يٰأَيُّهَا النَّبِىُّ اتَّقِ اللَّهَ وَلا تُطِعِ الكٰفِرينَ وَالمُنٰفِقينَ إِنَّ اللَّهَ كانَ عَليمًا حَكيمًا (آيت : 1) |
اُڊڪو رَک الله جو، اي نَبِي نِرمل نُور، ۽ مُنڪرن ۽ مُنافقن جو، چيو مَڃ نه مُور، پَروَر پاڪ حُضور، واقِف ۽ ويڄ سو. |
وَاتَّبِع ما يوحىٰ إِلَيكَ مِن رَبِّكَ إِنَّ اللَّهَ كانَ بِما تَعمَلونَ خَبيرًا (آيت : 2) |
پورِئَ طرح پارتون، فقط اُهي اَحڪام، توڏي، تُنهنجي ڌَڻِئ کان، جَن جو وَحِي ٿِئي وَريام! آگو آگاھ اُن ڪنان، جيڪي ڪريو، ڪَهو ڪَلام، |
وَتَوَكَّل عَلَى اللَّهِ وَكَفىٰ بِاللَّهِ وَكيلًا (آيت : 3) |
۽ رَک تون رَبَّ ڪرِيم تي، تَوڪَّل تمام، ۽ مَددگار مُدام، بَس آهي هادِي هيڪڙو. |
ما جَعَلَ اللَّهُ لِرَجُلٍ مِن قَلبَينِ فى جَوفِهِ وَما جَعَلَ أَزوٰجَكُمُ الّٰـٔى تُظٰهِرونَ مِنهُنَّ أُمَّهٰتِكُم وَما جَعَلَ أَدعِياءَكُم أَبناءَكُم ذٰلِكُم قَولُكُم بِأَفوٰهِكُم وَاللَّهُ يَقولُ الحَقَّ وَهُوَ يَهدِى السَّبيلَ (آيت : 4) |
ڌَڻِئَ ٻه دِليون نَه ٺاهِيون، ڪِنهن آدمِئَ اَندر، پڻ ڪيون نه، اُن اوهان جون، مُورهِين سي مادر، اَنهنجي جوءِ نيان، جَن کي، سَڏيو ماءُ مگر، پُٽيلن کي پُٽ اَهنجا، پَٽيِين نَه ڪيو پَروَر، اِي اَجايو اَ کر، پَنهنجي مُنهان پاڻ چَئو. ۽ سائـِين صَفا سَچ چَوي، ۽ سَنئـِين راھ ڏَسي رَهبر، |
ادعوهُم لِءابائِهِم هُوَ أَقسَطُ عِندَ اللَّهِ فَإِن لَم تَعلَموا ءاباءَهُم فَإِخوٰنُكُم فِى الدّينِ وَمَوٰليكُم وَلَيسَ عَلَيكُم جُناحٌ فيما أَخطَأتُم بِهِ وَلٰكِن ما تَعَمَّدَت قُلوبُكُم وَكانَ اللَّهُ غَفورًا رَحيمًا (آيت : 5) |
سَڏيونِ سَندنِ پِئن جو، اِي اِنصافِي اکر، پوءِ جي، سَندنِ پِئن جِي، ڪانهي اَوهان کي ڪَر، پوءِ اَوهان جا آخِر، دوست، برادر دِين ۾. ۽ ڀُلجي ڪيان ته، اُن جو بلڪُل نه آن تي بار، پَر پَروڙي پوءِ ڪَئـِي، جا قَلبن اَهنجي ڪار، ۽ بيشڪ بخشڻهار، اَلله جَلَّ جَلالہٗ |
النَّبِىُّ أَولىٰ بِالمُؤمِنينَ مِن أَنفُسِهِم وَأَزوٰجُهُ أُمَّهٰتُهُم وَأُولُوا الأَرحامِ بَعضُهُم أَولىٰ بِبَعضٍ فى كِتٰبِ اللَّهِ مِنَ المُؤمِنينَ وَالمُهٰجِرينَ إِلّا أَن تَفعَلوا إِلىٰ أَولِيائِكُم مَعروفًا كانَ ذٰلِكَ فِى الكِتٰبِ مَسطورًا (آيت : 6) |
مُرسل مُؤمنن جو، صَحِي سَنڀاليدار، سَندنِ جانِيَن، جِگرن کان، بِهتر برقرار، ۽ مائون تِن جون، تِنهن سَنديون بِيبِيُون برقرار، ۽ مُؤمِن ۽ مُهاجِرن مان مِٽ مائـِٽ درجي وار، هِڪ ٻِئان وَڌ حَقدار، قادِر جي ڪِتاب ۾. پر پَرانهَن لئي، پَنهنجِي، ڪيان نيڪِي ڪا، ته ثابِت آهي سا، قَلمبَند ڪِتاب ۾. |
وَإِذ أَخَذنا مِنَ النَّبِيّۦنَ ميثٰقَهُم وَمِنكَ وَمِن نوحٍ وَإِبرٰهيمَ وَموسىٰ وَعيسَى ابنِ مَريَمَ وَأَخَذنا مِنهُم ميثٰقًا غَليظًا (آيت : 7) |
۽ جڏهن مِڙن مُرسلن کان، وَرتو اَسان انجام، ۽ تو ۽ نُوح، اِبراهيم کان، مُوسٰى، عِيسٰى ڄام، ۽ تاڪيد ساڻ تمام، وَرتاسون وعدا اُنهن کان. |
لِيَسـَٔلَ الصّٰدِقينَ عَن صِدقِهِم وَأَعَدَّ لِلكٰفِرينَ عَذابًا أَليمًا (آيت : 8) |
تان سَچن کان، سَندنِ سَچ جِي، پُڇاڪري پاڻ، پڻ ڪُل ڪفارن ڪاڻ، ساڙو سَخت سَنڀاهو. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنُوا اذكُروا نِعمَةَ اللَّهِ عَلَيكُم إِذ جاءَتكُم جُنودٌ فَأَرسَلنا عَلَيهِم ريحًا وَجُنودًا لَم تَرَوها وَكانَ اللَّهُ بِما تَعمَلونَ بَصيرًا (آيت : 9) |
اي اهي! دل جان سان، آندو جن ايمان، سندا صاحب ساريو، اوهان تي احسان، جڏهن اوهان تي آئيا، ڪٽڪ سندا ڪفران، پوءِ اماڻيو سون انهن مٿي، ڪو واءِ تکو طوفان، پڻ فوج فتشتن جي، جا اوهان ڏٺي ٿي ڪانه، ۽ جيڪي ڪريو منجھ جھان، الله ڏسندڙ ان کي. |
إِذ جاءوكُم مِن فَوقِكُم وَمِن أَسفَلَ مِنكُم وَإِذ زاغَتِ الأَبصٰرُ وَبَلَغَتِ القُلوبُ الحَناجِرَ وَتَظُنّونَ بِاللَّهِ الظُّنونا۠ (آيت : 10) |
جَڏهن اَوهان تي آئـِيا، هيٺان مَٿان ميان!، ۽ اکيون اولاڻيون ٿيون، ۽ هِڪيَن رساهِنيان،۽ ڪِهڙا گمان ڪَيان، اُنهِئ وير اَلله ۾. |
هُنالِكَ ابتُلِىَ المُؤمِنونَ وَزُلزِلوا زِلزالًا شَديدًا (آيت : 11) |
آيا اِمتحان ۾، مُؤمن تِنهِين ماڳ، ۽ آيا کين اَجھاڳ، ڏاڍا لوڏا لَهريون. |
وَإِذ يَقولُ المُنٰفِقونَ وَالَّذينَ فى قُلوبِهِم مَرَضٌ ما وَعَدَنَا اللَّهُ وَرَسولُهُ إِلّا غُرورًا (آيت : 12) |
۽ ٻوليو جڏهن ٻِچاپڙن، ۽ جَن جي اَندر ۾ آزار، ته اَلله پاڪ اسان کي، پڻ مُرسل سَندسِ مُختار، ڏِنان نه قَول قرار، ڌوڪي ڌاران ڪي ٻِيا. |
وَإِذ قالَت طائِفَةٌ مِنهُم يٰأَهلَ يَثرِبَ لا مُقامَ لَكُم فَارجِعوا وَيَستَـٔذِنُ فَريقٌ مِنهُمُ النَّبِىَّ يَقولونَ إِنَّ بُيوتَنا عَورَةٌ وَما هِىَ بِعَورَةٍ إِن يُريدونَ إِلّا فِرارًا (آيت : 13) |
ڪِنهِن ٻارِئَ ٻوليو، تَن مَنجھان، ته اي يثرب وارا! موٽو مَتارا!، هِت ماڳ نه اَهنجو مُورِهِين. ۽ ڪي ماڻهو تَن مان، مُرسل کان موڪلائـِين، چي، هَي هَي! گَھر هيڪلا، اَسان جا آهِينِ ۽ هُو نه هرگز هيڪلا، ٿا ڪُوڙن ۾ ڪاهِينِ، چَٽ نه ٻِئو چاهِينِ، مگر ڀَڄڻ ميدان مان. |
وَلَو دُخِلَت عَلَيهِم مِن أَقطارِها ثُمَّ سُئِلُوا الفِتنَةَ لَءاتَوها وَما تَلَبَّثوا بِها إِلّا يَسيرًا (آيت : 14) |
۽ گِھڙِي سَندسِ گھاٽن مان، ڪاهِن مَٿنِ ڪُفار، موٽِي کين مدد لئي، ڪئـِي ويئي ڪُوڪار، ته عَمل ڪيائون اُن مَٿي، تهدِل ٿِي تيار، ٿورِي ويرم ڌار، تِنهن ۾ دير نه ڌارتون. |
وَلَقَد كانوا عٰهَدُوا اللَّهَ مِن قَبلُ لا يُوَلّونَ الأَدبٰرَ وَكانَ عَهدُ اللَّهِ مَسـٔولًا (آيت : 15) |
۽ اڳ ۾، تَن اَلله سان، قول ڪيائون ڪالھ، ته پِڙ ۾ پُٺيون پانهنجون، موڙيندا نه مجال، ۽ صبحان، ڪالھ سُوال، اَلله ساڻ اَنجام جو. |
قُل لَن يَنفَعَكُمُ الفِرارُ إِن فَرَرتُم مِنَ المَوتِ أَوِ القَتلِ وَإِذًا لا تُمَتَّعونَ إِلّا قَليلًا (آيت : 16) |
چَئو ڀَڄڻ بِلڪُل آن کي، ڏئـِي نه وَٽابو وار، جي موت ۽ مُقابلي کان، ڀَڄندا ٿِي بيزار، ۽ نه وَر سنداتِنهن وار، مگر مهلت ٿورڙِي. |
قُل مَن ذَا الَّذى يَعصِمُكُم مِنَ اللَّهِ إِن أَرادَ بِكُم سوءًا أَو أَرادَ بِكُم رَحمَةً وَلا يَجِدونَ لَهُم مِن دونِ اللَّهِ وَلِيًّا وَلا نَصيرًا (آيت : 17) |
چَئو، اَوهان کي اَلله کان، ڏِيندو ڪير پَناھ؟ جي ڏُک ڏِيڻ گُھري ڪو، اَوهان کي اَلله، يا ڪَرڻ اوهان تي ڪا گُھري، بَخشش بادشاھ، واهر، وسيلو واھ، لهندا نه ڌڻئ ڌارڪو. |
قَد يَعلَمُ اللَّهُ المُعَوِّقينَ مِنكُم وَالقائِلينَ لِإِخوٰنِهِم هَلُمَّ إِلَينا وَلا يَأتونَ البَأسَ إِلّا قَليلًا (آيت : 18) |
اوهان مان آرسوئن کي، ٿو ڄاڻي ڄاڻڻهار، پڻ چوندڙ پنهنجي ڀائرين ته اچو اسان جي پار، ڪن ٿورن ٿڪين ڌار، مورنه اچن ميدان ۾. |
أَشِحَّةً عَلَيكُم فَإِذا جاءَ الخَوفُ رَأَيتَهُم يَنظُرونَ إِلَيكَ تَدورُ أَعيُنُهُم كَالَّذى يُغشىٰ عَلَيهِ مِنَ المَوتِ فَإِذا ذَهَبَ الخَوفُ سَلَقوكُم بِأَلسِنَةٍ حِدادٍ أَشِحَّةً عَلَى الخَيرِ أُولٰئِكَ لَم يُؤمِنوا فَأَحبَطَ اللَّهُ أَعمٰلَهُم وَكانَ ذٰلِكَ عَلَى اللَّهِ يَسيرًا (آيت : 19) |
اَڀاريندڙ اوهان کي، پوءِ جڏهن آين خوف خيال، ڏِٺِئينِ ته ڏِسن پِيا توڏي، ڦِرنن اَ کيون فِى الحال، اُنهِئَ ماڻهو جي مِثال، جنهن جِي مَت، مارِي ويئي موت کان. پوءِ وِيو جنهن وير ۾، خوف، خطرو جان، ته اوهان کي اِيذائـِينِ پِيا، تِکئَ ساڻ زبان، جنهن حال، متاع تي، حِرص ڪندڙ حيران، اُهي آهن سي، جَن آندو نه اِيمان، پوءِ ڪَيون ڪمايون اُنهن جون، رَئـِي ڪيون رَحمان، ۽ آهي گھڻو آسان، اِهو ڪم اَلله تي. |
يَحسَبونَ الأَحزابَ لَم يَذهَبوا وَإِن يَأتِ الأَحزابُ يَوَدّوا لَو أَنَّهُم بادونَ فِى الأَعرابِ يَسـَٔلونَ عَن أَنبائِكُم وَلَو كانوا فيكُم ما قٰتَلوا إِلّا قَليلًا (آيت : 20) |
گُمراھ ڪن گُمان، ته قومون اَڃاڪِين وِيون، فوجون ڦِري، جي اَچن، ته طمع رکن تعبان، ته بَدوِين ڀيڙا هُون ها، ڪِنهن وادِئَ ۾، ويران، پُڇن اَحوال اَوهان، ويٺي ماڳ مڪان، هُئا اوهان ۾ هُوند جي، موجود سِر ميدان، ته چَلِي مَنجھ چوگان، نه وِڙهياوِڙِلي ويڙھ ري، |
لَقَد كانَ لَكُم فى رَسولِ اللَّهِ أُسوَةٌ حَسَنَةٌ لِمَن كانَ يَرجُوا اللَّهَ وَاليَومَ الءاخِرَ وَذَكَرَ اللَّهَ كَثيرًا (آيت : 21) |
آن لئي، ربَّ جي رَسُول ۾، ثابِت سُهڻي پَر، جو رکي اَلله ۾ آسرو، پڻ آخِر ڏينهن اَندر، ۽ سانجِھي، صُبح ساجھر، سارئـِين سائـِين کي گھڻو. |
وَلَمّا رَءَا المُؤمِنونَ الأَحزابَ قالوا هٰذا ما وَعَدَنَا اللَّهُ وَرَسولُهُ وَصَدَقَ اللَّهُ وَرَسولُهُ وَما زادَهُم إِلّا إيمٰنًا وَتَسليمًا (آيت : 22) |
۽ مُؤمن جنهن مَهل ۾، ڏِٺاڪَٽڪَ ڪُفّار، چي، هِي سو اَسان کي، جِنهنجا ڏِنا قول قرار، اَلله جَلَّ جَلالہٗ، پڻ مُرسل سَندسِ مُختار، ۽ صاحِب سَڀو سَچ چيو، پڻ مُرسل سَندسِ مَهندار، ۽ تِنهن نه وَڌاين وار، تسلِي ۽ تَسلِيم ري. |
مِنَ المُؤمِنينَ رِجالٌ صَدَقوا ما عٰهَدُوا اللَّهَ عَلَيهِ فَمِنهُم مَن قَضىٰ نَحبَهُ وَمِنهُم مَن يَنتَظِرُ وَما بَدَّلوا تَبديلًا (آيت : 23) |
ڪي مرد مُؤمِنن مان، صاحِب ، ساڻ ستار، پاريؤَن پَتنگ ٿِي پِڙ ۾، جي ڪيائون قرار، پوءِ ڪِن پَنهنجو ڪم پورو ڪيو، ۽ ڪي ڪَڍن اِنتظار، ۽ ڪائـِي ڦير ڦار، اَصل نه ڪيوُن اَنجام ۾. |
لِيَجزِىَ اللَّهُ الصّٰدِقينَ بِصِدقِهِم وَيُعَذِّبَ المُنٰفِقينَ إِن شاءَ أَو يَتوبَ عَلَيهِم إِنَّ اللَّهَ كانَ غَفورًا رَحيمًا (آيت : 24) |
تان سَچن سَندنِ سَچ جو، سائـِين ڏِئي ثواب، ۽ جي گُھري ته ڏِئي منافِقين، اهکو ڪو عذاب، يا وَرِي مَٿن وَڙ ڪري، والِي ربُّ، وَهاب، هادِي آهي هَر باب، مَرهِيندڙ ۽ مِهر ڀَريو. |
وَرَدَّ اللَّهُ الَّذينَ كَفَروا بِغَيظِهِم لَم يَنالوا خَيرًا وَكَفَى اللَّهُ المُؤمِنينَ القِتالَ وَكانَ اللَّهُ قَوِيًّا عَزيزًا (آيت : 25) |
۽ مالڪ موٽايو تَن کي، جي ڦريا، کان فرمان، سَندنِ ڪاوَڙ قهر ۾، مِلڪيت ماڻيون ڪانه، ۽ وِسهندڙن تان ويڙھ کي، روڪيون رَبَّ رحمان، ۽ سَگھارو سُبحان، جابِر سَڀ جھان تي. |
وَأَنزَلَ الَّذينَ ظٰهَروهُم مِن أَهلِ الكِتٰبِ مِن صَياصيهِم وَقَذَفَ فى قُلوبِهِمُ الرُّعبَ فَريقًا تَقتُلونَ وَتَأسِرونَ فَريقًا (آيت : 26) |
۽ آگي اَهل ڪتاب، ڪَڍيا سَندنِ ڪوٽن مان، جَن ڪئي اُنهن جِي، جنگ ۾ حِمايت هر باب، ۽ ڌڻِي سَندنِ دِلين ۾، وِڌي دَهشت داب، ته ڪِن ڪُهو، ڪِن قيد ڪريو، |
وَأَورَثَكُم أَرضَهُم وَدِيٰرَهُم وَأَموٰلَهُم وَأَرضًا لَم تَطَـٔوها وَكانَ اللَّهُ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرًا (آيت : 27) |
پڻ وارِث ڪِيان وَهاب، سَندنِ مَحلنِ، ماڙِيَن، پڻ اِراضي، اَسباب، ۽ جنهن پَرڳڻي تي پير اڃا، نه رَکيان مَنجھ رِڪاب، ۽ پَرور پاڪ جناب، قادِر هرڪِنهن ڪم مٿي. |
يٰأَيُّهَا النَّبِىُّ قُل لِأَزوٰجِكَ إِن كُنتُنَّ تُرِدنَ الحَيوٰةَ الدُّنيا وَزينَتَها فَتَعالَينَ أُمَتِّعكُنَّ وَأُسَرِّحكُنَّ سَراحًا جَميلًا (آيت : 28) |
اي ڀلا! تُنهنجي بِيبِيَنِ ، ڏي اِهو اِختيار، جي گُھرو حياتِي ننڍڙِي، سَندسِ پڻ سِيگار، پوءِ اَچو ته اوهان کي، ڇَڏيان جُملي، سان جِنسار، پڻ توهان کي تڪرار، ڇڏيان ڇڏڻ سُهڻو. |
وَإِن كُنتُنَّ تُرِدنَ اللَّهَ وَرَسولَهُ وَالدّارَ الءاخِرَةَ فَإِنَّ اللَّهَ أَعَدَّ لِلمُحسِنٰتِ مِنكُنَّ أَجرًا عَظيمًا (آيت : 29) |
۽ جي گُھرو اَوهِين اَلله کي، پڻ مُرسل سَندسِ مُختار، پڻ آخِرت ۾ آسرو، ته قادِر برقرار، اوهان مان اُنهن لئي، جي نِرمل نيڪ نِبار، اَجر وڏا اَپار، توڙائـِين تيار ڪيا. |
يٰنِساءَ النَّبِىِّ مَن يَأتِ مِنكُنَّ بِفٰحِشَةٍ مُبَيِّنَةٍ يُضٰعَف لَهَا العَذابُ ضِعفَينِ وَكانَ ذٰلِكَ عَلَى اللَّهِ يَسيرًا (آيت : 30) |
جيڪاڏِٺا ڏوھ ڪَندِي، آنه مان حَرم حُضور!، ٻِيڻو عَذاب اُن کي، مَهندان مِلندو مُور، ۽ مالِڪ سِر مَذڪُور، آهي ڪم آسان گھڻو |
وَمَن يَقنُت مِنكُنَّ لِلَّهِ وَرَسولِهِ وَتَعمَل صٰلِحًا نُؤتِها أَجرَها مَرَّتَينِ وَأَعتَدنا لَها رِزقًا كَريمًا (آيت : 31) |
۽ آرياڻيون! اَوهان مَنجھان، جي رهنديون تابِعدار، رَبَّ ۽ سَندسِ رَسُول جون، پڻ ڪنديون چوکي ڪار، ٻِيڻا دَرجا ٻاجھ سان، ڏِيندو تَن ڏاتار، ۽ تنين لئي تيار، رَبَّ، سَڳورو رِزق ڪيو. |
يٰنِساءَ النَّبِىِّ لَستُنَّ كَأَحَدٍ مِنَ النِّساءِ إِنِ اتَّقَيتُنَّ فَلا تَخضَعنَ بِالقَولِ فَيَطمَعَ الَّذى فى قَلبِهِ مَرَضٌ وَقُلنَ قَولًا مَعروفًا (آيت : 32) |
اي بيبيون! ڀَلي ڄام جون، مَنجھ ڀَلائي ۽ ڀال، جوين مان ڪِنهن هِڪ جِھڙيون آهيو نَه مَنجھ اقبال، جي ڊِڄنديون ڌڻِئَ پاڪ کان، پوءِ ڳُجِھي نه ڪريو ڳالھ، تان مَرض جِنهن جي مَن ۾، سو ڪڍي نه ڪک ڪُلال، ۽ چَئو چِٽِئَ چال، نَصِيحتون نيڪِئَ جون. |
وَقَرنَ فى بُيوتِكُنَّ وَلا تَبَرَّجنَ تَبَرُّجَ الجٰهِلِيَّةِ الأولىٰ وَأَقِمنَ الصَّلوٰةَ وَءاتينَ الزَّكوٰةَ وَأَطِعنَ اللَّهَ وَرَسولَهُ إِنَّما يُريدُ اللَّهُ لِيُذهِبَ عَنكُمُ الرِّجسَ أَهلَ البَيتِ وَيُطَهِّرَكُم تَطهيرًا (آيت : 33) |
۽ گھاريو پَنهنجي گَھرن ۾، قَلب ساڻ قرار، ۽ جُهونِي جاهِليَت جِيئن، ڪريو ڪِين پَسار، ۽ پُورو پَڙهو نِماز کي، پڻ ڏِيو لڳ ڏاتار، ۽ رَهو تابِعدار، رَبَّ ۽ سَندسِ رَسُول جُون. اِرادو اَلله جو، آهي اِنهئَ پَر، ته اَگلايو اَوهان مان، ڪَڍِي ڇَڏي قادِر، پاڪ ڪري پَرور، اي اَهل بيت! اوهان کي. |
وَاذكُرنَ ما يُتلىٰ فى بُيوتِكُنَّ مِن ءايٰتِ اللَّهِ وَالحِكمَةِ إِنَّ اللَّهَ كانَ لَطيفًا خَبيرًا (آيت : 34) |
۽ ساريو صُبح، شام سِين حُڪم ۽ حِڪمتون، اَنهنجي گَھر الله جا، پڙهجن ، جي پيغام، آهي رَبُّ عَلام، سَٻاجھو ۽ سَٻوجھ گھڻو. |
إِنَّ المُسلِمينَ وَالمُسلِمٰتِ وَالمُؤمِنينَ وَالمُؤمِنٰتِ وَالقٰنِتينَ وَالقٰنِتٰتِ وَالصّٰدِقينَ وَالصّٰدِقٰتِ وَالصّٰبِرينَ وَالصّٰبِرٰتِ وَالخٰشِعينَ وَالخٰشِعٰتِ وَالمُتَصَدِّقينَ وَالمُتَصَدِّقٰتِ وَالصّٰئِمينَ وَالصّٰئِمٰتِ وَالحٰفِظينَ فُروجَهُم وَالحٰفِظٰتِ وَالذّٰكِرينَ اللَّهَ كَثيرًا وَالذّٰكِرٰتِ أَعَدَّ اللَّهُ لَهُم مَغفِرَةً وَأَجرًا عَظيمًا (آيت : 35) |
مِڙِئي مَرد ۽ عورتون، جي آيا مَنجھ اِسلام، ۽ ٻَئـِي مَڃِيندڙ مُورِهين ۽ ٻَئـِي تابِعدار تمام، پڻ سَچا۽ سَچيون، ۽ سَهندڙسختيون عام، ۽ جُھڪندڙ جُوان جويون ۽ ڏِيندڙ دان دَوام، پڻ رکندڙ روزي جا، وَنيون وَر وَريام، ۽ نِگاھ سَندنِ نَنگ جِي، ڪندڙ تا قِيام ، ۽ سِڪ مان سارِيندڙ گھڻو، صاحِب صُبح، شام، تَنِين لئي تيار ڪيا، آگي، رَبَّ عَلّام، هِڪ مَعافِي مُدام، ٻِيا دُهرادان دِل تي. |
وَما كانَ لِمُؤمِنٍ وَلا مُؤمِنَةٍ إِذا قَضَى اللَّهُ وَرَسولُهُ أَمرًا أَن يَكونَ لَهُمُ الخِيَرَةُ مِن أَمرِهِم وَمَن يَعصِ اللَّهَ وَرَسولَهُ فَقَد ضَلَّ ضَلٰلًا مُبينًا (آيت : 36) |
۽ ڪِنهن مُؤمن ۽ مُؤمڻياڻِئَ کي، اِي نه اِختيار، ته رَبَّ ۽ سَندسِ رَسُول ڪيو، حُڪم جڏهن هيڪار، ته وَڃنِ وار ٻَهار، ڪِنهن به سَندنِ ڪَم ڪار ۾. ۽ حُڪم رَبَّ ۽ رَسُول، جو ڀَڃندو بي شُعور، سو مُورک موڙهو مُور، وِيو وَڃڻ کي واٽ کان. |
وَإِذ تَقولُ لِلَّذى أَنعَمَ اللَّهُ عَلَيهِ وَأَنعَمتَ عَلَيهِ أَمسِك عَلَيكَ زَوجَكَ وَاتَّقِ اللَّهَ وَتُخفى فى نَفسِكَ مَا اللَّهُ مُبديهِ وَتَخشَى النّاسَ وَاللَّهُ أَحَقُّ أَن تَخشىٰهُ فَلَمّا قَضىٰ زَيدٌ مِنها وَطَرًا زَوَّجنٰكَها لِكَى لا يَكونَ عَلَى المُؤمِنينَ حَرَجٌ فى أَزوٰجِ أَدعِيائِهِم إِذا قَضَوا مِنهُنَّ وَطَرًا وَكانَ أَمرُ اللَّهِ مَفعولًا (آيت : 37) |
۽ جڏهن، تو چيو ٿي تِنهن کي، جِنهن تي اَلله ڪَئـِي اِنعام، تو پڻ ڪيو تِنهن مَٿي، نَظر مِهر مُدام، ته جَھل پَنهنجِي پاڻ وَٽ، وَنِي سَندئـِي وَريام! ڪر خدا جو خوف ڪو، طلاق مَنجھ تَمام، ۽ لڪايَئـِي ٿي لوڪ کان، جا مَن تُنهنجي ۾ مام، آگو، رَبُّ عَلام، جنهن کي کولڻ وارو خلق ۾، ۽ کولڻ ۾ خوف رکين، ماڻهنئان مهربان!، اَلله لائق اُن جو، ته خوف رَکِينسِ خان!، پوءِ پَليو اُنِهئَ مان آسرو، جڏهن زيد جُوان، توکي پَرڻائي سون، پوءِ وَرِي سبَب هِن سُلطان!، تان مُؤمِنن کي، مُورهِين نَه پُهچي ڪو نُقصان، سَندنِ ڇاڏوڙن ۾، جَڏهن لاٿئون لَب مَنجھانِ، ۽ فائـِق جا فَرمان، آهِن پَڌرا پارڻان. |
ما كانَ عَلَى النَّبِىِّ مِن حَرَجٍ فيما فَرَضَ اللَّهُ لَهُ سُنَّةَ اللَّهِ فِى الَّذينَ خَلَوا مِن قَبلُ وَكانَ أَمرُ اللَّهِ قَدَرًا مَقدورًا (آيت : 38) |
۽ جيڪي اَمر اَلله ڪيو، تِنهن ۾ نَه نبِئ کي نُقصان، اَ ڳين کان هَلِي اَچي، سُنت اي سُبحان، ۽ فائـِق جا فرمان، آهن مُقرّر مِقدار سان. |
الَّذينَ يُبَلِّغونَ رِسٰلٰتِ اللَّهِ وَيَخشَونَهُ وَلا يَخشَونَ أَحَدًا إِلَّا اللَّهَ وَكَفىٰ بِاللَّهِ حَسيبًا (آيت : 39) |
پُهچائـِن پَٽن ۾، جي پَروَر جا پيغام، ۽ اُهي رُڳو اُن ڪنان، ڪَنبن تاقيام، هرگز نه ڊِڄَن، ڪِنهن هِڪ کان، آگي ڌار، عَلام، ۽ مالِڪ بَس مُدام، ڪافِي ڪُل جَھان لئي. |
ما كانَ مُحَمَّدٌ أَبا أَحَدٍ مِن رِجالِكُم وَلٰكِن رَسولَ اللَّهِ وَخاتَمَ النَّبِيّۦنَ وَكانَ اللَّهُ بِكُلِّ شَيءٍ عَليمًا (آيت : 40) |
مُحَمَّد پِئُ نه ڪِنهن هِڪ جو، مَردن مَنجھان مُور، پَر آهي خاص اَلله جو مُرسل سو مَنظُور، پڻ پُڄاڻِي پَڪ سان، سَڀن نَبِيَن جي نُور، ۽ غالِب رَبُّ غفور، سَمجھندڙ سَڀ ٽول کي. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنُوا اذكُرُوا اللَّهَ ذِكرًا كَثيرًا (آيت : 41) |
اي وسهيا، جي وريام!، سي ساريو گھڻو سُبحان کي، |
وَسَبِّحوهُ بُكرَةً وَأَصيلًا (آيت : 42) |
پڻ سَندسِ ساراهون ڪريو، سَدا صُبح، شام، |
هُوَ الَّذى يُصَلّى عَلَيكُم وَمَلٰئِكَتُهُ لِيُخرِجَكُم مِنَ الظُّلُمٰتِ إِلَى النّورِ وَكانَ بِالمُؤمِنينَ رَحيمًا (آيت : 43) |
جو روز اَوهان تي رَحمتون، ڪَر توڙ تمام، پڻ مڱن اوهان لئي مَعافيون، سَندسِ مَلڪ مُدام، تان ڪڍي اَوهان کي ڪار مان ، نِئي نُور ڏي، اسلام، ۽ آگو ڪَندڙ عام، مِهرون مُؤمنن تي. |
تَحِيَّتُهُم يَومَ يَلقَونَهُ سَلٰمٌ وَأَعَدَّ لَهُم أَجرًا كَريمًا (آيت : 44) |
اَلسَّلَامُ عَلَيْڪُمْ خاص سَندنِ کِيڪار، جِنهن ڏينهن ڪندا اُن جو، دَرسن ۽ دِيدار، ۽ تنِين لئي تيار، اَجر ڀَلو، اڳواٽ ڪو. |
يٰأَيُّهَا النَّبِىُّ إِنّا أَرسَلنٰكَ شٰهِدًا وَمُبَشِّرًا وَنَذيرًا (آيت : 45) |
توکي مُڪون سون يانبي!، شاهِد ڪري شاھ، ۽ کِيرون ڏِيندڙ خير جون، ڀَئو ڏيِندڙ ڪنان باھ، |
وَداعِيًا إِلَى اللَّهِ بِإِذنِهِ وَسِراجًا مُنيرًا (آيت : 46) |
۽ ڪوٺارِي قومن جو، آهِين ڏونهن اَلله، اُنهِئَ جي اَمر سان، ۽ روشن ڏِيو راھ، |
وَبَشِّرِ المُؤمِنينَ بِأَنَّ لَهُم مِنَ اللَّهِ فَضلًا كَبيرًا (آيت : 47) |
۽ ڏي مُبارڪ مُؤمِنن، ته سَندنِ لئي صُباح، وَڙ وَڏا وَهواھ!، آهِن اَجر اَلله ڪنان. |
وَلا تُطِعِ الكٰفِرينَ وَالمُنٰفِقينَ وَدَع أَذىٰهُم وَتَوَكَّل عَلَى اللَّهِ وَكَفىٰ بِاللَّهِ وَكيلًا (آيت : 48) |
مُنڪرن ۽ مُنافِقن جو، چَيو مَڃ نه مُور، ۽ تَرڪ ڪري ڏي، تن جون، زِيادتون ضَرُور، ۽ بار رَک بارِئَ مَٿي، جو غالِب، رَبُّ غَفُور، هِڪ ئـِي پاڪ حُضور، بَس آهي، ڀَلو ڀَر جَھلو. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا إِذا نَكَحتُمُ المُؤمِنٰتِ ثُمَّ طَلَّقتُموهُنَّ مِن قَبلِ أَن تَمَسّوهُنَّ فَما لَكُم عَلَيهِنَّ مِن عِدَّةٍ تَعتَدّونَها فَمَتِّعوهُنَّ وَسَرِّحوهُنَّ سَراحًا جَميلًا (آيت : 49) |
جي وِسهيا!سي وِسهندڙيون، جڏهن پَرڻيون پَاڻ، ڇَڏيو موٽِي، مَهندتِنيان، ته ڇُهونِ هَٿن ساڻ، پوءِ اَهنجِي عِدّت، نَه اُنهن مَٿي، سارِيو جا سُڄاڻ!، پوءڏِيو اُنهن کي ڏاڻ، ۽ ڇَڏيونِ ڇَڏڻ سُهڻو. |
يٰأَيُّهَا النَّبِىُّ إِنّا أَحلَلنا لَكَ أَزوٰجَكَ الّٰتى ءاتَيتَ أُجورَهُنَّ وَما مَلَكَت يَمينُكَ مِمّا أَفاءَ اللَّهُ عَلَيكَ وَبَناتِ عَمِّكَ وَبَناتِ عَمّٰتِكَ وَبَناتِ خالِكَ وَبَناتِ خٰلٰتِكَ الّٰتى هاجَرنَ مَعَكَ وَامرَأَةً مُؤمِنَةً إِن وَهَبَت نَفسَها لِلنَّبِىِّ إِن أَرادَ النَّبِىُّ أَن يَستَنكِحَها خالِصَةً لَكَ مِن دونِ المُؤمِنينَ قَد عَلِمنا ما فَرَضنا عَلَيهِم فى أَزوٰجِهِم وَما مَلَكَت أَيمٰنُهُم لِكَيلا يَكونَ عَلَيكَ حَرَجٌ وَكانَ اللَّهُ غَفورًا رَحيمًا (آيت : 50) |
ڪَياسون ڪامِل! تولئي، سي تُنهنجا حَرم حَلال، ڏِنئـِي جَن کي اُنهن جو، مَهر مُقرّر مال، ۽ ٻِيون ٻانهيون، جَن تي، تُنهنجي سائي هَٿ سَنڀال، تن مان ڏِنئـِي جي ڏيھ ڌَڻِي ، بِنان جَنگ جِدال، پڻ تُنهنجي چاچن ۽ پُڦين ۽ مامن ۽ ماسِيَن جون، نِياڻيون نِهال، نِرمَل! تُنهنجي نال، پَرڏيھ جي پَڌاريون. ۽ عورت مُؤمن آڇيو، جِنهن پيغمبر لئي پاڻ، نَبِي ڪيو نِڪاح جو، اِرادو اُن ساڻ، اِي خالصِ تُنهنجي ڪاڻ، مُرسل!، ڌاران مُؤمنِين. سيکارياسونِ، فَرض سي، ساري سربسر، ڪياسون جي قاعِدا، مَٿنِ مُقرر، اُنهن جي ٻايُن ۽ ٻانِهُن ۾، ساڄاسَندنِ جن سر، هِن لئي، تَه هُجي تو نَه ڪو، زالن باب ضَرر، ۽ آهي رَبّ رَهبر، مَرهِيندڙ ۽ مِهرڀَريو. |
تُرجى مَن تَشاءُ مِنهُنَّ وَتُـٔوى إِلَيكَ مَن تَشاءُ وَمَنِ ابتَغَيتَ مِمَّن عَزَلتَ فَلا جُناحَ عَلَيكَ ذٰلِكَ أَدنىٰ أَن تَقَرَّ أَعيُنُهُنَّ وَلا يَحزَنَّ وَيَرضَينَ بِما ءاتَيتَهُنَّ كُلُّهُنَّ وَاللَّهُ يَعلَمُ ما فى قُلوبِكُم وَكانَ اللَّهُ عَليمًا حَليمًا (آيت : 51) |
وَڻـئـِي وارو تِنهنجو، ڪر پوءِ پيغمبر، ۽ وڻــئـِي وارو تِنهنجو، اڳي رک اَنور، ڀَڳـئـِي ڀيرو جَن جو، تِنئان گھرائي گوهر، ته توکي تِنهن اَندر، هرگز حَرج ناھِ ڪو. اِهو اِختيار، آهي اوڏو اُن کي، ته ٺَرن اَکيون اُنهن جون، ۽ نه وِجھلنِ مَنجھ وِيچار، ۽ راضِي رَهنِ تِنهن مَٿي، جو بَخشي سَڀن ڀَتار، جيڪِي اَوهان جي اَندر ۾، سوڄاڻي ڄاڻڻهار، ۽ سائـِين سَمجھدار، پڻ بارِي بُردبار گھڻو. |
لا يَحِلُّ لَكَ النِّساءُ مِن بَعدُ وَلا أَن تَبَدَّلَ بِهِنَّ مِن أَزوٰجٍ وَلَو أَعجَبَكَ حُسنُهُنَّ إِلّا ما مَلَكَت يَمينُكَ وَكانَ اللَّهُ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ رَقيبًا (آيت : 52) |
ناهي توتي زال ڪا، هِنَيان پوءِ حَلال، ۽ نه مَٽيين تن سان مُورهِين، زالن مان، ڪا زال، توڻي توکي، سَندنِ جوت جمال، مگر ٻانهيون جَن تي، تُنهنجي ساڄي جِي سنڀال، اَللهُ جَلَّ جَلال، آهي حافِظ هر ڪِنهن شئِ مَٿي. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا لا تَدخُلوا بُيوتَ النَّبِىِّ إِلّا أَن يُؤذَنَ لَكُم إِلىٰ طَعامٍ غَيرَ نٰظِرينَ إِنىٰهُ وَلٰكِن إِذا دُعيتُم فَادخُلوا فَإِذا طَعِمتُم فَانتَشِروا وَلا مُستَـٔنِسينَ لِحَديثٍ إِنَّ ذٰلِكُم كانَ يُؤذِى النَّبِىَّ فَيَستَحيۦ مِنكُم وَاللَّهُ لا يَستَحيۦ مِنَ الحَقِّ وَإِذا سَأَلتُموهُنَّ مَتٰعًا فَسـَٔلوهُنَّ مِن وَراءِ حِجابٍ ذٰلِكُم أَطهَرُ لِقُلوبِكُم وَقُلوبِهِنَّ وَما كانَ لَكُم أَن تُؤذوا رَسولَ اللَّهِ وَلا أَن تَنكِحوا أَزوٰجَهُ مِن بَعدِهِ أَبَدًا إِنَّ ذٰلِكُم كانَ عِندَ اللَّهِ عَظيمًا (آيت : 53) |
اي جَن مَڃيو!، سي نه مُور، گِھڙو گَھرن ۾ نبي جي، تان طرف طعام، اَوهان جِي، موڪل ٿـئي مَنظور، ڏِسڻ ڪنان ڏُور، تِنهنجِي توڻ تَنور کي. پر جڏهن اوهان کي، سَڏ ٿئي، پوءِ گِھڙو اَندر گَھر، ۽ جڏهن کائي خُوش ٿيا، ته نِڪرو نيڪ، ٻَهر، خاطِر ڪِنهن به خَبر، وِرُنہ وارِيندڙ پاڻ ۾. رَنجائي رَسُول کي، اَهنجِي اِها ڳالھ، ڪُڇي ڪِين حَيا کان، نَبِي اوهان نال، مالِڪ بي مِثال، حَيا نه ڪري حَق چوڻ ۾. ۽ جَڏهن گُھرو اُنهن کان، ڪائـِي مَتاع، مال، پوءِ پَردي ٻاهران ڪريونِ، سَڏ سُوال، ڪارڻ قلبن اَهنجي، ڀَلو اِي بَحال، پڻ نِرمل ۽ نِهال، قَلبن ڪارڻ اُنهنجي. ۽ روا نه اوهان ڪاڻ، ته رنجايو رسول کي، ۽ نڪي ان جون عورتون، پٺيانس پرڻيون پاڻ، صاحب وٽ سڄاڻ، اِي آهي ڳري ڳالهڙي. |
إِن تُبدوا شَيـًٔا أَو تُخفوهُ فَإِنَّ اللَّهَ كانَ بِكُلِّ شَيءٍ عَليمًا (آيت : 54) |
ڪا کوليو ڳالھ کڻي، يا مَخفِي ماريوس مِيم ۾، پوءِ دانا آهي ڌَڻِي، سمجھندڙ سَڀ ڳالھ کي. |
لا جُناحَ عَلَيهِنَّ فى ءابائِهِنَّ وَلا أَبنائِهِنَّ وَلا إِخوٰنِهِنَّ وَلا أَبناءِ إِخوٰنِهِنَّ وَلا أَبناءِ أَخَوٰتِهِنَّ وَلا نِسائِهِنَّ وَلا ما مَلَكَت أَيمٰنُهُنَّ وَاتَّقينَ اللَّهَ إِنَّ اللَّهَ كانَ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ شَهيدًا (آيت : 55) |
مَٿنِ ناھِ مَيار، سَندنِ پِين ۽ پُٽن ۾، ڀائـِرن سَندنِ، يا ڀائيٽا، يا ڀيڻج بَرقرار، ۽ ٻايون يا ٻانهيون، جن تي سَندنِ هَٿ سَنڀار، ۽ ڏَرو ڀَر ڏاتار، سائـِين ساکي سَڀ مَٿي. |
إِنَّ اللَّهَ وَمَلٰئِكَتَهُ يُصَلّونَ عَلَى النَّبِىِّ يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا صَلّوا عَلَيهِ وَسَلِّموا تَسليمًا (آيت : 56) |
رَبُّ موڪلي رَحمتون، مَٿي مُرسل ڄام، ۽ مَنڱن ملائـِڪ مَعافِيون؛ اِي وِسهيا جي وَريام!، اَوهِين به پَڙهو اُن تي، صَلواة صُبح شام، پڻ ساري چَئو سَلام، وَر وَر تِنهن وَريام تي. |
إِنَّ الَّذينَ يُؤذونَ اللَّهَ وَرَسولَهُ لَعَنَهُمُ اللَّهُ فِى الدُّنيا وَالءاخِرَةِ وَأَعَدَّ لَهُم عَذابًا مُهينًا (آيت : 57) |
اُهي جي ڏِين آزار، رَبَّ ۽ سَندسِ رَسُول کي، دُنيا ۽ آخِرت ۾، تَن تي، ڌَڻِئَ ڪَئـِي ڌِڪار، تَن لئي ڪَئـِين تيار، کُورو، ڪندڙ خورا ڪو. |
وَالَّذينَ يُؤذونَ المُؤمِنينَ وَالمُؤمِنٰتِ بِغَيرِ مَا اكتَسَبوا فَقَدِ احتَمَلوا بُهتٰنًا وَإِثمًا مُبينًا (آيت : 58) |
۽ مُؤمن ۽ مُؤمِنياڻِيين، اُهي، جي ڏِين آزار، تَن جي تُهمتن سان، نَه ڪيون جي ڪم ڪار، تن کَنيا بُهتانن بار، پڻ پَڌرو پاپ پُٺن تي. |
يٰأَيُّهَا النَّبِىُّ قُل لِأَزوٰجِكَ وَبَناتِكَ وَنِساءِ المُؤمِنينَ يُدنينَ عَلَيهِنَّ مِن جَلٰبيبِهِنَّ ذٰلِكَ أَدنىٰ أَن يُعرَفنَ فَلا يُؤذَينَ وَكانَ اللَّهُ غَفورًا رَحيمًا (آيت : 59) |
تُنهنجي ٻاين ۽ ڄاين کي، چَئو نَبِي نيڪ نواب!پڻ مُؤمِنن جي مَهيليِين، ته نَائنِ، مَٿن نِقاب، سوَلو اِي سُڃاڻجن، سَتيون بَرصواب، پوءِ اُهي نه وڃن اِيذائـِيون، حِيلي، ساڻ حِجاب، ۽ هادِي هَرڪِنهن باب، مَرهِيندڙ ۽ مِهر ڀريو. |
لَئِن لَم يَنتَهِ المُنٰفِقونَ وَالَّذينَ فى قُلوبِهِم مَرَضٌ وَالمُرجِفونَ فِى المَدينَةِ لَنُغرِيَنَّكَ بِهِم ثُمَّ لا يُجاوِرونَكَ فيها إِلّا قَليلًا (آيت : 60) |
جي بَس نه ڪَئـِي ٻِچاپڙن، پڻ مَرض جَن جي مَن، ۽ مَدِيني مُنور۾، ڪوڙيون وِجھندڙ ڪَن، قَرارو ڪنداسون توکي، مُرسل ! مَٿي تَن، توسان، نَه ٿوري وقت ري، پَريَمِ! پاڙوڪَن، |
مَلعونينَ أَينَما ثُقِفوا أُخِذوا وَقُتِّلوا تَقتيلًا (آيت : 61) |
ڏُتڙيل ڏُور ڏيهَن ۾، جِنهين لوءِ لَڀن، ته ڀيري هَڻبنِ ڀَن ۽ مارِيا وِيندا مُورهين. |
سُنَّةَ اللَّهِ فِى الَّذينَ خَلَوا مِن قَبلُ وَلَن تَجِدَ لِسُنَّةِ اللَّهِ تَبديلًا (آيت : 62) |
آهي اَلله پاڪ جِي، سُنت اِئَ صَحِي، گھڻن مَنجھ گُذرِي، جي وِيا ڪالھ وَهِي، ۽ سَگھندِين نه لاھ لَهِي، عادت مَنجھ اَلله جي. |
يَسـَٔلُكَ النّاسُ عَنِ السّاعَةِ قُل إِنَّما عِلمُها عِندَ اللَّهِ وَما يُدريكَ لَعَلَّ السّاعَةَ تَكونُ قَريبًا (آيت : 63) |
ڪڏهن ڏينهن قيام جو؟، توکان پُڇن پَچار، چئو، آهي عِلم اُن جو، صاحِب وَٽ، سَتار، توکي ڏِيندو ڪير وَرِي، صَحِي سماچار؟ ۽ ويجِھي آهي وار، رَک اِهوئـِي آسرو. |
إِنَّ اللَّهَ لَعَنَ الكٰفِرينَ وَأَعَدَّ لَهُم سَعيرًا (آيت : 64) |
قادِر تَڙيو ڪافِرين، پڻ اُنهن لئي جوڙئين آڳ، |
خٰلِدينَ فيها أَبَدًا لا يَجِدونَ وَلِيًّا وَلا نَصيرًا (آيت : 65) |
مَنجھسِ مُدامِي ماڳ،۽ لَهندا نه واهِي، واهُرو. |
يَومَ تُقَلَّبُ وُجوهُهُم فِى النّارِ يَقولونَ يٰلَيتَنا أَطَعنَا اللَّهَ وَأَطَعنَا الرَّسولا۠ (آيت : 66) |
جنهن ڏِينهن مُنهن اُنهن جا، اُونڌا ڪبا مَنجھ آڳ، مَڃيون هاربَّ ۽ رسول کي، چَوندا ڇَڏي چاڳ، |
وَقالوا رَبَّنا إِنّا أَطَعنا سادَتَنا وَكُبَراءَنا فَأَضَلّونَا السَّبيلا۠ (آيت : 67) |
چي سانيَمِ! سردارن ۽ وڏن کي وو، وو! ڏِنِي سون واڳ، پوءِ ڪَنان مارڳ ماڳ، تَن مُنجھايا سون مُورهين. |
رَبَّنا ءاتِهِم ضِعفَينِ مِنَ العَذابِ وَالعَنهُم لَعنًا كَبيرًا (آيت : 68) |
سانيَمِ! ساڙوتن کي، ٻِيڻو ڏي ٻِيهار، ۽ دائـِم مَٿنِ ڌِڪار، والِي وِجھ وَڏاندرِي. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا لا تَكونوا كَالَّذينَ ءاذَوا موسىٰ فَبَرَّأَهُ اللَّهُ مِمّا قالوا وَكانَ عِندَ اللَّهِ وَجيهًا (آيت : 69) |
اى آندو جَن اِيمان! سي اُن جھڙا نه ٿيو اَصل ئـِي، جن ري گناھ رَنجائيو، مُوسٰى مِهربان، پوءِ صاحِب تِنهن کي، صاف ڪيو، عيبن کان عيان، ۽ صاحب وٽ سُبحان، آهي اَڻهيارِين سُهڻو. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنُوا اتَّقُوا اللَّهَ وَقولوا قَولًا سَديدًا (آيت : 70) |
اي جَن مڃيو!، مالِڪ جو رکو خوف خيال، ۽ چئو چَڱِي ڳالھ جو، چوڻ چڱِئَ چال، |
يُصلِح لَكُم أَعمٰلَكُم وَيَغفِر لَكُم ذُنوبَكُم وَمَن يُطِعِ اللَّهَ وَرَسولَهُ فَقَد فازَ فَوزًا عَظيمًا (آيت : 71) |
چوڻ چڱِئَ چال، ته سُڌاري سَچو ڌَڻي، اَوهان جا اَعمال، ۽ آن کي بوڇ اوهان جا، مَرهي مِهرنال، ۽ رَبَّ ۽ سَندسِ رَسُول جِي، جيڪو مُڃيندو ڳالھ، سو پَهتو نيڪ نِهال، وَڏِي سوڀ، سَڀاڳه کي. |
إِنّا عَرَضنَا الأَمانَةَ عَلَى السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَالجِبالِ فَأَبَينَ أَن يَحمِلنَها وَأَشفَقنَ مِنها وَحَمَلَهَا الإِنسٰنُ إِنَّهُ كانَ ظَلومًا جَهولًا (آيت : 72) |
اَمانت اُڀن کي، آڇِيسون عيان، ۽ زمين ۽ جبلن کي، جي جا ڏامَنجھ جھان، پوءِ اُٺائڻ کان اُن جي، ڪيائون ناھِ نِڌان، ۽ ڌَريا تِنهن کان ڏِيل ۾، ۽ اُٺايسِ اِنسان، ظالم مَنجھ زمان، آهي نِسورو نادان سو. |
لِيُعَذِّبَ اللَّهُ المُنٰفِقينَ وَالمُنٰفِقٰتِ وَالمُشرِكينَ وَالمُشرِكٰتِ وَيَتوبَ اللَّهُ عَلَى المُؤمِنينَ وَالمُؤمِنٰتِ وَكانَ اللَّهُ غَفورًا رَحيمًا (آيت : 73) |
تان کوٽن ۽ کوٽين کي، سزا ڏي سُبحان، پڻ مُشرڪن ۽ مُشرڪاڻين جي ڏِين ٻِينَ تي ڏان، ۽ مُؤمن مُؤمنياڻين کي، مَرهي مِهربان، ۽ بارِي بي گمان، آهي مَرهِيندڙ ۽ مِهرڀَريو. |