون هيون جي وچ ۾ گهڻائي شهر آباد ڪيا هئا جي (هڪ ٻئي کي ويجهو) ڏسڻ ۾ ايندا هئا ۽ انهن جي وچ ۾ (مناسب مفاصلن تي) اسان منزلون مقرر ڪري ڇڏيون هيون. (سبا جي ماڻهن کي اسان ارشاد ڪيو هو ته) انهن جي وچ ۾ رات جي وقت توڙي ڏينهن جي وقت امن امن سان مسافريون ڪيو (۽ واپار وڌايو). |
فَقالوا رَبَّنا بٰعِد بَينَ أَسفارِنا وَظَلَموا أَنفُسَهُم فَجَعَلنٰهُم أَحاديثَ وَمَزَّقنٰهُم كُلَّ مُمَزَّقٍ إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايٰتٍ لِكُلِّ صَبّارٍ شَكورٍ (آيت : 19) |
هنن (خود غرض نڀاڳن اگهن چاڙهڻ لاءِ يا ڪنهن ٻي ظلم واري نيت سان) چيو ته اي اسان جا پروردگار اسان جي مسافرين جي منزلن جو مفاصلو ڊگهو ڪري ڇڏ (حقيقت ۾ ائين ڪرڻ سان) هنن پاڻ تي ظلم ڪيو (۽ پاڻ کي نقصان رسايو) سو اسان هنن کي (برباد ڪري پوين لاءِ هنن جا) افسانا ۽ ڪهاڻيون ڪري ڇڏيون سين. ۽ اسان هنن کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري کنڊيڙي ڇڏيو. بيشڪ انهيءَ معاملي ۾ سڀني صبر ڪندڙن، ثابت قدم رهندڙن ۽ شڪر ڪندڙن لاءِ وڏيون نشانيون آهن. |
وَلَقَد صَدَّقَ عَلَيهِم إِبليسُ ظَنَّهُ فَاتَّبَعوهُ إِلّا فَريقًا مِنَ المُؤمِنينَ (آيت : 20) |
۽ ابليس پنهنجو خيال هنن جي حالت ۾ سچو ثابت ڪري ڏيکاريو جو هنن سندس تابعداري ڪئي (۽ تباهه ٿي ويا) فقط مؤمنن جي هڪڙي جماعت سندس تابعداري نه ڪئي. |
وَما كانَ لَهُ عَلَيهِم مِن سُلطٰنٍ إِلّا لِنَعلَمَ مَن يُؤمِنُ بِالءاخِرَةِ مِمَّن هُوَ مِنها فى شَكٍّ وَرَبُّكَ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ حَفيظٌ (آيت : 21) |
۽ هن (ابليس) کي ماڻهن جي مٿان ڪا حڪومت يا اختياري ڪانه هئي. اسان کي فقط هي ڏسڻو آهي ته ڪير آخرت ۾ ايمان ٿو رکي (۽ آخرت لاءِ نيڪ عمل ٿو ڪري) ۽ ڪير آخرت بابت شڪ ۾ آهي (۽ شيطان جي چوڻ تي لڳي بدعمل ٿو ڪري) ۽ (اي پيغمبر ياد رک ته) تنهنجو پروردگار ته هر چيز تي نگاهه رکندڙ آهي. |
قُلِ ادعُوا الَّذينَ زَعَمتُم مِن دونِ اللَّهِ لا يَملِكونَ مِثقالَ ذَرَّةٍ فِى السَّمٰوٰتِ وَلا فِى الأَرضِ وَما لَهُم فيهِما مِن شِركٍ وَما لَهُ مِنهُم مِن ظَهيرٍ (آيت : 22) |
(اي پيغمبر تون مشرڪن کي) چئو ته جن کي توهان الله تعاليٰ کان سواءِ (ديوتائون ڪري) ٿا سمجهو تن کي پڪاري ته ڏسو. اهي ته آسمانن ۾ توڙي زمين ۾ تر جيترو اختيار به نٿا رکن، نڪي انهن خدائن جو زمين ۽ آسمان ۾ ڪو حصو آهي. نڪي انهن مان ڪو (دنيا جي ڪارخاني هلائڻ ۾) الله جو ڪو مددگار آهي. |
وَلا تَنفَعُ الشَّفٰعَةُ عِندَهُ إِلّا لِمَن أَذِنَ لَهُ حَتّىٰ إِذا فُزِّعَ عَن قُلوبِهِم قالوا ماذا قالَ رَبُّكُم قالُوا الحَقَّ وَهُوَ العَلِىُّ الكَبيرُ (آيت : 23) |
۽ (ياد رکو ته) الله وٽ شفاعت يا سفارش ڪم نه ايندي، پر انهيءَ لاءِ سفارش ڪم ايندي جنهن لاءِ خدا پاڻ سفارش ڪرڻ جي اجازت ڏيندو. تان جو جڏهن هنن ماڻهن جي دلين مان هراس (ڪجهه قدر) گهٽ ٿيندو تڏهن هڪٻئي کان پڇندا ته توهان جي پروردگار ڪهڙو فيصلو ۽ حڪم ڏنو آهي. هو جواب ۾ چوندا ته، الله تعاليٰ حق ۽ انصاف جو فيصلو ڏنو آهي ۽ هو سڀني کان اعليٰ ۽ سڀني کان وڏو آهي. |
قُل مَن يَرزُقُكُم مِنَ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ قُلِ اللَّهُ وَإِنّا أَو إِيّاكُم لَعَلىٰ هُدًى أَو فى ضَلٰلٍ مُبينٍ (آيت : 24) |
(اي پيغمبر تون هنن مشرڪن کان) پڇ ته آسمانن ۽ زمين مان ڪير ٿو توهان کي (روحاني جسماني) رزق پهچائي؟ تون ئي کين ٻڌائي ڇڏ ته الله ئي ٿو پهچائي ۽ (هي به ٻڌائين ته) يا اسان سڌي واٽ تي آهيون يا توهان، ۽ يا اسين چٽيءَ گمراهيءَ ۾ آهيون يا توهان. (اسان جون واٽون هڪٻئي جي ابتڙ آهن. سو ضرور انهن مان هڪ هوندي سڌي ته ٻي هوندي ڦڏي). |
قُل لا تُسـَٔلونَ عَمّا أَجرَمنا وَلا نُسـَٔلُ عَمّا تَعمَلونَ (آيت : 25) |
(۽ کين) ٻڌائي ڇڏ ته جيڪڏهن اسان گناهه جا ڪم ٿا ڪيون ته اوهان کان انهن بابت پڇاڻو ڪونه ڪيو ويندو. نڪي اوهان جي عملن بابت اسان کان پڇاڻو ڪيو ويندو (هرڪو پنهنجي عملن لاءِ ذميوار آهي ۽ هرڪو پنهنجي عملن جو نتيجو ڀوڳيندو). |
قُل يَجمَعُ بَينَنا رَبُّنا ثُمَّ يَفتَحُ بَينَنا بِالحَقِّ وَهُوَ الفَتّاحُ العَليمُ (آيت : 26) |
(کين هي به) چئي ڇڏ ته، اسان جو پروردگار اسان سڀني کي (اسان کي ۽ اوهان کي) هڪ هنڌ آڻيندو ۽ پوءِ اسان جي وچ ۾ حق ۽ انصاف سان فيصلو ڏيندو ۽ (ياد رکو ته) هو ئي آهي جو فيصلو ڏيندڙ آهي (نه ڪو ٻيو) ۽ هو ئي آهي جو سڀ ڪجهه ڄاڻندڙ آهي. |
قُل أَرونِىَ الَّذينَ أَلحَقتُم بِهِ شُرَكاءَ كَلّا بَل هُوَ اللَّهُ العَزيزُ الحَكيمُ (آيت : 27) |
(اي پيغمبر تون کين هي به) چئو ته مون کي اُهي ڏيکاريو ته سهي جن کي توهان شريڪ ٺهرائي خدا سان ڳنڍيو آهي. توهان هرگز ڏيکاري نه سگهندؤ. حقيقت هيءَ آهي ته فقط اهو ئي هڪ خدا آهي جو وڏي طاقت وارو ۽ وڏي حڪم وارو آهي. |
وَما أَرسَلنٰكَ إِلّا كافَّةً لِلنّاسِ بَشيرًا وَنَذيرًا وَلٰكِنَّ أَكثَرَ النّاسِ لا يَعلَمونَ (آيت : 28) |
(اي پيغمبر!) اسان توکي سڀني ماڻهن لاءِ (جيڪي قيامت تائين پيدا ٿيندا رهندا) پيغمبر ڪري موڪليو آهي انهيءَ لاءِ ته تون (نيڪ عملن ڪندڙن لاءِ ڪاميابي ۽ جنت جي) خوشخبري ڏئين ۽ (بدعمل ڪندڙن کي عذاب ۽ تباهيءَ کان) خبردار ڪرين. پر (افسوس جو) گهڻا ماڻهو اها ڳالهه نٿا سمجهن. |
وَيَقولونَ مَتىٰ هٰذَا الوَعدُ إِن كُنتُم صٰدِقينَ (آيت : 29) |
۽ اهي (منڪر) چون ٿا ته جيڪڏهن توهان مسلمان سچ ٿا چئو (ته مؤمن ڪامياب ٿيندا ۽ منڪر تباهه ٿيندا) ته ڀلا ٻڌايو ته، ڪڏهن اهو واعدو ظهور ۾ ايندو؟ (يعني ڪڏهن منڪر تباهه ٿيندا؟) |
قُل لَكُم ميعادُ يَومٍ لا تَستَـٔخِرونَ عَنهُ ساعَةً وَلا تَستَقدِمونَ (آيت : 30) |
(اي پيغمبر! کين) جواب ڏي ته توهان جي لاءِ اهو ڏينهن مقرر ڪيل آهي جنهن کي توهان هڪڙي گهڙي به پوئتي ڪري نه سگهندؤ، نڪي هڪڙي گهڙي اڳي آڻي سگهندؤ. |
وَقالَ الَّذينَ كَفَروا لَن نُؤمِنَ بِهٰذَا القُرءانِ وَلا بِالَّذى بَينَ يَدَيهِ وَلَو تَرىٰ إِذِ الظّٰلِمونَ مَوقوفونَ عِندَ رَبِّهِم يَرجِعُ بَعضُهُم إِلىٰ بَعضٍ القَولَ يَقولُ الَّذينَ استُضعِفوا لِلَّذينَ استَكبَروا لَولا أَنتُم لَكُنّا مُؤمِنينَ (آيت : 31) |
جن ڪفر اختيار ڪيو آهي سي چون ٿا ته اسان نڪي هن قرآن تي ايمان آڻينداسين، نڪي ڪنهن ٻئي ڪتاب تي جو ان کان اڳي (آيو) هجي ۽ (اي پيغمبر!) جيڪڏهن تون هنن ظالمن کي انهيءَ وقت ڏسين جڏهن کين سندن پروردگار جي اڳيان کڙو ڪيو ويندو (ته جيڪر ڏاڍي عجيب حالت ڏسين) اهي هڪٻئي تي (پنهنجي ڪفر ۽ انڪار جو) ڏوهه ٿڦيندا. (مثلاً ڇا ٿيندو جو) ڪمزور (مسڪين ماڻهو جن کي وڏا ماڻهو ڌڪاريندا هئا) هٺيلن وڏن ماڻهن کي چوندا ته جيڪڏهن توهان نه هجو ها (۽ اسان کي نه برغلايو ها) ته اسان ضرور (قرآن تي) ايمان آڻيون ها. |
قالَ الَّذينَ استَكبَروا لِلَّذينَ استُضعِفوا أَنَحنُ صَدَدنٰكُم عَنِ الهُدىٰ بَعدَ إِذ جاءَكُم بَل كُنتُم مُجرِمينَ (آيت : 32) |
وڏا ماڻهو وري ڪمزورن (مسڪينن) کان پڇندا ته جڏهن توهان وٽ (قرآني) هدايت اچي چڪي هئي تڏهن اسان توهان کي انهيءَ هدايت (واري واٽ وٺڻ) کان روڪيو هو ڇا؟ هرگز نه! هيءَ حقيقت آهي ته توهان جوئي قصور هو (جو توهان حق جي واٽ اختيار نه ڪئي). |
وَقالَ الَّذينَ استُضعِفوا لِلَّذينَ استَكبَروا بَل مَكرُ الَّيلِ وَالنَّهارِ إِذ تَأمُرونَنا أَن نَكفُرَ بِاللَّهِ وَنَجعَلَ لَهُ أَندادًا وَأَسَرُّوا النَّدامَةَ لَمّا رَأَوُا العَذابَ وَجَعَلنَا الأَغلٰلَ فى أَعناقِ الَّذينَ كَفَروا هَل يُجزَونَ إِلّا ما كانوا يَعمَلونَ (آيت : 33) |
ڪمزور (مسڪين ماڻهو) هٺيلن وڏن ماڻهن کي (وري) چوندا ته توهان رات ڏينهن (اسان کي برغلائڻ لاءِ) منصوبا ٺاهيندا هئو. ڏسو توهان اسان کي هميشه حڪم ڪندا هئو ته، الله کي مڃڻ کان انڪار ڪيو ۽ ساڻس شريڪ ٺهرايو (پوءِ ٻئي ڌريون) پشيماني لڪائينديون، جڏهن عذاب کي پنهنجي اکين آڏو ڏسندا (پر ان وقت پشيماني ڪم نه ايندي). جن ماڻهن ڪفر جي واٽ اختيار ڪئي هئي تن جي ڳچين ۾ اسان ڳٽ وجهنداسين. جيڪي عمل هنن ڪيا هئا تن کان گهٽ يا وڌ بدلو کين ملندو ڇا؟ (نه نه، جهڙا عمل ڪيا هئائون تهڙوئي بدلو ملندن). |
وَما أَرسَلنا فى قَريَةٍ مِن نَذيرٍ إِلّا قالَ مُترَفوها إِنّا بِما أُرسِلتُم بِهِ كٰفِرونَ (آيت : 34) |
۽ جڏهن به اسان ڪنهن شهر ۾ ڪو خبردار ڪندڙ (پيغمبر) موڪليو تڏهن انهيءَ شهر جي دولتمندن کين چئي ڏنو ته جيڪو حڪم ۽ پيغام کڻي آيا آهيو تنهن کي اسان مڃڻ وارا ڪونه آهيون. |
وَقالوا نَحنُ أَكثَرُ أَموٰلًا وَأَولٰدًا وَما نَحنُ بِمُعَذَّبينَ (آيت : 35) |
۽ (اهي دولتمند کين) چوندا ته، اسان ڌن ۽ دولت ۾ ۽ اولاد (۽ نوڪرن وغيره) ۾ (اوهان کان) وڌيڪ آهيون سو (اوهان اسان کي ڇا ڪري سگهندا) اسان تي ڪابه تڪليف يا عذاب ڪونه ايندو. |
قُل إِنَّ رَبّى يَبسُطُ الرِّزقَ لِمَن يَشاءُ وَيَقدِرُ وَلٰكِنَّ أَكثَرَ النّاسِ لا يَعلَمونَ (آيت : 36) |
(اي پيغمبر! تون کين) چئو ته، (دولت ۽ اولاد تي ڀروسو نه ڪيو. الله تعاليٰ اوهان کان سڀ ڪجهه کسي ٿو سگهي) بيشڪ منهنجو پرورگار جنهن لاءِ چاهي ٿو تنهن لاءِ رزق ڪشادو ڪري ٿو ۽ جنهن لاءِ چاهي ٿو تنهن لاءِ تنگ ڪري ڇڏي. پر گهڻا ماڻهو (اها حقيقت) نٿا ڄاڻن (تنهن ڪري ئي هو دولت هٿ ڪرڻ لاءِ گناهه ۽ ظلم جا ڪم ٿا ڪن ۽ خدا جي حڪمن تي نٿا هلن). |
وَما أَموٰلُكُم وَلا أَولٰدُكُم بِالَّتى تُقَرِّبُكُم عِندَنا زُلفىٰ إِلّا مَن ءامَنَ وَعَمِلَ صٰلِحًا فَأُولٰئِكَ لَهُم جَزاءُ الضِّعفِ بِما عَمِلوا وَهُم فِى الغُرُفٰتِ ءامِنونَ (آيت : 37) |
۽ توهان جي دولت ۽ اولاد توهان کي هڪڙو قدم به اسان جي ويجهو نه آڻيندو، پر (خدا کي ويجهو اهو ايندو يعني امن امان واري زندگي اهو ماڻيندو) جو حق تي ايمان آڻيندو ۽ نيڪ عمل به ڪندو. اهڙائي ماڻهو آهن جن جي لاءِ سندس عملن جي بدلي ۾ ٻيڻو انعام ملندو ۽ هو مٿين ماڙين ۾ امن امان سان رهندا. |
وَالَّذينَ يَسعَونَ فى ءايٰتِنا مُعٰجِزينَ أُولٰئِكَ فِى العَذابِ مُحضَرونَ (آيت : 38) |
۽ جيڪي ماڻهو اسان جي آيتن ۽ حڪمن جي خلاف ڪوشسون ٿا ڪن (۽ اسان جي رٿن کي ناڪامياب ڪرڻ جي ڪوشش ٿا ڪن سي هرگز ڪامياب ڪونه ٿيندا) اهي حاضر ڪري عذاب ۾ وڌا ويندا. |
قُل إِنَّ رَبّى يَبسُطُ الرِّزقَ لِمَن يَشاءُ مِن عِبادِهِ وَيَقدِرُ لَهُ وَما أَنفَقتُم مِن شَيءٍ فَهُوَ يُخلِفُهُ وَهُوَ خَيرُ الرّٰزِقينَ (آيت : 39) |
(اي پيغمبر) تون ماڻهن کي چئو ته، يقيناً منهنجو پروردگار ئي پنهنجي ٻانهن مان جنهن لاءِ چاهي ٿو تنهن لاءِ رزق ڪشادو ڪري ٿو ۽ جنهن لاءِ چاهي ٿو تنهن لاءِ تنگ ڪري ٿو ڇڏي. |
وَيَومَ يَحشُرُهُم جَميعًا ثُمَّ يَقولُ لِلمَلٰئِكَةِ أَهٰؤُلاءِ إِيّاكُم كانوا يَعبُدونَ (آيت : 40) |
۽ ڪنهن ڏينهن الله تعاليٰ هنن سڀني کي گڏ ڪندو ۽ پوءِ ملائڪن کان پڇندو ته هي ماڻهو اوهان ملائڪن جي عبادت ڪندا هئا ڇا؟ |
قالوا سُبحٰنَكَ أَنتَ وَلِيُّنا مِن دونِهِم بَل كانوا يَعبُدونَ الجِنَّ أَكثَرُهُم بِهِم مُؤمِنونَ (آيت : 41) |
ملائڪ جواب ڏيندا ته (اي خدا!) پاڪائي هجي تنهنجي لاءِ، تون ئي اسان جو ڪارساز آهي، نه هي ماڻهو. حقيقت هيءَ آهي ته هو جنن (يعني شيطانن يا حرصن هوسن) جي پوڄا ڪندا هئا. انهن مان گهڻا ماڻهو انهن شيطانن ۾ ايمان رکندا هئا. |
فَاليَومَ لا يَملِكُ بَعضُكُم لِبَعضٍ نَفعًا وَلا ضَرًّا وَنَقولُ لِلَّذينَ ظَلَموا ذوقوا عَذابَ النّارِ الَّتى كُنتُم بِها تُكَذِّبونَ (آيت : 42) |
سو انهيءَ ڏينهن انهن ۾ اها طاقت ڪانه هوندي جو هڪڙا ٻين کي نفعو يا نقصان پهچائي سگهن. ۽ اسان ظالمن کي چونداسين ته (هاڻي) انهيءَ باهه جو عذاب چکو جنهن متعلق توهان ڪونه مڃيندا هئو، (ته ڪو اسان باهه جي عذاب ۾ رهنداسين). |
وَإِذا تُتلىٰ عَلَيهِم ءايٰتُنا بَيِّنٰتٍ قالوا ما هٰذا إِلّا رَجُلٌ يُريدُ أَن يَصُدَّكُم عَمّا كانَ يَعبُدُ ءاباؤُكُم وَقالوا ما هٰذا إِلّا إِفكٌ مُفتَرًى وَقالَ الَّذينَ كَفَروا لِلحَقِّ لَمّا جاءَهُم إِن هٰذا إِلّا سِحرٌ مُبينٌ (آيت : 43) |
۽ جڏهن هنن کي چٽيون آيتون پڙهي ٻڌايون وڃن ٿيون تڏهن هو چون ٿا ته هي اهو ماڻهو آهي جو چاهي ٿو ته جن جي پوڄا اوهان جا ابا ڏاڏا ڪندا هئا تن کان اوهان کي روڪي ۽ پڻ چون ٿا ته هي (قرآن) ڪجهه به ناهي سواءِ هن جي ته هٿرادو ٺاهيل ڪوڙ آهي ۽ جڏهن حق هنن وٽ پهچي ٿو تڏهن ڪافر انهيءَ بابت چون ٿا ته هي ڪجه ناهي سواءِ هن جي ته چٽو پٽو جادو آهي. |
وَما ءاتَينٰهُم مِن كُتُبٍ يَدرُسونَها وَما أَرسَلنا إِلَيهِم قَبلَكَ مِن نَذيرٍ (آيت : 44) |
۽ (حقيقت هيءَ آهي ته) هنن (قريشن) کي اسان ڪي ڪتاب ڪونه ڏنا هئا جن کي هو پڙهن، نڪي اسان هنن ڏي توکان اڳي ڪو خبردار ڪندڙ (پيغمبر) موڪليو هو. |
وَكَذَّبَ الَّذينَ مِن قَبلِهِم وَما بَلَغوا مِعشارَ ما ءاتَينٰهُم فَكَذَّبوا رُسُلى فَكَيفَ كانَ نَكيرِ (آيت : 45) |
هنن قريشن کان اڳي جيڪي قومون ٿي گذريون آهن، (عاد، ثمود وغيره) تن به (حق جي پيغام کي) ٺڪرائي ڇڏيو هو. جيڪا (دولت، هنر، طاقت وغيره) اسان انهن کي ڏني هئي تنهن جي ڏهين پتي به هنن (قريشن) کي ڪانه ملي آهي. تنهن هوندي به جڏهن هنن اسان جي رسولن کي ڪوڙو ٺهرايو ۽ نه مڃيو تڏهن ڏسو ته اسان هُنن کي ڪهڙي نه سخت سزا ڏني. |
قُل إِنَّما أَعِظُكُم بِوٰحِدَةٍ أَن تَقوموا لِلَّهِ مَثنىٰ وَفُرٰدىٰ ثُمَّ تَتَفَكَّروا ما بِصاحِبِكُم مِن جِنَّةٍ إِن هُوَ إِلّا نَذيرٌ لَكُم بَينَ يَدَى عَذابٍ شَديدٍ (آيت : 46) |
(اي پيغمبر تون انهن منڪرن کي) چئو ته، مان توهان کي فقط نصيحت ٿو ڏيان ته توهان خالص خدا جي واسطي (بنا خود غرضي ۽ تڪبر جي اڳين ڄميل خيالن کي ٿوري وقت لاءِ پاسي ڪري) اٿي کڙا ٿيو ٻه ٻه، يا هڪ هڪ پوءِ (ٻين کان جدا ٿي) غور ۽ فڪر ڪيو. (توهان سمجهي ويندؤ ته) توهان جو رفيق (يعني پيغمبرﷺ) هرگز مجنون ناهي (توهان چاليهه سال هن جو سالم هوش ۽ تهذيب واري روش ڏٺي آهي) هو ته فقط توهان کي خبردار ٿو ڪري ته (جيڪڏهن سڌيءَ واٽ ڏي نه موٽندؤ ته) سخت عذاب اجهو، ڪي اجهي آيو. |
قُل ما سَأَلتُكُم مِن أَجرٍ فَهُوَ لَكُم إِن أَجرِىَ إِلّا عَلَى اللَّهِ وَهُوَ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ شَهيدٌ (آيت : 47) |
(اي پيغمبرﷺ! تون کين هي به) چئو ته مان توهان کان ڪو اجورو يا عيوضو ته ڪونه ٿو گهران (مان ته اٽلندو توهان جي لاءِ تڪليفون ٿو وٺان. جيڪي مان ٻڌايان ٿو) اهو سڀ اوهان جي ئي فائدي لاءِ آهي. منهنجو اجر يا مزوري ته فقط الله تعاليٰ جي ذمي آهي ۽ هو سڀ ڪجهه ڏسي ٿو. |
قُل إِنَّ رَبّى يَقذِفُ بِالحَقِّ عَلّٰمُ الغُيوبِ (آيت : 48) |
(اي پيغمبر ٽيون دليل هيءُ) ٻڌاءِ ته يقيناً منهنجو پروردگار حق ٿو سيکاري ۽ حق کي غالب ٿو ڪري سڀ لڪل ڳالهيون هو تمام چڱيءَ طرح ڄاڻي ٿو. |
قُل جاءَ الحَقُّ وَما يُبدِئُ البٰطِلُ وَما يُعيدُ (آيت : 49) |
(اي پيغمبر! تون منڪرن کي) چئو ته، حق اچي ويو آهي (۽ غالب پوندو ٿو وڃي ۽ ان مان چڱا نتيجا پيدا ٿيندا ٿا وڃن) پر باطل (ڪابه چڱائي) نئين طرح پيدا نٿوڪري، نڪي (ڪا گم ٿيل چڱائي) موٽائي ٿو آڻي. |
قُل إِن ضَلَلتُ فَإِنَّما أَضِلُّ عَلىٰ نَفسى وَإِنِ اهتَدَيتُ فَبِما يوحى إِلَىَّ رَبّى إِنَّهُ سَميعٌ قَريبٌ (آيت : 50) |
(اي پيغمبر!پڇاڙيءَ ۾ هي به) چئو ته، جيڪڏهن مان ڀليل آهيان ته منهنجي گمراهيءَ جو وبال فقط مون تي پوندو. پر جيڪڏهن مان سڌيءَ واٽ تي هلي رهيو آهيان ته اهو انهيءَ ڪري آهي جو منهنجو پروردگار مون ڏي وحي ٿو موڪلي (۽ مان ان موجب عمل ٿو ڪيان). يقيناً هو سڀ ڪجهه ٻڌندڙ آهي ۽ (هر وقت) ويجهو آهي. |
وَلَو تَرىٰ إِذ فَزِعوا فَلا فَوتَ وَأُخِذوا مِن مَكانٍ قَريبٍ (آيت : 51) |
۽ (ڏاڍو عجب کائين) جيڪڏهن تون (اها حالت) ڏسين جڏهن (ڪافر) هراس ۾ ڏڪندا ۽ ٿڙڪندا. پوءِ (هنن لاءِ) ڀڄي ڇٽڻ جي ڪابه واٽ ڪانه هوندي ۽ هن کي ويجهي ۾ ويجهي جاءِ مان پڪڙيو ويندو. |
وَقالوا ءامَنّا بِهِ وَأَنّىٰ لَهُمُ التَّناوُشُ مِن مَكانٍ بَعيدٍ (آيت : 52) |
۽ (انهيءَ وقت) هو چوندا ته اسان (هاڻي) ان تي ايمان آندو آهي پر ڪيئن هو موٽ کائي دوريءَ واري جاءِ تان ايمان کي وٺي سگهندا. |
وَقَد كَفَروا بِهِ مِن قَبلُ وَيَقذِفونَ بِالغَيبِ مِن مَكانٍ بَعيدٍ (آيت : 53) |
جڏهن ته هنن منڍئون (حق کي قبول ڪرڻ کان) قطعي انڪار ڪري ڇڏيو هو ۽ پري کان غيب جي حقيقتن بابت بيهودي بڪواس ڪندا هئا. (۽ ڪوڙيون تهمتون ڌريندا هئا). |
وَحيلَ بَينَهُم وَبَينَ ما يَشتَهونَ كَما فُعِلَ بِأَشياعِهِم مِن قَبلُ إِنَّهُم كانوا فى شَكٍّ مُريبٍ (آيت : 54) |
۽ هنن جي ۽ هنن جي خواهشن جي وچ ۾ ديوار کڙي ڪئي ويندي (يعني هنن جي ڪابه خواهش پوري ڪانه ٿيندي، هو نامراد رهندا) جهڙيءَ طرح اڳي هنن جي طرفدارن (يعني هنن جهڙن ڪافرن) سان ڪيو ويو هو (يعني جيئن اڳوڻين ڪافر قومن کي به نامراد ۽ تباهه ڪيو ويو هو). بيشڪ اهي (به هنن وانگر) شڪن شبهن ۾ منجهي ويا هئا. |