الحَمدُ لِلَّهِ الَّذى لَهُ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَما فِى الأَرضِ وَلَهُ الحَمدُ فِى الءاخِرَةِ وَهُوَ الحَكيمُ الخَبيرُ (آيت : 1) |
سڀ تعريفون الله تعالى جي لاءِ ئي آهن جيڪو آسمانن ۽ زمين جي هر هڪ شيءِ جو مالڪ آهي، آخرت ۾ به سندس ئي تعريفون هونديون. هو وڏي حڪمت وارو ۽ خبر رکندڙ آهي. |
يَعلَمُ ما يَلِجُ فِى الأَرضِ وَما يَخرُجُ مِنها وَما يَنزِلُ مِنَ السَّماءِ وَما يَعرُجُ فيها وَهُوَ الرَّحيمُ الغَفورُ (آيت : 2) |
هن کي سڀ خبر آهي ته زمين جي اندر ڪهڙي شيءِ داخل ٿئي ٿي ۽ (وري) ان مان ڪهڙي شيءِ ٻاهر نڪري ٿي، آسمانن مان ڪهڙي شيءِ (هيٺ) نازل ٿئي ٿي ۽ (وري) آسمان ڏي ڪهڙي شيءِ مٿي چڙهي ٿي ۽ هو وڏو رحم ڪندڙ ۽ وڏو معاف ڪندڙ آهي. |
وَقالَ الَّذينَ كَفَروا لا تَأتينَا السّاعَةُ قُل بَلىٰ وَرَبّى لَتَأتِيَنَّكُم عٰلِمِ الغَيبِ لا يَعزُبُ عَنهُ مِثقالُ ذَرَّةٍ فِى السَّمٰوٰتِ وَلا فِى الأَرضِ وَلا أَصغَرُ مِن ذٰلِكَ وَلا أَكبَرُ إِلّا فى كِتٰبٍ مُبينٍ (آيت : 3) |
ڪافر چون ٿا ته اسان جي مٿان قيامت نه ايندي. (کين) چؤ ته آخر ڇو نه ايندي؟ مون کي پنھنجي پالڻھار ۽ ڳجهه جي ڄاڻيندڙ جو قسم! ته اها توهان جي مٿان ضرور ايندي، ان (پالڻهار) کان ته آسمانن ۽ زمين جي ذري جيتري به شيءِ لڪيل نه آهي، چاهي اها شيءِ ذري کان به ننڍي ڇو نه هجي يا ذري کان وڏي به ڇو نه هجي. (اهي) سڀ هڪ پڌري ڪتاب ۾ لکيل آهن. |
لِيَجزِىَ الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ أُولٰئِكَ لَهُم مَغفِرَةٌ وَرِزقٌ كَريمٌ (آيت : 4) |
(قيامت جي اچڻ جو مقصد هي آهي ته) جيئن هو (پالڻھار) انهن ماڻهن کي بدلو ڏي جن ايمان آندو ۽ نيڪ عمل ڪيا. اهڙن سڀني ماڻهن لاءِ بخشش به آهي ته عزت واري روزي به آهي. |
وَالَّذينَ سَعَو فى ءايٰتِنا مُعٰجِزينَ أُولٰئِكَ لَهُم عَذابٌ مِن رِجزٍ أَليمٌ (آيت : 5) |
۽ جيڪي ماڻهو اسان جي آيتن کي بي وس ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا، انهن سڀني لاءِ دردناڪ عذاب آهي. |
وَيَرَى الَّذينَ أوتُوا العِلمَ الَّذى أُنزِلَ إِلَيكَ مِن رَبِّكَ هُوَ الحَقَّ وَيَهدى إِلىٰ صِرٰطِ العَزيزِ الحَميدِ (آيت : 6) |
(اي نبيﷺ!) جن ماڻهن کي علم ڏنو ويو آهي سي سڀ خوب ڄاڻن ٿا ته هي (قرآن) بلڪل برحق آهي جيڪو تنھنجي مٿان نازل ڪيو ويو آهي سو زبردست تعريف جي لائق (پالڻھار) جو رستو ڏيکاري ٿو. |
وَقالَ الَّذينَ كَفَروا هَل نَدُلُّكُم عَلىٰ رَجُلٍ يُنَبِّئُكُم إِذا مُزِّقتُم كُلَّ مُمَزَّقٍ إِنَّكُم لَفى خَلقٍ جَديدٍ (آيت : 7) |
ڪافر هڪ ٻئي کي چون ٿا ته (اچو) اسان توهان کي هڪ اهڙي شخص جو ڏس ڏيون جيڪو هڪ (عجيب) خبر ٻڌائي ٿو ته جڏهن توهان مري ڳري ذرا ذرا ٿي ويندا ته توهان کي وري نئين سر پيدا ڪيو ويندو. |
أَفتَرىٰ عَلَى اللَّهِ كَذِبًا أَم بِهِ جِنَّةٌ بَلِ الَّذينَ لا يُؤمِنونَ بِالءاخِرَةِ فِى العَذابِ وَالضَّلٰلِ البَعيدِ (آيت : 8) |
لڳي ايئن ٿو ته هو الله تعالى تي ڪوڙ هڻي ٿو يا وري مٿس ڪو چريائپ جو دورو آهي (اِيئن هرگز نه آهي) بلڪه جيڪي ماڻهو آخرت تي ايمان نٿا آڻين سي عذاب ۾ هوندا ۽ اهي ئي ماڻهو (دنيا ۾) گمراهي ۾ پيل آهن. |
أَفَلَم يَرَوا إِلىٰ ما بَينَ أَيديهِم وَما خَلفَهُم مِنَ السَّماءِ وَالأَرضِ إِن نَشَأ نَخسِف بِهِمُ الأَرضَ أَو نُسقِط عَلَيهِم كِسَفًا مِنَ السَّماءِ إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايَةً لِكُلِّ عَبدٍ مُنيبٍ (آيت : 9) |
ڇا هي ماڻهو نٿا ڏسن ته سندن اڳيان ۽ پويان آسمان ۽ زمين گهيرو ڪري بيٺا آهن. جيڪڏهن اسان چاهيون ته کين زمين ۾ ڳھائي ڇڏيون يا مٿن آسمان جا ٽڪرا ڪيرائي ڇڏيون. بيشڪ انهن ڳالهين ۾ گهري نظر رکندڙ ٻانهي لاءِ وڏي نشاني آهي. |
وَلَقَد ءاتَينا داوۥدَ مِنّا فَضلًا يٰجِبالُ أَوِّبى مَعَهُ وَالطَّيرَ وَأَلَنّا لَهُ الحَديدَ (آيت : 10) |
اسان دائود ($) کي پنھنجي خاص فضل سان نوازيو هو (۽ اسان حڪم ڏنو ته) اي جبلو ۽ پکيو! توهان سڀ هُن سان گڏ (الله تعالى جي تسبيح) بيان ڪريو ۽ اسان ان لاءِ لوهه کي نرم ڪيو. |
أَنِ اعمَل سٰبِغٰتٍ وَقَدِّر فِى السَّردِ وَاعمَلوا صٰلِحًا إِنّى بِما تَعمَلونَ بَصيرٌ (آيت : 11) |
ته جيئن ان مان وڏيون وڏيون زرهون ٺاهي ۽ انهن زرهن ۾ لڳندڙ ڪڙين جو هڪ قالب (يعني سانچو ) ٺاهي. (اي دائود جو اولاد!) توهان نيڪ عمل ڪندا رهو، توهان جيڪو به عمل ڪريو ٿا، بيشڪ اهو سڀ منهنجي نظر ۾ آهي. |
وَلِسُلَيمٰنَ الرّيحَ غُدُوُّها شَهرٌ وَرَواحُها شَهرٌ وَأَسَلنا لَهُ عَينَ القِطرِ وَمِنَ الجِنِّ مَن يَعمَلُ بَينَ يَدَيهِ بِإِذنِ رَبِّهِ وَمَن يَزِغ مِنهُم عَن أَمرِنا نُذِقهُ مِن عَذابِ السَّعيرِ (آيت : 12) |
۽ سليمان ($) جي لاءِ هوا کي تابع ڪيوسين. صبح جي وقت ان جو هلڻ هڪ مھيني پنڌ هلڻ جي برابر ۽ شام جي وقت ان جو هلڻ هڪ مھيني پنڌ هلڻ جي برابر هو. (يعني هاڻي سندس ٻه مهينا پنڌ هلڻ وارو سفر هوا جي ڪري صبح کان شام تائين مڪمل ٿي ويندو هو). اسان ان جي لاءِ (زمين مان) پگهريل ٽامي جا چشما ڪڍيا ۽ جِنّن مان ڪجهه جنّ به سندس تابع ڪري ڏنا، جيڪي پنھنجي پالڻھار جي حڪم سان (سليمان$جي) ڪم ۾ لڳا پيا هوندا هئا ۽ انهن مان جيڪو به اسان جي حڪم جي خلاف ورزي ڪندو هو ته کيس ڀڙڪندڙ باهه جو عذاب چکائيندا هئاسون. |
يَعمَلونَ لَهُ ما يَشاءُ مِن مَحٰريبَ وَتَمٰثيلَ وَجِفانٍ كَالجَوابِ وَقُدورٍ راسِيٰتٍ اعمَلوا ءالَ داوۥدَ شُكرًا وَقَليلٌ مِن عِبادِىَ الشَّكورُ (آيت : 13) |
پوءِ (سليمان$ ) جيڪا شيءِ ٺاهڻ چاهيندو هو ته هي جِنَّ ان شيءِ جي ٺاهڻ ۾ لڳي ويندا هئا. جيئن وڏا محل،تصويرون، وڏن وڏن حوضن جھڙا ٽبَ ۽ ٿالهه (يعني هاڏر) ۽ وڏيون وڏيون ديڳيون جيڪي پنھنجي جاءِ تان نه هٽائي سگهبيون هيون. اي دائود جو اولاد! توهان شڪر گذار ٻانهن وانگر عمل ڪريو، منھنجا ٿورڙا ئي ٻانها شڪر ادا ڪندا آهن. |
فَلَمّا قَضَينا عَلَيهِ المَوتَ ما دَلَّهُم عَلىٰ مَوتِهِ إِلّا دابَّةُ الأَرضِ تَأكُلُ مِنسَأَتَهُ فَلَمّا خَرَّ تَبَيَّنَتِ الجِنُّ أَن لَو كانوا يَعلَمونَ الغَيبَ ما لَبِثوا فِى العَذابِ المُهينِ (آيت : 14) |
پوءِ جڏهن اسان مٿس موت جو حڪم جاري ڪيو ته هنن (جنن) کي زمين جي هڪڙي جيت (يعني اڏوهي) کان سواءِ ٻئي ڪنهن به خبر نه ڏني. هو جيت سندس لٺ کي آهستي آهستي کائيندو رهيو جڏهن هو هيٺ ڪري پيو ته پوءِ جِنن تي اهو راز کليو. (ته سليمان $ وفات ڪري چڪو آهي).جيڪڏهن کين واقعي غيب (يعني ڳجهه) جي خبر هجي ها ته هو اهڙي ذلت واري عذاب کي وڌيڪ نه ڀوڳين ها. |
لَقَد كانَ لِسَبَإٍ فى مَسكَنِهِم ءايَةٌ جَنَّتانِ عَن يَمينٍ وَشِمالٍ كُلوا مِن رِزقِ رَبِّكُم وَاشكُروا لَهُ بَلدَةٌ طَيِّبَةٌ وَرَبٌّ غَفورٌ (آيت : 15) |
سبا قوم لاءِ سندن رهڻ وارن علائقن ۾ وڏي نشاني هئي، انهن جي ساڄي کاٻي ٻه باغ هئا (کين چيو ويو ته) پنھنجي پالڻھار جو رزق کائو ۽ ان جو شڪر ادا ڪريو، جو شھر پاڪيزه آهي ۽ پالڻھار معاف ڪرڻ وارو آهي. |
فَأَعرَضوا فَأَرسَلنا عَلَيهِم سَيلَ العَرِمِ وَبَدَّلنٰهُم بِجَنَّتَيهِم جَنَّتَينِ ذَواتَى أُكُلٍ خَمطٍ وَأَثلٍ وَشَيءٍ مِن سِدرٍ قَليلٍ (آيت : 16) |
پر (شڪر ڪرڻ بجاءِ) انهن منھن موڙيو. اسان مٿن (بند کي ٽوڙي) پاڻيءَ جو هڪ وڏو سيلاب آندو ( جنهن کان پوءِ اُهي سرسبز باغ سيلاب سبب ختم ٿي ويا) پوءِ انهن ٻن باغن جي جاءِ تي اسان کين ٻيا ٻه اهڙا باغ ڏنا جن ۾ ڪَڙا ميوا، ليُون ۽ ڪجهه ٻيرين جا وڻ هئا. |
ذٰلِكَ جَزَينٰهُم بِما كَفَروا وَهَل نُجٰزى إِلَّا الكَفورَ (آيت : 17) |
اسان کين اهو ناشڪري جو بدلو ڏنو. شڪر نه ڪرڻ وارن کي اسان اهڙو ئي بدلو ڏيندا آهيون. |
وَجَعَلنا بَينَهُم وَبَينَ القُرَى الَّتى بٰرَكنا فيها قُرًى ظٰهِرَةً وَقَدَّرنا فيهَا السَّيرَ سيروا فيها لَيالِىَ وَأَيّامًا ءامِنينَ (آيت : 18) |
اسان سبا قوم ۽ (ٻين) برڪت ڀرين ڳوٺن جي وچ ۾ ٻيا مشهور ڳوٺڙا آباد ڪيا ۽ اسان انهن جي وچ ۾ هڪ اندازي سان منزلون مقرر ڪيون ۽ کين چيو ته توهان انهن ڳوٺن جي وچ ۾رات ڏينھن امن ۽ سلامتي سان هلندا رهو. |
فَقالوا رَبَّنا بٰعِد بَينَ أَسفارِنا وَظَلَموا أَنفُسَهُم فَجَعَلنٰهُم أَحاديثَ وَمَزَّقنٰهُم كُلَّ مُمَزَّقٍ إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايٰتٍ لِكُلِّ صَبّارٍ شَكورٍ (آيت : 19) |
پوءِ هو (ناشڪري ڪندي) چوڻ لڳا ته اي اسان جا پالڻھار!اسان جي سفر کي ڊگهوبناءِ اهڙيءَ طرح انهن ماڻهن پنھنجو پاڻ تي ظلم ڪيو. ۽ اسان به کين تاريخ جو قصو بنائي تتر بتر ڪري ڇڏيو. بيشڪ انهن ڳالهين ۾ صبر ۽ شڪر ڪرڻ وارن لاءِ وڏيون نشانيون آهن. |
وَلَقَد صَدَّقَ عَلَيهِم إِبليسُ ظَنَّهُ فَاتَّبَعوهُ إِلّا فَريقًا مِنَ المُؤمِنينَ (آيت : 20) |
اهڙي قوم جي باري ۾ ابليس جو گمان صحيح نڪتو ته مؤمنن جي هڪ ٽولي کان سواءِ ٻين سڀني ان (ابليس) جي پيروي ڪئي. |
وَما كانَ لَهُ عَلَيهِم مِن سُلطٰنٍ إِلّا لِنَعلَمَ مَن يُؤمِنُ بِالءاخِرَةِ مِمَّن هُوَ مِنها فى شَكٍّ وَرَبُّكَ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ حَفيظٌ (آيت : 21) |
حالانڪه ابليس جو مٿن ڪوبه زور بار نه هو. اهو صرف ان ڪري ٿيو ته جيئن اسان پرکي وٺون ته ڪير آخرت تي ايمان آڻي ٿو ۽ ڪير ان ۾ شڪ ڪري ٿو؟ بيشڪ تنھنجو پالڻھار هر شيءِ جو نگھبان آهي. |
قُلِ ادعُوا الَّذينَ زَعَمتُم مِن دونِ اللَّهِ لا يَملِكونَ مِثقالَ ذَرَّةٍ فِى السَّمٰوٰتِ وَلا فِى الأَرضِ وَما لَهُم فيهِما مِن شِركٍ وَما لَهُ مِنهُم مِن ظَهيرٍ (آيت : 22) |
(اي نبيﷺ! کين) چؤ ته توهان انهن کي سڏي ڏسو جن کي توهان الله تعالى کان سواءِ معبود سمجهو ٿا. هو ته آسمانن ۽ زمين جي ذري جا به مالڪ نه آهن ۽ نه ئي ٻنهي ۾ انهن جي ڪا ڀاڱي ڀائيواري آهي ۽ نه انهن مان ڪو الله تعالى جو مددگار آهي. |
وَلا تَنفَعُ الشَّفٰعَةُ عِندَهُ إِلّا لِمَن أَذِنَ لَهُ حَتّىٰ إِذا فُزِّعَ عَن قُلوبِهِم قالوا ماذا قالَ رَبُّكُم قالُوا الحَقَّ وَهُوَ العَلِىُّ الكَبيرُ (آيت : 23) |
الله تعالى جي اڳيان سندس اجازت کان سواءِ ڪنھن جي به سفارش فائدو نه ڏيندي. (جڏهن سفارشي پالڻھار جي اجازت سان ڪنهن جي سفارش کڻي ويندا ۽ هُو جواب کڻي موٽندا ته) ان جي جواب جي انتظار ۾ بيٺل ماڻهن جي دلين تان (سفارش جو جواب کڻي ايندڙن جو انداز ڏسي) گهٻراهٽ ختم ٿي ويندي ۽ هو سفارش ڪرڻ وارن کان (اميد واري انداز ۾) پڇندا ته توهان جي پالڻھار (اسان جي سفارش جي باري ۾) ڇا فرمايو؟ سفارش ڪرڻ وارا کين چوندا ته بلڪل صحيح فرمايو آهي (ته مؤمنن جي سفارش کي قبول ڪجي ٿو) بيشڪ هو (پالڻھار) سڀ کان مٿانھون ۽ بلند مرتبي وارو آهي. |
قُل مَن يَرزُقُكُم مِنَ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ قُلِ اللَّهُ وَإِنّا أَو إِيّاكُم لَعَلىٰ هُدًى أَو فى ضَلٰلٍ مُبينٍ (آيت : 24) |
(اي نبيﷺ!) انهن کان پڇا ڪر ته توهان کي آسمانن ۽ زمين مان ڪير روزي ڏئي ٿو؟ (تون کين) ٻڌاءِ ته الله تعالى (ئي روزي عطا ڪري ٿو) هاڻي اسان ۽ توهان مان ڪو هڪ ئي سڌي رستي تي آهي يا پڌري گمراهي ۾ آهي. |
قُل لا تُسـَٔلونَ عَمّا أَجرَمنا وَلا نُسـَٔلُ عَمّا تَعمَلونَ (آيت : 25) |
(کين اهو به) چؤ ته اسان جي ڏوهه جو پڇاڻو توهان کان نه ٿيندو ۽ توهان جي عملن جو پڇاڻو اسان کان نه ٿيندو. |
قُل يَجمَعُ بَينَنا رَبُّنا ثُمَّ يَفتَحُ بَينَنا بِالحَقِّ وَهُوَ الفَتّاحُ العَليمُ (آيت : 26) |
چؤ ته اسان جو پالڻھار اسان سڀني کي هڪ هنڌ گڏ ڪندو ۽ اسان جي وچ ۾ حق سان فيصلو ڪندو. (درحقيقت) اُهو ئي صحيح فيصلو ڪندڙ ۽ وڏي علم وارو آهي. |
قُل أَرونِىَ الَّذينَ أَلحَقتُم بِهِ شُرَكاءَ كَلّا بَل هُوَ اللَّهُ العَزيزُ الحَكيمُ (آيت : 27) |
(کين) چؤ ته ڀلا اُهي شريڪ جن کي توهان الله تعالى سان ملايو ٿا، مون کي ته ڏيکاريو. هي هرگز نه ڏيکاري سگهندا. الله تعالى زبردست حڪمت وارو آهي. |
وَما أَرسَلنٰكَ إِلّا كافَّةً لِلنّاسِ بَشيرًا وَنَذيرًا وَلٰكِنَّ أَكثَرَ النّاسِ لا يَعلَمونَ (آيت : 28) |
(درحقيقت) اسان توهان کي سڀني انسانن لاءِ خوشخبري ڏيڻ وارو ۽ ڊيڄاريندڙ ڪري موڪليو آهي پر ماڻهن مان گهڻا ماڻهو اها ڳالهه ڄاڻن ئي نٿا. |
وَيَقولونَ مَتىٰ هٰذَا الوَعدُ إِن كُنتُم صٰدِقينَ (آيت : 29) |
هي ماڻهو پڇن ٿا ته جيڪڏهن تون سچو آهين ته (عذاب جواِهو) وعدو ڪڏهن پورو ٿيندو؟ |
قُل لَكُم ميعادُ يَومٍ لا تَستَـٔخِرونَ عَنهُ ساعَةً وَلا تَستَقدِمونَ (آيت : 30) |
چؤ ته توهان جي لاءِ هڪ اهڙو ڏينھن مقرر ڪيو ويو آهي، جنھن ۾ نه هڪ گهڙي دير ٿيندي ۽ نه ئي هڪ گهڙي جلدي ٿيندي. |
وَقالَ الَّذينَ كَفَروا لَن نُؤمِنَ بِهٰذَا القُرءانِ وَلا بِالَّذى بَينَ يَدَيهِ وَلَو تَرىٰ إِذِ الظّٰلِمونَ مَوقوفونَ عِندَ رَبِّهِم يَرجِعُ بَعضُهُم إِلىٰ بَعضٍ القَولَ يَقولُ الَّذينَ استُضعِفوا لِلَّذينَ استَكبَروا لَولا أَنتُم لَكُنّا مُؤمِنينَ (آيت : 31) |
ڪافر چون ٿا ته اسان هن قرآن ۽ گذريل ڪتابن تي ڪڏهن به ايمان نه آڻينداسون. (اي پيغمبرﷺ!) جيڪڏهن توهان ڏسو ته هي ظالم جڏهن پنھنجي پالڻھار جي سامھون بيٺل هوندا ته سڀ هڪ ٻئي جي مٿان الزام هڻندا رهندا. پوءِ انهن مان جيڪي ڪمزور هوندا، سي مغرور ماڻهن کي چوندا ته جيڪڏهن توهان (دنيا ۾) هجو ئي نه ها ته اسان سڀ ايمان وارا ٿي وڃون ها. |
قالَ الَّذينَ استَكبَروا لِلَّذينَ استُضعِفوا أَنَحنُ صَدَدنٰكُم عَنِ الهُدىٰ بَعدَ إِذ جاءَكُم بَل كُنتُم مُجرِمينَ (آيت : 32) |
ان تي مغرور ماڻهو جواب ۾ ڪمزورن کي چوندا ته ڇا اسان توهان کي ان هدايت کان روڪيو هو، جيڪا توهان ڏي آئي هئي؟ نه! بلڪه توهان پاڻ ئي ڏوهاري آهيو. |
وَقالَ الَّذينَ استُضعِفوا لِلَّذينَ استَكبَروا بَل مَكرُ الَّيلِ وَالنَّهارِ إِذ تَأمُرونَنا أَن نَكفُرَ بِاللَّهِ وَنَجعَلَ لَهُ أَندادًا وَأَسَرُّوا النَّدامَةَ لَمّا رَأَوُا العَذابَ وَجَعَلنَا الأَغلٰلَ فى أَعناقِ الَّذينَ كَفَروا هَل يُجزَونَ إِلّا ما كانوا يَعمَلونَ (آيت : 33) |
ان تي ڪمزور ماڻهو مغرورن کي چوندا ته توهان جي رات ڏينھن جي ڌوڪي بازين اسان کي هدايت کان روڪيو. ان وقت توهان ئي اسان کي الله تعالى سان ڪفر ڪرڻ ۽ ان سان شريڪ ٺاهڻ جو حڪم ڏيندا هئا ۽ هو عذاب کي ڏسندي ئي پنھنجي پريشاني کي لڪائڻ جي ڪوشش ڪندا، پر اسان ڪافرن جي ڳچين ۾ ٽوڙها وجهنداسين ۽ کين سندن ئي عملن جو بدلو ڏنو ويندو. |
وَما أَرسَلنا فى قَريَةٍ مِن نَذيرٍ إِلّا قالَ مُترَفوها إِنّا بِما أُرسِلتُم بِهِ كٰفِرونَ (آيت : 34) |
اسان جڏهن به ڪنھن شھر ۾ رسول سڳوري کي ڊيڄاريندڙ ڪري موڪليو آهي ته اتان جي مالدار ماڻهن (سدائين اهو) چيو آهي ته توهان اسان ڏي جيڪو پيغام کڻي آيا آهيو، اسان ان جا انڪاري آهيون. |
وَقالوا نَحنُ أَكثَرُ أَموٰلًا وَأَولٰدًا وَما نَحنُ بِمُعَذَّبينَ (آيت : 35) |
انهن اهو به چيو ته اسان وڏا مالدار ۽ وڏي اولاد وارا آهيون. اسان تي عذاب اچي ئي نٿو سگهي. |
قُل إِنَّ رَبّى يَبسُطُ الرِّزقَ لِمَن يَشاءُ وَيَقدِرُ وَلٰكِنَّ أَكثَرَ النّاسِ لا يَعلَمونَ (آيت : 36) |
چؤ ته بيشڪ منھنجو پالڻھار جنھن جي لاءِ گهري ته ان لاءِ روزي ڪشادي ۽ گهٽائيندو آهي پر گهڻا ماڻهو ان حقيقت کي ڄاڻن ئي نٿا. |
وَما أَموٰلُكُم وَلا أَولٰدُكُم بِالَّتى تُقَرِّبُكُم عِندَنا زُلفىٰ إِلّا مَن ءامَنَ وَعَمِلَ صٰلِحًا فَأُولٰئِكَ لَهُم جَزاءُ الضِّعفِ بِما عَمِلوا وَهُم فِى الغُرُفٰتِ ءامِنونَ (آيت : 37) |
توهان جو مال ۽ اولاد توهان کي اسان جي ويجهو نٿو ڪري پر جنھن شخص ايمان آندو ۽ نيڪ ڪم ڪيا سو ئي الله تعالى جي ويجهو ٿئي ٿو. اهڙن ماڻهن لاءِ سندن عملن جي ڪري ٻيڻو اجرآهي ۽ هو وڏن بنگلن ۾ سڪون سان رهندا. |
وَالَّذينَ يَسعَونَ فى ءايٰتِنا مُعٰجِزينَ أُولٰئِكَ فِى العَذابِ مُحضَرونَ (آيت : 38) |
۽ جيڪي ما ڻهو اسان جي آيتن کي بي وس ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا سي سڀ عذاب ۾ گرفتار ڪيا ويندا. |
قُل إِنَّ رَبّى يَبسُطُ الرِّزقَ لِمَن يَشاءُ مِن عِبادِهِ وَيَقدِرُ لَهُ وَما أَنفَقتُم مِن شَيءٍ فَهُوَ يُخلِفُهُ وَهُوَ خَيرُ الرّٰزِقينَ (آيت : 39) |
چؤ ته منھنجو پالڻھار پنھنجي ٻانهن مان جنھن جي چاهي روزي ڪشادي ۽ گهٽائي ٿو ۽ توهان جيڪو ڪجهه خرچ ڪريو ٿا ان جي بدلي ۾ هو اڃا به وڌيڪ روزي ڏئي ٿو، هو بھترين روزي ڏيندڙ آهي. |
وَيَومَ يَحشُرُهُم جَميعًا ثُمَّ يَقولُ لِلمَلٰئِكَةِ أَهٰؤُلاءِ إِيّاكُم كانوا يَعبُدونَ (آيت : 40) |
۽ جنھن ڏينھن الله تعالى انهن سڀني کي گڏ ڪندو، پوءِ ملائڪن کي چوندو ته ڇا هي ماڻهو توهان جي عبادت ڪندا هئا؟ |
قالوا سُبحٰنَكَ أَنتَ وَلِيُّنا مِن دونِهِم بَل كانوا يَعبُدونَ الجِنَّ أَكثَرُهُم بِهِم مُؤمِنونَ (آيت : 41) |
هُو چوندا ته (يا الله!) تنھنجي ذات پاڪ آهي. اسان جو هنن سان ڪھڙو واسطو؟ اسان جو ته تون ئي سرپرست آهين. هي ماڻهو (اصل ۾) جِنن جي عبادت ڪندا هئا، انهن مان گهڻا ماڻهو جِنن تي ئي ايمان آڻيندا هئا. |
فَاليَومَ لا يَملِكُ بَعضُكُم لِبَعضٍ نَفعًا وَلا ضَرًّا وَنَقولُ لِلَّذينَ ظَلَموا ذوقوا عَذابَ النّارِ الَّتى كُنتُم بِها تُكَذِّبونَ (آيت : 42) |
پوءِ اڄ اوهان مان ڪوبه هڪ ٻئي کي فائدو يا نقصان نٿو پھچائي سگهي ۽ اسان ظالمن کي چونداسين ته هن (جهنم جي) باهه جو مزو چکو جنھن کي توهان ڪوڙو سمجهندا هئا. |
وَإِذا تُتلىٰ عَلَيهِم ءايٰتُنا بَيِّنٰتٍ قالوا ما هٰذا إِلّا رَجُلٌ يُريدُ أَن يَصُدَّكُم عَمّا كانَ يَعبُدُ ءاباؤُكُم وَقالوا ما هٰذا إِلّا إِفكٌ مُفتَرًى وَقالَ الَّذينَ كَفَروا لِلحَقِّ لَمّا جاءَهُم إِن هٰذا إِلّا سِحرٌ مُبينٌ (آيت : 43) |
۽ جڏهن کين اسان جون واضح آيتون ٻڌايون وڃن ٿيون ته هو هڪ ٻئي کي چون ٿا ته هي شخص توهان کي پنھنجي ابن ڏاڏن جي معبودن کان پري ڪرڻ چاهي ٿو ۽ اهو پڻ چون ٿا ته هي (قرآن) هٿ جو ٺاهيل ڪوڙ آهي ۽ ڪافر حق ڳالهه کي سامهون ڏسي به چون ٿا ته اهو پڌرو جادو آهي. |
وَما ءاتَينٰهُم مِن كُتُبٍ يَدرُسونَها وَما أَرسَلنا إِلَيهِم قَبلَكَ مِن نَذيرٍ (آيت : 44) |
حالانڪه اسان کين هن کان اڳ پڙهڻ لاءِ ڪو ڪتاب ئي نه ڏنو آهي ۽ نه ئي انهن ڏانھن توهان کان اڳ ڪو ڊيڄارڻ وارو موڪليو آهي. |
وَكَذَّبَ الَّذينَ مِن قَبلِهِم وَما بَلَغوا مِعشارَ ما ءاتَينٰهُم فَكَذَّبوا رُسُلى فَكَيفَ كانَ نَكيرِ (آيت : 45) |
هن کان اڳ گذريل قومن به ته (پيغمبرن کي) ڪوڙو ڪيو هو، هي (مشرڪ) ته انهن جي خوشحالي جي مقابلي ۾ ڏهين حصي جي برابر به نه آهن. اُنهن قومن جڏهن منھنجي رسولن کي ڪوڙو ڪيو، پوءِ (ڏٺوَ ته) منھنجو عذاب ڪيئن هو؟ |
قُل إِنَّما أَعِظُكُم بِوٰحِدَةٍ أَن تَقوموا لِلَّهِ مَثنىٰ وَفُرٰدىٰ ثُمَّ تَتَفَكَّروا ما بِصاحِبِكُم مِن جِنَّةٍ إِن هُوَ إِلّا نَذيرٌ لَكُم بَينَ يَدَى عَذابٍ شَديدٍ (آيت : 46) |
(اي نبيﷺ!) چؤ ته مان توهان کي صرف هڪ ڳالهه سمجهايان ٿو ته الله تعالى جي واسطي توهان ٻه ٻه ٿي يا اڪيلا اڪيلا ٿي ٿورو گهرائي سان سوچيو ته توهان جي ساٿي (ﷴ ﷺ) ۾ آخر ڪهڙي قسم جي چريائپ آهي؟ هو ته توهان کي اچڻ واري سخت عذاب کان اڳواٽ آگاهي ڏئي رهيو آهي. |
قُل ما سَأَلتُكُم مِن أَجرٍ فَهُوَ لَكُم إِن أَجرِىَ إِلّا عَلَى اللَّهِ وَهُوَ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ شَهيدٌ (آيت : 47) |
چؤ ته جيڪڏهن مان توهان کان ڪو اجر گهريو هجي سو اهو توهان کي ئي نيبهه هجي (يعني پاڻ وٽ رکو). حقيقت ۾ منھنجو اجر ته الله تعالى جي ذمي آهي ۽ هو هر شيءِ تي گواهه آهي. |
قُل إِنَّ رَبّى يَقذِفُ بِالحَقِّ عَلّٰمُ الغُيوبِ (آيت : 48) |
چؤ ته بيشڪ منھنجو پالڻھار ئي (مون تي) حق لاهي ٿو. جيڪو ڳجهين ڳالهين کي خوب ڄاڻي ٿو. |
قُل جاءَ الحَقُّ وَما يُبدِئُ البٰطِلُ وَما يُعيدُ (آيت : 49) |
چؤ ته حق اچي ويو ۽ ڪوڙ ڪا شيءِ نه ته نئين سر پيدا ڪري سگهي ٿو ۽ نه ئي انهن شين کي وري ٻيهر پيدا ڪري سگهي ٿو. |
قُل إِن ضَلَلتُ فَإِنَّما أَضِلُّ عَلىٰ نَفسى وَإِنِ اهتَدَيتُ فَبِما يوحى إِلَىَّ رَبّى إِنَّهُ سَميعٌ قَريبٌ (آيت : 50) |
چؤ ته جيڪڏهن مان گمراهي تي آهيان ته ان جو نقصان رڳو مون کي ٿيندو ۽ جيڪڏهن مان سڌي رستي تي آهيان ته ان (قرآن) جي ڪري آهيان جنھن کي منھنجو پالڻھار مون ڏي وحي ڪري ٿو. بيشڪ هو هر شيءِ کي ٻڌي ٿو ۽ هو تمام ويجهو آهي. |
وَلَو تَرىٰ إِذ فَزِعوا فَلا فَوتَ وَأُخِذوا مِن مَكانٍ قَريبٍ (آيت : 51) |
ڪاش! تون اهو منظر ڏسي سگهين ها جڏهن هي ماڻهو پريشاني ۾ پيا ڦرندا هوندا ته کين اتي ئي قابو ڪيو ويندو. ڀڄڻ جو ته (کين) موقعو ئي نه ملي سگهندو. |
وَقالوا ءامَنّا بِهِ وَأَنّىٰ لَهُمُ التَّناوُشُ مِن مَكانٍ بَعيدٍ (آيت : 52) |
هاڻي هو چوندا ته اسان (قرآن تي) ايمان آندو آهي. پر هاڻي هو هتان کان گهڻو پري ٿي ويل شيءِ کي ڪٿي ٿا حاصل ڪري سگهن؟ |
وَقَد كَفَروا بِهِ مِن قَبلُ وَيَقذِفونَ بِالغَيبِ مِن مَكانٍ بَعيدٍ (آيت : 53) |
حالانڪه هي ماڻهو اڳ ۾ ڪفر ڪري چڪا آهن ۽ (دنيا ۾ ويهي) ڳجهين ڳالهين جي باري ۾ بغير سوچڻ سمجهڻ جي لٻاڙ هڻندا هئا. |
وَحيلَ بَينَهُم وَبَينَ ما يَشتَهونَ كَما فُعِلَ بِأَشياعِهِم مِن قَبلُ إِنَّهُم كانوا فى شَكٍّ مُريبٍ (آيت : 54) |
۽ ان وقت ئي سندن اميدن تي پاڻي ڦيريو ويندو جيئن انهن کان اڳ انهن جھڙن ماڻهن سان سلوڪ ڪيو ويو هو. بيشڪ هي ماڻهو به وڏي شڪ ۾ پيل آهن. |