الحَمدُ لِلَّهِ الَّذى لَهُ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَما فِى الأَرضِ وَلَهُ الحَمدُ فِى الءاخِرَةِ وَهُوَ الحَكيمُ الخَبيرُ (آيت : 1) |
سڀ ساراهه ان معبود لاءِ آهي جيڪو مالڪ آهي آسمانن جي هر شيءِ جو ۽ جيڪي زمين ۾ آهي (ان جو) انهيءَ جي لاءِ ئي سڀ ساراهه آهي آخرت ۾ به، ۽ اهو ئي وڏو داناءُ باخبر آهي |
يَعلَمُ ما يَلِجُ فِى الأَرضِ وَما يَخرُجُ مِنها وَما يَنزِلُ مِنَ السَّماءِ وَما يَعرُجُ فيها وَهُوَ الرَّحيمُ الغَفورُ (آيت : 2) |
اهو سڀڪجهه ڄاڻي ٿو جيڪي وڃي ٿو زمين ۾ ۽ جيڪي ڪجهه ان مان نڪري ٿو، ۽ جيڪي ڪجهه لهي ٿو آسمان مان ۽ جيڪي ڪجهه ان ۾ مٿي چڙهي ٿو، ۽ (سڀ شيءِ کي اهو ڄاڻي ٿو) اهو ئي ٻاجهارو ۽ بخشڻهار آهي |
وَقالَ الَّذينَ كَفَروا لا تَأتينَا السّاعَةُ قُل بَلىٰ وَرَبّى لَتَأتِيَنَّكُم عٰلِمِ الغَيبِ لا يَعزُبُ عَنهُ مِثقالُ ذَرَّةٍ فِى السَّمٰوٰتِ وَلا فِى الأَرضِ وَلا أَصغَرُ مِن ذٰلِكَ وَلا أَكبَرُ إِلّا فى كِتٰبٍ مُبينٍ (آيت : 3) |
۽ چون ٿا اهي ماڻهو جيڪي ڪافر آهن، ڇا ڳالهه آهي جو قيامت اسان تي اچي ئي نٿي؟ چوين قسم آهي منهنجي رب جو جيڪو سڀ ڳجهه ڄاڻندڙ پروردگار آهي، ته اها توهان تي ضرور ايندي، ان کان ڪابه شيءِ ذري برابر به آسمان ۾ ڳجهي نه آهي ۽ نه وري زمين ۾، اها نه ذري کان به ننڍي ۽ نه وري ان کان وڏي، پر سڀ هڪ پڌري ڪتاب ۾ درج آهي |
لِيَجزِىَ الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ أُولٰئِكَ لَهُم مَغفِرَةٌ وَرِزقٌ كَريمٌ (آيت : 4) |
(اها قيامت) انهن کي سهڻي بدلو ڏيڻ لاءِ ايندي جن ايمان آندو ۽ عمل سٺا ڪيا آهن، انهن جي لاءِ ئي مغفرت (بخشش) آهي ۽ رزق به عزت وارو |
وَالَّذينَ سَعَو فى ءايٰتِنا مُعٰجِزينَ أُولٰئِكَ لَهُم عَذابٌ مِن رِجزٍ أَليمٌ (آيت : 5) |
۽ جن ماڻهن ڪوشش ڪئي آهي اسان جي آيتن کي گهٽ ڪرڻ جي، انهن جي لاءِ ته عذاب آهي تمام بڇڙي ڪرڻ وارو سخت دردناڪ |
وَيَرَى الَّذينَ أوتُوا العِلمَ الَّذى أُنزِلَ إِلَيكَ مِن رَبِّكَ هُوَ الحَقَّ وَيَهدى إِلىٰ صِرٰطِ العَزيزِ الحَميدِ (آيت : 6) |
۽ (اي نبي!) ڄاڻن ٿا چڱيءَ طرح اهي ماڻهو جيڪي رکن ٿا علم ته جيڪي نازل ڪيو ويو آهي توتي تنهنجي رب جي طرفان، اهو سراسر حق آهي ۽ رهبري ڪري ٿو (انهيءَ رب ڏانهن) جيڪو غالب ۽ ساراهيل آهي |
وَقالَ الَّذينَ كَفَروا هَل نَدُلُّكُم عَلىٰ رَجُلٍ يُنَبِّئُكُم إِذا مُزِّقتُم كُلَّ مُمَزَّقٍ إِنَّكُم لَفى خَلقٍ جَديدٍ (آيت : 7) |
۽ چون ٿا ماڻهن کي (اهي) ڪافر، ڇا اسان توهان کي ٻڌايون اهڙو ماڻهو جيڪو ٻڌائي ٿو ته جڏهن توهان جي جسم جو ذرو پرزو پکڙجي ويندو، تڏهن به توهان پيدا ڪيا ويندؤ نئين سر؟ |
أَفتَرىٰ عَلَى اللَّهِ كَذِبًا أَم بِهِ جِنَّةٌ بَلِ الَّذينَ لا يُؤمِنونَ بِالءاخِرَةِ فِى العَذابِ وَالضَّلٰلِ البَعيدِ (آيت : 8) |
نه ڄاڻ ته اهو ماڻهو الله تي ڪوڙا ٺاهه ٿو ٺاهي يا اهو ڪو چريو سودائي آهي، پر جيڪي ماڻهو نٿا مڃين آخرت کي، سي ته عذاب ۾ مبتلا ٿيڻا ئي آهن ۽ اهي ئي تمام گهڻو ڀٽڪيل آهن |
أَفَلَم يَرَوا إِلىٰ ما بَينَ أَيديهِم وَما خَلفَهُم مِنَ السَّماءِ وَالأَرضِ إِن نَشَأ نَخسِف بِهِمُ الأَرضَ أَو نُسقِط عَلَيهِم كِسَفًا مِنَ السَّماءِ إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايَةً لِكُلِّ عَبدٍ مُنيبٍ (آيت : 9) |
ڇا انهن ڪڏهن اهو نه ڏٺو آهي ته سندن اڳيان ۽ سندن پٺيان کين گهيرو ڪيل آهي آسمان ۽ زمين جو؟ جيڪڏهن اسان چاهيون ته کين ڳهائي ڇڏيون زمين ۾ يا ڪي ٽڪرا سندن مٿان ڪيرائي وجهون آسمان جا، بيشڪ ان ۾ هڪ نشاني آهي هر انهيءَ ٻانهي جي لاءِ جيڪو معبود ڏي ورندڙ هوندو |
وَلَقَد ءاتَينا داوۥدَ مِنّا فَضلًا يٰجِبالُ أَوِّبى مَعَهُ وَالطَّيرَ وَأَلَنّا لَهُ الحَديدَ (آيت : 10) |
۽ اسان عطا ڪيو هو دائود کي پنهنجو وڏو فضل، (اسان حڪم ڏنو) اي جبلؤ! هن سان سُر ملايو ۽ پکين کي به، ۽ نرم ڪيوسين ان جي لاءِ لوهه کي |
أَنِ اعمَل سٰبِغٰتٍ وَقَدِّر فِى السَّردِ وَاعمَلوا صٰلِحًا إِنّى بِما تَعمَلونَ بَصيرٌ (آيت : 11) |
(اها هدايت ڏني ته) زرهون ٺاهه ۽ انهن جون ڪڙيون پوري اندازي تي رک، (اي دائود جا اولاد!) نيڪ عمل ڪريو، بيشڪ آئون جيڪي ڪجهه توهان ڪريو ٿا ان کي ڏسي رهيو آهيان |
وَلِسُلَيمٰنَ الرّيحَ غُدُوُّها شَهرٌ وَرَواحُها شَهرٌ وَأَسَلنا لَهُ عَينَ القِطرِ وَمِنَ الجِنِّ مَن يَعمَلُ بَينَ يَدَيهِ بِإِذنِ رَبِّهِ وَمَن يَزِغ مِنهُم عَن أَمرِنا نُذِقهُ مِن عَذابِ السَّعيرِ (آيت : 12) |
۽ سليمان جي لاءِ هوا کي سندس وس ۾ ڪيو، ان جو صبح جو گشت هڪ مهيني جو ۽ شام جو هڪ مهيني جو پنڌ، ۽ بنايوسين ان جي لاءِ ٽامي جو چشمو، ۽ بنايوسين جنن کي (سندس تابع)، جيڪي ڪم ڪندا هئا سندس اڳيان پاليندڙ جي حڪم سان، ۽ (اسان چيو) جيڪو انهن مان منهن ڦيريندو اسان جي حڪم کان، تنهن کي مزو چکائينداسين باهه جي سخت عذاب جو |
يَعمَلونَ لَهُ ما يَشاءُ مِن مَحٰريبَ وَتَمٰثيلَ وَجِفانٍ كَالجَوابِ وَقُدورٍ راسِيٰتٍ اعمَلوا ءالَ داوۥدَ شُكرًا وَقَليلٌ مِن عِبادِىَ الشَّكورُ (آيت : 13) |
هو بنائيندا هئا جيڪي اهو گهرندو هو، جيئن محلات ۽ تصويرون ۽ وڏا وڏا حوض جيڏا ٿالهه ۽ هڪ هنڌ رهڻ واريون ديڳيون، ڪم ڪريو اي اولاد دائود جا شڪرگذار ٿي، ۽ ٿورا ئي آهن منهنجي ٻانهن مان شڪرگذار |
فَلَمّا قَضَينا عَلَيهِ المَوتَ ما دَلَّهُم عَلىٰ مَوتِهِ إِلّا دابَّةُ الأَرضِ تَأكُلُ مِنسَأَتَهُ فَلَمّا خَرَّ تَبَيَّنَتِ الجِنُّ أَن لَو كانوا يَعلَمونَ الغَيبَ ما لَبِثوا فِى العَذابِ المُهينِ (آيت : 14) |
پوءِ جڏهن حڪم ڪيوسين مٿس موت جو ته اها خبر (جنن) انهن کي ان جي موت جي ڪنهن نه ڏني سواءِ اڏوهي زمين جي، جنهن سندس لٺ کي کاڌو ٿي، پوءِ جڏهن ڪِريو تڏهن خبر پئي جنن کي، جيڪڏهن اهي ڄاڻن ها غيب کي ته اهي ڪڏهن به نه رهن ها عذاب ۾ جيڪو (انهن لاءِ هڪ) خواري هو |
لَقَد كانَ لِسَبَإٍ فى مَسكَنِهِم ءايَةٌ جَنَّتانِ عَن يَمينٍ وَشِمالٍ كُلوا مِن رِزقِ رَبِّكُم وَاشكُروا لَهُ بَلدَةٌ طَيِّبَةٌ وَرَبٌّ غَفورٌ (آيت : 15) |
بيشڪ سبا جي قوم لاءِ سندن ٺڪاڻي ۾ هڪ نشاني هئي، ٻه باغ ساڄي کان ۽ کاٻي کان، کائو ان رزق مان جيڪو توهان جي رب طرفان آهي ۽ شڪر سندس ادا ڪريو، ملڪ پاڪ آهي ۽ رب وڏو بخشڻهار آهي |
فَأَعرَضوا فَأَرسَلنا عَلَيهِم سَيلَ العَرِمِ وَبَدَّلنٰهُم بِجَنَّتَيهِم جَنَّتَينِ ذَواتَى أُكُلٍ خَمطٍ وَأَثلٍ وَشَيءٍ مِن سِدرٍ قَليلٍ (آيت : 16) |
پر انهن منهن موڙيو، آخر اسان موڪلي انهن تي بند ٽوڙيندڙ ٻوڏ، ۽ سندن اڳين ٻن باغن جي جاءِ تي کين ٻيا ٻه باغ ڏنا جن ۾ ڪڙا ڪسارا ميوا ۽ لئين جا وڻ ۽ ٻيرين جا وڻ (ڪي) ٿورا هئا |
ذٰلِكَ جَزَينٰهُم بِما كَفَروا وَهَل نُجٰزى إِلَّا الكَفورَ (آيت : 17) |
اهو ڏنوسين بدلو سندن ڪفر جو ۽ اهڙو بدلو نه ڏيندا آهيون سواءِ ڪنهن ناشڪري انسان کان سواءِ |
وَجَعَلنا بَينَهُم وَبَينَ القُرَى الَّتى بٰرَكنا فيها قُرًى ظٰهِرَةً وَقَدَّرنا فيهَا السَّيرَ سيروا فيها لَيالِىَ وَأَيّامًا ءامِنينَ (آيت : 18) |
۽ اسان ڪيون هيون انهن جي وچ ۾ ۽ انهن آبادين جي وچ ۾، جن کي اسان برڪت عطا ڪئي هئي، پري کان پڌريون وستيون مقرر ڪيون سين ۽ منزلون پڻ،ته هلو انهن ۾ رات ڏينهن امن امان سان |
فَقالوا رَبَّنا بٰعِد بَينَ أَسفارِنا وَظَلَموا أَنفُسَهُم فَجَعَلنٰهُم أَحاديثَ وَمَزَّقنٰهُم كُلَّ مُمَزَّقٍ إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايٰتٍ لِكُلِّ صَبّارٍ شَكورٍ (آيت : 19) |
پر انهن چيو، اي سان جا پالڻهار! ڊگهيون ڪر اسان جي سفر جون منزلون ۽ ظلم ڪيو انهن پنهنجي مٿان، پوءِ نيٺ اسان انهن کي بنايو افسانو (ٻين جي لاءِ) ۽ کين بلڪل ٽيڙي ۽ مڪمل طور پکيڙي ڇڏيو، بيشڪ انهيءَ ۾ وڏيون نشانيون آهن هر ڪنهن لاءِ جيڪو وڏو صابر ۽ شاڪر هجي |
وَلَقَد صَدَّقَ عَلَيهِم إِبليسُ ظَنَّهُ فَاتَّبَعوهُ إِلّا فَريقًا مِنَ المُؤمِنينَ (آيت : 20) |
۽ بيشڪ سچو انهن ۾ ابليس گمان لڌو، پوءِ انهن سندس پيروي ڪئي سواءِ هڪ ننڍي ٽولي جي جيڪي مؤمن هئا |
وَما كانَ لَهُ عَلَيهِم مِن سُلطٰنٍ إِلّا لِنَعلَمَ مَن يُؤمِنُ بِالءاخِرَةِ مِمَّن هُوَ مِنها فى شَكٍّ وَرَبُّكَ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ حَفيظٌ (آيت : 21) |
۽ نه هو (ابليس کي) انهن تي ڪوبه اقتدار حاصل، پر اسان هي ڏسڻ ٿي گهريو ته ڪير مڃڻ وارو آهي آخرت کي انهن مان ۽ ڪير اڃا به شڪ ۾ پيل آهي، ۽ تنهنجو رب ته هر شيءِ تي نگهبان آهي |
قُلِ ادعُوا الَّذينَ زَعَمتُم مِن دونِ اللَّهِ لا يَملِكونَ مِثقالَ ذَرَّةٍ فِى السَّمٰوٰتِ وَلا فِى الأَرضِ وَما لَهُم فيهِما مِن شِركٍ وَما لَهُ مِنهُم مِن ظَهيرٍ (آيت : 22) |
(اي نبي!) چؤ انهن مشرڪن کي ته پڪاري ڏسو انهن خدائن کي، جن کي معبود سمجهيو آهي الله کان سواءِ، اهي ناهن ڪنهن به ذري جا مالڪ آسمانن ۾ ۽ نه (وري) زمين ۾، ۽ ناهن اهي (انهن آسمان ۽ زمين جي وچ ۾) شريڪ ڪنهن به شيءِ ۾ ۽ ناهي انهن مان ڪوبه (الله جو) مددگار |
وَلا تَنفَعُ الشَّفٰعَةُ عِندَهُ إِلّا لِمَن أَذِنَ لَهُ حَتّىٰ إِذا فُزِّعَ عَن قُلوبِهِم قالوا ماذا قالَ رَبُّكُم قالُوا الحَقَّ وَهُوَ العَلِىُّ الكَبيرُ (آيت : 23) |
۽ نه وري ٿي سگهي ٿي فائديمند ڪا شفاعت (سفارش) الله جي درٻار ۾، سواءِ (ان شخص) جي، جنهن لاءِ اجازت هجي (الله جي)، ايستائين جو جڏهن مونجهه لهندي ماڻهن جي دلين تان، ته پڇندا اهي سفارشين کان، ڪهڙو جواب ڏنو توهان جي رب؟ اهي چوندا ته حق جواب مليو آهي ۽ اهو ئي آهي بزرگ ۽ مرتبي وارو |
قُل مَن يَرزُقُكُم مِنَ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ قُلِ اللَّهُ وَإِنّا أَو إِيّاكُم لَعَلىٰ هُدًى أَو فى ضَلٰلٍ مُبينٍ (آيت : 24) |
(اي نبي!) انهن کان پڇ، ڪير ٿو رزق توهان کي ڏي آسمانن ۽ زمين مان؟ چؤ، الله، هاڻي ضرور اسان ۽ توهان ۾ ڪو هڪڙو ئي هدايت تي آهي يا پيل آهي گمراهيءَ ۾ ظاهر ظهور |
قُل لا تُسـَٔلونَ عَمّا أَجرَمنا وَلا نُسـَٔلُ عَمّا تَعمَلونَ (آيت : 25) |
کين چؤ، توهان کان ڪوبه پڇاڻو نه ٿيندو جيڪو قصور اسان ڪيو هوندو، ۽ نه پڇيو ويندو اسان کان جيڪي ڪجهه توهان ڪريو پيا |
قُل يَجمَعُ بَينَنا رَبُّنا ثُمَّ يَفتَحُ بَينَنا بِالحَقِّ وَهُوَ الفَتّاحُ العَليمُ (آيت : 26) |
چوين، گڏ ڪندو سڀني کي اسان جو رب، پوءِ فيصلو ڪندو اسان جي وچ ۾ انصاف سان، ۽ اهو ايڏو ته زبردست حاڪم آهي جيڪو سڀڪجهه ڄاڻي ٿو |
قُل أَرونِىَ الَّذينَ أَلحَقتُم بِهِ شُرَكاءَ كَلّا بَل هُوَ اللَّهُ العَزيزُ الحَكيمُ (آيت : 27) |
کين چؤ، ڏيکاريو مون کي ته اهي ڪهڙيون هستيون آهن جن کي ساڻس شريڪ ڪريو ٿا، هرگز نه! پر اهو الله ئي آهي زبردست حڪمت وارو |
وَما أَرسَلنٰكَ إِلّا كافَّةً لِلنّاسِ بَشيرًا وَنَذيرًا وَلٰكِنَّ أَكثَرَ النّاسِ لا يَعلَمونَ (آيت : 28) |
۽ (اي نبي!) ناهي موڪليو اسان توکي پر سڀني انسانن جي لاءِ خوشخبري ڏيندڙ ۽ ڊيڄاريندڙ ڪري، پر ڪيترا ئي ماڻهو (اهڙا آهن) جيڪي سمجهن نٿا |
وَيَقولونَ مَتىٰ هٰذَا الوَعدُ إِن كُنتُم صٰدِقينَ (آيت : 29) |
۽ توکي چون ٿا اهي ماڻهو، ته (قيامت وارو) اهو وعدو ڪڏهن پورو ٿيندو، جي توهان سچا آهيو؟ |
قُل لَكُم ميعادُ يَومٍ لا تَستَـٔخِرونَ عَنهُ ساعَةً وَلا تَستَقدِمونَ (آيت : 30) |
چؤ، توهان جي لاءِ ميعاد هڪ اهڙي ڏينهن جو مقرر آهي جنهن جي اچڻ کي توهان هڪ گهڙي به پوئتي ۽ نه اڳتي ڪري سگهو ٿا |
وَقالَ الَّذينَ كَفَروا لَن نُؤمِنَ بِهٰذَا القُرءانِ وَلا بِالَّذى بَينَ يَدَيهِ وَلَو تَرىٰ إِذِ الظّٰلِمونَ مَوقوفونَ عِندَ رَبِّهِم يَرجِعُ بَعضُهُم إِلىٰ بَعضٍ القَولَ يَقولُ الَّذينَ استُضعِفوا لِلَّذينَ استَكبَروا لَولا أَنتُم لَكُنّا مُؤمِنينَ (آيت : 31) |
۽ چون ٿا اهي ماڻهو جيڪي ڪفر ۾ آهن، اسان ڪڏهن نه مڃينداسين هن قرآن کي ۽ نه وري هن کان اڳي آيل (ڪتابن کي) مڃينداسين، جيڪڏهن ڏسين تون ان وقت انهن جو حال، جڏهن اهي ظالم بيٺل هوندا پنهنجي رب جي درٻار ۾، اهي هڪ ٻئي تي الزام مڙهيندا رهندا، چوندا اهي ماڻهو جيڪي دنيا ۾ هيڻا بڻائي رکيا ويا هئا وڏائي ڪرڻ وارن ماڻهن کي، ته جيڪڏهن نه هجو ها توهان ته اسان هجون ها مؤمن (ايمان وارا) |
قالَ الَّذينَ استَكبَروا لِلَّذينَ استُضعِفوا أَنَحنُ صَدَدنٰكُم عَنِ الهُدىٰ بَعدَ إِذ جاءَكُم بَل كُنتُم مُجرِمينَ (آيت : 32) |
چوندا اهي وڏائي خور انهن ماڻهن کي جيڪي هيڻا هوندا، ڇا اسان توهان کي جهليو هو ان هدايت کان جيڪا توهان وٽ آئي هئي؟ نه، پر توهان پاڻ ئي ڏوهاري هئا |
وَقالَ الَّذينَ استُضعِفوا لِلَّذينَ استَكبَروا بَل مَكرُ الَّيلِ وَالنَّهارِ إِذ تَأمُرونَنا أَن نَكفُرَ بِاللَّهِ وَنَجعَلَ لَهُ أَندادًا وَأَسَرُّوا النَّدامَةَ لَمّا رَأَوُا العَذابَ وَجَعَلنَا الأَغلٰلَ فى أَعناقِ الَّذينَ كَفَروا هَل يُجزَونَ إِلّا ما كانوا يَعمَلونَ (آيت : 33) |
۽ اهي چوندا جيڪي هيڻا هوندا انهن ماڻهن کي جيڪي وڏائي خور هوندا، نه پر مڪاري هئي رات ۽ ڏينهن جي، جڏهن توهان اسان کي چوندا هئا ته اسان ڪفر ڪريون الله سان، ۽ بڻايون ٻين کي سندس برابر، اهي پنهنجي سر ندامت ۾ پڇتائيندا جڏهن اهي ڏسندا عذاب کي، ۽ اسان وجهنداسين سندن ڳچين ۾ ڳٽ جن ڪفر ڪيو، ڇا ڪو ٻيو بدلو ڏئي سگهجي ٿو انهيءَ کان سواءِ؟ جهڙا سندن عمل (تهڙو ئي بدلو) |
وَما أَرسَلنا فى قَريَةٍ مِن نَذيرٍ إِلّا قالَ مُترَفوها إِنّا بِما أُرسِلتُم بِهِ كٰفِرونَ (آيت : 34) |
۽ نه موڪليو آهي اسان ڪنهن وستيءَ ۾ ڪو خبردار ڪرڻ وارو ۽ ان جي آسودن ماڻهن ائين نه چيو هجي ته جيڪو پيغام توهان کڻي آيا آهيو ان کي اسان نٿا مڃون |
وَقالوا نَحنُ أَكثَرُ أَموٰلًا وَأَولٰدًا وَما نَحنُ بِمُعَذَّبينَ (آيت : 35) |
۽ انهن هميشه اهو ئي چيو ته اسان توهان کان وڌيڪ مال ۽ اولاد وارا آهيون، ۽ ڪڏهن به اسان سزا ڀوڳڻ وارا نه آهيون |
قُل إِنَّ رَبّى يَبسُطُ الرِّزقَ لِمَن يَشاءُ وَيَقدِرُ وَلٰكِنَّ أَكثَرَ النّاسِ لا يَعلَمونَ (آيت : 36) |
(اي نبي!) انهن کي چؤ، بيشڪ منهنجو پالڻهار ڪشادو ڪري ٿو رزق جنهن لاءِ هو گُهري ۽ جنهن لاءِ گُهري ته ماپيل توريل عطا ڪري ٿو پر گهڻا ماڻهو ان ڳالهه جي حقيقت نٿا ڄاڻن |
وَما أَموٰلُكُم وَلا أَولٰدُكُم بِالَّتى تُقَرِّبُكُم عِندَنا زُلفىٰ إِلّا مَن ءامَنَ وَعَمِلَ صٰلِحًا فَأُولٰئِكَ لَهُم جَزاءُ الضِّعفِ بِما عَمِلوا وَهُم فِى الغُرُفٰتِ ءامِنونَ (آيت : 37) |
۽ ناهي هي توهان جو مال ۽ نه آهي هي توهان جو اولاد، جيڪي توهان کي ويجهو ڪندا هجن اسان وٽ مرتبي ۾، ها، پر جيڪو ايمان آڻي ۽ عمل (پنهنجا) سٺا رکي، پوءِ اهي ئي ماڻهو آهن جن جي لاءِ ٻيڻو اجر آهي، سندن عملن جي ڪري ۽ اهي ئي رهندا وڏين ماڙين ۾ اطمينان سان |
وَالَّذينَ يَسعَونَ فى ءايٰتِنا مُعٰجِزينَ أُولٰئِكَ فِى العَذابِ مُحضَرونَ (آيت : 38) |
۽ (اهي ماڻهو) جيڪي ڪوشش ڪن ٿا گهٽ ڪرڻ جي اسان جي آيتن کي، ته اهي ئي ماڻهو هوندا عذاب ۾ ڦاٿل (حاضر ڪيل) |
قُل إِنَّ رَبّى يَبسُطُ الرِّزقَ لِمَن يَشاءُ مِن عِبادِهِ وَيَقدِرُ لَهُ وَما أَنفَقتُم مِن شَيءٍ فَهُوَ يُخلِفُهُ وَهُوَ خَيرُ الرّٰزِقينَ (آيت : 39) |
(اي نبي!) انهن کي چؤ، بيشڪ منهنجو رب ڪشادو ڪري ٿو رزق جنهن لاءِ هو گُهري پنهنجي بندن مان ۽ ماپي توري ڏئي ٿو جنهن لاءِ گُهري، ۽ جيڪي توهان خرچ ڪريو ٿا ان جي جاءِ تي اهو ئي بدلو ڏئي ٿو، ۽ اهو ئي سڀني کان ڀلي ۾ ڀلو رزاق آهي |
وَيَومَ يَحشُرُهُم جَميعًا ثُمَّ يَقولُ لِلمَلٰئِكَةِ أَهٰؤُلاءِ إِيّاكُم كانوا يَعبُدونَ (آيت : 40) |
۽ جنهن ڏينهن هو سڀني (انسانن) کي ميڙي گڏ ڪندو، پوءِ پڇندو فرشتن کان، ڇا اهي ماڻهو توهان جي ڪندا هئا عبادت؟ |
قالوا سُبحٰنَكَ أَنتَ وَلِيُّنا مِن دونِهِم بَل كانوا يَعبُدونَ الجِنَّ أَكثَرُهُم بِهِم مُؤمِنونَ (آيت : 41) |
ا هي جواب ڏيندا، پاڪ آهي تنهنجي ذات اسان جو ڪارساز تون آهين انهن کان سواءِ، پر حقيقت ۾ اهي اسان جي عبادت نه پر جنن جي ٿي ڪئي، گهڻن ته مٿن ايمان به آندو هو |
فَاليَومَ لا يَملِكُ بَعضُكُم لِبَعضٍ نَفعًا وَلا ضَرًّا وَنَقولُ لِلَّذينَ ظَلَموا ذوقوا عَذابَ النّارِ الَّتى كُنتُم بِها تُكَذِّبونَ (آيت : 42) |
(ان وقت اسان چونداسين) اڄ ڪوبه اختيار نٿو رکي توهان مان، ڪوبه ڪنهن کي نفعو يا نقصان نٿو رسائي سگهي ۽ ٻڌائينداسين انهن ظالمن کي ته هاڻي مزو چکو ان جهنم جي عذاب جو جنهن کي توهان چوندا رهندا هئا ڪوڙو |
وَإِذا تُتلىٰ عَلَيهِم ءايٰتُنا بَيِّنٰتٍ قالوا ما هٰذا إِلّا رَجُلٌ يُريدُ أَن يَصُدَّكُم عَمّا كانَ يَعبُدُ ءاباؤُكُم وَقالوا ما هٰذا إِلّا إِفكٌ مُفتَرًى وَقالَ الَّذينَ كَفَروا لِلحَقِّ لَمّا جاءَهُم إِن هٰذا إِلّا سِحرٌ مُبينٌ (آيت : 43) |
۽ جڏهن ٻڌايون وڃن ٿيون انهن کي اسان جون آيتون چٽيون، ته چون ٿا ته، بس اهو ئي هي شخص چاهي ٿو ته ڦيرائي ڇڏي توهان کي انهن خدائن کان جن جي عبادت توهان جا ابا ڏاڏا ڪندا رهيا، ۽ چون ٿا ته، اهو (قرآن) ته بس هڪ ٺاهيل ڪوڙ آهي، ۽ چيو انهن ئي ڪافرن جڏهن حق آيو انهن وٽ، ته اهو ڪجهه ناهي سواءِ جادو جي ظاهر ظهور |
وَما ءاتَينٰهُم مِن كُتُبٍ يَدرُسونَها وَما أَرسَلنا إِلَيهِم قَبلَكَ مِن نَذيرٍ (آيت : 44) |
۽ جڏهن ته اسان ڏنو ئي نه انهن کي ڪو ڪتاب جيڪو پڙهندا هجن ۽ نه اسان موڪليو هو توکان اڳ ۾ انهن ڏانهن ڪوبه ڊيڄاريندڙ |
وَكَذَّبَ الَّذينَ مِن قَبلِهِم وَما بَلَغوا مِعشارَ ما ءاتَينٰهُم فَكَذَّبوا رُسُلى فَكَيفَ كانَ نَكيرِ (آيت : 45) |
۽ ڪوڙو چئي چڪا آهن کانئن اڳ ۾ ئي گذريل ماڻهو ۽ هي (مڪي وارا) سندن ڏهين پتي کي به ناهن پهتا جيڪي اسان کين ڏنو، پوءِ انهن ڪوڙو چيو منهنجي رسولن کي، پوءِ ڏسو منهنجي سزا ڪهڙي نه سخت هئي |
قُل إِنَّما أَعِظُكُم بِوٰحِدَةٍ أَن تَقوموا لِلَّهِ مَثنىٰ وَفُرٰدىٰ ثُمَّ تَتَفَكَّروا ما بِصاحِبِكُم مِن جِنَّةٍ إِن هُوَ إِلّا نَذيرٌ لَكُم بَينَ يَدَى عَذابٍ شَديدٍ (آيت : 46) |
(اي نبي!) انهن کي چؤ، بيشڪ آئون توهان کي هڪڙي نصيحت ڪريان ٿو، معبود (الله) جي واسطي ٻه ٻه ۽ هڪ هڪ ٿي غور و فڪر ڪريو، ته توهان جي ساٿي ۾ (اها ڪهڙي ڳالهه آهي) جيڪا چريائي جي هجي؟ هو فقط ڊيڄارڻ وارو آهي توهان کي هڪ عذاب سخت اچڻ کان اڳ ۾ |
قُل ما سَأَلتُكُم مِن أَجرٍ فَهُوَ لَكُم إِن أَجرِىَ إِلّا عَلَى اللَّهِ وَهُوَ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ شَهيدٌ (آيت : 47) |
کين چؤ، مون توهان کان گهريو هجي ڪو اجورو ته اهو توهان کي ئي نيبھ هجي، منهنجو اجورو ته فقط الله جي ئي ذمي آهي ۽ اهو ئي هر شيءِ تي (پاڻ ئي) شاهد آهي |
قُل إِنَّ رَبّى يَقذِفُ بِالحَقِّ عَلّٰمُ الغُيوبِ (آيت : 48) |
کين چؤ، بيشڪ منهنجو رب مون تي وحي ڪندو آهي حق جو ۽ اهو سڀني ڳجهه جي ڳالهين جو ڄاڻندڙ آهي |
قُل جاءَ الحَقُّ وَما يُبدِئُ البٰطِلُ وَما يُعيدُ (آيت : 49) |
تون چؤ، اچي ويو حق ۽ (هاڻي) ڪابه گنجائش ڪانهي باطل جي (نه شروعات ڪري ٿو نه موٽائي ٿو) |
قُل إِن ضَلَلتُ فَإِنَّما أَضِلُّ عَلىٰ نَفسى وَإِنِ اهتَدَيتُ فَبِما يوحى إِلَىَّ رَبّى إِنَّهُ سَميعٌ قَريبٌ (آيت : 50) |
تون چؤ، جي آئون گمراهه ٿي ويو آهيان ته انهيءَ جو وبال مون تي آهي، ۽ جيڪڏهن آئون هدايت تي آهيان، ته ان وحي جي ڪري جيڪو منهنجو رب نازل ڪري ٿو مون تي، بيشڪ اهو ٻڌندڙ آهي سڀ کان ويجهو |
وَلَو تَرىٰ إِذ فَزِعوا فَلا فَوتَ وَأُخِذوا مِن مَكانٍ قَريبٍ (آيت : 51) |
جي تون ان وقت انهن کي ڏسين، جڏهن اهي ڦرندا پيا وائڙن وانگر ۽ ڪيڏانهن بچي نڪري نه سگهندا ۽ پڪڙيا ويندا جلد ئي |
وَقالوا ءامَنّا بِهِ وَأَنّىٰ لَهُمُ التَّناوُشُ مِن مَكانٍ بَعيدٍ (آيت : 52) |
۽ چوندا (ان وقت) ته اسان ان تي ايمان آندو، جڏهن ته هاڻي ڪٿان ٿي هٿ اچي سگهي پري نڪري ويل شيءِ |
وَقَد كَفَروا بِهِ مِن قَبلُ وَيَقذِفونَ بِالغَيبِ مِن مَكانٍ بَعيدٍ (آيت : 53) |
۽ اهي ڪفر ڪري چڪا هئا هن کان اڳي، ۽ بنا ڪنهن تحقيق جي ٻٽاڪون هڻندا هئا پري پري جون |
وَحيلَ بَينَهُم وَبَينَ ما يَشتَهونَ كَما فُعِلَ بِأَشياعِهِم مِن قَبلُ إِنَّهُم كانوا فى شَكٍّ مُريبٍ (آيت : 54) |
۽ آڙ وڌي ويندي انهن جي وچ ۾ ۽ سندن خواهشن جي وچ ۾، جيئن سندن پيالي ڀائي محروم ڪيل هئا هن کان اڳي، حقيقت ۾ هي وڏي گمراهي واري شڪ ۾ پيل هئا |