يٰأَيُّهَا النَّبِىُّ اتَّقِ اللَّهَ وَلا تُطِعِ الكٰفِرينَ وَالمُنٰفِقينَ إِنَّ اللَّهَ كانَ عَليمًا حَكيمًا (آيت : 1) |
اي نبي رڳو خدا کان ڊڄ ۽ ڪافرن ۽ منافقن جو چيو نه مڃ، بيشڪ خدا (سڀ ڪجھ) ڄاڻندڙ هڪمت وارو آهي. |
وَاتَّبِع ما يوحىٰ إِلَيكَ مِن رَبِّكَ إِنَّ اللَّهَ كانَ بِما تَعمَلونَ خَبيرًا (آيت : 2) |
۽ پنهنجي پالڻهار جي طرفان جيڪو تو ڏي وحي ڪيو وڃي ٿو (رڳو) تنهن جي تابعداري ڪر! بيشڪ جيڪي اوهين ڪريو ٿا تنهن کان خدا چڱي طرح آگاھ آهي. |
وَتَوَكَّل عَلَى اللَّهِ وَكَفىٰ بِاللَّهِ وَكيلًا (آيت : 3) |
۽ خدا تي ڀروسو ڪر ۽ خدا ڪارساز بس آهي. |
ما جَعَلَ اللَّهُ لِرَجُلٍ مِن قَلبَينِ فى جَوفِهِ وَما جَعَلَ أَزوٰجَكُمُ الّٰـٔى تُظٰهِرونَ مِنهُنَّ أُمَّهٰتِكُم وَما جَعَلَ أَدعِياءَكُم أَبناءَكُم ذٰلِكُم قَولُكُم بِأَفوٰهِكُم وَاللَّهُ يَقولُ الحَقَّ وَهُوَ يَهدِى السَّبيلَ (آيت : 4) |
خدا ڪنهن به ماڻهوءَ جي سيني ۾ ٻه دليون نه رکيون آهن (جو هڪ ئي وقت ٻه ارادا ڪري) ۽ نه اوهان جي انهن زالن کي جن کي اوهان پاڻ تي مائرن جهڙو ڪيو (چيو) (تن کي ڪو) اوهان جون مائرون ڪيون اٿس. اهو ته اوهان جو رڳو چوڻ (۽ زباني جمع خرچ) آهي. ۽ (چاهي ڪنهن کي برو لڳي يا چڱو) خدا ته سچ چوي ٿو ۽ سڌي راھ ڏيکاري ٿو. |
ادعوهُم لِءابائِهِم هُوَ أَقسَطُ عِندَ اللَّهِ فَإِن لَم تَعلَموا ءاباءَهُم فَإِخوٰنُكُم فِى الدّينِ وَمَوٰليكُم وَلَيسَ عَلَيكُم جُناحٌ فيما أَخطَأتُم بِهِ وَلٰكِن ما تَعَمَّدَت قُلوبُكُم وَكانَ اللَّهُ غَفورًا رَحيمًا (آيت : 5) |
کين سندن (اصلي) پين جا پٽ ڪري سڏيو اهو خدا وٽ وڌيڪ ٺيڪ آهي. ۽ جيڪڏهن اوهين سندن پين کي نه ٿا ڄاڻو ته (اهي) اوهان جا ديني ڀائر ۽ اوهان جا دوست آهن. ۽ هن ۾ اوهان کان خطا ٿئي ته اوهان تي گناھ نه آهي پر (گناھ اهو آهي) جنهن جو اوهان دل سان ارادو ڪيو. ۽ خدا (ته) معاف ڪندڙ نهايت رحم وارو آهي. |
النَّبِىُّ أَولىٰ بِالمُؤمِنينَ مِن أَنفُسِهِم وَأَزوٰجُهُ أُمَّهٰتُهُم وَأُولُوا الأَرحامِ بَعضُهُم أَولىٰ بِبَعضٍ فى كِتٰبِ اللَّهِ مِنَ المُؤمِنينَ وَالمُهٰجِرينَ إِلّا أَن تَفعَلوا إِلىٰ أَولِيائِكُم مَعروفًا كانَ ذٰلِكَ فِى الكِتٰبِ مَسطورًا (آيت : 6) |
نبيءَ جو ايمان وارن تي سندن جانين کان به زياده حق آهي (ڇو ته ڄڻ هو امت جو مهربان پيءُ آهي) ۽ سندن زالون انهن جون (ڄڻ ته) مائرون آهن. ۽ مائٽي وارا (پاڻ ۾) هڪ ٻئي کي خدا جي ڪتاب ۾ (ٻين) ايمان وارن ۽ مهاجرن کان وڌيڪ ويجها آهن، پر پنهنجن دوستن سان ڪا ڀلائي ڪريو (ته ٻي ڳالھ آهي) اهو (حڪم ته خدا جي) ڪتاب ۾ لکيل آهي. |
وَإِذ أَخَذنا مِنَ النَّبِيّۦنَ ميثٰقَهُم وَمِنكَ وَمِن نوحٍ وَإِبرٰهيمَ وَموسىٰ وَعيسَى ابنِ مَريَمَ وَأَخَذنا مِنهُم ميثٰقًا غَليظًا (آيت : 7) |
۽ (اي پيغمبر اهو وقت ياد ڪر!) جڏهن اسان نبين کان سندن انجام ورتو. ۽ (خاص ڪري) تو کان ۽ نوح ۽ ابراهيم ۽ موسى ۽ مريم جي پٽ عيسى کان ۽ اسان کانئن پڪو انجام ورتو. |
لِيَسـَٔلَ الصّٰدِقينَ عَن صِدقِهِم وَأَعَدَّ لِلكٰفِرينَ عَذابًا أَليمًا (آيت : 8) |
هن لاءِ ته سچن (پيغمبرن) کان سندن سچ بابت پڇي ۽ ڪافرن لاءِ دردناڪ عذاب تيار ڪري رکيو اٿس. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنُوا اذكُروا نِعمَةَ اللَّهِ عَلَيكُم إِذ جاءَتكُم جُنودٌ فَأَرسَلنا عَلَيهِم ريحًا وَجُنودًا لَم تَرَوها وَكانَ اللَّهُ بِما تَعمَلونَ بَصيرًا (آيت : 9) |
اي ايمان وارو! پاڻ تي خدا جا احسان ياد ڪريو جيڪي ان اوهان تي نازل ڪيا آهن (جنگ خندق ۾) جڏهن اوهان تي (ڪافرن جا) لشڪر چڙهائي ڪري آيا ته اسان (اوهان جي مدد ڪئي) مٿن طوفان موڪليو ۽ (تنهن کان سواءِ فرشتن جا) اهڙا لشڪر (موڪليا) جن کي اوهان ڏٺو به ڪين هو. ۽ خدا اوهان جي ڪم کي ڏسي رهيو هو. |
إِذ جاءوكُم مِن فَوقِكُم وَمِن أَسفَلَ مِنكُم وَإِذ زاغَتِ الأَبصٰرُ وَبَلَغَتِ القُلوبُ الحَناجِرَ وَتَظُنّونَ بِاللَّهِ الظُّنونا۠ (آيت : 10) |
جنهن وقت اوهان جي مٿان ۽ اوهان جي هيٺان اوهان تي (ڪافر) چڙهائي ڪري آيا ۽ تنهن وقت (توهان جون) اکيون ڏرا ڏيئي ويون ۽ دليون نڙگهٽن وٽ پهتيون (هيون) ۽ اوهين خدا بنسبت ڪيترا (بد) گمان ٿي ڪيا. |
هُنالِكَ ابتُلِىَ المُؤمِنونَ وَزُلزِلوا زِلزالًا شَديدًا (آيت : 11) |
اتي ايمان وارن کي آزمايو ويو ۽ کين سخت جهنجوڙيو ويو. |
وَإِذ يَقولُ المُنٰفِقونَ وَالَّذينَ فى قُلوبِهِم مَرَضٌ ما وَعَدَنَا اللَّهُ وَرَسولُهُ إِلّا غُرورًا (آيت : 12) |
۽ ان وقت منافقن ۽ جن جي دلين ۾ (ڪفر جي) بيماري هئي تن ٿي چيو ته خدا ۽ سندس رسول اسان سان رڳو ڌوڪي جو انجام ڪيو آهي. |
وَإِذ قالَت طائِفَةٌ مِنهُم يٰأَهلَ يَثرِبَ لا مُقامَ لَكُم فَارجِعوا وَيَستَـٔذِنُ فَريقٌ مِنهُمُ النَّبِىَّ يَقولونَ إِنَّ بُيوتَنا عَورَةٌ وَما هِىَ بِعَورَةٍ إِن يُريدونَ إِلّا فِرارًا (آيت : 13) |
۽ جڏهن انهن مان هڪ ٽولو چوڻ لڳو ته اي مديني وارو! (دشمن جي مقابلي ۾) اوهان جي جاءِ نه آهي ته (چڱو ائين آهي ته) موٽي هلو پڻ انهن مان ڪي ماڻهو رسول کان (گهر موٽي وڃڻ جي اجازت وٺڻ لڳا ۽ چوڻ لڳا ته اسان جا گهر (مردن کان) بلڪل خالي پيا آهن هوڏانهن اهي خالي ۽ (غير محفوظ) نه هئا (پر) اهي ماڻهو ته (ان بهاني سان) رڳو ڀڄي وڃڻ پيا گهرن. |
وَلَو دُخِلَت عَلَيهِم مِن أَقطارِها ثُمَّ سُئِلُوا الفِتنَةَ لَءاتَوها وَما تَلَبَّثوا بِها إِلّا يَسيرًا (آيت : 14) |
پر جيڪڏهن (اهڙو ئي لشڪر) انهن تي مديني جي آس پاس کان (سندن مٿان) اچي پوي ۽ کين فساد (خانه جنگي) ڪرڻ جو چئجي (ها) ته اهي ماڻهو ان لاءِ اچي گڏ ٿين ها ۽ (پوءِ) پنهنجي گهرن ۾ به نه ٽڪن ها. (پر هي ته جهاد آهي). |
وَلَقَد كانوا عٰهَدُوا اللَّهَ مِن قَبلُ لا يُوَلّونَ الأَدبٰرَ وَكانَ عَهدُ اللَّهِ مَسـٔولًا (آيت : 15) |
هوڏانهن انهن ماڻهن هن کان اڳ ۾ ئي خدا سان انجام ڪيو هو ته اسين (دشمن جي مقابلي ۾ پنهنجي) پٺ نه ڦيرينداسون. ۽ خدا سان ڪيل انجام جي پڇا ته (هڪ نه هڪ ڏينهن) ٿيڻي آهي. |
قُل لَن يَنفَعَكُمُ الفِرارُ إِن فَرَرتُم مِنَ المَوتِ أَوِ القَتلِ وَإِذًا لا تُمَتَّعونَ إِلّا قَليلًا (آيت : 16) |
(اي پيغمبر کين!) چئو ته جيڪڏهن اوهين موت يا قتل جي خوف وچان ڀڄو به ته (اهو) ڀڄڻ اوهان جي لاءِ ڪهڙي فائدي جو ٿيندو پر جيڪڏهن اوهين ڀڄي به ويا ته رڳو اهو نه ته (دنيا) ۾ ٻٽي ڏينهن پيا آرام ڪريو. |
قُل مَن ذَا الَّذى يَعصِمُكُم مِنَ اللَّهِ إِن أَرادَ بِكُم سوءًا أَو أَرادَ بِكُم رَحمَةً وَلا يَجِدونَ لَهُم مِن دونِ اللَّهِ وَلِيًّا وَلا نَصيرًا (آيت : 17) |
(اي پيغمبر کين چئو ته جيڪڏهن) خدا توهان سان برائيءَ جو ارادو ڪري ته (ڀلا) اوهان کي ان (جي عذاب) کان ڪير اهڙو آهي جو بچائي يا رڳو ڀلائي ڪرڻ گهري (ته کيس ڪير منع ڪندو!) ۽ اهي ماڻهو خدا کان سواءِ نه ته ڪنهن کي پنهنجو سرپرست (والي) لهندا ۽ نه مددگار. |
قَد يَعلَمُ اللَّهُ المُعَوِّقينَ مِنكُم وَالقائِلينَ لِإِخوٰنِهِم هَلُمَّ إِلَينا وَلا يَأتونَ البَأسَ إِلّا قَليلًا (آيت : 18) |
اوهان مان جيڪي ماڻهو (ٻين کي جهاد کان) جهلين ٿا تن کي خدا چڱيءَ طرح ڄاڻي ٿو پڻ (انهن کي ڄاڻي ٿو) جيڪي پنهنجي ڀائي بندن کي چون ٿا ته اسان ڏي ئي هليا اچو. ۽ پاڻ به (فقط نالي ماتر) جنگ (جي ميدان) ۾ رڳو ٿورو اچي تو کان پاڻ بچائي (۽ هليا ويا) |
أَشِحَّةً عَلَيكُم فَإِذا جاءَ الخَوفُ رَأَيتَهُم يَنظُرونَ إِلَيكَ تَدورُ أَعيُنُهُم كَالَّذى يُغشىٰ عَلَيهِ مِنَ المَوتِ فَإِذا ذَهَبَ الخَوفُ سَلَقوكُم بِأَلسِنَةٍ حِدادٍ أَشِحَّةً عَلَى الخَيرِ أُولٰئِكَ لَم يُؤمِنوا فَأَحبَطَ اللَّهُ أَعمٰلَهُم وَكانَ ذٰلِكَ عَلَى اللَّهِ يَسيرًا (آيت : 19) |
۽ جڏهن (مٿن) ڪو خوف (جو موقعو) اچي ويو ته تون ڏسين ٿو ته (ماندا ٿي) تو ڏي ڏسن ٿا ۽ سندن اکيون ائين پيون ڦرن ڄڻ ڪنهن تي موت جي بيهوشي آئي هجي. پوءِ جڏهن ڊپ لهي وڃي ٿو (۽ مومنن جي فتح ٿئي ٿي) ته (غنيمت جي) مال (وٺڻ) تي لالچي ٿي اوهان تي تيز زبانن سان طعنه زني درازي ڪن ٿا. انهن (ماڻهن شروع کان ئي) ايمان نه آندو آهي پوءِ خدا سندن عمل ناس ڪري ڇڏيا پوءِ اهو (ڪم) خدا تي آسان آهي. |
يَحسَبونَ الأَحزابَ لَم يَذهَبوا وَإِن يَأتِ الأَحزابُ يَوَدّوا لَو أَنَّهُم بادونَ فِى الأَعرابِ يَسـَٔلونَ عَن أَنبائِكُم وَلَو كانوا فيكُم ما قٰتَلوا إِلّا قَليلًا (آيت : 20) |
(مديني کي گهيرو ڪرڻ وارا ويا هليا پر) اهي سمجهي رهيا آهن ته اڃا (ڪافرن جو) لشڪر ويو نه آهي پر جيڪڏهن (ڪافرن جو) لشڪر (موٽي اچي) ته (اهي ماڻهو) هيءَ خواهش ڪندا ته پاڻ جيڪر شهرن کان ٻاهر جهنگلي عربن (جي وچ) ۾ ويٺل هجن (۽ پري ويهي) اوهان جون خبرون پڇندا رهن ۽ جيڪڏهن اهي اوهان جي وچ ۾ هوندا ته رڳو ٿوڙي دير جنگ ۾ وڙهندا. |
لَقَد كانَ لَكُم فى رَسولِ اللَّهِ أُسوَةٌ حَسَنَةٌ لِمَن كانَ يَرجُوا اللَّهَ وَاليَومَ الءاخِرَ وَذَكَرَ اللَّهَ كَثيرًا (آيت : 21) |
(مسلمانو!) اوهان جي لاءِ خود رسول جو (خندق ۾ وڙهڻ) هڪ سٺو نمونو هو (پر هاءُ اهو) ان شخص جي لاءِ آهي جيڪو خدا ۽ ڏينهن قيامت جي اميد رکندو هجي ۽ خدا کي گهڻو ياد ڪندو هجي. |
وَلَمّا رَءَا المُؤمِنونَ الأَحزابَ قالوا هٰذا ما وَعَدَنَا اللَّهُ وَرَسولُهُ وَصَدَقَ اللَّهُ وَرَسولُهُ وَما زادَهُم إِلّا إيمٰنًا وَتَسليمًا (آيت : 22) |
۽ جڏهن سچن ايماندارن (ڪافرن جي) لشڪرن کي ڏٺو ته (بي ڌڙڪ) چوڻ لڳا ته هيءَ انجام اهو آهي جيڪو خدا ۽ سندس رسول اسان سان ڪيو هو (ڪجھ پرواھ نه آهي) ۽ خدا ۽ سندس رسول سچ فرمايو آهي ۽ (انهن کي ڏسڻ سان پاڻ!) سندن ايمان ۽ سندن فرمانبرداري وڌي وئي. |
مِنَ المُؤمِنينَ رِجالٌ صَدَقوا ما عٰهَدُوا اللَّهَ عَلَيهِ فَمِنهُم مَن قَضىٰ نَحبَهُ وَمِنهُم مَن يَنتَظِرُ وَما بَدَّلوا تَبديلًا (آيت : 23) |
(انهن) ايمان وارن مان ڪي اهڙا مرد آهن جن جيڪو خدا سان وعدو ڪيو تنهن کي سچو ڪري ڏيکاريائون مطلب ته انهن مان ڪي اهي آهن جيڪي (مري) پنهنجو وقت پورو ڪري ويا ۽ انهن مان ڪي (خدا جي حڪم جا) منتظر ويٺا آهن. ۽ انهن (پنهنجي ڳالھ) ذرو به نه بدلائي. |
لِيَجزِىَ اللَّهُ الصّٰدِقينَ بِصِدقِهِم وَيُعَذِّبَ المُنٰفِقينَ إِن شاءَ أَو يَتوبَ عَلَيهِم إِنَّ اللَّهَ كانَ غَفورًا رَحيمًا (آيت : 24) |
اهو امتحان (هن لاءِ هو) ته جيئن خدا سچن (ايماندارن) کي سندن سچائيءَ جي جزاءِ خير ڏئي ۽ جي گهري ته منافقن کي سزا ڏي يا (جيڪڏهن اهي توبه ڪن ته خدا) سندن توبه قبول فرمائي. بيشڪ خدا معاف ڪندڙ نهايت رحم وارو آهي. |
وَرَدَّ اللَّهُ الَّذينَ كَفَروا بِغَيظِهِم لَم يَنالوا خَيرًا وَكَفَى اللَّهُ المُؤمِنينَ القِتالَ وَكانَ اللَّهُ قَوِيًّا عَزيزًا (آيت : 25) |
۽ خدا (پنهنجي قدرت سان) ڪافرن کي سندن ڪاوڙ سميت مديني کان موٽايو ۽ کين ڪجھ فائدو به نه ٿيو. ۽ خدا (پنهنجي مهربانيءَ سان) مومنن کي وڙهڻ جو موقعو اچڻ نه ڏنو ۽ خدا ته (تمام) زبردست (۽) غالب آهي. |
وَأَنزَلَ الَّذينَ ظٰهَروهُم مِن أَهلِ الكِتٰبِ مِن صَياصيهِم وَقَذَفَ فى قُلوبِهِمُ الرُّعبَ فَريقًا تَقتُلونَ وَتَأسِرونَ فَريقًا (آيت : 26) |
۽ اهل ڪتاب مان جن (بني قريظه) انهن (ڪافرن) جي مدد ڪئي خدا تن کي قلعن مان (بي دخل ڪري) هيٺ لاٿو. پڻ انهن جي دلين ۾ (اوهان مومنن جو) اهڙو (ته) ڊپ وڌائين (جو) ڪن ماڻهن کي اوهان قتل ڪيو ۽ ڪن کي اوهان قيد ڪيو. |
وَأَورَثَكُم أَرضَهُم وَدِيٰرَهُم وَأَموٰلَهُم وَأَرضًا لَم تَطَـٔوها وَكانَ اللَّهُ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرًا (آيت : 27) |
۽ اوهان کي سندن زمين ۽ سندن گهرن ۽ سندن مالن ۽ اهڙيءَ زمين (خيبر) جو مالڪ ڪيائين جنهن تي اوهان اڳي پير (به) نه رکيا هئا ۽ الله سڀ ڪنهن شيءِ تي قدرت رکندڙ آهي. |
يٰأَيُّهَا النَّبِىُّ قُل لِأَزوٰجِكَ إِن كُنتُنَّ تُرِدنَ الحَيوٰةَ الدُّنيا وَزينَتَها فَتَعالَينَ أُمَتِّعكُنَّ وَأُسَرِّحكُنَّ سَراحًا جَميلًا (آيت : 28) |
اي نبي! تون پنهنجن زالن کي چئو ته جيڪڏهن اوهين رڳو دنيا جي حياتي ۽ ان جي سينگار کي گهرو ٿيون ته اچو ته آءُ اوهان کي ڪجھ مال اسباب ڏئي ۽ اوهان کي سٺيءَ طرح ڇڏي ڏيان. |
وَإِن كُنتُنَّ تُرِدنَ اللَّهَ وَرَسولَهُ وَالدّارَ الءاخِرَةَ فَإِنَّ اللَّهَ أَعَدَّ لِلمُحسِنٰتِ مِنكُنَّ أَجرًا عَظيمًا (آيت : 29) |
۽ جيڪڏهن اوهين خدا ۽ سندس رسول ۽ آخرت جي گهر کي چاهيو ٿيون ته خدا توهان مان نيڪي ڪرڻ وارين لاءِ وڏو اجر تيار ڪري رکيو آهي. |
يٰنِساءَ النَّبِىِّ مَن يَأتِ مِنكُنَّ بِفٰحِشَةٍ مُبَيِّنَةٍ يُضٰعَف لَهَا العَذابُ ضِعفَينِ وَكانَ ذٰلِكَ عَلَى اللَّهِ يَسيرًا (آيت : 30) |
اي نبيءَ جون زالون! جيڪا اوهان مان ظاهر بيحيائي ڪندي تنهن کي ٻيڻو عذاب ڏنو ويندو. ۽ اهو ڪم خدا تي (نهايت) آسان آهي. |
وَمَن يَقنُت مِنكُنَّ لِلَّهِ وَرَسولِهِ وَتَعمَل صٰلِحًا نُؤتِها أَجرَها مَرَّتَينِ وَأَعتَدنا لَها رِزقًا كَريمًا (آيت : 31) |
۽ اوهان مان جا (بي بي) خدا ۽ رسول جي تابعداري ۽ سٺا (سٺا) ڪم ڪندي تنهن کي اسين ان جو ثواب به ٻيڻو عطا ڪنداسون، ۽ اسان ان لاءِ جنت ۾ عزت (۽ احترام) جي روزي تيار ڪري رکي آهي. |
يٰنِساءَ النَّبِىِّ لَستُنَّ كَأَحَدٍ مِنَ النِّساءِ إِنِ اتَّقَيتُنَّ فَلا تَخضَعنَ بِالقَولِ فَيَطمَعَ الَّذى فى قَلبِهِ مَرَضٌ وَقُلنَ قَولًا مَعروفًا (آيت : 32) |
اي نبي جون زالون! اوهين ٻين عام عورتن وانگر ته نه آهيو! (پوءِ) جيڪڏهن اوهان کي پرهيزگاري منظور آهي ته (ڌارئي ماڻهو سان) ڳالھ نه ڪريو، متان جنهن دل ۾ (شهوت زنا جي) بيماري آهي سو طمع نه ڪري ۽ (صاف صاف) سٺي نموني ڳالھ چئو. |
وَقَرنَ فى بُيوتِكُنَّ وَلا تَبَرَّجنَ تَبَرُّجَ الجٰهِلِيَّةِ الأولىٰ وَأَقِمنَ الصَّلوٰةَ وَءاتينَ الزَّكوٰةَ وَأَطِعنَ اللَّهَ وَرَسولَهُ إِنَّما يُريدُ اللَّهُ لِيُذهِبَ عَنكُمُ الرِّجسَ أَهلَ البَيتِ وَيُطَهِّرَكُم تَطهيرًا (آيت : 33) |
۽ پنهجين گهرن ۾ ويٺيون رهو ۽ اڳئين زماني جاهليت وانگر پنهنجو سينگار ظاهر ڪنديون نه ڦرو ۽ نماز قائم ڪريو ۽ زڪوات ڏيو ۽ خدا ۽ سندس رسول جي فرمانبرداري ڪريو. اي (پيغمبر جا) اهل بيت خدا ته رڳو هيءَ گهري ٿو ته اوهان کي (هر طرح جي) پليتيءَ کان پري رکي ۽ جو پاڪ پاڪيزه رکڻ جو حق آهي تهڙو ئي پاڪ صاف رکي. |
وَاذكُرنَ ما يُتلىٰ فى بُيوتِكُنَّ مِن ءايٰتِ اللَّهِ وَالحِكمَةِ إِنَّ اللَّهَ كانَ لَطيفًا خَبيرًا (آيت : 34) |
۽ (نبي جون زالون) اوهان جي گهرن ۾ جيڪي خدا جون آيتون (عقل ۽) حڪمت (جون ڳالهيون) پڙهيون وڃن ٿيون تن کي ياد رکو بيشڪ خدا وڏو باريڪ بين (۽) واقف ڪار آهي. |
إِنَّ المُسلِمينَ وَالمُسلِمٰتِ وَالمُؤمِنينَ وَالمُؤمِنٰتِ وَالقٰنِتينَ وَالقٰنِتٰتِ وَالصّٰدِقينَ وَالصّٰدِقٰتِ وَالصّٰبِرينَ وَالصّٰبِرٰتِ وَالخٰشِعينَ وَالخٰشِعٰتِ وَالمُتَصَدِّقينَ وَالمُتَصَدِّقٰتِ وَالصّٰئِمينَ وَالصّٰئِمٰتِ وَالحٰفِظينَ فُروجَهُم وَالحٰفِظٰتِ وَالذّٰكِرينَ اللَّهَ كَثيرًا وَالذّٰكِرٰتِ أَعَدَّ اللَّهُ لَهُم مَغفِرَةً وَأَجرًا عَظيمًا (آيت : 35) |
بيشڪ مسلمان مرد ۽ مسلمان عورتون ۽ ايمان وارا مرد ۽ ايمان واريون عورتون ۽ فرمانبرادر مرد ۽ فرمانبردار عورتون ۽ سچا مرد ۽ سچيون عورتون ۽ صبر ڪندڙ عورتون ۽ صبر ڪندڙ عورتون ۽ عاجزي ڪندڙ مرد ۽ عاجزي ڪندڙ عورتون ۽ خيرات ڪندڙ مرد ۽ خيرات ڪندڙ عورتون ۽ روزا رکندڙ مرد ۽ روزا رکندڙ عورتون ۽ پنهنجي اگهڙن جي حفاظت ڪندڙ مرد ۽ نگهباني ڪندڙ عورتون خدا کي گهڻو ياد ڪندڙ مرد ۽ ياد ڪندڙ عورتون، انهن (سڀني) لاءِ خدا معافي ۽ (تمام) وڏو اجر تيار ڪري رکيو آهي. |
وَما كانَ لِمُؤمِنٍ وَلا مُؤمِنَةٍ إِذا قَضَى اللَّهُ وَرَسولُهُ أَمرًا أَن يَكونَ لَهُمُ الخِيَرَةُ مِن أَمرِهِم وَمَن يَعصِ اللَّهَ وَرَسولَهُ فَقَد ضَلَّ ضَلٰلًا مُبينًا (آيت : 36) |
۽ جڏهن خدا ۽ سندس رسول ڪنهن ڪم جو حڪم ڪري ته نه ڪنهن ايمان واري مرد ۽ نه ڪنهن ايمان واريءَ عورت کي مناسب آهي ته انهن کي سندن (ان) ڪم ۾ ڪو اختيار رهي (ياد رکو) جيڪو خدا ۽ سندس رسول جي نافرماني ڪندو سو ظاهر گمراهيءَ ۾ گمراھ ٿيو. |
وَإِذ تَقولُ لِلَّذى أَنعَمَ اللَّهُ عَلَيهِ وَأَنعَمتَ عَلَيهِ أَمسِك عَلَيكَ زَوجَكَ وَاتَّقِ اللَّهَ وَتُخفى فى نَفسِكَ مَا اللَّهُ مُبديهِ وَتَخشَى النّاسَ وَاللَّهُ أَحَقُّ أَن تَخشىٰهُ فَلَمّا قَضىٰ زَيدٌ مِنها وَطَرًا زَوَّجنٰكَها لِكَى لا يَكونَ عَلَى المُؤمِنينَ حَرَجٌ فى أَزوٰجِ أَدعِيائِهِم إِذا قَضَوا مِنهُنَّ وَطَرًا وَكانَ أَمرُ اللَّهِ مَفعولًا (آيت : 37) |
۽ (اي رسول! اهو وقت ياد ڪر!) جڏهن تون ان شخص (زيد) کي چيو ٿي جنهن تي خدا (جدا) احسان ڪيو هو ته ۽ تو ان تي (جدا) احسان ڪيو هو ته پنهنجي زال (زينب) کي پنهنجي گهر ۾ رهڻ ڏي ۽ خدا کان ڊڄ ۽ تو پنهنجي دل ۾ اها ڳالھ لڪائي ٿي ۽ جنهن کي خدا ظاهر ڪرڻ وارو هو ۽ تون ماڻهن کان ڊنين ٿي هوڏانهن خدا وڌيڪ حقدار آهي ته تون ان کان ڊڄين. پوءِ جڏهن زيد پنهنجي حاجت پوري ڪئي (ان کي طلاق ڏنائين) تڏهن اسان ان جي شادي تو سان ڪرائي هن لاءِ ته ايمان وارن تي پنهنجي پٽيلن جي زالن (سان شادي ڪرڻ) ۾ جڏهن اهي انهن کان حاجت پوري ڪن (کين طلاق ڏين) ته ڪا تنگي نه رهي. ۽ خدا جو حڪم ته پورو ٿيل (قطعي) هوندو آهي. |
ما كانَ عَلَى النَّبِىِّ مِن حَرَجٍ فيما فَرَضَ اللَّهُ لَهُ سُنَّةَ اللَّهِ فِى الَّذينَ خَلَوا مِن قَبلُ وَكانَ أَمرُ اللَّهِ قَدَرًا مَقدورًا (آيت : 38) |
جو حڪم خدا پيغمبر تي فرض ڪيو تنهن (جي ڪرڻ) ۾ ان تي ڪو حرج نه آهي. جي ماڻهو (ان کان) اڳ گذري چڪا آهن تن جي باري ۾ به خدا جو (اهو ئي) دستور رهيو آهي (جو نڪاح ۾ تنگي نه ڪئي). ۽ خدا جو حڪم مقرر ڪيل اندازي تي (هوندو) آهي. |
الَّذينَ يُبَلِّغونَ رِسٰلٰتِ اللَّهِ وَيَخشَونَهُ وَلا يَخشَونَ أَحَدًا إِلَّا اللَّهَ وَكَفىٰ بِاللَّهِ حَسيبًا (آيت : 39) |
اهي ماڻهو جيڪي خدا جا پيغام پهچائيندا ۽ ان کان ڊڄندا ۽ خدا کان سواءِ ٻئي ڪنهن کي به نه ڊڄندا هئا (پوءِ تون ڪئين ڊڄين ٿو؟) ۽ حساب وٺڻ لاءِ ته خدا بس آهي. |
ما كانَ مُحَمَّدٌ أَبا أَحَدٍ مِن رِجالِكُم وَلٰكِن رَسولَ اللَّهِ وَخاتَمَ النَّبِيّۦنَ وَكانَ اللَّهُ بِكُلِّ شَيءٍ عَليمًا (آيت : 40) |
(مسلمانو!) محمد اوهان مڙسن مان ڪنهن جو (در اصل) پيءُ نه آهي (پوءِ زيد جي زال ڇو حرام ٿيڻ لڳي؟) پر الله جو رسول ٻين نبين جي مهر (يعني پڇاڙيءَ ۾ اچڻ وارو) آهي. ۽ خدا ته هر ڳالھ کان واقف آهي. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنُوا اذكُرُوا اللَّهَ ذِكرًا كَثيرًا (آيت : 41) |
اي ايمان وارو! خدا کي گهڻو ياد ڪيو، |
وَسَبِّحوهُ بُكرَةً وَأَصيلًا (آيت : 42) |
۽ صبح ۽ شام ان جي پاڪائي (تسبيح) بيان ڪندا رهو. |
هُوَ الَّذى يُصَلّى عَلَيكُم وَمَلٰئِكَتُهُ لِيُخرِجَكُم مِنَ الظُّلُمٰتِ إِلَى النّورِ وَكانَ بِالمُؤمِنينَ رَحيمًا (آيت : 43) |
هو اهو آهي جو اوهان تي رحمت (درود) لاهي ٿو ۽ سندس ملائڪ به هن لاءِ ته اوهان کي اونداهين مان (ايمان جي) روشني ڏي ڪڍي ۽ خدا ايمان وارن تي (تمام) گهڻو مهربان آهي. |
تَحِيَّتُهُم يَومَ يَلقَونَهُ سَلٰمٌ وَأَعَدَّ لَهُم أَجرًا كَريمًا (آيت : 44) |
جنهن ڏينهن خدا جي بارگاھ ۾ حاضر ٿيندا تنهن ڏينهن سلام سان سندن کيڪار ٿيندي ۽ خدا ته انهن لاءِ تمام چڱو عوض (بهشت) تيار ڪري رکيو آهي. |
يٰأَيُّهَا النَّبِىُّ إِنّا أَرسَلنٰكَ شٰهِدًا وَمُبَشِّرًا وَنَذيرًا (آيت : 45) |
اي نبي! اسان تو کي ماڻهن جو گواھ ۽ (نيڪ بندن کي بهشت جي) خوش خبري ٻڌائڻ وارو ۽ (بڇڙن کي عذاب کان) ڊيڄارڻ وارو، |
وَداعِيًا إِلَى اللَّهِ بِإِذنِهِ وَسِراجًا مُنيرًا (آيت : 46) |
۽ خدا ڏي سندس حڪم سان سڏيندڙ ۽ (ايمان ۽ هدايت جو) روشن چراغ بنائي موڪليو آهي. |
وَبَشِّرِ المُؤمِنينَ بِأَنَّ لَهُم مِنَ اللَّهِ فَضلًا كَبيرًا (آيت : 47) |
۽ ايمان وارن کي (تون) خوش خبري ٻڌائي ته انهن لاءِ خدا جي طرفان تمام وڏي (مهرباني ۽) بخشش آهي. |
وَلا تُطِعِ الكٰفِرينَ وَالمُنٰفِقينَ وَدَع أَذىٰهُم وَتَوَكَّل عَلَى اللَّهِ وَكَفىٰ بِاللَّهِ وَكيلًا (آيت : 48) |
۽ (اي رسول!) تون ڪافرن ۽ منافقن جو چيو نه مڃج! ۽ سندن ايذائن جو خيال نه ڪر ۽ خدا تي ڀروسو ڪر! ۽ خدا ڪارساز بس آهي. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا إِذا نَكَحتُمُ المُؤمِنٰتِ ثُمَّ طَلَّقتُموهُنَّ مِن قَبلِ أَن تَمَسّوهُنَّ فَما لَكُم عَلَيهِنَّ مِن عِدَّةٍ تَعتَدّونَها فَمَتِّعوهُنَّ وَسَرِّحوهُنَّ سَراحًا جَميلًا (آيت : 49) |
اي ايمان وارو! جڏهن اوهين ايمان وارين زالن سان (سواءِ مهر مقرر ڪرڻ جي) نڪاح ڪريو ۽ ان کان پوءِ انهن کي هٿ لائڻ کان اڳي طلاق ڏيو ته مٿن اوهان لاءِ ڪا عدت نه آهي جنهن کي اوهين ڳڻيو. کين ڪجھ (پئسا ۽ ڪپڙا وغيره) ڏئي ۽ انهن کي سٺيءَ طرح رخصت ڏيو. |
يٰأَيُّهَا النَّبِىُّ إِنّا أَحلَلنا لَكَ أَزوٰجَكَ الّٰتى ءاتَيتَ أُجورَهُنَّ وَما مَلَكَت يَمينُكَ مِمّا أَفاءَ اللَّهُ عَلَيكَ وَبَناتِ عَمِّكَ وَبَناتِ عَمّٰتِكَ وَبَناتِ خالِكَ وَبَناتِ خٰلٰتِكَ الّٰتى هاجَرنَ مَعَكَ وَامرَأَةً مُؤمِنَةً إِن وَهَبَت نَفسَها لِلنَّبِىِّ إِن أَرادَ النَّبِىُّ أَن يَستَنكِحَها خالِصَةً لَكَ مِن دونِ المُؤمِنينَ قَد عَلِمنا ما فَرَضنا عَلَيهِم فى أَزوٰجِهِم وَما مَلَكَت أَيمٰنُهُم لِكَيلا يَكونَ عَلَيكَ حَرَجٌ وَكانَ اللَّهُ غَفورًا رَحيمًا (آيت : 50) |
اي نبي! بيشڪ اسان تو لاءِ اهي زالون حلال ڪيون آهن جن کي تو سندن مهر ڏنا ۽ پنهنجين ٻانهين کي (به) جيڪي خدا تو کي (جنگ ڪرڻ کان سواءِ) غنيمت جي مال ۾ ڏنيون ۽ تنهنجي چاچي جون ڌيئرون ۽ تنهنجي پڦين جون ڌيئرون ۽ تنهنجي مامي جون ڌيئرون جن سان گڏ تو وطن ڇڏيو، ۽ ڪا به ايمان واري زال جيڪڏهن اها پنهنجي جان (بغير مهر) نبيءَ کي بخشي جيڪڏهن نبي ان سان نڪاح ڪرڻ جو ارادو ڪري. (اي رسول) هي حڪم رڳو تنهنجي لاءِ خاص آهي، ٻين مومنن لاءِ نه آهي. (باقي) مسلمانن تي سندن زالن ۽ ٻانهين جي باري ۾ جيڪي اسان مقرر ڪيو آهي سو اسان کي (چڱي طرح) معلوم آهي. (تو لاءِ هي آساني) هن لاءِ (ڪئي اٿئون) ته تو تي ڪا تنگي نه رهي. ۽ خدا معاف ڪندڙ نهايت رحم وارو آهي. |
تُرجى مَن تَشاءُ مِنهُنَّ وَتُـٔوى إِلَيكَ مَن تَشاءُ وَمَنِ ابتَغَيتَ مِمَّن عَزَلتَ فَلا جُناحَ عَلَيكَ ذٰلِكَ أَدنىٰ أَن تَقَرَّ أَعيُنُهُنَّ وَلا يَحزَنَّ وَيَرضَينَ بِما ءاتَيتَهُنَّ كُلُّهُنَّ وَاللَّهُ يَعلَمُ ما فى قُلوبِكُم وَكانَ اللَّهُ عَليمًا حَليمًا (آيت : 51) |
انهن مان جنهن کي (جڏهن) گهرو ته جدا ڪريو ۽ جنهن کي (جيترا ڏينهن) گهرين پاڻ وٽ جاءِ ڏين. ۽ جن زالن کي تو جدا ڪيو هو جيڪڏهن تون انهن کي گهرين ته تو تي ميار نه آهي. (اهو اختيار تو کي ڏنو ويو آهي) بيشڪ اهڙو آهي جو تنهنجي عورتن جون اکيون ٺرن ۽ ڏک نه ڪن ۽ جيڪي تون انهن کي ڏيندين تنهن سان اهي سڀئي خوش ٿين. ۽ جيڪي اوهان جي دلين ۾ آهي تنهن کي خدا ڄاڻي ٿو. ۽ (خدا) سڀ ڪجھ) ڄاڻندڙ بردبار آهي. |
لا يَحِلُّ لَكَ النِّساءُ مِن بَعدُ وَلا أَن تَبَدَّلَ بِهِنَّ مِن أَزوٰجٍ وَلَو أَعجَبَكَ حُسنُهُنَّ إِلّا ما مَلَكَت يَمينُكَ وَكانَ اللَّهُ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ رَقيبًا (آيت : 52) |
(اي رسول) هنن (نَون) کان پوءِ تو کي (ٻيون) زالون حلال نه آهن ۽ نه (انهن کي ڇڏي) سندن بدلي ۾ ٻين زالن سان شادي ڪرڻ (حلال آهي) اگرچه سندن حسن تو کي پسند اچي. پر پنهنجين ٻانهين ۾ (تو کي اختيار آهي) ۽ خدا سڀ ڪنهن شيءِ تي نگهبان آهي. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا لا تَدخُلوا بُيوتَ النَّبِىِّ إِلّا أَن يُؤذَنَ لَكُم إِلىٰ طَعامٍ غَيرَ نٰظِرينَ إِنىٰهُ وَلٰكِن إِذا دُعيتُم فَادخُلوا فَإِذا طَعِمتُم فَانتَشِروا وَلا مُستَـٔنِسينَ لِحَديثٍ إِنَّ ذٰلِكُم كانَ يُؤذِى النَّبِىَّ فَيَستَحيۦ مِنكُم وَاللَّهُ لا يَستَحيۦ مِنَ الحَقِّ وَإِذا سَأَلتُموهُنَّ مَتٰعًا فَسـَٔلوهُنَّ مِن وَراءِ حِجابٍ ذٰلِكُم أَطهَرُ لِقُلوبِكُم وَقُلوبِهِنَّ وَما كانَ لَكُم أَن تُؤذوا رَسولَ اللَّهِ وَلا أَن تَنكِحوا أَزوٰجَهُ مِن بَعدِهِ أَبَدًا إِنَّ ذٰلِكُم كانَ عِندَ اللَّهِ عَظيمًا (آيت : 53) |
اي ايمان وارو! نبي جي گهرن ۾ اندر نه وڃو مگر جنهن وقت اوهان کي کاڌي کائڻ لاءِ (اندر اچڻ جي) اجازت ڏني وڃي (۽ ان وقت اوهين) ان (کاڌي جي) تيار ٿيڻ جو انتظار نه ڪريو پر جڏهن اوهان کي سڏايو وڃي ته (پوري وقت تي) وڃو پوءِ جڏهن کائي بس ڪريو ته (وري يڪدم پنهنجين جاين تي) هليا ويندا ڪريو ڪنهن ڳالھ ۾ ريجهي _(تي) ويهي نه رهو. ڇو ته اوهان جي اها ڳالھ نبي کي تڪليف پهچائي ٿي ۽ هو اوهان جو لحاظ رکندو آهي ۽ خدا حق (چوڻ) کان شرم نه ٿو ڪري. ۽ جڏهن پيغمبر جي زالن کان ڪا ڪم جي شيءِ گهرو ته پردي جي ٻاهران (بيهي) گهرو. ان سان اوهان جون دليون ۽ انهن جون دليون وڌيڪ پاڪ رهنديون. ۽ اوهان کي هي مناسب نه آهي ته خدا جي رسول کي ايذايو ۽ نه هي به ته سندس زالن سان ان کان پوءِ ڪڏهن به شادي ڪريو، بيشڪ اهو ڪم خدا وٽ وڏو (گناھ) آهي. |
إِن تُبدوا شَيـًٔا أَو تُخفوهُ فَإِنَّ اللَّهَ كانَ بِكُلِّ شَيءٍ عَليمًا (آيت : 54) |
اوهين چاهي ڪنهن شيءِ کي ظاهر ڪريو يا ان کي لڪائيندو ته بيشڪ خدا (بهرحال) سڀ ڪنهن شيءِ کي ڄاڻندڙ آهي. |
لا جُناحَ عَلَيهِنَّ فى ءابائِهِنَّ وَلا أَبنائِهِنَّ وَلا إِخوٰنِهِنَّ وَلا أَبناءِ إِخوٰنِهِنَّ وَلا أَبناءِ أَخَوٰتِهِنَّ وَلا نِسائِهِنَّ وَلا ما مَلَكَت أَيمٰنُهُنَّ وَاتَّقينَ اللَّهَ إِنَّ اللَّهَ كانَ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ شَهيدًا (آيت : 55) |
عورتن تي سندن پين (کان پردي نه ڪرڻ ۾) ڪو گناھ نه آهي ۽ نه سندن پٽن ۽ سند ڀائرن ۽ نه سندن ڀائٽن ۽ نه سندن ڀاڻيجن ۽ نه پاڻ (جهڙين) زالن کان ۽ نه پنهنجين ٻانهين کان سامهون ٿيڻ ۾ ڪو گناھ آهي. (اي پيغمبر جون زالون!) اوهين خدا کان ڊڄنديون رهو. ان ۾ شڪ نه آهي ته خدا (توهان جي عملن جي) هر ڳالھ کان واقف آهي. |
إِنَّ اللَّهَ وَمَلٰئِكَتَهُ يُصَلّونَ عَلَى النَّبِىِّ يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا صَلّوا عَلَيهِ وَسَلِّموا تَسليمًا (آيت : 56) |
بيشڪ خدا ۽ سندس فرشتا نبي (۽ سندس آل تي) درود موڪلين ٿاته اي ايمان وارو! اوهين به درود موڪليندا رهو ۽ برابر سلام ڪندا رهو. |
إِنَّ الَّذينَ يُؤذونَ اللَّهَ وَرَسولَهُ لَعَنَهُمُ اللَّهُ فِى الدُّنيا وَالءاخِرَةِ وَأَعَدَّ لَهُم عَذابًا مُهينًا (آيت : 57) |
بيشڪ جي ماڻهو الله ۽ سندس رسول کي ايذائين ٿا تن تي الله دنيا ۽ آخرت ۾ لعنت ڪئي آهي ۽ (خدا) انهن لاءِ خوار ڪندڙ عذاب تيار ڪيو آهي. |
وَالَّذينَ يُؤذونَ المُؤمِنينَ وَالمُؤمِنٰتِ بِغَيرِ مَا اكتَسَبوا فَقَدِ احتَمَلوا بُهتٰنًا وَإِثمًا مُبينًا (آيت : 58) |
۽ جيڪي ماڻهو ايمان وارن (مردن) ۽ ايمان وارين (زالن) بي ڏوهين تي (تهمت رکي) ايذائين ٿا تن بيشڪ بهتان ۽ ظاهر گناھ (جو بار پنهنجي گردن تي) کنيو. |
يٰأَيُّهَا النَّبِىُّ قُل لِأَزوٰجِكَ وَبَناتِكَ وَنِساءِ المُؤمِنينَ يُدنينَ عَلَيهِنَّ مِن جَلٰبيبِهِنَّ ذٰلِكَ أَدنىٰ أَن يُعرَفنَ فَلا يُؤذَينَ وَكانَ اللَّهُ غَفورًا رَحيمًا (آيت : 59) |
اي نبي! تون پنهنجين زالن ۽ پنهنجين ڌيئرن ۽ ايمان وارن جي زالن کي چئو ته (جڏهن ٻاهر نڪرن ته) پاڻ تي پنهنجيون چادرون ڪجھ هيٺ ڪن. اها ڳالھ سندن (شرافت جي) سڃاڻپ لاءِ گهڻي مناسب آهي ته کين ڪوئي ڇيڙيندو نه. ۽ خدا ته وڏو بخشڻهار نهايت رحم وارو آهي. |
لَئِن لَم يَنتَهِ المُنٰفِقونَ وَالَّذينَ فى قُلوبِهِم مَرَضٌ وَالمُرجِفونَ فِى المَدينَةِ لَنُغرِيَنَّكَ بِهِم ثُمَّ لا يُجاوِرونَكَ فيها إِلّا قَليلًا (آيت : 60) |
(اي رسول) منافق ۽ اهي ماڻهو جن جي دلين ۾ (ڪفر جي) بيماري آهي سي ۽ مديني ۾ ڪوڙيون ڳالهيون پکيڙڻ وارا جيڪڏهن اهي (پنهنجيءَ شرارت کان) باز نه ايندا ته اسين تو کي ئي مسلط ڪري ڇڏينداسون پوءِ اهي تنهنجي پاڙي ۾ ٿورن ڏينهن کان سواءِ رهي نه سگهندا. |
مَلعونينَ أَينَما ثُقِفوا أُخِذوا وَقُتِّلوا تَقتيلًا (آيت : 61) |
۽ (ان وقت به) ڦٽڪاريل هوندا، جتي لڌا ويندا اتي پڪڙيا ويندا ۽ چڱيءَ طرح قتل ڪيا ويندا. |
سُنَّةَ اللَّهِ فِى الَّذينَ خَلَوا مِن قَبلُ وَلَن تَجِدَ لِسُنَّةِ اللَّهِ تَبديلًا (آيت : 62) |
جيئن اڳين ۾ به الله جو اهو دستور رهيو آهي ۽ تون الله جي دستور ۾ ڪا (به) مٽ سٽ نه ڏسندين. |
يَسـَٔلُكَ النّاسُ عَنِ السّاعَةِ قُل إِنَّما عِلمُها عِندَ اللَّهِ وَما يُدريكَ لَعَلَّ السّاعَةَ تَكونُ قَريبًا (آيت : 63) |
(اي رسول) ماڻهو تو کان قيامت جي باري ۾ پڇندا رهن ٿا. (تون کين) چئو ته ان جو علم ته رڳو خدا کي آهي ۽ تو کي ڪهڙي خبر اها (قيامت) ويجهي هجي. |
إِنَّ اللَّهَ لَعَنَ الكٰفِرينَ وَأَعَدَّ لَهُم سَعيرًا (آيت : 64) |
بيشڪ الله ڪافرن تي لعنت ڪئي آهي ۽ انهن لاءِ دوزخ تيار ڪيو اٿس. |
خٰلِدينَ فيها أَبَدًا لا يَجِدونَ وَلِيًّا وَلا نَصيرًا (آيت : 65) |
ان ۾ هميشه رهندا، نه ڪو سرپرست لهندا (۽) نه ڪو مددگار. |
يَومَ تُقَلَّبُ وُجوهُهُم فِى النّارِ يَقولونَ يٰلَيتَنا أَطَعنَا اللَّهَ وَأَطَعنَا الرَّسولا۠ (آيت : 66) |
جنهن ڏينهن سندن منهن باھ ۾ اونڌا ڪيا ويندا تنهن ڏينهن (افسوس ڪندي) چوندا ته جيڪر خدا جي فرمانبرداري ۽ رسول جي فرمانبرداري ڪريون ها. |
وَقالوا رَبَّنا إِنّا أَطَعنا سادَتَنا وَكُبَراءَنا فَأَضَلّونَا السَّبيلا۠ (آيت : 67) |
۽ چوندا ته اي اسان جا پالڻهار! بيشڪ اسان پنهنجن سردارن ۽ پنهنجن وڏن جي فرمانبرداري ڪئي پوءِ انهن اسان کي گمراھ ڪيو. |
رَبَّنا ءاتِهِم ضِعفَينِ مِنَ العَذابِ وَالعَنهُم لَعنًا كَبيرًا (آيت : 68) |
اي اسان جا پالڻهار! (اسين ته عذاب ۾ آهيون ئي پر) انهن کي ٻيڻو عذاب ڏي ۽ مٿن وڏي (کان وڏي) لعنت ڪر! |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا لا تَكونوا كَالَّذينَ ءاذَوا موسىٰ فَبَرَّأَهُ اللَّهُ مِمّا قالوا وَكانَ عِندَ اللَّهِ وَجيهًا (آيت : 69) |
اي ايمان وارو! اوهين انهن جهڙا نه ٿيو جن موسى کي ايذايو ته خدا سندن تهمتن کان موسى کي آزاد ڪري ڇڏيو ۽ موسى خدا وٽ عزت وارو هو. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنُوا اتَّقُوا اللَّهَ وَقولوا قَولًا سَديدًا (آيت : 70) |
اي ايمان وارو! خدا کان ڊڄو! ۽ صحيح ڳالھ چئو. |
يُصلِح لَكُم أَعمٰلَكُم وَيَغفِر لَكُم ذُنوبَكُم وَمَن يُطِعِ اللَّهَ وَرَسولَهُ فَقَد فازَ فَوزًا عَظيمًا (آيت : 71) |
ته خدا اوهان لاءِ اوهان جا ڪم سڌاري ۽ اوهان جا گناھ اوهان کي معاف ڪري ۽ جيڪو خدا ۽ سندس رسول جي فرمانبرداري ڪندو سو بيشڪ وڏو ڪامياب ٿيو. |
إِنّا عَرَضنَا الأَمانَةَ عَلَى السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَالجِبالِ فَأَبَينَ أَن يَحمِلنَها وَأَشفَقنَ مِنها وَحَمَلَهَا الإِنسٰنُ إِنَّهُ كانَ ظَلومًا جَهولًا (آيت : 72) |
بيشڪ اسان (روز اول) پنهنجي امانت (اطاعت عبادت) کي آسمانن ۽ زمين ۽ جبلن جي اڳيان پيش ڪيو ته انهن ان جي بار کڻڻ کان انڪار ڪيو ۽ ان کان ڊڄي ويا ۽ آدمي ان کي (بي ڌڙڪ) کنيو. بيشڪ انسان (پنهنجي حق ۾) وڏو ظالم (۽) نادان آهي. |
لِيُعَذِّبَ اللَّهُ المُنٰفِقينَ وَالمُنٰفِقٰتِ وَالمُشرِكينَ وَالمُشرِكٰتِ وَيَتوبَ اللَّهُ عَلَى المُؤمِنينَ وَالمُؤمِنٰتِ وَكانَ اللَّهُ غَفورًا رَحيمًا (آيت : 73) |
(ان جو) نتيجو هي ٿيو ته خدا منافق مردن ۽ منافق زالن ۽ مشرڪ مردن ۽ مشرڪ زالن کي (سندن ڪرتوتن جي) سزا ڏيندو. پڻ ايمان وارن مردن ۽ ايمان وارين زالن جي (تقصير امانت جي) توبه قبول فرمائيندو ۽ الله وڏو معاف ڪندڙ نهايت رحم وارو آهي. |