الحَمدُ لِلَّهِ الَّذى لَهُ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَما فِى الأَرضِ وَلَهُ الحَمدُ فِى الءاخِرَةِ وَهُوَ الحَكيمُ الخَبيرُ (آيت : 1) |
هر ڪا واکاڻ انهي الله کي جڳائي، جو جيڪي به آسمانن ۾ آهي ۽ جيڪي زمين ۾ آهي، سو سڀ سندس آهي- ۽ آخرت ۾ به ان جي ئي ساراهه آهي ۽ اهو ڏاهپ وارو خبر رکندڙ آهي. |
يَعلَمُ ما يَلِجُ فِى الأَرضِ وَما يَخرُجُ مِنها وَما يَنزِلُ مِنَ السَّماءِ وَما يَعرُجُ فيها وَهُوَ الرَّحيمُ الغَفورُ (آيت : 2) |
هو اهو سڀ ڄاڻي ٿو، جيڪي زمين اندر ويندو آهي، جيڪي ان مان نڪرندو آهي، جيڪي آسمان مان لهندو آهي، ۽ جيڪي مٿس چڙهندو آهي_ ۽ هو مهربان، بخشيندڙ آهي. |
وَقالَ الَّذينَ كَفَروا لا تَأتينَا السّاعَةُ قُل بَلىٰ وَرَبّى لَتَأتِيَنَّكُم عٰلِمِ الغَيبِ لا يَعزُبُ عَنهُ مِثقالُ ذَرَّةٍ فِى السَّمٰوٰتِ وَلا فِى الأَرضِ وَلا أَصغَرُ مِن ذٰلِكَ وَلا أَكبَرُ إِلّا فى كِتٰبٍ مُبينٍ (آيت : 3) |
۽ ڪافر ٿا چون، ته ” اسان تي قيامت هر گز نه ايندي.“ چئو ته ”هائو، اها اوهان وٽ ضرور ايندي، قسم آهي منهنجي ڌڻيءَ ڳجهه ڄاڻيندڙ جو! جنهن کان آسمانن خواهه زمين ۾ ذري جيتري چيز به ڳجهي نٿي رهي ۽ انهي کان ننڍي خواهه وڏي سڀ پڌري ڪتاب ۾ لکيل آهن. |
لِيَجزِىَ الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ أُولٰئِكَ لَهُم مَغفِرَةٌ وَرِزقٌ كَريمٌ (آيت : 4) |
هن لاءِ (قيامت ايندي) ته جن شخصن ايمان آندو، ۽ چڱا ڪم ڪيا، تن کي بدلو ڏئي، اهڙن لاءِ بخشش ۽ سڳورو رزق آهي. |
وَالَّذينَ سَعَو فى ءايٰتِنا مُعٰجِزينَ أُولٰئِكَ لَهُم عَذابٌ مِن رِجزٍ أَليمٌ (آيت : 5) |
۽ جيڪي شخص اسان جي آيتن ۾ مقابلو ڪندڙ ٿي ڊوڙيا، اهڙن لاءِ ڏکوئيندڙ عذاب جي سزا آهي. |
وَيَرَى الَّذينَ أوتُوا العِلمَ الَّذى أُنزِلَ إِلَيكَ مِن رَبِّكَ هُوَ الحَقَّ وَيَهدى إِلىٰ صِرٰطِ العَزيزِ الحَميدِ (آيت : 6) |
۽جن کي علم ڏنل آهي، سي سمجهن ٿا، ته جيڪي تو ڏانهن تنهنجي ڌڻيءَ وٽان لٿو آهي، سو برحق آهي ۽ غالب ساراهيل (الله) جي واٽ ڏانهن رستو ڏيکاريندڙ آهي. |
وَقالَ الَّذينَ كَفَروا هَل نَدُلُّكُم عَلىٰ رَجُلٍ يُنَبِّئُكُم إِذا مُزِّقتُم كُلَّ مُمَزَّقٍ إِنَّكُم لَفى خَلقٍ جَديدٍ (آيت : 7) |
۽ ڪافر ٿا هڪ ٻئي کي چون، ته ”اوهان کي هڪ اهڙو شخص ڏسيون؟ جو خبر ٿو ڏئي ته جڏهن اوهين ڳري ذرڙا ٿي ويندا، تڏهن ضرور اوهين نئين سر بڻائبا. |
أَفتَرىٰ عَلَى اللَّهِ كَذِبًا أَم بِهِ جِنَّةٌ بَلِ الَّذينَ لا يُؤمِنونَ بِالءاخِرَةِ فِى العَذابِ وَالضَّلٰلِ البَعيدِ (آيت : 8) |
ڀلا هن الله تي ڪوڙو ٺاهه ٺاهيو، يا چريو ٿيو آهي؟“ در حقيقت جيڪي شخص آخرت کي نٿا مڃين سي عذاب ۽ وڏيءَ گمراهيءَ ۾ آهن. |
أَفَلَم يَرَوا إِلىٰ ما بَينَ أَيديهِم وَما خَلفَهُم مِنَ السَّماءِ وَالأَرضِ إِن نَشَأ نَخسِف بِهِمُ الأَرضَ أَو نُسقِط عَلَيهِم كِسَفًا مِنَ السَّماءِ إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايَةً لِكُلِّ عَبدٍ مُنيبٍ (آيت : 9) |
ڇا هو اهو نٿا ڏسن؟ جيڪي آسمانن خواهه زمين ۾ سندن اڳيان ۽ پويان آهن، جيڪڏهن اسين گهرون، ته جيڪر کين زمين ۾ ڳيهائي ڇڏيون يا مٿن آسمان کان ڪي ٽڪرا ڪيرايون، بيشڪ انهي ۾ هر ڪنهن توبهه ڪندڙ ٻانهي لاءِ نشاني آهي. |
وَلَقَد ءاتَينا داوۥدَ مِنّا فَضلًا يٰجِبالُ أَوِّبى مَعَهُ وَالطَّيرَ وَأَلَنّا لَهُ الحَديدَ (آيت : 10) |
۽ بيشڪ اسان دائود کي پاڻ وٽان ڀلائي ڏني، (۽ چيوسون) ”اي جبلؤ ۽ پکيؤ! هن ساڻ گڏ تسبيح چئو.“ ۽ اسان هن لاءِ لوهه کي نرم ڪيو. |
أَنِ اعمَل سٰبِغٰتٍ وَقَدِّر فِى السَّردِ وَاعمَلوا صٰلِحًا إِنّى بِما تَعمَلونَ بَصيرٌ (آيت : 11) |
ته ويڪريون زرهون بڻاءِ، اندازي سان ڪڙيون ٺاهه، ۽ اوهين چڱا ڪم ڪريو، جو آءُ پڪ سان اوهان جي ڪمن کي ڏسان ٿو. |
وَلِسُلَيمٰنَ الرّيحَ غُدُوُّها شَهرٌ وَرَواحُها شَهرٌ وَأَسَلنا لَهُ عَينَ القِطرِ وَمِنَ الجِنِّ مَن يَعمَلُ بَينَ يَدَيهِ بِإِذنِ رَبِّهِ وَمَن يَزِغ مِنهُم عَن أَمرِنا نُذِقهُ مِن عَذابِ السَّعيرِ (آيت : 12) |
۽ سليمان لاءِ واءَ کي (تابعدار ڪيوسون) جو سندس صبح جي منزل مهيني جيتري هئي ۽ شام جي مهيني جيتري هئي ۽ اسان هن لاءِ پگهريل ٽامي جو چشمو وهايو ۽ ڪي جن به سندس تابعدار بنايا، جي سندن ڌڻيءَ جي حڪم سان سندس اڳيان ڪمائيندا هئا، جيڪو منجهانئن اسان جي حڪم کان منهن موڙيندو، ان کي باهه جوعذاب چکائينداسون. |
يَعمَلونَ لَهُ ما يَشاءُ مِن مَحٰريبَ وَتَمٰثيلَ وَجِفانٍ كَالجَوابِ وَقُدورٍ راسِيٰتٍ اعمَلوا ءالَ داوۥدَ شُكرًا وَقَليلٌ مِن عِبادِىَ الشَّكورُ (آيت : 13) |
هن کي جيڪي قلعا، شڪليون، حوض جيڏا پيالا ۽ وڏيون نه چرندڙ ديڳيون گهربل هيون، سي هو بنائي ڏيندا هئا- اي دائوديو! شڪر ڪريو- منهنجي ٻانهن مان ٿورا شڪر ڪندا آهن. |
فَلَمّا قَضَينا عَلَيهِ المَوتَ ما دَلَّهُم عَلىٰ مَوتِهِ إِلّا دابَّةُ الأَرضِ تَأكُلُ مِنسَأَتَهُ فَلَمّا خَرَّ تَبَيَّنَتِ الجِنُّ أَن لَو كانوا يَعلَمونَ الغَيبَ ما لَبِثوا فِى العَذابِ المُهينِ (آيت : 14) |
پوءِ جڏهن اسان هن تي موت موڪليو، تڏهن سندس موت جي خبر فقط انهي اڏوهيءَ مان پيئي، جنهن سندس لٺ کي پئي کاڌو_ پوءِ جڏهن هو ڪري پيو، تڏهن جنن کي خبر پيئي ته هو جيڪڏهن ڳجهه ڄاڻن ها، ته جيڪر ذلت جي عذاب ۾ نه رهن ها! |
لَقَد كانَ لِسَبَإٍ فى مَسكَنِهِم ءايَةٌ جَنَّتانِ عَن يَمينٍ وَشِمالٍ كُلوا مِن رِزقِ رَبِّكُم وَاشكُروا لَهُ بَلدَةٌ طَيِّبَةٌ وَرَبٌّ غَفورٌ (آيت : 15) |
بيشڪ سبا جي قوم لاءِ سندن ڳوٺ ۾ نشاني هئي، باغ ساڄي ۽ کاٻي طرف کان_ (حڪم هون ته) ”پنهنجي ڌڻيءَ جي رزق مان کائو ۽ ان جو شڪر ڪريو، تمام سٺو شهر ۽ بخشيندڙ ڌڻي!“ |
فَأَعرَضوا فَأَرسَلنا عَلَيهِم سَيلَ العَرِمِ وَبَدَّلنٰهُم بِجَنَّتَيهِم جَنَّتَينِ ذَواتَى أُكُلٍ خَمطٍ وَأَثلٍ وَشَيءٍ مِن سِدرٍ قَليلٍ (آيت : 16) |
ته به هنن شڪر ڪرڻ کان منهن موڙيو، ان ڪري اسان مٿن وڏي ٻوڏ موڪلي، ۽ سندن ٻن باغن جي بدران ٻه ٻيا باغ ڪڙن ميون، لين ۽ ٿورڙين ٻيرين وارا ڏناسون. |
ذٰلِكَ جَزَينٰهُم بِما كَفَروا وَهَل نُجٰزى إِلَّا الكَفورَ (آيت : 17) |
اها ڏني سون سندن بيقدريءَ جي سزا! ۽ اسين سزا فقط بي شڪرن کي ئي ڏيندا آهيون. |
وَجَعَلنا بَينَهُم وَبَينَ القُرَى الَّتى بٰرَكنا فيها قُرًى ظٰهِرَةً وَقَدَّرنا فيهَا السَّيرَ سيروا فيها لَيالِىَ وَأَيّامًا ءامِنينَ (آيت : 18) |
۽ اسان سندن ۽ اسان جي آسودن ڪيل ڳوٺن وچ ۾، ٻيا به چٽا ڳوٺ بنايا ۽ انهن ۾ اچ وڃ جو پورو بندوبست رکيوسون، ته راتيون ڏينهن منجهن بي ڊپا پيا گهمو. |
فَقالوا رَبَّنا بٰعِد بَينَ أَسفارِنا وَظَلَموا أَنفُسَهُم فَجَعَلنٰهُم أَحاديثَ وَمَزَّقنٰهُم كُلَّ مُمَزَّقٍ إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايٰتٍ لِكُلِّ صَبّارٍ شَكورٍ (آيت : 19) |
ته وري دعائون گهرڻ لڳا ”اي اسان جا ڌڻي! تون اسان جون مسافريون پرانهيون ڪر!“ ۽ هنن پنهنجي پاڻ تي ظلم ڪيو، ان ڪري اسان کين آکاڻيون بنايو ۽ کين ڇني ڦاڙي ذرڙا ڪري ڇڏيو، بيشڪ انهي ۾ هر ڪنهن وڏي صبر ۽ شڪر ڪندڙ لاءِ نشانيون آهن. |
وَلَقَد صَدَّقَ عَلَيهِم إِبليسُ ظَنَّهُ فَاتَّبَعوهُ إِلّا فَريقًا مِنَ المُؤمِنينَ (آيت : 20) |
۽ ابليس جيڪو هنن ۾ گمان ڪيو هو، سو بيشڪ سچو ڏٺائين، جو ڪن مؤمنن کان سواءِ ٻين سندس ئي تابعداري ڪئي. |
وَما كانَ لَهُ عَلَيهِم مِن سُلطٰنٍ إِلّا لِنَعلَمَ مَن يُؤمِنُ بِالءاخِرَةِ مِمَّن هُوَ مِنها فى شَكٍّ وَرَبُّكَ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ حَفيظٌ (آيت : 21) |
۽ هن جو مٿن ڪو زور ڪو نه هو، مگر اسان کي آخرت کي مڃيندڙ کي ان ۾ شڪ ڪندڙن کان نکيڙي ڌار ڪرڻو هو- ۽ تنهنجو ڌڻي هر چيز تي نگهبان آهي. |
قُلِ ادعُوا الَّذينَ زَعَمتُم مِن دونِ اللَّهِ لا يَملِكونَ مِثقالَ ذَرَّةٍ فِى السَّمٰوٰتِ وَلا فِى الأَرضِ وَما لَهُم فيهِما مِن شِركٍ وَما لَهُ مِنهُم مِن ظَهيرٍ (آيت : 22) |
چئو ته الله کان سواءِ جن شخصن کي اوهين (سائين) پيا ڀانيو تن کي سڏي ڏسو، هو آسمانن خواهه زمين ۾ ذري جيترو به اختيار نٿا رکن، نڪا هنن جي ڪا انهن ۾ ڀائيواري آهي ۽ نڪو هنن مان ڪو الله جو مددگا ر آهي. |
وَلا تَنفَعُ الشَّفٰعَةُ عِندَهُ إِلّا لِمَن أَذِنَ لَهُ حَتّىٰ إِذا فُزِّعَ عَن قُلوبِهِم قالوا ماذا قالَ رَبُّكُم قالُوا الحَقَّ وَهُوَ العَلِىُّ الكَبيرُ (آيت : 23) |
۽ نڪي وٽس شفاعت فائدو ڏيندي، سواءِ انهي جي، جنهن لاءِ موڪل ڏني هوندائين، تان جو، جڏهن سندن دلين تان گهٻراهٽ لهي ٿي، ته هڪڙا پڇن ٿا ”اوهان جي رب ڇا چيو؟ ٻيا چون ٿا ”بلڪل سچ!“ ۽ هو سڀ کان مٿاهون وڏو آهي. |
قُل مَن يَرزُقُكُم مِنَ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ قُلِ اللَّهُ وَإِنّا أَو إِيّاكُم لَعَلىٰ هُدًى أَو فى ضَلٰلٍ مُبينٍ (آيت : 24) |
چوينِ ”ڀلا آسمانن ۽ زمين مان ڪير ٿو اوهان کي روزي ڏئي؟“ چئو ته ”الله! ۽ اسان خواهه اوهان مان هڪ ڌر سنئين واٽ تي آهي، ٻي صفا گمراهيءَ ۾.“ |
قُل لا تُسـَٔلونَ عَمّا أَجرَمنا وَلا نُسـَٔلُ عَمّا تَعمَلونَ (آيت : 25) |
چئو ته ”نڪي اسان جي ڪيل ڏوهن جي اوهان کان پڇا ٿيندي ۽ نڪي اوهان جي ڪمن بابت اسان کان پڇا ٿيندي.“ |
قُل يَجمَعُ بَينَنا رَبُّنا ثُمَّ يَفتَحُ بَينَنا بِالحَقِّ وَهُوَ الفَتّاحُ العَليمُ (آيت : 26) |
چئو ته ”اسان جو ڌڻي اسان سڀني کي گڏ ڪندو، وري اسان جي وچ ۾ حقي فيصلو ڪندو ۽ اهو فيصلو ڪندڙ ڄاڻندڙ آهي.“ |
قُل أَرونِىَ الَّذينَ أَلحَقتُم بِهِ شُرَكاءَ كَلّا بَل هُوَ اللَّهُ العَزيزُ الحَكيمُ (آيت : 27) |
چئو ته ”ڀلا مون کي اهي ته ڏيکاريو، جن کي اوهان هن ساڻ ڀائيواريءَ ۾ گڏ ڪري ڇڏيو آهي؟“ هر گز نه، بلڪه اهو الله غالب ۽ ڏاهپ وارو آهي. |
وَما أَرسَلنٰكَ إِلّا كافَّةً لِلنّاسِ بَشيرًا وَنَذيرًا وَلٰكِنَّ أَكثَرَ النّاسِ لا يَعلَمونَ (آيت : 28) |
اسان ته توکي فقط سڀني ماڻهن لاءِ مبارڪ ڏيندڙ ۽ ڊيڄاريندڙ ڪري موڪليو، مگر گهڻا ماڻهو نٿا ڄاڻن. |
وَيَقولونَ مَتىٰ هٰذَا الوَعدُ إِن كُنتُم صٰدِقينَ (آيت : 29) |
۽ چون ٿا ته ”جيڪڏهن سچا آهيو ته ٻڌايو ته اهو انجام ڪڏهن پورو ٿيندو؟“ |
قُل لَكُم ميعادُ يَومٍ لا تَستَـٔخِرونَ عَنهُ ساعَةً وَلا تَستَقدِمونَ (آيت : 30) |
چئو ته ”اوهان لاءِ انهي ڏينهن جو انجام آهي، جنهن کان هڪ گهڙي به پوئتي نه ايندؤ، نڪي اڳ ۾ ويندؤ.“ |
وَقالَ الَّذينَ كَفَروا لَن نُؤمِنَ بِهٰذَا القُرءانِ وَلا بِالَّذى بَينَ يَدَيهِ وَلَو تَرىٰ إِذِ الظّٰلِمونَ مَوقوفونَ عِندَ رَبِّهِم يَرجِعُ بَعضُهُم إِلىٰ بَعضٍ القَولَ يَقولُ الَّذينَ استُضعِفوا لِلَّذينَ استَكبَروا لَولا أَنتُم لَكُنّا مُؤمِنينَ (آيت : 31) |
۽ ڪافر چون ٿا ته ”اسين قرآن کي خواهه ان کان اڳين (ڪتابن) کي هر گز نه مڃينداسون! (عجب لڳيئ) جيڪڏهن تون ظالمن کي ڏسين، جڏهن سندن رب وٽ بيهاربا_ هو هڪ ٻين ڏي پيا ڳالهه کي ورائيندا_ هيڻا وڏائي ڪندڙن کي چوندا ”جي اوهين نه هجو ها، ته اسين مؤمن هجون ها.“ |
قالَ الَّذينَ استَكبَروا لِلَّذينَ استُضعِفوا أَنَحنُ صَدَدنٰكُم عَنِ الهُدىٰ بَعدَ إِذ جاءَكُم بَل كُنتُم مُجرِمينَ (آيت : 32) |
وڏائي ڪندڙ هيڻن کي چوندا ”جڏهن اوهان وٽ هدايت آئي تڏهن ڪو اسان اوهان کي جهليو هو ڇا؟ بلڪه اوهان ته پاڻ ڏوهاري هئا.“ |
وَقالَ الَّذينَ استُضعِفوا لِلَّذينَ استَكبَروا بَل مَكرُ الَّيلِ وَالنَّهارِ إِذ تَأمُرونَنا أَن نَكفُرَ بِاللَّهِ وَنَجعَلَ لَهُ أَندادًا وَأَسَرُّوا النَّدامَةَ لَمّا رَأَوُا العَذابَ وَجَعَلنَا الأَغلٰلَ فى أَعناقِ الَّذينَ كَفَروا هَل يُجزَونَ إِلّا ما كانوا يَعمَلونَ (آيت : 33) |
ته وري هيڻا وڏائي ڪندڙن کي چوندا ”نه، بلڪ اوهان جي رات ڏينهن جي مڪارين (ئي روڪيو هو،) جڏهن اوهين اسان کي حڪم ڪندا هئا ته ”الله کان انڪار ڪريون ۽ ان جهڙا ٻين کي سمجهون!“ پوءِ جڏهن عذاب کي ڏسندا، تڏهن پيشيماني دل ۾ ئي رهندينِ_ ۽ اسين ڪافرن جي ڳچيءَ ۾ ڳٽ وجهنداسون_ کين سزا فقط سندن ڪمن جي ئي ملندي. |
وَما أَرسَلنا فى قَريَةٍ مِن نَذيرٍ إِلّا قالَ مُترَفوها إِنّا بِما أُرسِلتُم بِهِ كٰفِرونَ (آيت : 34) |
۽ اسان جنهن به ڳوٺ ۾ ڪو ڊيڄاريندڙ ٿي موڪليو، ان جي سکين ماڻهن ضرور ائين ٿي چيو ته، ”اوهان کي جنهن حڪم سان موڪليو ويو آهي، ان کي مڃڻ کان اسين انڪار ٿا ڪريون.“ |
وَقالوا نَحنُ أَكثَرُ أَموٰلًا وَأَولٰدًا وَما نَحنُ بِمُعَذَّبينَ (آيت : 35) |
۽ چيائون ”اسين گهڻي مال ۽ اولاد وارا آهيون، اسان کي هر گز عذاب نه ٿيندو.“ |
قُل إِنَّ رَبّى يَبسُطُ الرِّزقَ لِمَن يَشاءُ وَيَقدِرُ وَلٰكِنَّ أَكثَرَ النّاسِ لا يَعلَمونَ (آيت : 36) |
چئو ته ”بيشڪ منهنجو ڌڻي ئي جنهن جو وڻيس، تنهن جو رزق ڪشادو يا تنگ ڪندو آهي، پر گهڻا ماڻهو اهو نٿا ڄاڻن!“ |
وَما أَموٰلُكُم وَلا أَولٰدُكُم بِالَّتى تُقَرِّبُكُم عِندَنا زُلفىٰ إِلّا مَن ءامَنَ وَعَمِلَ صٰلِحًا فَأُولٰئِكَ لَهُم جَزاءُ الضِّعفِ بِما عَمِلوا وَهُم فِى الغُرُفٰتِ ءامِنونَ (آيت : 37) |
اوهان جا مال خواهه اولاد اهڙا نه آهن، جي اوهان کي اسان وٽ ويجهي مرتبي وارا ڪري سگهن پر جن شخصن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا، انهن تي ئي سندن ڪمن سبب ٻيڻو بدلو آهي ۽ اهي ماڙين ۾ بي ڊپا ٿي رهندا. |
وَالَّذينَ يَسعَونَ فى ءايٰتِنا مُعٰجِزينَ أُولٰئِكَ فِى العَذابِ مُحضَرونَ (آيت : 38) |
۽ جيڪي شخص اسان جي آيتن کي هيڻون ڪرڻ خاطر ڊوڙ ڊڪ ڪندا آهن، سي ئي عذاب ۾ حاضر ڪبا. |
قُل إِنَّ رَبّى يَبسُطُ الرِّزقَ لِمَن يَشاءُ مِن عِبادِهِ وَيَقدِرُ لَهُ وَما أَنفَقتُم مِن شَيءٍ فَهُوَ يُخلِفُهُ وَهُوَ خَيرُ الرّٰزِقينَ (آيت : 39) |
چئو ته ”بيشڪ منهنجو ڌڻي سندس ٻانهن مان جنهن جي وڻيس، ان جي روزي ڪشادي ڪندو آهي ۽ ان جي تنگ ڪندو آهي ۽ اوهين جيڪي به خرچ ڪندا، ان جو الله بدلو ڏيندو ۽ اهو تمام سٺو رزق ڏيندڙ آهي. |
وَيَومَ يَحشُرُهُم جَميعًا ثُمَّ يَقولُ لِلمَلٰئِكَةِ أَهٰؤُلاءِ إِيّاكُم كانوا يَعبُدونَ (آيت : 40) |
۽ جنهن ڏينهن انهن سڀني کي گڏ ڪندو، پوءِ ملائڪن کي چوندو ”ڇا، هي اهي آهن، جي اوهان جي ئي بندگي ڪندا هئا؟“ |
قالوا سُبحٰنَكَ أَنتَ وَلِيُّنا مِن دونِهِم بَل كانوا يَعبُدونَ الجِنَّ أَكثَرُهُم بِهِم مُؤمِنونَ (آيت : 41) |
چوندا ”تون پاڪ آهين، اسان جو سائين تون آهين، نه اهي! بلڪ اهي ته جنن جي بندگي ڪندا هئا، هنن مان گهڻا انهن کي مڃيندڙ هئا.“ |
فَاليَومَ لا يَملِكُ بَعضُكُم لِبَعضٍ نَفعًا وَلا ضَرًّا وَنَقولُ لِلَّذينَ ظَلَموا ذوقوا عَذابَ النّارِ الَّتى كُنتُم بِها تُكَذِّبونَ (آيت : 42) |
(چوندو) ”پوءِ اڄ اوهان مان ڪو به هڪ ٻئي کي نڪي سک پهچائڻ جو اختيار رکي ٿو، نڪي ڏک جو“_ ۽ ظالمن کي چونداسون ته ”چکو باهه جو عذاب، جنهن کي اوهين ڪوڙ سمجهندا هئا!“ |
وَإِذا تُتلىٰ عَلَيهِم ءايٰتُنا بَيِّنٰتٍ قالوا ما هٰذا إِلّا رَجُلٌ يُريدُ أَن يَصُدَّكُم عَمّا كانَ يَعبُدُ ءاباؤُكُم وَقالوا ما هٰذا إِلّا إِفكٌ مُفتَرًى وَقالَ الَّذينَ كَفَروا لِلحَقِّ لَمّا جاءَهُم إِن هٰذا إِلّا سِحرٌ مُبينٌ (آيت : 43) |
۽ جڏهن کين اسان جون پڌريون آيتون پڙهي ٻڌائجن ٿيون، ته چون ٿا ”هيءَ ته فقط اهڙو ماڻهو آهي، جو گهري ٿو ته اوهان کي انهن کان روڪي؛ جن کي اوهان جا وڏا پوڄيندا هئا“ ۽ چون ٿا ”هيءُ (قرآن) ته رڳو هٿرادو ٺاهيل ڪوڙ آهي“ ۽ ڪافرن وٽ جڏهن سچ آيو تڏهن چون ٿا ”هيءُ ته رڳو چٽو جادو آهي“_ |
وَما ءاتَينٰهُم مِن كُتُبٍ يَدرُسونَها وَما أَرسَلنا إِلَيهِم قَبلَكَ مِن نَذيرٍ (آيت : 44) |
جيتوڻيڪ اسان انهن کي ڪو ڪتاب ڪونه ڏنو، جنهن کي پڙهن نڪي ۽ اسان انهن ڏي توکان اڳ ڪوڊيڄاريندڙ موڪليو. |
وَكَذَّبَ الَّذينَ مِن قَبلِهِم وَما بَلَغوا مِعشارَ ما ءاتَينٰهُم فَكَذَّبوا رُسُلى فَكَيفَ كانَ نَكيرِ (آيت : 45) |
۽ هنن کان اڳين به ائين ڪوڙ سمجهيو هو، اسان ته جيڪي انهن کي ڏنو هو، تنهن جي ڏهين پتيءَ کي به هي ڪو نه پهتا آهن_ پوءِ هنن اسان جي رسولن کي ڪوڙو سمجهيو، پوءِ (ڏسو ته) ڪيئن هو منهنجو عذاب! |
قُل إِنَّما أَعِظُكُم بِوٰحِدَةٍ أَن تَقوموا لِلَّهِ مَثنىٰ وَفُرٰدىٰ ثُمَّ تَتَفَكَّروا ما بِصاحِبِكُم مِن جِنَّةٍ إِن هُوَ إِلّا نَذيرٌ لَكُم بَينَ يَدَى عَذابٍ شَديدٍ (آيت : 46) |
چئو ته آءُ اوهان کي رڳو هڪ ڳالهه جي نصيحت ٿو ڪريان، ته اوهين الله ڪارڻ گڏجي يا جدا جدا ٿي اٿو، پوءِ ويچاري ڏسو ته اوهان جي سنگتيءَ کي ڪا چريائي ڪانهي؛ هو ته فقط اوهان کي سخت عذاب پهچڻ کان اڳ ڊيڄاريندڙ آهي. |
قُل ما سَأَلتُكُم مِن أَجرٍ فَهُوَ لَكُم إِن أَجرِىَ إِلّا عَلَى اللَّهِ وَهُوَ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ شَهيدٌ (آيت : 47) |
چئو ته ”مون جيڪڏهن اوهان کان ڪو اجورو گهريو هجي، ته اهو اوهان کي ئي رسيو- منهنجو اجورو فقط الله تي آهي ۽ اهو هر ڪنهن چيز کي ڏسندڙ آهي.“ |
قُل إِنَّ رَبّى يَقذِفُ بِالحَقِّ عَلّٰمُ الغُيوبِ (آيت : 48) |
چئو ته بيشڪ منهنجو ڌڻي حق کي (منهنجي دل ۾) ٿو وجهي، جو ڳجهن جو ڄاڻندڙ آهي. |
قُل جاءَ الحَقُّ وَما يُبدِئُ البٰطِلُ وَما يُعيدُ (آيت : 49) |
چئو ته حق آيو ۽ باطل نڪو منهن ڪڍندو ۽ نه موٽي ايندو. |
قُل إِن ضَلَلتُ فَإِنَّما أَضِلُّ عَلىٰ نَفسى وَإِنِ اهتَدَيتُ فَبِما يوحى إِلَىَّ رَبّى إِنَّهُ سَميعٌ قَريبٌ (آيت : 50) |
چئو ته جيڪڏهن آءُ گمراهه ٿيس؛ ته پنهنجي پاڻ کان گمراهه ٿيندس؛ ۽ جيڪڏهن سنئين واٽ ٿو وٺان، ته اها انهي وحيءَ کان آهي؛ جا مون ڏانهن منهنجو ڌڻي ٿو موڪلي، بيشڪ اهو ٻڌندڙ ۽ ويجهو آهي. |
وَلَو تَرىٰ إِذ فَزِعوا فَلا فَوتَ وَأُخِذوا مِن مَكانٍ قَريبٍ (آيت : 51) |
عجب لڳيئي جي ان مهل کين ڏسين، جڏهن پريشان هوندا، ڪو ڇوٽڪو نه ڏسندا ۽ ويجهي هنڌان پڪڙبا. |
وَقالوا ءامَنّا بِهِ وَأَنّىٰ لَهُمُ التَّناوُشُ مِن مَكانٍ بَعيدٍ (آيت : 52) |
۽ چوندا ”هاڻ اسان هن تي ايمان آندو“_ ڀلا اهو انهي پرانهين هنڌان کين ڪٿان هٿ ايندو؟ |
وَقَد كَفَروا بِهِ مِن قَبلُ وَيَقذِفونَ بِالغَيبِ مِن مَكانٍ بَعيدٍ (آيت : 53) |
۽ هو ته بيشڪ انهي کان انڪار ڪري چڪا هئا ۽ پرانهين هنڌ کان اڻ ڏٺا ڌُڪا هڻندا هئا. |
وَحيلَ بَينَهُم وَبَينَ ما يَشتَهونَ كَما فُعِلَ بِأَشياعِهِم مِن قَبلُ إِنَّهُم كانوا فى شَكٍّ مُريبٍ (آيت : 54) |
هاڻ هنن ۽ سندن سڌن جي وچ ۾ آڙ وڌي ويئي، جيئن کانئن اڳ انهن جهڙن سان ڪيو ويو، بيشڪ هي به وڏي شڪ ۾ پيل هئا. |