يٰأَيُّهَا النَّبِىُّ اتَّقِ اللَّهَ وَلا تُطِعِ الكٰفِرينَ وَالمُنٰفِقينَ إِنَّ اللَّهَ كانَ عَليمًا حَكيمًا (آيت : 1) |
اي نبي! الله کان ڊڄ ۽ ڪافرن ۽ منافقن جي تابعداري نه ڪر. بيشڪ الله ڄاڻندڙ حڪمت وارو آهي. |
وَاتَّبِع ما يوحىٰ إِلَيكَ مِن رَبِّكَ إِنَّ اللَّهَ كانَ بِما تَعمَلونَ خَبيرًا (آيت : 2) |
۽ تابعداري ڪر ان جي جيڪو توڏي تنهنجي پالڻهار طرفان وحي ڪيو وڃي ٿو. بيشڪ الله خبروار آهي جيڪي اوهان عمل ڪيو ٿا. |
وَتَوَكَّل عَلَى اللَّهِ وَكَفىٰ بِاللَّهِ وَكيلًا (آيت : 3) |
۽ الله تي ڀروسو رک. ۽الله ئي ڪارساز ڪافي آهي. |
ما جَعَلَ اللَّهُ لِرَجُلٍ مِن قَلبَينِ فى جَوفِهِ وَما جَعَلَ أَزوٰجَكُمُ الّٰـٔى تُظٰهِرونَ مِنهُنَّ أُمَّهٰتِكُم وَما جَعَلَ أَدعِياءَكُم أَبناءَكُم ذٰلِكُم قَولُكُم بِأَفوٰهِكُم وَاللَّهُ يَقولُ الحَقَّ وَهُوَ يَهدِى السَّبيلَ (آيت : 4) |
الله ڪنهن به ماڻهو جي اندر ۾ ٻه دليون نه رکيون آهن، ۽ ان توهان جي زالن کي جن کي توهان ظِهار ڪندي ماءُ چئو ٿا توهان جون مائرون نه بنايو آهي. ۽ نه توهان جي پُٽيلن (يعني وات سان سڏيل پُٽن) کي توهان جو (حقيقي) پُٽ بنايو آهي. اهي سڀ توهان جي واتن جون ڳالهيون آهن. ۽ الله حق ڳالهه چوي ٿو ۽ اُهو (سڌي) رستي جي هدايت ڪري ٿو. |
ادعوهُم لِءابائِهِم هُوَ أَقسَطُ عِندَ اللَّهِ فَإِن لَم تَعلَموا ءاباءَهُم فَإِخوٰنُكُم فِى الدّينِ وَمَوٰليكُم وَلَيسَ عَلَيكُم جُناحٌ فيما أَخطَأتُم بِهِ وَلٰكِن ما تَعَمَّدَت قُلوبُكُم وَكانَ اللَّهُ غَفورًا رَحيمًا (آيت : 5) |
انهن (پُٽيلن)کي سندن پيئرن جا پُٽ ڪري سڏيو اها الله وٽ وڌيڪ انصاف واري ڳالهه آهي، پوءِ اگر اوهان کي معلوم نه هجي ته انهن جا پيئر ڪير آهن ته پوءِ دين ۾ اوهان جا ڀائر آهن ۽ اوهان جا دوست آهن. ۽ ان ۾ اوهان تي ڪو گناهه ناهي جا ڳالهه اوهان غلطي سان چئي ۽ پر (ان ڳالهه ۾ گناهه آهي) جنهن جو ارادو اوهان جي دلين ڪيو. ۽ الله بخشڻهار ٻاجهارو آهي. |
النَّبِىُّ أَولىٰ بِالمُؤمِنينَ مِن أَنفُسِهِم وَأَزوٰجُهُ أُمَّهٰتُهُم وَأُولُوا الأَرحامِ بَعضُهُم أَولىٰ بِبَعضٍ فى كِتٰبِ اللَّهِ مِنَ المُؤمِنينَ وَالمُهٰجِرينَ إِلّا أَن تَفعَلوا إِلىٰ أَولِيائِكُم مَعروفًا كانَ ذٰلِكَ فِى الكِتٰبِ مَسطورًا (آيت : 6) |
نبي (ﷺ )ايمان وارن تي سندن جانين کان به وڌيڪ حق رکڻ وارو آهي ۽ سندس گهرواريون مؤمنن جون مائرون آهن. ۽ رت جا رشتيدار (پاڻ ۾) هڪ ٻئي کي الله جي ڪتاب ۾ (ٻين) ايمان وارن ۽ مهاجرن کان وڌيڪ ويجها (۽ وڌيڪ حق رکڻ وارا)آهن، سواءِ هن جي جو توهان پنهنجي دوستن سان ڪا نيڪي ڪيو. اهو حڪم ڪتاب ۾ لکيل آهي. |
وَإِذ أَخَذنا مِنَ النَّبِيّۦنَ ميثٰقَهُم وَمِنكَ وَمِن نوحٍ وَإِبرٰهيمَ وَموسىٰ وَعيسَى ابنِ مَريَمَ وَأَخَذنا مِنهُم ميثٰقًا غَليظًا (آيت : 7) |
۽ (ياد ڪر) نبين جي ان انجام ۽ اقرار کي جيڪو اسان انهن کان ورتو ۽ (خاص) تو کان ورتو ۽ نوح ۽ ابراهيم ۽ موسى ۽ مريم جي پُٽ عيسى کان ورتو ۽ اسان انهن کان پڪو انجام ورتو. |
لِيَسـَٔلَ الصّٰدِقينَ عَن صِدقِهِم وَأَعَدَّ لِلكٰفِرينَ عَذابًا أَليمًا (آيت : 8) |
هن لاءِ ته (الله) سچن کان سندن سچ جي باري ۾ پڇي، ۽ ان ڪافرن لاءِ دردناڪ عذاب تيار ڪري رکيو آهي. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنُوا اذكُروا نِعمَةَ اللَّهِ عَلَيكُم إِذ جاءَتكُم جُنودٌ فَأَرسَلنا عَلَيهِم ريحًا وَجُنودًا لَم تَرَوها وَكانَ اللَّهُ بِما تَعمَلونَ بَصيرًا (آيت : 9) |
اي ايمان وارؤ! پاڻ تي الله جو اهو احسان ياد ڪيو جڏهن توهان تي (ڪافرن جا) لشڪر چڙهائي ڪري آيا، پوءِ اسان انهن تي هوا موڪلي ۽ اهڙا لشڪر (موڪليا) جن کي توهان نه پئي ڏٺو. ۽ الله ڏسندڙ آهي جيڪي توهان ڪم ڪيو ٿا. |
إِذ جاءوكُم مِن فَوقِكُم وَمِن أَسفَلَ مِنكُم وَإِذ زاغَتِ الأَبصٰرُ وَبَلَغَتِ القُلوبُ الحَناجِرَ وَتَظُنّونَ بِاللَّهِ الظُّنونا۠ (آيت : 10) |
جنهن مهل اُهي (ڪافر) توهان تي مٿان کان ۽ توهان جي هيٺان کان توهان تي چڙهائي ڪري آيا ۽ جڏهن اکيون ڦِري ويون ۽ دليون نڙگهٽن کي اچي پهتيون ۽ توهان الله جي باري ۾ طرح طرح جا گمان پئي ڪيا. |
هُنالِكَ ابتُلِىَ المُؤمِنونَ وَزُلزِلوا زِلزالًا شَديدًا (آيت : 11) |
اتي ايمان وارن کي آزمايو ويو ۽ انهن کي نهايت سختي سان جھنجھوڙيو ويو. |
وَإِذ يَقولُ المُنٰفِقونَ وَالَّذينَ فى قُلوبِهِم مَرَضٌ ما وَعَدَنَا اللَّهُ وَرَسولُهُ إِلّا غُرورًا (آيت : 12) |
۽ ان وقت منافقَ ۽ جن جي دلين ۾ بيماري آهي چوڻ لڳا ته: ”اسان سان الله ان جي رسول (ﷺ) رڳو دوکي جو (فتح جو) وعدو ڪيو هيو“. |
وَإِذ قالَت طائِفَةٌ مِنهُم يٰأَهلَ يَثرِبَ لا مُقامَ لَكُم فَارجِعوا وَيَستَـٔذِنُ فَريقٌ مِنهُمُ النَّبِىَّ يَقولونَ إِنَّ بُيوتَنا عَورَةٌ وَما هِىَ بِعَورَةٍ إِن يُريدونَ إِلّا فِرارًا (آيت : 13) |
۽ ان وقت انهن مان هڪ ٽولي چيو ته : ”اي مديني وارؤ هتي توهان جي پير کُپــَـــڻَ جي جاءِ ناهي، سو واپس (گهرن ڏانهن) موٽي وڃو“، ۽ انهن مان هڪ ٽولي نبي (ڪريم ﷺ) کان موڪل گهرندي چيو پئي ته: ”اسان جا گهر غير محفوظ آهن“.. حالانڪه اُهي کليل (غير محفوظ) نه هئا.. انهن (ان بهاني سان) صرف ڀڄڻ پئي چاهيو. |
وَلَو دُخِلَت عَلَيهِم مِن أَقطارِها ثُمَّ سُئِلُوا الفِتنَةَ لَءاتَوها وَما تَلَبَّثوا بِها إِلّا يَسيرًا (آيت : 14) |
۽ جيڪڏهن انهن تي مديني جي چؤ طرف کان فوجون داخل ڪيون وڃن ها پوءِ کين خانه جنگي ڪرڻ جو چيو وڃي ها ته اها ضرور ڪن ها ۽ ان ۾ دير نه ڪن ها مگر ٿورڙي. |
وَلَقَد كانوا عٰهَدُوا اللَّهَ مِن قَبلُ لا يُوَلّونَ الأَدبٰرَ وَكانَ عَهدُ اللَّهِ مَسـٔولًا (آيت : 15) |
۽ بيشڪ انهن هن کان اڳ الله سان انجام ڪيو هيو ته پٺي ورائي نه ڀڄندا. ۽ الله سان ڪيل انجام جي پڇا ٿيندي. |
قُل لَن يَنفَعَكُمُ الفِرارُ إِن فَرَرتُم مِنَ المَوتِ أَوِ القَتلِ وَإِذًا لا تُمَتَّعونَ إِلّا قَليلًا (آيت : 16) |
چؤ توهان کي ڀڄڻ ڪو فائدو ڪونه ڏيندو، جيڪڏهن توهان موت يا قتل کان (ڊڄندي) ڀڳا ته توهان کي ٿوري مدت کان سواءِ فائدو نه ڏنو ويندو. |
قُل مَن ذَا الَّذى يَعصِمُكُم مِنَ اللَّهِ إِن أَرادَ بِكُم سوءًا أَو أَرادَ بِكُم رَحمَةً وَلا يَجِدونَ لَهُم مِن دونِ اللَّهِ وَلِيًّا وَلا نَصيرًا (آيت : 17) |
چؤ ڪير آهي؟ جيڪو توهان کي الله کان بچائيندو اگر اُهو اوهان کي تڪليف ڏيڻ چاهي يا توهان سان ٻاجهه ڪرڻ چاهي. ۽ اُهي پنهنجي لاءِ الله جي مقابلي ۾ نه ڪو ڪارساز لهندا ۽ نه مددگار. |
قَد يَعلَمُ اللَّهُ المُعَوِّقينَ مِنكُم وَالقائِلينَ لِإِخوٰنِهِم هَلُمَّ إِلَينا وَلا يَأتونَ البَأسَ إِلّا قَليلًا (آيت : 18) |
بيشڪ الله اوهان مان (جهاد کان) جهليندڙن کي ڄاڻي ٿو ۽ (انهن کي به) جيڪي پنهنجي ڀائرن کي هيئن چوڻ وارا آهن ته: ”اسان ڏانهن اچو“، ۽ اُهي جنگ ۾ نه ٿا اچن مگر تمام گهٽ. |
أَشِحَّةً عَلَيكُم فَإِذا جاءَ الخَوفُ رَأَيتَهُم يَنظُرونَ إِلَيكَ تَدورُ أَعيُنُهُم كَالَّذى يُغشىٰ عَلَيهِ مِنَ المَوتِ فَإِذا ذَهَبَ الخَوفُ سَلَقوكُم بِأَلسِنَةٍ حِدادٍ أَشِحَّةً عَلَى الخَيرِ أُولٰئِكَ لَم يُؤمِنوا فَأَحبَطَ اللَّهُ أَعمٰلَهُم وَكانَ ذٰلِكَ عَلَى اللَّهِ يَسيرًا (آيت : 19) |
توهان جي مدد ۾ (سخت) بخيل آهن پوءِ جڏهن خوف (جي حالت) اچي وڃي ته تون انهن کي ڏسندين ته تنهنجي طرف ائين نظر ڪن ٿا جو سندن اکيون ڦري رهيون آهن جيئن ڪنهن تي موت جي غشي ڇانيل هجي. پوءِ جڏهن خوف لهي وڃي ٿو ته توهان کي تيز زبانن سان طعنا ڏين ٿا مالِ غنيمت جي لالچ ۾. اُهي ماڻهو آهن جن ايمان نه آندو آهي پوءِ الله انهن جا عمل چٽ ڪري ڇڏيا. ۽ اهو الله تي آسان آهي. |
يَحسَبونَ الأَحزابَ لَم يَذهَبوا وَإِن يَأتِ الأَحزابُ يَوَدّوا لَو أَنَّهُم بادونَ فِى الأَعرابِ يَسـَٔلونَ عَن أَنبائِكُم وَلَو كانوا فيكُم ما قٰتَلوا إِلّا قَليلًا (آيت : 20) |
اُهي گمان ڪن ٿا ته (حمله آور) لشڪر اڃا واپس نه ويا آهن، ۽ جيڪڏهن اُهي لشڪر (وري حمله آور ٿي) اچن ته اهي خواهش ڪندا ته هائو جي اُهي شهر کان ٻاهر صحرا نشين هجن ها (۽ پري ويهي) اوهان جون خبرون پڇندا رهن ها. ۽ جيڪڏهن اُهي توهان ۾ رهن ها تڏهن به نه لڙن ها مگر ٿورا. |
لَقَد كانَ لَكُم فى رَسولِ اللَّهِ أُسوَةٌ حَسَنَةٌ لِمَن كانَ يَرجُوا اللَّهَ وَاليَومَ الءاخِرَ وَذَكَرَ اللَّهَ كَثيرًا (آيت : 21) |
بيشڪ اوهان لاءِ الله جي رسول (جي ذات) ۾ بهترين نمونهءِ عمل آهي (هر) ان ماڻهو لاءِ جو الله (سان ملڻ) جي ۽ آخرت واري ڏينهن جي اميد رکي ٿو ۽ الله جو ذڪر گهڻو ڪري ٿو. |
وَلَمّا رَءَا المُؤمِنونَ الأَحزابَ قالوا هٰذا ما وَعَدَنَا اللَّهُ وَرَسولُهُ وَصَدَقَ اللَّهُ وَرَسولُهُ وَما زادَهُم إِلّا إيمٰنًا وَتَسليمًا (آيت : 22) |
۽ جڏهن ايمان وارن (حمله آور) لشڪر ڏٺا تڏهن چيائون: ”هي آهن جنهن جو الله ۽ ان جي رسول اسان سان وعدو ڪيو هيو، ۽ الله ۽ ان جي رسول سچ فرمايو.“ ۽ ان (ڳالهه) سان انهن جي ايمان ۽ فرمانبرداري ۾ واڌارو ئي ٿيو. |
مِنَ المُؤمِنينَ رِجالٌ صَدَقوا ما عٰهَدُوا اللَّهَ عَلَيهِ فَمِنهُم مَن قَضىٰ نَحبَهُ وَمِنهُم مَن يَنتَظِرُ وَما بَدَّلوا تَبديلًا (آيت : 23) |
ايمان وارن مان ڪي اهڙا مرد آهن جن اها ڳالهه سچي ڪري ڏيکاري جنهن تي انهن الله سان معاهدو ڪيو هيو، پوءِ انهن مان ڪو (شهادت ماڻي) پنهنجو ذمو پورو ڪري ويو ۽ انهن مان ڪو (پنهنجي واري جو) انتظار ڪري رهيو آهي، ۽ پر انهن (پنهنجي رويي ۾) ڪا تبديلي ڪا نه ڪئي. |
لِيَجزِىَ اللَّهُ الصّٰدِقينَ بِصِدقِهِم وَيُعَذِّبَ المُنٰفِقينَ إِن شاءَ أَو يَتوبَ عَلَيهِم إِنَّ اللَّهَ كانَ غَفورًا رَحيمًا (آيت : 24) |
(اهو سڀ) هن لاءِ (ٿيو ته) الله سچن کي سندن سچ جو بدلو ڏئي، ۽ منافقن کي چاهي ته عذاب ڏئي يا انهن جي توبه قبول ڪري. بيشڪ الله بخشڻهار ٻاجهارو آهي. |
وَرَدَّ اللَّهُ الَّذينَ كَفَروا بِغَيظِهِم لَم يَنالوا خَيرًا وَكَفَى اللَّهُ المُؤمِنينَ القِتالَ وَكانَ اللَّهُ قَوِيًّا عَزيزًا (آيت : 25) |
۽ الله ڪافرن کي سندن ڪاوڙ سميت (مديني کان) واپس موٽايو اُهي ڪو فائدو حاصل ڪري نه سگهيا. ۽ ايمان وارن جي طرفان الله ئي لڙڻ لاءِ ڪافي ٿي ويو. ۽ الله طاقتور غالب آهي. |
وَأَنزَلَ الَّذينَ ظٰهَروهُم مِن أَهلِ الكِتٰبِ مِن صَياصيهِم وَقَذَفَ فى قُلوبِهِمُ الرُّعبَ فَريقًا تَقتُلونَ وَتَأسِرونَ فَريقًا (آيت : 26) |
۽ ڪتاب وارن مان جن انهن (ڪافرن) جي مدد ڪئي الله تن کي سندن قلعن مان لاهي آندو. ۽ انهن جي دلين ۾ اهڙي هيبت وڌائين (جو انهن مان) هڪ جماعت کي اڄ اوهان قتل ڪري رهيا آهيو ۽ ٻي جماعت کي اوهان (جنگي) قيدي بنائي رهيا آهيو. |
وَأَورَثَكُم أَرضَهُم وَدِيٰرَهُم وَأَموٰلَهُم وَأَرضًا لَم تَطَـٔوها وَكانَ اللَّهُ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرًا (آيت : 27) |
۽ توهان کي سندن زمين ۽ سندن گهرن ۽ سندن مالن جو وارث بنايائين ۽ اهڙو علائقو اوهان کي ڏنائين جنهن تي اوهان اڃا چڙهائي به ڪا نه ڪئي هئي. ۽ الله هر شيءِ تي قدرت رکندڙ آهي. |
يٰأَيُّهَا النَّبِىُّ قُل لِأَزوٰجِكَ إِن كُنتُنَّ تُرِدنَ الحَيوٰةَ الدُّنيا وَزينَتَها فَتَعالَينَ أُمَتِّعكُنَّ وَأُسَرِّحكُنَّ سَراحًا جَميلًا (آيت : 28) |
اي نبي! تون پنهنجي گھر واريُن کي چؤ ته: ”جيڪڏهن اوهان دنيا جي حياتي ۽ ان جو سينگار گهرو ٿيون ته اچو ته اوهان کي مال متاع ڏيان ۽ اوهان کي حُسنِ سلوڪ سان ڇڏي ڏيان. |
وَإِن كُنتُنَّ تُرِدنَ اللَّهَ وَرَسولَهُ وَالدّارَ الءاخِرَةَ فَإِنَّ اللَّهَ أَعَدَّ لِلمُحسِنٰتِ مِنكُنَّ أَجرًا عَظيمًا (آيت : 29) |
۽ جيڪڏهن اوهان الله ۽ ان جي رسول ۽ آخرت واري گهر کي چاهيو ٿيون ته پوءِ الله توهان مان نيڪي ڪرڻ واريُن لاءِ زبردست اجر تيار ڪري رکيو آهي“. |
يٰنِساءَ النَّبِىِّ مَن يَأتِ مِنكُنَّ بِفٰحِشَةٍ مُبَيِّنَةٍ يُضٰعَف لَهَا العَذابُ ضِعفَينِ وَكانَ ذٰلِكَ عَلَى اللَّهِ يَسيرًا (آيت : 30) |
اي نبي جون گهرواريون! اوهان مان ڪنهن کُليل بيهودگي ڪئي ته ان کي ٻيڻو عذاب ڏنو ويندو. ۽ اهو ڪم الله تي آسان آهي. |
وَمَن يَقنُت مِنكُنَّ لِلَّهِ وَرَسولِهِ وَتَعمَل صٰلِحًا نُؤتِها أَجرَها مَرَّتَينِ وَأَعتَدنا لَها رِزقًا كَريمًا (آيت : 31) |
۽ اوهان مان جيڪا الله ۽ سندس رسول جي فرمانبرداري ڪندي ۽ چڱا ڪم ڪندي ته اسان ان کي سندس اجر ٻيڻو ڏينداسين ۽ اسان ان جي لاءِ عزت واري روزي تيار ڪري رکي آهي. |
يٰنِساءَ النَّبِىِّ لَستُنَّ كَأَحَدٍ مِنَ النِّساءِ إِنِ اتَّقَيتُنَّ فَلا تَخضَعنَ بِالقَولِ فَيَطمَعَ الَّذى فى قَلبِهِ مَرَضٌ وَقُلنَ قَولًا مَعروفًا (آيت : 32) |
اي نبي جون گهرواريون! اوهان عورتن مان ڪنهن به هڪ (عام عورت) جي مثل نه آهيو جيڪڏهن اوهان پرهيزگار رهڻ چاهيو ٿيون ته پوءِ (مردن سان بوقتِ ضرورت) ڳالهائڻ ۾ نرم لهجو اختيار نه ڪيو متان دل جي خرابي ۾ مبتلا ڪو ماڻهو لالچ ۾ نه پئجي وڃي ۽ صاف ۽ سڌي ڳالهه چئو. |
وَقَرنَ فى بُيوتِكُنَّ وَلا تَبَرَّجنَ تَبَرُّجَ الجٰهِلِيَّةِ الأولىٰ وَأَقِمنَ الصَّلوٰةَ وَءاتينَ الزَّكوٰةَ وَأَطِعنَ اللَّهَ وَرَسولَهُ إِنَّما يُريدُ اللَّهُ لِيُذهِبَ عَنكُمُ الرِّجسَ أَهلَ البَيتِ وَيُطَهِّرَكُم تَطهيرًا (آيت : 33) |
۽ پنهنجي گهرن ۾ قرار سان رهو ۽ پراڻي جاهليت وانگر زيب زينت ظاهر نه ڪيو ۽ نماز قائم رکو ۽ زڪواة ڏيو ۽ الله ۽ ان جي رسول جي فرمانبرداري ڪيو. الله ته اهو ئي چاهي ٿو ته اي (رسول ﷺ جا) گهروارؤ! اوهان کان هر ناپاڪائي کي پري رکي ۽ اوهان کي چڱي طرح پاڪ صاف ڪري ڇڏي. |
وَاذكُرنَ ما يُتلىٰ فى بُيوتِكُنَّ مِن ءايٰتِ اللَّهِ وَالحِكمَةِ إِنَّ اللَّهَ كانَ لَطيفًا خَبيرًا (آيت : 34) |
۽ ياد رکو جيڪي اوهان جي گهرن ۾ الله جي آيتن ۽ حڪمت مان پڙهيو وڃي ٿو. بيشڪ الله باريڪ بين خبروار آهي. |
إِنَّ المُسلِمينَ وَالمُسلِمٰتِ وَالمُؤمِنينَ وَالمُؤمِنٰتِ وَالقٰنِتينَ وَالقٰنِتٰتِ وَالصّٰدِقينَ وَالصّٰدِقٰتِ وَالصّٰبِرينَ وَالصّٰبِرٰتِ وَالخٰشِعينَ وَالخٰشِعٰتِ وَالمُتَصَدِّقينَ وَالمُتَصَدِّقٰتِ وَالصّٰئِمينَ وَالصّٰئِمٰتِ وَالحٰفِظينَ فُروجَهُم وَالحٰفِظٰتِ وَالذّٰكِرينَ اللَّهَ كَثيرًا وَالذّٰكِرٰتِ أَعَدَّ اللَّهُ لَهُم مَغفِرَةً وَأَجرًا عَظيمًا (آيت : 35) |
بيشڪ مسلمان مرد ۽ مسلمان عورتون ۽ مؤمن مرد ۽ مؤمن عورتون ۽ فرمانبردار مرد ۽ فرمانبردار عورتون ۽ سچا مرد ۽ سچيون عورتون ۽ صبر وارا مرد ۽ صبر واريون عورتون ۽ عاجزي ڪندڙ مرد ۽ عاجزي ڪندڙ عورتون ۽ صدقو (خيرات) ڪندڙ مرد ۽ صدقو (خيرات) ڪندڙ عورتون ۽ روزا رکندڙ مرد ۽ روزا رکندڙ عورتون ۽ پنهنجي شرمگاهن جي حفاظت ڪندڙ مرد ۽ حفاظت ڪندڙ عورتون ۽ الله جو گھڻو ذڪر ڪندڙ مرد ۽ ذڪر ڪرڻ واريون عورتون انهن سڀني لاءِ الله بخشش ۽ زبردست اجر تيار ڪيو آهي. |
وَما كانَ لِمُؤمِنٍ وَلا مُؤمِنَةٍ إِذا قَضَى اللَّهُ وَرَسولُهُ أَمرًا أَن يَكونَ لَهُمُ الخِيَرَةُ مِن أَمرِهِم وَمَن يَعصِ اللَّهَ وَرَسولَهُ فَقَد ضَلَّ ضَلٰلًا مُبينًا (آيت : 36) |
۽ ڪنهن به مؤمن مرد ۽ مؤمن عورت کي حق نه ٿو پهچي جو جڏهن الله ۽ ان جو رسول ڪنهن ڪم جو فيصلو (يا حڪم) فرمائن ته انهن کي پنهنجي (ان) ڪم ۾ (ڪرڻ يا نه ڪرڻ جو) ڪو اختيار رهي. ۽ جيڪو ماڻهو الله ۽ ان جي رسول (ﷺ) جي بي فرماني ڪري ٿو سو اُهو بيشڪ پڌري گمراهي ۾ ڀٽڪي ويو. |
وَإِذ تَقولُ لِلَّذى أَنعَمَ اللَّهُ عَلَيهِ وَأَنعَمتَ عَلَيهِ أَمسِك عَلَيكَ زَوجَكَ وَاتَّقِ اللَّهَ وَتُخفى فى نَفسِكَ مَا اللَّهُ مُبديهِ وَتَخشَى النّاسَ وَاللَّهُ أَحَقُّ أَن تَخشىٰهُ فَلَمّا قَضىٰ زَيدٌ مِنها وَطَرًا زَوَّجنٰكَها لِكَى لا يَكونَ عَلَى المُؤمِنينَ حَرَجٌ فى أَزوٰجِ أَدعِيائِهِم إِذا قَضَوا مِنهُنَّ وَطَرًا وَكانَ أَمرُ اللَّهِ مَفعولًا (آيت : 37) |
۽ (اي نبي!ياد ڪر)جڏهن تو ان شخص کي فرمايو جنهن تي الله انعام ڪيو ۽ تو (به) مٿس انعام فرمايو ته : ”تون پنهنجي گھروارِيءَ کي پاڻ وٽ جهل ۽ الله کان ڊڄ“ ۽ تو پنهنجي دل ۾ اُها ڳالهه لِڪائي ٿي جنهن کي الله ظاهر ڪرڻ وارو هيو ۽ تون ماڻهن (جي طعنه زني) کان ڊنين ٿي ۽ الله وڌيڪ حقدار آهي جو ان جو خوف رکين. پوءِ جڏهن زيد ان کي طلاق ڏيڻ جو غرض پورو ڪيو ته اسان ان سان تنهنجو نڪاح ڪيو ته جيئن مؤمنن تي انهن جي پُٽيلَن جي زالن (سان نڪاح) جي باري ۾ ڪو حرج نه رهي جڏهن اُهي (طلاق ڏئي) انهن کان بي غرض ٿي چُڪا هجن. ۽ الله جو حڪم پورو ٿيڻو آهي. |
ما كانَ عَلَى النَّبِىِّ مِن حَرَجٍ فيما فَرَضَ اللَّهُ لَهُ سُنَّةَ اللَّهِ فِى الَّذينَ خَلَوا مِن قَبلُ وَكانَ أَمرُ اللَّهِ قَدَرًا مَقدورًا (آيت : 38) |
نبي تي ان (ڪم ڪرڻ) ۾ ڪو حرج نه آهي جيڪو الله ان جي لاءِ فرض فرمايو آهي. الله جو اُهو دستور انهن ماڻهن ۾ (به جاري رهيو) آهي جيڪي اڳ گذريا. ۽ الله جو حڪم هڪ قطعي طئي ٿيل فيصلو هوندو آهي. |
الَّذينَ يُبَلِّغونَ رِسٰلٰتِ اللَّهِ وَيَخشَونَهُ وَلا يَخشَونَ أَحَدًا إِلَّا اللَّهَ وَكَفىٰ بِاللَّهِ حَسيبًا (آيت : 39) |
جيڪي الله جا پيغام پهچائيندا آهن ۽ ان کان ئي ڊڄندا آهن. ۽ الله کان سواءِ ڪنهن هڪ کان نه ڊڄندا آهن. ۽ حساب وٺڻ لاءِ الله ڪافي آهي. |
ما كانَ مُحَمَّدٌ أَبا أَحَدٍ مِن رِجالِكُم وَلٰكِن رَسولَ اللَّهِ وَخاتَمَ النَّبِيّۦنَ وَكانَ اللَّهُ بِكُلِّ شَيءٍ عَليمًا (آيت : 40) |
(انسانو) محمد (ﷺ) توهان جي مردن مان ڪنهن جو پيءُ نه آهي ۽ پر اُهو الله جو رسول ۽ (سڀ) نبين کان پڇاڙي ۾ اچڻ وارو آهي. ۽ الله هر شيءِ جو علم رکڻ وارو آهي. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنُوا اذكُرُوا اللَّهَ ذِكرًا كَثيرًا (آيت : 41) |
اي ايمان وارؤ! الله کي ياد ڪيو گهڻي کان گهڻي ياد هجي. |
وَسَبِّحوهُ بُكرَةً وَأَصيلًا (آيت : 42) |
۽ صبح ۽ شام سندس پاڪائي بيان ڪيو. |
هُوَ الَّذى يُصَلّى عَلَيكُم وَمَلٰئِكَتُهُ لِيُخرِجَكُم مِنَ الظُّلُمٰتِ إِلَى النّورِ وَكانَ بِالمُؤمِنينَ رَحيمًا (آيت : 43) |
اُهو ئي آهي جيڪو توهان تي رحمت فرمائي ٿو ۽ ان جا ملائڪ به (دعاءِ رحمت ڪن ٿا) هن لاءِ ته توهان کي اونداهين مان روشني ڏانهن ڪڍي. ۽ اُهو ايمان وارن تي وڏي ٻاجهه ڪرڻ وارو آهي. |
تَحِيَّتُهُم يَومَ يَلقَونَهُ سَلٰمٌ وَأَعَدَّ لَهُم أَجرًا كَريمًا (آيت : 44) |
جنهن ڏينهن اُهي (مؤمن) ان (الله) سان ملندا ته انهن جي کيڪار (۽ ڀليڪار) ”سلام“ هوندو ۽ ان سندن واسطي عزت وارو اجر تيار ڪري رکيو آهي. |
يٰأَيُّهَا النَّبِىُّ إِنّا أَرسَلنٰكَ شٰهِدًا وَمُبَشِّرًا وَنَذيرًا (آيت : 45) |
اي نبي بيشڪ اسان تو کي موڪليو آهي شاهدي ڏيندڙ بنائي، ۽ خوشخبري ٻڌائيندڙ ۽ ڊيڄاريندڙ بنائي. |
وَداعِيًا إِلَى اللَّهِ بِإِذنِهِ وَسِراجًا مُنيرًا (آيت : 46) |
۽ الله جي طرف سندس حڪم سان سڏيندڙ ۽ روشني ڦهلائيندڙ سج (بنائي موڪليو آهي). |
وَبَشِّرِ المُؤمِنينَ بِأَنَّ لَهُم مِنَ اللَّهِ فَضلًا كَبيرًا (آيت : 47) |
۽ ايمان واري کي خوشخبري ڏي ته انهن جي لاءِ الله جي طرفان وڏو فضل آهي. |
وَلا تُطِعِ الكٰفِرينَ وَالمُنٰفِقينَ وَدَع أَذىٰهُم وَتَوَكَّل عَلَى اللَّهِ وَكَفىٰ بِاللَّهِ وَكيلًا (آيت : 48) |
۽ ڪافرن ۽ منافقن جو چيو نه مڃ ۽ انهن جي ايذاءَ رساني جي پرواهه نه ڪر ۽ الله تي ڀروسو رک. ۽ الله ئي ڪارساز ڪافي آهي. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا إِذا نَكَحتُمُ المُؤمِنٰتِ ثُمَّ طَلَّقتُموهُنَّ مِن قَبلِ أَن تَمَسّوهُنَّ فَما لَكُم عَلَيهِنَّ مِن عِدَّةٍ تَعتَدّونَها فَمَتِّعوهُنَّ وَسَرِّحوهُنَّ سَراحًا جَميلًا (آيت : 49) |
اي ايمان وارؤ! جڏهن توهان ايمان وارين عورتن سان نڪاح ڪيو پوءِ انهن کي هٿ لائڻ کان اڳ طلاق ڏيو ته توهان جي لاءِ انهن تي ڪا عدت نه آهي جنهن کي توهان ڳڻيو، سو انهن کي ڪجهه مال ڏيو ۽ انهن کي سهڻي سلوڪ سان ڇڏي ڏيو. |
يٰأَيُّهَا النَّبِىُّ إِنّا أَحلَلنا لَكَ أَزوٰجَكَ الّٰتى ءاتَيتَ أُجورَهُنَّ وَما مَلَكَت يَمينُكَ مِمّا أَفاءَ اللَّهُ عَلَيكَ وَبَناتِ عَمِّكَ وَبَناتِ عَمّٰتِكَ وَبَناتِ خالِكَ وَبَناتِ خٰلٰتِكَ الّٰتى هاجَرنَ مَعَكَ وَامرَأَةً مُؤمِنَةً إِن وَهَبَت نَفسَها لِلنَّبِىِّ إِن أَرادَ النَّبِىُّ أَن يَستَنكِحَها خالِصَةً لَكَ مِن دونِ المُؤمِنينَ قَد عَلِمنا ما فَرَضنا عَلَيهِم فى أَزوٰجِهِم وَما مَلَكَت أَيمٰنُهُم لِكَيلا يَكونَ عَلَيكَ حَرَجٌ وَكانَ اللَّهُ غَفورًا رَحيمًا (آيت : 50) |
اي نبي! بيشڪ اسان تنهنجي لاءِ تنهنجون اُهي گهرواريون حلال ڪيون آهن جن کي تو سندن مَهر ڏنا. ۽ تنهنجون ٻانهيون جيڪي الله تو کي غنيمت ۾ ڏنيون ۽ تنهنجي چاچي جون نياڻيون ۽ تنهنجي پڦين جون نياڻيون ۽ تنهنجي مامي جون نياڻيون ۽ تنهنجي ماسين جون نياڻيون جن تو سان گڏ هجرت ڪئي ۽ ڪابه ايمان واري عورت جيڪڏهن اُها پنهنجي جان نبي جي حوالي ڪري ۽ اگر نبي (به) ان سان نڪاح ڪرڻ جو ارادو ڪري (ته اُهي سڀ تو لاءِ حلال آهن) هي (حڪم) صرف تنهنجي لاءِ خاص آهي، (امت جي) مؤمنن لاءِ نه آهي. مسلمانن تي سندن زالن ۽ سندن ٻانهين جي باري ۾ جيڪو اسان (حڪم) مقرر ڪيو آهي سو اسان کي معلوم آهي، هن لاءِ ته تو تي ڪا تنگي نه رهي. ۽ الله بخشڻهار ٻاجهارو آهي. |
تُرجى مَن تَشاءُ مِنهُنَّ وَتُـٔوى إِلَيكَ مَن تَشاءُ وَمَنِ ابتَغَيتَ مِمَّن عَزَلتَ فَلا جُناحَ عَلَيكَ ذٰلِكَ أَدنىٰ أَن تَقَرَّ أَعيُنُهُنَّ وَلا يَحزَنَّ وَيَرضَينَ بِما ءاتَيتَهُنَّ كُلُّهُنَّ وَاللَّهُ يَعلَمُ ما فى قُلوبِكُم وَكانَ اللَّهُ عَليمًا حَليمًا (آيت : 51) |
(اي نبي تو کي اختيار آهي) انهن (گهر وارين) مان جنهن کي چاهين (واري ۾) مؤخر رکين ۽ جنهن کي چاهين پاڻ وٽ (پهريائين) جاءِ ڏين. ۽ جن کان تو (وقتي طرح) ڪناره ڪشي ڪئي هئي تون انهن کي طلب ڪرين ته ان ۾ به تو تي ڪو حرج نه آهي. اُهو ان ڳالهه کي ويجهو آهي جو انهن جون اکيون (تنهنجي درشن سان) ٿڌيون ٿينديون ۽ غمگين نه رهنديون ۽ اُهي سڀ ان تي راضي رهنديون جو ڪجهه تو انهن کي ڏنو آهي. ۽ الله ڄاڻي ٿو جيڪي اوهان جي دلين ۾ آهي. ۽ الله ڄاڻڻ وارو بردبار آهي. |
لا يَحِلُّ لَكَ النِّساءُ مِن بَعدُ وَلا أَن تَبَدَّلَ بِهِنَّ مِن أَزوٰجٍ وَلَو أَعجَبَكَ حُسنُهُنَّ إِلّا ما مَلَكَت يَمينُكَ وَكانَ اللَّهُ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ رَقيبًا (آيت : 52) |
هن کان پوءِ توکي (ٻيون) عورتون حلال نه آهن ۽ نه هي جو (کين ڇڏي) سندن بدلي ٻين زالن سان نڪاح ڪرين جيتوڻيڪ توکي سندن حُسنِ (معاشرت) پسند اچي سواءِ ٻانهين جي (تن ۾ تو کي اختيار آهي). ۽ الله هر شيءِ تي نگران آهي. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا لا تَدخُلوا بُيوتَ النَّبِىِّ إِلّا أَن يُؤذَنَ لَكُم إِلىٰ طَعامٍ غَيرَ نٰظِرينَ إِنىٰهُ وَلٰكِن إِذا دُعيتُم فَادخُلوا فَإِذا طَعِمتُم فَانتَشِروا وَلا مُستَـٔنِسينَ لِحَديثٍ إِنَّ ذٰلِكُم كانَ يُؤذِى النَّبِىَّ فَيَستَحيۦ مِنكُم وَاللَّهُ لا يَستَحيۦ مِنَ الحَقِّ وَإِذا سَأَلتُموهُنَّ مَتٰعًا فَسـَٔلوهُنَّ مِن وَراءِ حِجابٍ ذٰلِكُم أَطهَرُ لِقُلوبِكُم وَقُلوبِهِنَّ وَما كانَ لَكُم أَن تُؤذوا رَسولَ اللَّهِ وَلا أَن تَنكِحوا أَزوٰجَهُ مِن بَعدِهِ أَبَدًا إِنَّ ذٰلِكُم كانَ عِندَ اللَّهِ عَظيمًا (آيت : 53) |
اي ايمان وارؤ! نبيءَ جي گهرن ۾ داخل نه ٿيندا ڪيو سواءِ هن جي جو توهان کي کاڌي کائڻ لاءِ اجازت ڏني وڃي (پوءِ وقت کان اڳ اچي) کاڌي تيار ٿيڻ جو انتظار ڪرڻ وارا نه بنجو پر جنهن وقت توهان کي سڏيو وڃي تنهن وقت اندر وڃو پوءِ جڏهن کائي بس ڪريو ته ٽڙي پکڙي وڃو ۽ ڳالهين ۾ رِيجهي ويهي نه رهو. بيشڪ توهان جو ائين (گهڻي دير ويهي) رهڻ نبيءَ کي تڪليف ڏئي ٿو پوءِ اُهو توهان (کي اٿڻ جو چوڻ) کان حياءُ ڪري ٿو. ۽ الله حق (چوڻ) کان حياءُ نه ٿو ڪري. ۽ جڏهن توهان انهن (ازواج مطهرات) کان ڪو سامان گهرو ته پوءِ انهن کان پردي جي پويان گهرو. اِهو توهان جي دلين جي لاءِ انهن جي دلين لاءِ پاڪيزگي جو سبب آهي. ۽ توهان جي لاءِ (هرگز جائز) ناهي جو توهان رسول الله (ﷺ) کي ايذايو ۽ نه هي (جائز) آهي جو سندس گهر وارين سان سندس بعد ڪڏهن به نڪاح ڪيو. بيشڪ اِهو الله وٽ وڏو (گناهه) آهي. |
إِن تُبدوا شَيـًٔا أَو تُخفوهُ فَإِنَّ اللَّهَ كانَ بِكُلِّ شَيءٍ عَليمًا (آيت : 54) |
جيڪڏهن توهان ڪنهن شيءِ کي ظاهر ڪيو يا ان کي لڪايو ته بيشڪ الله هر شيءِ کي ڄاڻڻ وارو آهي. |
لا جُناحَ عَلَيهِنَّ فى ءابائِهِنَّ وَلا أَبنائِهِنَّ وَلا إِخوٰنِهِنَّ وَلا أَبناءِ إِخوٰنِهِنَّ وَلا أَبناءِ أَخَوٰتِهِنَّ وَلا نِسائِهِنَّ وَلا ما مَلَكَت أَيمٰنُهُنَّ وَاتَّقينَ اللَّهَ إِنَّ اللَّهَ كانَ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ شَهيدًا (آيت : 55) |
انهن تي (پردو نه ڪرڻ ۾) ڪو حرج نه آهي سندن پيئرن کان ۽ نه پنهنجي پُٽن کان ۽ نه پنهنجي ڀائرن کان ۽ نه پنهنجي ڀائٽين کان ۽ نه پنهنجي ڀاڻجن کان ۽ نه پنهنجي (مسلمان) عورتن کان ۽ نه انهن (ٻانهن) کان جن جا سندن هٿ (شرعي طرح) مالڪ ٿيا آهن، ۽ (اي عورتون) الله کان ڊڄنديون رهو. بيشڪ الله هر شيءِ تي نگاهه رکڻ وارو آهي. |
إِنَّ اللَّهَ وَمَلٰئِكَتَهُ يُصَلّونَ عَلَى النَّبِىِّ يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا صَلّوا عَلَيهِ وَسَلِّموا تَسليمًا (آيت : 56) |
بيشڪ الله ۽ ان جا (سڀ) ملائڪ نبيءَ تي درود موڪليندا رهن ٿا. اي ايمان وارؤ! اوهان (به) مٿس درود موڪليو ۽ خوب سلام (عرض) ڪندا ڪيو. |
إِنَّ الَّذينَ يُؤذونَ اللَّهَ وَرَسولَهُ لَعَنَهُمُ اللَّهُ فِى الدُّنيا وَالءاخِرَةِ وَأَعَدَّ لَهُم عَذابًا مُهينًا (آيت : 57) |
بيشڪ جيڪي ماڻهو الله ۽ ان جي رسول کي ايذائن ٿا انهن تي الله دنيا ۽ آخرت ۾ لعنت ڪئي آهي ۽ انهن لاءِ خواريءَ وارو عذاب تيار ڪري رکيو آهي. |
وَالَّذينَ يُؤذونَ المُؤمِنينَ وَالمُؤمِنٰتِ بِغَيرِ مَا اكتَسَبوا فَقَدِ احتَمَلوا بُهتٰنًا وَإِثمًا مُبينًا (آيت : 58) |
۽ جيڪي ماڻهو مؤمن مردن ۽ مؤمن عورتن کي ايذائن ٿا بغير هن جي جو انهن ڪجهه (گناهه) ڪيو هجي ته بيشڪ انهن بهتان ۽ ظاهر گناهه جو بار پاڻ تي کنيو. |
يٰأَيُّهَا النَّبِىُّ قُل لِأَزوٰجِكَ وَبَناتِكَ وَنِساءِ المُؤمِنينَ يُدنينَ عَلَيهِنَّ مِن جَلٰبيبِهِنَّ ذٰلِكَ أَدنىٰ أَن يُعرَفنَ فَلا يُؤذَينَ وَكانَ اللَّهُ غَفورًا رَحيمًا (آيت : 59) |
اي نبي! تون پنهنجي گهر واريُن ۽ پنهنجي نياڻين ۽ ايمان وارن جي زالن کي چؤ ته (ٻاهر نڪرڻ مهل) پنهنجي چادِرِيُن جا پَــلَـــوَ پنهنجي مٿان لڙڪائي ڇڏن. ان سان جلد سُڃاتيون وينديون (ته اُهي حياء دار آهن) پوءِ کين ايذايو نه ويندو. ۽ الله وڏو معاف ڪندڙ ٻاجهارو آهي. |
لَئِن لَم يَنتَهِ المُنٰفِقونَ وَالَّذينَ فى قُلوبِهِم مَرَضٌ وَالمُرجِفونَ فِى المَدينَةِ لَنُغرِيَنَّكَ بِهِم ثُمَّ لا يُجاوِرونَكَ فيها إِلّا قَليلًا (آيت : 60) |
جيڪڏهن منافق ۽ جن جي دلين ۾ (بُغضِ رسول جي) بيماري آهي ۽ مديني ۾ ڪوڙا افواهه پکيڙڻ وارا باز نه آيا. ته اسان تو کي ضرور انهن تي مسلط ڪنداسين پوءِ اُهي ان (شهرِ مدينه) ۾ تنهنجي پاڙي ۾ رهي نه سگهندا مگر ٿورا (ڏينهن) .. |
مَلعونينَ أَينَما ثُقِفوا أُخِذوا وَقُتِّلوا تَقتيلًا (آيت : 61) |
(اهي) لعنت ڪيل .. جتي لڌا وڃن گرفتار ڪيا وڃن ۽ هڪ هڪ ڪري قتل ڪيا وڃن (جيئن ملڪ پُر امن رهي). |
سُنَّةَ اللَّهِ فِى الَّذينَ خَلَوا مِن قَبلُ وَلَن تَجِدَ لِسُنَّةِ اللَّهِ تَبديلًا (آيت : 62) |
اها الله جي سنت آهي جا انهن ماڻهن جي معاملي ۾ پهريائين کان اچي رهي آهي، ۽ تون الله جي دستور ۾ هرگز ڪا تبديلي نه لهندين. |
يَسـَٔلُكَ النّاسُ عَنِ السّاعَةِ قُل إِنَّما عِلمُها عِندَ اللَّهِ وَما يُدريكَ لَعَلَّ السّاعَةَ تَكونُ قَريبًا (آيت : 63) |
ماڻهو تو کان (قيامت جي) گھڙي جي باري ۾ پڇن ٿا. چؤ ته ان جو علم صرف الله وٽ آهي. (اي سائل!) تو کي ڪهڙي خبر ته شايد (قيامت جي) گھڙي ويجهو اچي چُڪي هجي. |
إِنَّ اللَّهَ لَعَنَ الكٰفِرينَ وَأَعَدَّ لَهُم سَعيرًا (آيت : 64) |
بيشڪ الله ڪافرن تي لعنت ڪئي آهي ۽ انهن لاءِ ڀڙڪندڙ باهه تيار ڪري رکي آهي. |
خٰلِدينَ فيها أَبَدًا لا يَجِدونَ وَلِيًّا وَلا نَصيرًا (آيت : 65) |
اُهي ان ۾ هميشه هميشه رهڻ وارا آهن، نه ڪو دوست لهندا ۽ نه ڪو مددگار. |
يَومَ تُقَلَّبُ وُجوهُهُم فِى النّارِ يَقولونَ يٰلَيتَنا أَطَعنَا اللَّهَ وَأَطَعنَا الرَّسولا۠ (آيت : 66) |
جنهن ڏينهن سندن منهن باهه ۾ اونڌا ڪيا ويندا ته چوندا: ”هائو جي اسان الله جي فرمانبرداري ڪيون ها ۽ رسول جي فرمانبرداري ڪيون ها“! |
وَقالوا رَبَّنا إِنّا أَطَعنا سادَتَنا وَكُبَراءَنا فَأَضَلّونَا السَّبيلا۠ (آيت : 67) |
۽ چوندا: ”اي اسان جا مالڪ! بيشڪ اسان پنهنجي سردارن ۽ پنهنجي وڏيرن جي فرمانبرداري ڪئي پوءِ انهن اسان کي (سڌي) واٽ کان گمراهه ڪيو. |
رَبَّنا ءاتِهِم ضِعفَينِ مِنَ العَذابِ وَالعَنهُم لَعنًا كَبيرًا (آيت : 68) |
اي اسان جا پالڻهار! انهن کي ٻيڻو عذاب ڏي ۽ انهن تي تمام وڏي لعنت ڪر“. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا لا تَكونوا كَالَّذينَ ءاذَوا موسىٰ فَبَرَّأَهُ اللَّهُ مِمّا قالوا وَكانَ عِندَ اللَّهِ وَجيهًا (آيت : 69) |
اي ايمان وارؤ! اوهان انهن ماڻهن جهڙا نه ٿيو جن موسى کي ايذايو هيو پوءِ الله ان کي انهن ڳالهين کان بَـــري (يعني آجو) ڪيو جيڪي انهن چيون. ۽ اُهو (موسى) الله وٽ وڏي عزت وارو هيو. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنُوا اتَّقُوا اللَّهَ وَقولوا قَولًا سَديدًا (آيت : 70) |
اي ايمان وارؤ! الله کان ڊڄو ۽ صحيح سڌي ڳالهه چئو. |
يُصلِح لَكُم أَعمٰلَكُم وَيَغفِر لَكُم ذُنوبَكُم وَمَن يُطِعِ اللَّهَ وَرَسولَهُ فَقَد فازَ فَوزًا عَظيمًا (آيت : 71) |
اُهو اوهان لاءِ اوهان جا ڪم سُڌاريندو ۽ اوهان لاءِ اوهان جا گناهه بخشيندو. ۽ جيڪو ماڻهو الله ۽ ان جي رسول جي فرمانبرداري ڪري ٿو ته بيشڪ ان زبردست ڪاميابي حاصل ڪئي. |
إِنّا عَرَضنَا الأَمانَةَ عَلَى السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَالجِبالِ فَأَبَينَ أَن يَحمِلنَها وَأَشفَقنَ مِنها وَحَمَلَهَا الإِنسٰنُ إِنَّهُ كانَ ظَلومًا جَهولًا (آيت : 72) |
بيشڪ اسان امانت کي آسمانن ۽ زمين ۽ جبلن تي پيش ڪيو ته اهي ان (جي بار)کڻڻ لاءِ تيار نه ٿيا ۽ ان کان ڊڄي ويا ۽ ان کي انسان کنيو. بيشڪ اُهو (پنهنجي جان تي) وڏي زيادتي ڪندڙ (انجام کان) بي علم آهي. |
لِيُعَذِّبَ اللَّهُ المُنٰفِقينَ وَالمُنٰفِقٰتِ وَالمُشرِكينَ وَالمُشرِكٰتِ وَيَتوبَ اللَّهُ عَلَى المُؤمِنينَ وَالمُؤمِنٰتِ وَكانَ اللَّهُ غَفورًا رَحيمًا (آيت : 73) |
هن لاءِ ته الله منافق مردن ۽ منافق عورتن ۽ مشرڪ مردن ۽ مشرڪ عورتن کي عذاب ڏئي ۽ الله ايمان وارن مردن ۽ ايمان وارين عورتن جي توبه قبول ڪري. ۽ الله بخشڻهار ٻاجهارو آهي. |