الحَمدُ لِلَّهِ الَّذى لَهُ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَما فِى الأَرضِ وَلَهُ الحَمدُ فِى الءاخِرَةِ وَهُوَ الحَكيمُ الخَبيرُ (آيت : 1) |
سڀ ساراھ ان الله جي لاءِ (ثابت) آهي جنهن جي ملڪيت آهي جيڪو ڪجھ آسمانن ۾ آهي ۽ جيڪو ڪجھ زمين ۾ آهي ۽ ان جي لاءِ ئي حمد آهي آخرت ۾ ۽ اهو ئي حڪمت وارو خبر رکندڙ آهي . |
يَعلَمُ ما يَلِجُ فِى الأَرضِ وَما يَخرُجُ مِنها وَما يَنزِلُ مِنَ السَّماءِ وَما يَعرُجُ فيها وَهُوَ الرَّحيمُ الغَفورُ (آيت : 2) |
ڄاڻي ٿو اهو جيڪو داخل ٿئي ٿو زمين ۾ ۽ جيڪو نڪري ٿو ان مان ۽ جيڪو نازل ٿئي ٿو آسمان مان ۽ جيڪو چڙهي ٿو ان ۾ ۽ اهو ئي مهربان بخشڻهار آهي . |
وَقالَ الَّذينَ كَفَروا لا تَأتينَا السّاعَةُ قُل بَلىٰ وَرَبّى لَتَأتِيَنَّكُم عٰلِمِ الغَيبِ لا يَعزُبُ عَنهُ مِثقالُ ذَرَّةٍ فِى السَّمٰوٰتِ وَلا فِى الأَرضِ وَلا أَصغَرُ مِن ذٰلِكَ وَلا أَكبَرُ إِلّا فى كِتٰبٍ مُبينٍ (آيت : 3) |
۽ چيو انهن جن ڪفر ڪيو ته نه ايندي اسان وٽ قيامت فرماءِ ته هائو قسم آهي منهنجي رب جو ته البته ضرور ايندي اوهان وٽ غيب ڄاڻندڙ نه ٿو ڳجهو ٿئي ان کان وزن ذري جو آسمانن ۾ ۽ نه زمين ۾ ۽ نه ننڍي (ڪا شيءِ) ان کان ۽ نه وڏي مگر ڪتاب روشن ۾ آهي . |
لِيَجزِىَ الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ أُولٰئِكَ لَهُم مَغفِرَةٌ وَرِزقٌ كَريمٌ (آيت : 4) |
تانته بدلو ڏئي انهن کي جن ايمان آندو ۽ ڪيائون صالح عمل اهي انهن جي لاءِ بخشش ۽ رزق ڀلو آهي . |
وَالَّذينَ سَعَو فى ءايٰتِنا مُعٰجِزينَ أُولٰئِكَ لَهُم عَذابٌ مِن رِجزٍ أَليمٌ (آيت : 5) |
۽ جيڪي ڊوڙيا اسان جي آيتن جو مقابلو ڪندڙ اهي انهن جي لاءِ ڏکوئيندڙ عذاب جي سزا آهي . |
وَيَرَى الَّذينَ أوتُوا العِلمَ الَّذى أُنزِلَ إِلَيكَ مِن رَبِّكَ هُوَ الحَقَّ وَيَهدى إِلىٰ صِرٰطِ العَزيزِ الحَميدِ (آيت : 6) |
۽ سمجهن ٿا اهي شخص جيڪي ڏنا ويا علم ته جيڪو نازل ڪيو ويو توڏانهن تنهنجي رب جي طرفان اهو حق آهي ۽ هدايت ڪري ٿو غالب، ساراھ ڪيل (الله) جي واٽ ڏانهن . |
وَقالَ الَّذينَ كَفَروا هَل نَدُلُّكُم عَلىٰ رَجُلٍ يُنَبِّئُكُم إِذا مُزِّقتُم كُلَّ مُمَزَّقٍ إِنَّكُم لَفى خَلقٍ جَديدٍ (آيت : 7) |
۽ چيو انهن جن ڪفر ڪيو ته ڇا ڏس ڏيون اوهان کي اهڙي مڙس جو جيڪو خبر ڏئي ٿو اوهان کي ته جڏهن ذرا ذرا ڪيا ويندؤ هر طرح ذرا ڪرڻ ته بيشڪ اوهان البته نئين پيدائش ۾ (ايندؤ) . |
أَفتَرىٰ عَلَى اللَّهِ كَذِبًا أَم بِهِ جِنَّةٌ بَلِ الَّذينَ لا يُؤمِنونَ بِالءاخِرَةِ فِى العَذابِ وَالضَّلٰلِ البَعيدِ (آيت : 8) |
ڇا بهتان هنيائين الله تي ڪوڙو يا ان ۾ چريائپ آهي؟ بلڪه جيڪي نه ٿا ايمان آڻين آخرت تي، عذاب ۽ پرانهين گمراهيءَ ۾ آهن . |
أَفَلَم يَرَوا إِلىٰ ما بَينَ أَيديهِم وَما خَلفَهُم مِنَ السَّماءِ وَالأَرضِ إِن نَشَأ نَخسِف بِهِمُ الأَرضَ أَو نُسقِط عَلَيهِم كِسَفًا مِنَ السَّماءِ إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايَةً لِكُلِّ عَبدٍ مُنيبٍ (آيت : 9) |
ڇا پوءِ نه ڏٺائون ان ڏانهن جيڪو سندن اڳيان آهي ۽ جيڪو سندن پويان آهي آسمان ۽ زمين مان جيڪڏهن گهرنداسون ته ڳهرائينداسون انهن کي زمين ۾ يا ڪيرائينداسون انهن تي ٽڪرو آسمان مان بيشڪ ان ۾ البته نشاني آهي هر ٻانهي رجوع ڪندڙ جي لاءِ . |
وَلَقَد ءاتَينا داوۥدَ مِنّا فَضلًا يٰجِبالُ أَوِّبى مَعَهُ وَالطَّيرَ وَأَلَنّا لَهُ الحَديدَ (آيت : 10) |
۽ البته تحقيق ڏني سون داؤد کي پاڻ وٽان ڀلائي اي جبلؤ! سهڻي نموني تسبيح پڙهو ان سان گڏ ۽ پکين کي (ان جو فرمانبردار ڪيوسون) ۽ نرم ڪيوسون ان لاءِ لوھ . |
أَنِ اعمَل سٰبِغٰتٍ وَقَدِّر فِى السَّردِ وَاعمَلوا صٰلِحًا إِنّى بِما تَعمَلونَ بَصيرٌ (آيت : 11) |
(ان کي حڪم ڪيوسون) ته ٺاھ ويڪريون زرهون ۽ اندازو رک ڪڙيون ٺاهڻ ۾ ۽ ڪيو ڀلا ڪم بلاشڪ مان جيڪي ڪيو ٿا ڏسندڙ آهيان . |
وَلِسُلَيمٰنَ الرّيحَ غُدُوُّها شَهرٌ وَرَواحُها شَهرٌ وَأَسَلنا لَهُ عَينَ القِطرِ وَمِنَ الجِنِّ مَن يَعمَلُ بَينَ يَدَيهِ بِإِذنِ رَبِّهِ وَمَن يَزِغ مِنهُم عَن أَمرِنا نُذِقهُ مِن عَذابِ السَّعيرِ (آيت : 12) |
۽ سليمان جي لاءِ واء (مطيع ڪيوسون) صبح ان جي مهينو آهي ۽ شام ان جي مهينو آهي ۽ وهايوسون ان جي لاءِ چشمو پگهريل ٽامي جو ۽ جنن مان اهي به هئا جيڪي ڪم ڪن پيا ان جي اڳيان سندس رب جي اذن سان ۽ جيڪو بي فرماني ڪندو انهن مان اسان جي امر کان ته چکائينداسون ان کي عذاب ڀڙڪندڙ باھ جو . |
يَعمَلونَ لَهُ ما يَشاءُ مِن مَحٰريبَ وَتَمٰثيلَ وَجِفانٍ كَالجَوابِ وَقُدورٍ راسِيٰتٍ اعمَلوا ءالَ داوۥدَ شُكرًا وَقَليلٌ مِن عِبادِىَ الشَّكورُ (آيت : 13) |
ٺاهين پيا ان جي لاءِ جيڪي گهري پيو پڪيون جايون ۽ مورتون ۽ پيالا حوضن جيڏا ۽ نه چرندڙ ديڳيون اي داؤد جا اولاد شڪر ڪيو ۽ ٿورا آهن منهنجي ٻانهن مان شڪر ادا ڪندڙ . |
فَلَمّا قَضَينا عَلَيهِ المَوتَ ما دَلَّهُم عَلىٰ مَوتِهِ إِلّا دابَّةُ الأَرضِ تَأكُلُ مِنسَأَتَهُ فَلَمّا خَرَّ تَبَيَّنَتِ الجِنُّ أَن لَو كانوا يَعلَمونَ الغَيبَ ما لَبِثوا فِى العَذابِ المُهينِ (آيت : 14) |
پوءِ جڏهن حڪم ڪيو اسان ان تي موت جو ته نه ڏس ڏنو انهن کي ان جي موت تي مگر اڏيهي کائي پئي ان جي لٺ کي پوءِ جڏهن ڪري پيو ته ظاهر ٿيو جنن تي ته جيڪڏهن غيب ڄاڻن ها ته نه گهڻو وقت رهن ها عذاب خوار ڪندڙ ۾ . |
لَقَد كانَ لِسَبَإٍ فى مَسكَنِهِم ءايَةٌ جَنَّتانِ عَن يَمينٍ وَشِمالٍ كُلوا مِن رِزقِ رَبِّكُم وَاشكُروا لَهُ بَلدَةٌ طَيِّبَةٌ وَرَبٌّ غَفورٌ (آيت : 15) |
البته تحقيق هئي سبا جي قوم وارن جي لاءِ سندن ڳوٺ ۾ نشاني ٻه باغ سڄي پاسي کان ۽ کٻي پاسي کان کائو پنهنجي رب جي رزق مان ۽ شڪر ڪيو ان جي لاءِ شهر پاڪ ۽ رب بخشڻهار . |
فَأَعرَضوا فَأَرسَلنا عَلَيهِم سَيلَ العَرِمِ وَبَدَّلنٰهُم بِجَنَّتَيهِم جَنَّتَينِ ذَواتَى أُكُلٍ خَمطٍ وَأَثلٍ وَشَيءٍ مِن سِدرٍ قَليلٍ (آيت : 16) |
پوءِ منهن موڙيائون پوءِ وهائيوسون انهن تي تيز سيلاب ۽ مٽائي ڏناسون انهن کي عيوض ٻن باغن انهن جي ٻه باغ ڪسارن ميون ۽ لئن ۽ ڪجھ ٿورين ٻيرين وارا . |
ذٰلِكَ جَزَينٰهُم بِما كَفَروا وَهَل نُجٰزى إِلَّا الكَفورَ (آيت : 17) |
اها سزا ڏني سون انهن کي سببان ان جي جو ڪفر ڪيائون ۽ نه سزا ڏينداسون مگر بي شڪر کي . |
وَجَعَلنا بَينَهُم وَبَينَ القُرَى الَّتى بٰرَكنا فيها قُرًى ظٰهِرَةً وَقَدَّرنا فيهَا السَّيرَ سيروا فيها لَيالِىَ وَأَيّامًا ءامِنينَ (آيت : 18) |
۽ ڪياسون سندن وچ ۾ ۽ انهن ڳوٺن جي وچ ۾ جو برڪت رکي سون انهن ۾ ڳوٺ ظاهر ۽ بندوبست ڪيوسون انهن ۾ سير جو سير ڪيو انهن ۾ راتيون ۽ ڏينهن امن وارا ٿيندڙ . |
فَقالوا رَبَّنا بٰعِد بَينَ أَسفارِنا وَظَلَموا أَنفُسَهُم فَجَعَلنٰهُم أَحاديثَ وَمَزَّقنٰهُم كُلَّ مُمَزَّقٍ إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايٰتٍ لِكُلِّ صَبّارٍ شَكورٍ (آيت : 19) |
پوءِ چيائون اي اسان جا رب! پرانهين ڪر اسان جي سفرن ۾ ۽ ظلم ڪيائون پنهنجي نفس تي پوءِ بنايوسون انهن کي آکاڻيون ۽ ذرا ذرا بنايوسون انهن کي صفا ذرا بلاشڪ ان ۾ البته نشانيون آهن هر صبر ڪندڙ، شڪر ڪندڙ جي لاءِ . |
وَلَقَد صَدَّقَ عَلَيهِم إِبليسُ ظَنَّهُ فَاتَّبَعوهُ إِلّا فَريقًا مِنَ المُؤمِنينَ (آيت : 20) |
۽ البته تحقيق سچو ڪري ڏيکاريو انهن تي شيطان پنهنجو گمان پوءِ ان جي تابعداري ڪيائون مگر ٽولي هڪڙي مؤمنن مان . |
وَما كانَ لَهُ عَلَيهِم مِن سُلطٰنٍ إِلّا لِنَعلَمَ مَن يُؤمِنُ بِالءاخِرَةِ مِمَّن هُوَ مِنها فى شَكٍّ وَرَبُّكَ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ حَفيظٌ (آيت : 21) |
۽ نه هو ان جو انهن تي ڪو زور مگر تانته پڌرو ڪيون اسين ان کي جيڪو ايمان آڻي ٿو آخرت تي ان کان جيڪو اهو ان کان شڪ ۾ آهي ۽ تنهنجو رب هر شيءِ جي حفاظت ڪندڙ آهي . |
قُلِ ادعُوا الَّذينَ زَعَمتُم مِن دونِ اللَّهِ لا يَملِكونَ مِثقالَ ذَرَّةٍ فِى السَّمٰوٰتِ وَلا فِى الأَرضِ وَما لَهُم فيهِما مِن شِركٍ وَما لَهُ مِنهُم مِن ظَهيرٍ (آيت : 22) |
فرماءِ ته سڏيو انهن کي جو گمان ڪيو ٿا الله کان سواءِ نه ٿا ملاڪ ٿين هڪ ذره جي وزن جا آسمانن ۾ ۽ زمين ۾ ۽ ناهي انهن لاءِ انهن ٻنهي ۾ ڪو ڀائيوارو ۽ ناهي ان لاءِ انهن مان ڪو مددگار . |
وَلا تَنفَعُ الشَّفٰعَةُ عِندَهُ إِلّا لِمَن أَذِنَ لَهُ حَتّىٰ إِذا فُزِّعَ عَن قُلوبِهِم قالوا ماذا قالَ رَبُّكُم قالُوا الحَقَّ وَهُوَ العَلِىُّ الكَبيرُ (آيت : 23) |
۽ نه نفعو ڏيندي شفاعت ان وٽ مگر ان جي لاءِ جو موڪل ڏنائين ان لاءِ تان جو جڏهن گهٻراهٽ پري ڪئي ويندي سندن دلين کان ته چوندا ڇا فرمايو رب اوهان جي چوندا حق ۽ اهو ئي نهايت مٿاهون، وڏو آهي . |
قُل مَن يَرزُقُكُم مِنَ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ قُلِ اللَّهُ وَإِنّا أَو إِيّاكُم لَعَلىٰ هُدًى أَو فى ضَلٰلٍ مُبينٍ (آيت : 24) |
فرماءِ ته ڪير رزق ڏئي ٿو اوهان کي آسمانن ۽ زمين مان فرماءِ ته الله ۽ بلاشڪ اسين يا اوهان البته هدايت تي آهيون يا کليل گمراهيءَ ۾ . |
قُل لا تُسـَٔلونَ عَمّا أَجرَمنا وَلا نُسـَٔلُ عَمّا تَعمَلونَ (آيت : 25) |
فرماءِ ته نه پڇا ڪيا ويندؤ اوهان ان جي جو اسان جرم ڪيا ۽ نه پڇا ڪيا وينداسون اسين ان جي جو اوهان ڪيو پيا . |
قُل يَجمَعُ بَينَنا رَبُّنا ثُمَّ يَفتَحُ بَينَنا بِالحَقِّ وَهُوَ الفَتّاحُ العَليمُ (آيت : 26) |
فرماءِ ته گڏ ڪندو اسان کي اسان جو رب ان کان پوءِ فيصلو ڪندو اسان ۾ حق سان ۽ اهوئي صحيح فيصلو ڪندڙ ڄاڻندڙ آهي . |
قُل أَرونِىَ الَّذينَ أَلحَقتُم بِهِ شُرَكاءَ كَلّا بَل هُوَ اللَّهُ العَزيزُ الحَكيمُ (آيت : 27) |
فرماءِ ته ڏيکاريو مون کي اهي جو ملايا اوهان ان سان شريڪ ڪري هرگز نه بلڪ اهوئي الله غالب، حڪمت وارو آهي. |
وَما أَرسَلنٰكَ إِلّا كافَّةً لِلنّاسِ بَشيرًا وَنَذيرًا وَلٰكِنَّ أَكثَرَ النّاسِ لا يَعلَمونَ (آيت : 28) |
۽ نه موڪليو اسان اوهان کي مگر مڙني ماڻهن جي لاءِ خوشخبري ڏيندڙ ۽ ڊيڄاريندڙ ۽ پر گهڻا ماڻهو نه ٿا ڄاڻن . |
وَيَقولونَ مَتىٰ هٰذَا الوَعدُ إِن كُنتُم صٰدِقينَ (آيت : 29) |
۽ چون ٿا ته ڪڏهن ايندو هي وعدو جيڪڏهن آهيو اوهان سچا . |
قُل لَكُم ميعادُ يَومٍ لا تَستَـٔخِرونَ عَنهُ ساعَةً وَلا تَستَقدِمونَ (آيت : 30) |
فرماءِ ته اوهان جي لاءِ وعدو ان ڏينهن جو آهي جو نه پوئتي ٿيندؤ ان کان هڪ گهڙي ۽ نه اڳتي ٿيندؤ . |
وَقالَ الَّذينَ كَفَروا لَن نُؤمِنَ بِهٰذَا القُرءانِ وَلا بِالَّذى بَينَ يَدَيهِ وَلَو تَرىٰ إِذِ الظّٰلِمونَ مَوقوفونَ عِندَ رَبِّهِم يَرجِعُ بَعضُهُم إِلىٰ بَعضٍ القَولَ يَقولُ الَّذينَ استُضعِفوا لِلَّذينَ استَكبَروا لَولا أَنتُم لَكُنّا مُؤمِنينَ (آيت : 31) |
۽ چيو انهن جن ڪفر ڪيو ته هرگز نه ايمان آڻينداسون هن قرآن تي ۽ نه ان تي جيڪو ان کان اڳي نازل ٿيو ۽ جيڪڏهن ڏسندين جڏهن ظالم بيهاريل هوندا پنهنجي رب وٽ ورائيندا هڪڙا انهن مان ٻين ڏانهن ڳالھ چوندا اهي جيڪي ڪمزور سمجهيا ويا انهن کي جن وڏائي ڪئي ٿي جيڪڏهن نه هجو ها اوهان ته البته هجون ها اسان مؤمن . |
قالَ الَّذينَ استَكبَروا لِلَّذينَ استُضعِفوا أَنَحنُ صَدَدنٰكُم عَنِ الهُدىٰ بَعدَ إِذ جاءَكُم بَل كُنتُم مُجرِمينَ (آيت : 32) |
چوندا اهي جن وڏائي ڪئي هئي انهن کي جيڪي ڪمزور سمجهيا ويا ڇا اسان روڪيو اوهان کي هدايت کان ان کان بعد جو اوهان وٽ آئي بلڪ هيئو اوهان مجرم . |
وَقالَ الَّذينَ استُضعِفوا لِلَّذينَ استَكبَروا بَل مَكرُ الَّيلِ وَالنَّهارِ إِذ تَأمُرونَنا أَن نَكفُرَ بِاللَّهِ وَنَجعَلَ لَهُ أَندادًا وَأَسَرُّوا النَّدامَةَ لَمّا رَأَوُا العَذابَ وَجَعَلنَا الأَغلٰلَ فى أَعناقِ الَّذينَ كَفَروا هَل يُجزَونَ إِلّا ما كانوا يَعمَلونَ (آيت : 33) |
۽ چوندا اهي جيڪي ضعيف سمجهيا ويا انهن کي جن وڏائي ڪئي بلڪ رات ۽ ڏينهن جي (اوهان واري) مڪر جڏهن اسان کي امر ڪيو پيا هي ته الله جو انڪار ڪيون ۽ ڪيون اسين ان جا شريڪ، ۽ لڪائيندا پشيماني جڏهن ڏسندا عذاب ۽ وجهنداسون ڳٽ انهن جي ڳچين ۾ جن ڪفر ڪيو نه بدلو ڏنا ويندا مگر ان جو جيڪي ڪندا هئا . |
وَما أَرسَلنا فى قَريَةٍ مِن نَذيرٍ إِلّا قالَ مُترَفوها إِنّا بِما أُرسِلتُم بِهِ كٰفِرونَ (آيت : 34) |
۽ نه موڪليو اسان ڪنهن ڳوٺ ۾ ڪو ڊيڄاريندڙ مگر چيو مالدارن اتي جي ته بلاشڪ اسين ان جا جنهن سان اوهان موڪليا ويا آهيو انڪار ڪندڙ آهيون . |
وَقالوا نَحنُ أَكثَرُ أَموٰلًا وَأَولٰدًا وَما نَحنُ بِمُعَذَّبينَ (آيت : 35) |
۽ چيائون ته اسين گهڻا آهيون مالن ۽ اولاد ۾ ۽ ناهيون اسين عذاب ڪيل . |
قُل إِنَّ رَبّى يَبسُطُ الرِّزقَ لِمَن يَشاءُ وَيَقدِرُ وَلٰكِنَّ أَكثَرَ النّاسِ لا يَعلَمونَ (آيت : 36) |
فرماءِ ته بيشڪ منهنجو رب ڪشادو ڪري ٿو رزق جنهن جي لاءِ گهري ۽ تنگ ڪري ٿو ۽ پر گهڻا ماڻهو نه ٿا ڄاڻن . |
وَما أَموٰلُكُم وَلا أَولٰدُكُم بِالَّتى تُقَرِّبُكُم عِندَنا زُلفىٰ إِلّا مَن ءامَنَ وَعَمِلَ صٰلِحًا فَأُولٰئِكَ لَهُم جَزاءُ الضِّعفِ بِما عَمِلوا وَهُم فِى الغُرُفٰتِ ءامِنونَ (آيت : 37) |
۽ ناهن اوهان جا مال ۽ نه اوهان جو اولاد اهڙي شيءِ جو ويجهو ڪن اوهان کي اسان وٽ قرب جي مرتبي کي مگر جنهن ايمان آندو ۽ ڪيائين نيڪ عمل پوءِ اهي انهن جي لاءِ ٻيڻو بدلو آهي ان سببان جو ڪيائون ۽ اهي ماڙين ۾ امن سان رهندڙ آهن . |
وَالَّذينَ يَسعَونَ فى ءايٰتِنا مُعٰجِزينَ أُولٰئِكَ فِى العَذابِ مُحضَرونَ (آيت : 38) |
۽ جيڪي ڪوشش ڪن ٿا اسان جي آيتن جو مقابلو ڪندڙ اهي عذاب ۾ حاضر ڪيل هوندا . |
قُل إِنَّ رَبّى يَبسُطُ الرِّزقَ لِمَن يَشاءُ مِن عِبادِهِ وَيَقدِرُ لَهُ وَما أَنفَقتُم مِن شَيءٍ فَهُوَ يُخلِفُهُ وَهُوَ خَيرُ الرّٰزِقينَ (آيت : 39) |
فرماءِ ته بيشڪ منهنجو رب ڪشادو ڪري ٿو رزق جنهن لاءِ گهري پنهنجن ٻانهن مان ۽ تنگ ٿو ڪري ان جي لاءِ ۽ جيڪي خرچ ڪيو ٿا اوهان ڪا شيءِ پوءِ اهو واپس ڪري ٿو ان کي ۽ اهو رزق ڏيندڙن ۾ ڀلو آهي . |
وَيَومَ يَحشُرُهُم جَميعًا ثُمَّ يَقولُ لِلمَلٰئِكَةِ أَهٰؤُلاءِ إِيّاكُم كانوا يَعبُدونَ (آيت : 40) |
۽ جنهن ڏينهن اٿاريندو انهن مڙني کي ان کان پوءِ فرمائيندو ملائڪن کي ته ڇا هي اوهان جي عبادت ڪندا هئا . |
قالوا سُبحٰنَكَ أَنتَ وَلِيُّنا مِن دونِهِم بَل كانوا يَعبُدونَ الجِنَّ أَكثَرُهُم بِهِم مُؤمِنونَ (آيت : 41) |
چوندا ته تنهنجي پاڪائي آهي تون مالڪ اسان جو آهين انهن کان سواءِ بلڪ جنن جي عبادت ڪندا هئا گهڻا انهن مان انهن تي ايمان آڻيندڙ آهن . |
فَاليَومَ لا يَملِكُ بَعضُكُم لِبَعضٍ نَفعًا وَلا ضَرًّا وَنَقولُ لِلَّذينَ ظَلَموا ذوقوا عَذابَ النّارِ الَّتى كُنتُم بِها تُكَذِّبونَ (آيت : 42) |
پوءِ اڄ نه مالڪ ٿيندو بعض اوهان جو بعض جي لاءِ نفعي جو ۽ نه نقصان جو ۽ چونداسون انهن کي جن ظلم ڪيو ته چکو باھ جو عذاب جنهن کي ڪوڙو چوندا هيئو . |
وَإِذا تُتلىٰ عَلَيهِم ءايٰتُنا بَيِّنٰتٍ قالوا ما هٰذا إِلّا رَجُلٌ يُريدُ أَن يَصُدَّكُم عَمّا كانَ يَعبُدُ ءاباؤُكُم وَقالوا ما هٰذا إِلّا إِفكٌ مُفتَرًى وَقالَ الَّذينَ كَفَروا لِلحَقِّ لَمّا جاءَهُم إِن هٰذا إِلّا سِحرٌ مُبينٌ (آيت : 43) |
۽ جڏهن پڙهيون ٿيون وڃن انهن تي اسان جون آيتون چٽيون ته چيائون ناهي هي مگر مڙس جيڪو ارادو ڪري ٿو ته روڪي اوهان کي ان کان جو عبادت ڪندا هئا ابا ڏاڏا اوهان جا (انهن جي) ۽ چيائون ته ناهي هي مگر بهتان ٺاهيل ۽ چيو انهن جن ڪفر ڪيو حق جي لاءِ جڏهن آيو انهن وٽ ته ناهي هيءُ مگر جادو چٽو . |
وَما ءاتَينٰهُم مِن كُتُبٍ يَدرُسونَها وَما أَرسَلنا إِلَيهِم قَبلَكَ مِن نَذيرٍ (آيت : 44) |
۽ نه ڏنا اسان انهن کي ڪي ڪتاب جو پڙهن ٿا انهن کي ۽ نه موڪليو اسان انهن ڏانهن توکان اڳي ڪو ڊيڄاريندڙ . |
وَكَذَّبَ الَّذينَ مِن قَبلِهِم وَما بَلَغوا مِعشارَ ما ءاتَينٰهُم فَكَذَّبوا رُسُلى فَكَيفَ كانَ نَكيرِ (آيت : 45) |
۽ ڪوڙو چيو انهن جو انهن کان اڳي هئا ۽ نه پهتا ڏهين حصي ان جي کي جيڪو ڏنو اسان انهن کي پوءِ منهنجن رسولن کي ڪوڙو چيائون پوءِ ڪهڙي طرح هو منهنجو عذاب . |
قُل إِنَّما أَعِظُكُم بِوٰحِدَةٍ أَن تَقوموا لِلَّهِ مَثنىٰ وَفُرٰدىٰ ثُمَّ تَتَفَكَّروا ما بِصاحِبِكُم مِن جِنَّةٍ إِن هُوَ إِلّا نَذيرٌ لَكُم بَينَ يَدَى عَذابٍ شَديدٍ (آيت : 46) |
فرماءِ ته بس نصيحت ڪيان ٿو مان اوهان کي هڪڙي ته کڙا ٿيو الله جي (حڪم) لاءِ ٻه ٻه ۽ هڪ هڪ ان کان پوءِ سوچيو ته ناهي اوهان جي ساٿيءَ ۾ ڪا چريائپ ناهي اهو مگر ڊيڄاريندڙ اوهان جي لاءِ اڳيان سخت عذاب جي . |
قُل ما سَأَلتُكُم مِن أَجرٍ فَهُوَ لَكُم إِن أَجرِىَ إِلّا عَلَى اللَّهِ وَهُوَ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ شَهيدٌ (آيت : 47) |
فرماءِ ته جيڪي گهريو مون اوهان کان اجورو پوءِ اهو اوهان جي لاءِ آهي ناهي اجورو منهنجو مگر الله تي ۽ اهو هر شيءِ تي شاهد آهي . |
قُل إِنَّ رَبّى يَقذِفُ بِالحَقِّ عَلّٰمُ الغُيوبِ (آيت : 48) |
فرماءِ ته بيشڪ منهنجو رب القاء ڪري ٿو حق اهو غيبن جو ڄاڻندڙ آهي . |
قُل جاءَ الحَقُّ وَما يُبدِئُ البٰطِلُ وَما يُعيدُ (آيت : 49) |
فرماءِ ته آيو حق ۽ نه ٿو نئين سر ٺاهي باطل ۽ نه ورائي ٺاهيندو . |
قُل إِن ضَلَلتُ فَإِنَّما أَضِلُّ عَلىٰ نَفسى وَإِنِ اهتَدَيتُ فَبِما يوحى إِلَىَّ رَبّى إِنَّهُ سَميعٌ قَريبٌ (آيت : 50) |
فرماءِ ته جيڪڏهن گمراھ ٿيندس مان (معاذ الله) پوءِ رڳو گمراهه ٿيندس پنهنجي سر لاءِ ۽ جيڪڏهن هدايت وارو ٿيندس پوءِ ان سببان جو وحي ڪري ٿو مون ڏانهن رب منهنجو بلاشڪ اهو ٻڌندڙ، ويجهو آهي . |
وَلَو تَرىٰ إِذ فَزِعوا فَلا فَوتَ وَأُخِذوا مِن مَكانٍ قَريبٍ (آيت : 51) |
۽ جيڪڏهن ڏسين جڏهن گهٻرايل هوندا پوءِ ناهي ڇوٽڪارو ۽ ورتا ويندا جاءِ ويجهيءَ کان . |
وَقالوا ءامَنّا بِهِ وَأَنّىٰ لَهُمُ التَّناوُشُ مِن مَكانٍ بَعيدٍ (آيت : 52) |
۽ چوندا ته ايمان آنداسون ان تي ۽ ڪٿي آهي انهن جي لاءِ حاصل ڪرڻ جاءِ پرانهينءَ کان . |
وَقَد كَفَروا بِهِ مِن قَبلُ وَيَقذِفونَ بِالغَيبِ مِن مَكانٍ بَعيدٍ (آيت : 53) |
۽ تحقيق ڪفر ڪيائون ان جو اڳي ۽ اڇلائي هڻن ٿا اڻ ڏٺو جاءِ پرانهينءَ، کان . |
وَحيلَ بَينَهُم وَبَينَ ما يَشتَهونَ كَما فُعِلَ بِأَشياعِهِم مِن قَبلُ إِنَّهُم كانوا فى شَكٍّ مُريبٍ (آيت : 54) |
۽ آڙ وڌي وئي انهن جي وچ ۾ ۽ انهن جي وچ ۾ جيڪي سڌون ڪندا رهيا جيئن ڪيو ويو انهن جهڙن سان اڳي بلاشڪ اهي هئا شڪ ڌوڪي ڏيندڙ ۾ . |