يٰأَيُّهَا النَّبِىُّ اتَّقِ اللَّهَ وَلا تُطِعِ الكٰفِرينَ وَالمُنٰفِقينَ إِنَّ اللَّهَ كانَ عَليمًا حَكيمًا (آيت : 1) |
اي نبي! الله کان ڊڄ ۽ ڪافرن منافقن جو چيو نه مڃ، بيشڪ الله ڄاڻيندڙ ڏاهپ وارو آهي. |
وَاتَّبِع ما يوحىٰ إِلَيكَ مِن رَبِّكَ إِنَّ اللَّهَ كانَ بِما تَعمَلونَ خَبيرًا (آيت : 2) |
۽ تون انهي جي تابعداري ڪر، جيڪو تنهنجي ڌڻيءَ وٽان تو ڏانهن حڪم ڪيل آهي_ بيشڪ الله اوهان جي ڪمن جي خبر رکندڙ آهي. |
وَتَوَكَّل عَلَى اللَّهِ وَكَفىٰ بِاللَّهِ وَكيلًا (آيت : 3) |
۽ الله تي ڀروسو رک، الله ڪارساز آهي. |
ما جَعَلَ اللَّهُ لِرَجُلٍ مِن قَلبَينِ فى جَوفِهِ وَما جَعَلَ أَزوٰجَكُمُ الّٰـٔى تُظٰهِرونَ مِنهُنَّ أُمَّهٰتِكُم وَما جَعَلَ أَدعِياءَكُم أَبناءَكُم ذٰلِكُم قَولُكُم بِأَفوٰهِكُم وَاللَّهُ يَقولُ الحَقَّ وَهُوَ يَهدِى السَّبيلَ (آيت : 4) |
الله ڪنهن به مرد جي اندر ۾ ٻه دليون نه ٺاهيون آهن- نڪي جن زالن کي اوهين مائون سڏيو، تن کي اوهان جون مائون بنايو اٿس- ۽ نڪي اوهان جي پٽيلن کي اوهان جا پٽ بنايائين، اهو اوهان جي وات جو چوڻ آهي- الله سچ چوندو آهي ۽ اهو ئي سڌو رستو ڏيکاريندو آهي. |
ادعوهُم لِءابائِهِم هُوَ أَقسَطُ عِندَ اللَّهِ فَإِن لَم تَعلَموا ءاباءَهُم فَإِخوٰنُكُم فِى الدّينِ وَمَوٰليكُم وَلَيسَ عَلَيكُم جُناحٌ فيما أَخطَأتُم بِهِ وَلٰكِن ما تَعَمَّدَت قُلوبُكُم وَكانَ اللَّهُ غَفورًا رَحيمًا (آيت : 5) |
اوهين هنن کي سندن ئي بابن جا پٽ سڏيو، اهو الله جي نظر ۾ انصاف آهي، پوءِ جي اوهان کي سندن بابن جي خبر نه هجي، ته هو اوهان جا دين جا ڀائر ۽ دوست آهن_ ۽ اوهان تي انهي ۾ گناهه ڪونهي، جيڪا اوهان چوڪ ڪئي_ مگر (گناهه اهو آهي) جو اوهان جي دلين ڄاڻي ٻجهي ڪيو_ ۽ الله بخشيندڙ مهربان آهي. |
النَّبِىُّ أَولىٰ بِالمُؤمِنينَ مِن أَنفُسِهِم وَأَزوٰجُهُ أُمَّهٰتُهُم وَأُولُوا الأَرحامِ بَعضُهُم أَولىٰ بِبَعضٍ فى كِتٰبِ اللَّهِ مِنَ المُؤمِنينَ وَالمُهٰجِرينَ إِلّا أَن تَفعَلوا إِلىٰ أَولِيائِكُم مَعروفًا كانَ ذٰلِكَ فِى الكِتٰبِ مَسطورًا (آيت : 6) |
نبي مؤمنن لاءِ انهن جي پنهنجي پاڻ کان به وڌيڪ حق رکي ٿو، ۽ ان جون بيبيون سندن مائون آهن_ ۽ الله جي ڪتاب ۾ مائٽيءَ وارا هڪ ٻئي جا پاڻ ۾ ٻين مومنن ۽ مهاجرن کان وڌيڪ ويجها آهن_ سواءِ انهي جي، جو پنهنجن دوستن سان احسان ڪريو_ اهو ڪتاب ۾ لکيل آهي. |
وَإِذ أَخَذنا مِنَ النَّبِيّۦنَ ميثٰقَهُم وَمِنكَ وَمِن نوحٍ وَإِبرٰهيمَ وَموسىٰ وَعيسَى ابنِ مَريَمَ وَأَخَذنا مِنهُم ميثٰقًا غَليظًا (آيت : 7) |
۽ جڏهن اسان نبين کان سندن انجام ورتو، ۽ توکان ۽ نوح، ابراهيم، موسيٰ ۽ عيسيٰ پٽ مريم کان به، کانئن پڪو انجام ورتوسون. |
لِيَسـَٔلَ الصّٰدِقينَ عَن صِدقِهِم وَأَعَدَّ لِلكٰفِرينَ عَذابًا أَليمًا (آيت : 8) |
انهيءَ لاءِ ته الله سچن کان سندن سچائي پڇي ۽ ڪافرن لاءِ ڏکوئيندڙ عذاب تيار ڪيو اٿس. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنُوا اذكُروا نِعمَةَ اللَّهِ عَلَيكُم إِذ جاءَتكُم جُنودٌ فَأَرسَلنا عَلَيهِم ريحًا وَجُنودًا لَم تَرَوها وَكانَ اللَّهُ بِما تَعمَلونَ بَصيرًا (آيت : 9) |
اي مؤمنو! پاڻ تي الله جو احسان ياد ڪريو، جڏهن اوهان تي ڪافرن جا لشڪر آيا، پوءِ اسان هنن تي طوفان موڪليو، ۽ اهڙا لشڪر، جن کي اوهان نٿي ڏٺو_ الله اوهان جي ڪمن کي ڏسي ٿو. |
إِذ جاءوكُم مِن فَوقِكُم وَمِن أَسفَلَ مِنكُم وَإِذ زاغَتِ الأَبصٰرُ وَبَلَغَتِ القُلوبُ الحَناجِرَ وَتَظُنّونَ بِاللَّهِ الظُّنونا۠ (آيت : 10) |
جڏهن هو اوهان جي مٿئين پاسي خواهه هيٺئين پاسي کان اوهان وٽ آيا؛ جڏهن اکيون ٿڙڻ لڳيون، دليون وڃي نڙ گهٽن کي پهتيون، ۽ اوهان الله بابت ڪئين گمان ڪيا. |
هُنالِكَ ابتُلِىَ المُؤمِنونَ وَزُلزِلوا زِلزالًا شَديدًا (آيت : 11) |
اتي مومنن کي پرکيو ويو ۽ انهن کي تمام سخت ڌونڌاڙيو ويو. |
وَإِذ يَقولُ المُنٰفِقونَ وَالَّذينَ فى قُلوبِهِم مَرَضٌ ما وَعَدَنَا اللَّهُ وَرَسولُهُ إِلّا غُرورًا (آيت : 12) |
۽ جڏهن منافقن ۽ دل جي بيماريءَ وارن چيو ته ”اسان کي الله ۽ رسول رڳو ٺڳيءَ جو انجام ٿي ڏنو.“ |
وَإِذ قالَت طائِفَةٌ مِنهُم يٰأَهلَ يَثرِبَ لا مُقامَ لَكُم فَارجِعوا وَيَستَـٔذِنُ فَريقٌ مِنهُمُ النَّبِىَّ يَقولونَ إِنَّ بُيوتَنا عَورَةٌ وَما هِىَ بِعَورَةٍ إِن يُريدونَ إِلّا فِرارًا (آيت : 13) |
۽ جڏهن منجهانئن هڪ ٽوليءَ چيو ته ”اي مديني وارؤ! اوهان لاءِ هاڻ بيهڻ جو هنڌ ڪونهي، تنهن ڪري موٽو پوئتي،“ ۽ انهن مان هڪ ٽولي نبيءَ کان اچي موڪل گهري، چي ” اسان جا گهرا اڪيلا آهن“- پر اهي اڪيلا ڪو نه هئا- هنن جو ارادو ڀڄڻ جو ئي هو. |
وَلَو دُخِلَت عَلَيهِم مِن أَقطارِها ثُمَّ سُئِلُوا الفِتنَةَ لَءاتَوها وَما تَلَبَّثوا بِها إِلّا يَسيرًا (آيت : 14) |
جيڪڏهن مٿن گهرن جي آسپاس کان ڪا فوج اچي ڪڙڪي ها، پوءِ کانئن جنگ جي گهر ٿئي ها، ته جيڪر ضرور ان تي اچن ها ۽ ڪا ٿورڙي دير مس ترسن ها. |
وَلَقَد كانوا عٰهَدُوا اللَّهَ مِن قَبلُ لا يُوَلّونَ الأَدبٰرَ وَكانَ عَهدُ اللَّهِ مَسـٔولًا (آيت : 15) |
بيشڪ هنن انهي کان اڳ الله سان انجام ڪيو هو، ته پٺ نه ڦيرائيندا- سو الله جي انجام جو پڇاڻو ضرور ٿيندو. |
قُل لَن يَنفَعَكُمُ الفِرارُ إِن فَرَرتُم مِنَ المَوتِ أَوِ القَتلِ وَإِذًا لا تُمَتَّعونَ إِلّا قَليلًا (آيت : 16) |
چئو ته جيڪڏهن اوهين موت ۽ قتل کان ڀڄندؤ، ته به ڀڄڻ اوهان کي فائدو ته ڪونه ڏيندو، ان وقت ڪو بلڪل ٿورو فائدو ملندؤ. |
قُل مَن ذَا الَّذى يَعصِمُكُم مِنَ اللَّهِ إِن أَرادَ بِكُم سوءًا أَو أَرادَ بِكُم رَحمَةً وَلا يَجِدونَ لَهُم مِن دونِ اللَّهِ وَلِيًّا وَلا نَصيرًا (آيت : 17) |
چئو ته ڀلا ڪير اوهان کي الله کان بچائيندو، جيڪڏهن هو اوهان کي ڪا تڪليف پهچائڻ گهري يا اوهان کي ٻاجهه پهچائڻ گهري؟ هو پاڻ لاءِ الله کان سواءِ نڪو دوست ڏسندا، نڪو مددگار. |
قَد يَعلَمُ اللَّهُ المُعَوِّقينَ مِنكُم وَالقائِلينَ لِإِخوٰنِهِم هَلُمَّ إِلَينا وَلا يَأتونَ البَأسَ إِلّا قَليلًا (آيت : 18) |
بيشڪ الله انهن کي ڄاڻي ٿو، جي اوهان مان (جهادکان) روڪيندڙ آهن ۽ سندن ڀائرن کي چوندڙ آهن ته ”اسان ڏي اچو“ ۽ هو لڙائي تي ته تمام ٿورا ٿا اچن. |
أَشِحَّةً عَلَيكُم فَإِذا جاءَ الخَوفُ رَأَيتَهُم يَنظُرونَ إِلَيكَ تَدورُ أَعيُنُهُم كَالَّذى يُغشىٰ عَلَيهِ مِنَ المَوتِ فَإِذا ذَهَبَ الخَوفُ سَلَقوكُم بِأَلسِنَةٍ حِدادٍ أَشِحَّةً عَلَى الخَيرِ أُولٰئِكَ لَم يُؤمِنوا فَأَحبَطَ اللَّهُ أَعمٰلَهُم وَكانَ ذٰلِكَ عَلَى اللَّهِ يَسيرًا (آيت : 19) |
الٽو اوهان تي اچي لالچ ٿا ڪن، پوءِ جڏهن ڊپ جو وقت ايندو آهي، تڏهن تون کين ڏسندو آهين، ته تو ڏانهن ائين نهاريندا آهن، جو سندن اکيون موت جي بيهوشيءَ ڇانيل شخص وانگر ڦرنديون آهن مگر جڏهن ڊپ لهي ويندو آهي، تڏهن وري فائدي جا لالچي ٿي، اچي اوهان کي تکي زبان سان ايذائيندا آهن_ هنن ايمان نه آندو ان ڪري الله سندن ڪم چٽ ڪيا_ ۽ اهو الله لاءِ سولو آهي. |
يَحسَبونَ الأَحزابَ لَم يَذهَبوا وَإِن يَأتِ الأَحزابُ يَوَدّوا لَو أَنَّهُم بادونَ فِى الأَعرابِ يَسـَٔلونَ عَن أَنبائِكُم وَلَو كانوا فيكُم ما قٰتَلوا إِلّا قَليلًا (آيت : 20) |
ڀائيندا آهن ته اڃا ڪٽڪ ڪونه ويا آهن_ ۽ جيڪڏهن ڪي ڪٽڪ اچن ها، ته هو چاهين ها ته ڏاڍو چڱو، جي پاڻ جهنگن ۾ ويهي خبرون پڇندا رهن ها ۽ جي اوهان ۾ هجن ها، ته جيڪر تمام ٿورڙو وڙهن ها! |
لَقَد كانَ لَكُم فى رَسولِ اللَّهِ أُسوَةٌ حَسَنَةٌ لِمَن كانَ يَرجُوا اللَّهَ وَاليَومَ الءاخِرَ وَذَكَرَ اللَّهَ كَثيرًا (آيت : 21) |
بيشڪ اوهان مان جيڪو الله ۽ قيامت جي ڏينهن جي اميد رکندو هجي ۽ الله کي گهڻو ياد رکندو هجي، اهڙن شخصن لاءِ رسول الله جي طريقي ۾ عمدي پيروي آهي. |
وَلَمّا رَءَا المُؤمِنونَ الأَحزابَ قالوا هٰذا ما وَعَدَنَا اللَّهُ وَرَسولُهُ وَصَدَقَ اللَّهُ وَرَسولُهُ وَما زادَهُم إِلّا إيمٰنًا وَتَسليمًا (آيت : 22) |
جنهن وقت مؤمنن (ڪافرن جي) لشڪرن کي ڏٺو، ته چيائون ”هي اهو آهي، جنهن جو اسان کي الله ۽ رسول وعدو ڏنو هو ۽ الله ۽ سندس رسول سچ چيو“- ۽ انهن جي ڪري هو ايمان ۽ فرمانبرداريءَ ۾ هيڪاري وڌيا. |
مِنَ المُؤمِنينَ رِجالٌ صَدَقوا ما عٰهَدُوا اللَّهَ عَلَيهِ فَمِنهُم مَن قَضىٰ نَحبَهُ وَمِنهُم مَن يَنتَظِرُ وَما بَدَّلوا تَبديلًا (آيت : 23) |
مؤمنن مان ڪن مردن الله سان ڪيل انجام کي سچو ڪيو، پوءِ انهن مان ڪن پنهنجو ذمو پورو ڪيو ۽ انهن مان ڪو انتظار ڪري ٿو_ ۽ هنن پنهنجي قول کي اصل نه مٽايو. |
لِيَجزِىَ اللَّهُ الصّٰدِقينَ بِصِدقِهِم وَيُعَذِّبَ المُنٰفِقينَ إِن شاءَ أَو يَتوبَ عَلَيهِم إِنَّ اللَّهَ كانَ غَفورًا رَحيمًا (آيت : 24) |
(اهو ان ڪري ته) الله سچن کي سندن سچائي سببان بدلو ڏئي- ۽ جيڪڏهن گهري ته منافقن کي عذاب ڪري يا سندن توبهه قبول ڪري- بيشڪ الله بخشيندڙ مهربان آهي- |
وَرَدَّ اللَّهُ الَّذينَ كَفَروا بِغَيظِهِم لَم يَنالوا خَيرًا وَكَفَى اللَّهُ المُؤمِنينَ القِتالَ وَكانَ اللَّهُ قَوِيًّا عَزيزًا (آيت : 25) |
۽ الله ڪافرن کي غصي ڀريل ئي موٽائي ڇڏيو، جو ڪو فائدو هٿ نه آين ۽ الله مؤمنن کان جنگ کي روڪي ڇڏيو، ۽ الله سگهه وارو غالب آهي. |
وَأَنزَلَ الَّذينَ ظٰهَروهُم مِن أَهلِ الكِتٰبِ مِن صَياصيهِم وَقَذَفَ فى قُلوبِهِمُ الرُّعبَ فَريقًا تَقتُلونَ وَتَأسِرونَ فَريقًا (آيت : 26) |
۽ ڪتاب وارن مان جن ڪافرن جي مدد ڪئي هئي؛ انهن کي سندن قلعن مان لاٿو، ۽ سندن دلين ۾ دهشت وڌائين، جو اوهان هڪ ٽوليءَ کي قتل ڪيو ۽ هڪ ٽوليءَ کي قيد ڪيو. |
وَأَورَثَكُم أَرضَهُم وَدِيٰرَهُم وَأَموٰلَهُم وَأَرضًا لَم تَطَـٔوها وَكانَ اللَّهُ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرًا (آيت : 27) |
۽ اوهان کي سندن زمين، جاين، مالن ۽ انهيءَ زمين جو مالڪ بنايو، جنهن تي ڪڏهن اوهان جا پير به نه پيا هئا- ۽ الله سڀ ڪنهن ڳالهه تي وس وارو آهي. |
يٰأَيُّهَا النَّبِىُّ قُل لِأَزوٰجِكَ إِن كُنتُنَّ تُرِدنَ الحَيوٰةَ الدُّنيا وَزينَتَها فَتَعالَينَ أُمَتِّعكُنَّ وَأُسَرِّحكُنَّ سَراحًا جَميلًا (آيت : 28) |
اي نبي! پنهنجي بيبين کي چئو ته ”جيڪڏهن اوهان کي دنيا جي حياتيءَ ۽ ان جي سينگار جي طلب هجي، ته اچو، ته اوهان کي ڪجهه فائدو ڏيئي، چڱيءَ طرح سان ڇڏي ڏيان. |
وَإِن كُنتُنَّ تُرِدنَ اللَّهَ وَرَسولَهُ وَالدّارَ الءاخِرَةَ فَإِنَّ اللَّهَ أَعَدَّ لِلمُحسِنٰتِ مِنكُنَّ أَجرًا عَظيمًا (آيت : 29) |
پر جيڪڏهن اوهين الله ۽ سندس رسول ۽ آخرت جي گهر جون طالب هجو ته بيشڪ الله اوهان مان چڱا ڪم ڪندڙن لاءِ وڏو اجر تيار ڪيو آهي. |
يٰنِساءَ النَّبِىِّ مَن يَأتِ مِنكُنَّ بِفٰحِشَةٍ مُبَيِّنَةٍ يُضٰعَف لَهَا العَذابُ ضِعفَينِ وَكانَ ذٰلِكَ عَلَى اللَّهِ يَسيرًا (آيت : 30) |
اي نبيءَ جون بيبيون! اوهان مان جيڪا به ڪا کُلي بد ڪاري ڪندي، ته ان جي سزا کي وڌائي ٻيڻو ڪبو ۽ اهو الله لاءِ آسان آهي. |
وَمَن يَقنُت مِنكُنَّ لِلَّهِ وَرَسولِهِ وَتَعمَل صٰلِحًا نُؤتِها أَجرَها مَرَّتَينِ وَأَعتَدنا لَها رِزقًا كَريمًا (آيت : 31) |
۽ اوهان مان جيڪا الله ۽ سندن رسول جي تابعداري ڪندي ۽ چڱا ڪم ڪندي، ان کي سندس ثواب به ٻه دفعا ڏينداسون ۽ ان لاءِ عزت وارو رزق تيار ڪنداسون. |
يٰنِساءَ النَّبِىِّ لَستُنَّ كَأَحَدٍ مِنَ النِّساءِ إِنِ اتَّقَيتُنَّ فَلا تَخضَعنَ بِالقَولِ فَيَطمَعَ الَّذى فى قَلبِهِ مَرَضٌ وَقُلنَ قَولًا مَعروفًا (آيت : 32) |
اي نبيءَ جون بيبيون! جيڪڏهن اوهين نيڪ آهيو، ته ڪنهن ٻيءَ عورت جهڙيون نه آهيو_ ان ڪري ڳالهائڻ ۾ اهڙي نرمي نه ڪريو، جو دل جي مرض وارو شخص طمع ڪري، ۽ چڱي ڳالهه ڳالهايو. |
وَقَرنَ فى بُيوتِكُنَّ وَلا تَبَرَّجنَ تَبَرُّجَ الجٰهِلِيَّةِ الأولىٰ وَأَقِمنَ الصَّلوٰةَ وَءاتينَ الزَّكوٰةَ وَأَطِعنَ اللَّهَ وَرَسولَهُ إِنَّما يُريدُ اللَّهُ لِيُذهِبَ عَنكُمُ الرِّجسَ أَهلَ البَيتِ وَيُطَهِّرَكُم تَطهيرًا (آيت : 33) |
۽ پنهنجن گهرن ۾ رهو ۽ اڳوڻي جاهليت جي سينگار جيئن سينگارجي نمائش نه ڪريو، نماز هميشه پڙهو، زڪوات ڏيو ۽ الله ۽ سندس رسول جو چيو مڃيو_ اي رسول جا گهر وارؤ! الله جو ارادو رڳوهي آهي ته، اوهان تان هر طرح جي ناپاڪي پري ڪري ۽ اوهان کي تمام چڱيءَ طرح پاڪ ڪري. |
وَاذكُرنَ ما يُتلىٰ فى بُيوتِكُنَّ مِن ءايٰتِ اللَّهِ وَالحِكمَةِ إِنَّ اللَّهَ كانَ لَطيفًا خَبيرًا (آيت : 34) |
۽ اوهان جي گهرن ۾ جيڪي الله جون آيتون ۽ دانائي پڙهجن ٿا، سي ياد ڪريو، بيشڪ الله مهرباني ڪندڙ، خبر رکندڙ آهي. |
إِنَّ المُسلِمينَ وَالمُسلِمٰتِ وَالمُؤمِنينَ وَالمُؤمِنٰتِ وَالقٰنِتينَ وَالقٰنِتٰتِ وَالصّٰدِقينَ وَالصّٰدِقٰتِ وَالصّٰبِرينَ وَالصّٰبِرٰتِ وَالخٰشِعينَ وَالخٰشِعٰتِ وَالمُتَصَدِّقينَ وَالمُتَصَدِّقٰتِ وَالصّٰئِمينَ وَالصّٰئِمٰتِ وَالحٰفِظينَ فُروجَهُم وَالحٰفِظٰتِ وَالذّٰكِرينَ اللَّهَ كَثيرًا وَالذّٰكِرٰتِ أَعَدَّ اللَّهُ لَهُم مَغفِرَةً وَأَجرًا عَظيمًا (آيت : 35) |
بيشڪ مسلمان مرد ۽ عورتون، مؤمن ۽ مؤمنياڻيون، الله جو حڪم مڃيندڙ مرد ۽ عورتون، سچا ۽ سچيون، صبر وارا ۽ صبر واريون، الله کان ڊڄندڙ مرد ۽ عورتون، خيرات ڪندڙ مرد ۽ عورتون، روزا رکندڙ مرد ۽ عورتون ۽ الله کي گهڻو ياد ڪندڙ مرد خواهه عورتون، انهن سڀني لاءِ الله بخشش ۽ وڏو اجر تيار ڪيو آهي. |
وَما كانَ لِمُؤمِنٍ وَلا مُؤمِنَةٍ إِذا قَضَى اللَّهُ وَرَسولُهُ أَمرًا أَن يَكونَ لَهُمُ الخِيَرَةُ مِن أَمرِهِم وَمَن يَعصِ اللَّهَ وَرَسولَهُ فَقَد ضَلَّ ضَلٰلًا مُبينًا (آيت : 36) |
ڪنهن به مؤمن خواهه مؤمنياڻيءَ کي اهو نٿو جڳائي جو جڏهن الله ۽ سندس رسول ڪنهن به ڪم جو حڪم ڪن ته تڏهن وري هنن کي پنهنجي ڪم ۾ ڪو اختيار هجي، ۽ جيڪڏهن ڪو الله ۽ سندس رسول جو حڪم نه مڃيندو سو بيشڪ صفا گمراهيءَ ۾ پيو. |
وَإِذ تَقولُ لِلَّذى أَنعَمَ اللَّهُ عَلَيهِ وَأَنعَمتَ عَلَيهِ أَمسِك عَلَيكَ زَوجَكَ وَاتَّقِ اللَّهَ وَتُخفى فى نَفسِكَ مَا اللَّهُ مُبديهِ وَتَخشَى النّاسَ وَاللَّهُ أَحَقُّ أَن تَخشىٰهُ فَلَمّا قَضىٰ زَيدٌ مِنها وَطَرًا زَوَّجنٰكَها لِكَى لا يَكونَ عَلَى المُؤمِنينَ حَرَجٌ فى أَزوٰجِ أَدعِيائِهِم إِذا قَضَوا مِنهُنَّ وَطَرًا وَكانَ أَمرُ اللَّهِ مَفعولًا (آيت : 37) |
۽ (اي نبي!) جنهن شخص تي الله به فضل ڪيو ۽ تو به مٿس احسان ڪيو؛ ان کي جڏهن تو چيو ته، ”پنهنجيءَ زال کي پاڻ وٽ جهل؛ ۽ الله کان ڊڄ ”پر تو پنهنجي دل ۾ اها ڳالهه لڪائي ٿي؛ جنهن کي الله پڌرو ڪرڻ وارو هو ۽ تون ماڻهن کان ٿي ڊنين، مگر ڊڄڻ جو سڀ کان وڌيڪ لائق ته فقط الله آهي، پوءِ جنهن وقت ”زيد“ انهي کي صفا طلاق ڏيئي ڇڏي، تڏهن اسان ان عورت کي توسان پرڻايو، ته مؤمنن تي سندن پٽيلن جي زال پرڻجڻ ۾ ڪا رنڊڪ نه رهي، جڏهن هو انهن کي صفا طلاق ڏيئي ڇڏين ۽ الله جو حڪم ٿيڻو ئي آهي. |
ما كانَ عَلَى النَّبِىِّ مِن حَرَجٍ فيما فَرَضَ اللَّهُ لَهُ سُنَّةَ اللَّهِ فِى الَّذينَ خَلَوا مِن قَبلُ وَكانَ أَمرُ اللَّهِ قَدَرًا مَقدورًا (آيت : 38) |
نبيءَ لاءِ جيڪي الله حلال ڪيو، تنهن جي ڪرڻ ۾ ڪا به هٻڪ ڪانهي، جيڪي اڳ گذري ويا، تن ۾ به الله جو اهو ئي دستو ر هو_ ۽ الله جو حڪم انهن شخصن لاءِ پوريءَ طرح مقرر ٿيل آهي. |
الَّذينَ يُبَلِّغونَ رِسٰلٰتِ اللَّهِ وَيَخشَونَهُ وَلا يَخشَونَ أَحَدًا إِلَّا اللَّهَ وَكَفىٰ بِاللَّهِ حَسيبًا (آيت : 39) |
جيڪي الله جا حڪم رسائيندا آهن ۽ ان کان ڊڄندا آهن ۽ الله کان سواءِ ٻئي ڪنهن کان به نه ڊڄندا آهن، الله ڪافي حساب وٺندڙ آهي. |
ما كانَ مُحَمَّدٌ أَبا أَحَدٍ مِن رِجالِكُم وَلٰكِن رَسولَ اللَّهِ وَخاتَمَ النَّبِيّۦنَ وَكانَ اللَّهُ بِكُلِّ شَيءٍ عَليمًا (آيت : 40) |
محمد (ﷺ) اوهان مان ڪنهن به مرد جو پيءُ نه آهي، مگر الله جو رسول ۽ سڀ کان پويون نبي آهي_ ۽ الله هر چيز کي ڄاڻندڙ آهي. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنُوا اذكُرُوا اللَّهَ ذِكرًا كَثيرًا (آيت : 41) |
اي مؤمنو! الله کي تمام گهڻو ياد ڪريو. |
وَسَبِّحوهُ بُكرَةً وَأَصيلًا (آيت : 42) |
۽ صبح شام سندس پاڪائي بيان ڪريو. |
هُوَ الَّذى يُصَلّى عَلَيكُم وَمَلٰئِكَتُهُ لِيُخرِجَكُم مِنَ الظُّلُمٰتِ إِلَى النّورِ وَكانَ بِالمُؤمِنينَ رَحيمًا (آيت : 43) |
هو اهو آهي، جو اوهان تي رحمت موڪلي ٿو ۽ سندس ملائڪ به، ته اوهان کي اونداهين مان ڪڍي روشني ۾ آڻي_ ۽ الله مؤمنن تي مهربان آهي. |
تَحِيَّتُهُم يَومَ يَلقَونَهُ سَلٰمٌ وَأَعَدَّ لَهُم أَجرًا كَريمًا (آيت : 44) |
جنهن ڏينهن الله کي ملندا، تڏهن سندس کيڪار سلام هوندي ۽ هنن لاءِ عزت وارو اجر تيار ڪيو اٿس. |
يٰأَيُّهَا النَّبِىُّ إِنّا أَرسَلنٰكَ شٰهِدًا وَمُبَشِّرًا وَنَذيرًا (آيت : 45) |
اي نبي! بيشڪ اسان توکي شاهد، مبارڪ ڏيندڙ، ڊيڄاريندڙ. |
وَداعِيًا إِلَى اللَّهِ بِإِذنِهِ وَسِراجًا مُنيرًا (آيت : 46) |
الله جي حڪم سان ڏانهس سڏيندڙ ۽ روشن ڏيئو ڪري موڪليو. |
وَبَشِّرِ المُؤمِنينَ بِأَنَّ لَهُم مِنَ اللَّهِ فَضلًا كَبيرًا (آيت : 47) |
۽ مؤمنن کي مبارڪ ڏي، ته هنن لاءِ الله وٽان وڏو فضل آهي. |
وَلا تُطِعِ الكٰفِرينَ وَالمُنٰفِقينَ وَدَع أَذىٰهُم وَتَوَكَّل عَلَى اللَّهِ وَكَفىٰ بِاللَّهِ وَكيلًا (آيت : 48) |
تون ڪافرن ۽ منافقن جو چيو نه مڃ، سندن ايذائڻ کي ڇڏ ۽ الله تي ڀروسو ڪر- الله ڪارساز بس آهي. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا إِذا نَكَحتُمُ المُؤمِنٰتِ ثُمَّ طَلَّقتُموهُنَّ مِن قَبلِ أَن تَمَسّوهُنَّ فَما لَكُم عَلَيهِنَّ مِن عِدَّةٍ تَعتَدّونَها فَمَتِّعوهُنَّ وَسَرِّحوهُنَّ سَراحًا جَميلًا (آيت : 49) |
اي مؤمنو! جڏهن مؤمنياڻين سان پرڻجو، وري کين هٿ لائڻ کان اڳ طلاق ڏيو، ته پوءِ اوهان جي ڳڻڻ لاءِ هنن تي ڪا به عدت ڪانهي- پوءِ کين ڪجهه فائدو ڏيو ۽ کين چڱيءَ ريت سان ڇڏيو. |
يٰأَيُّهَا النَّبِىُّ إِنّا أَحلَلنا لَكَ أَزوٰجَكَ الّٰتى ءاتَيتَ أُجورَهُنَّ وَما مَلَكَت يَمينُكَ مِمّا أَفاءَ اللَّهُ عَلَيكَ وَبَناتِ عَمِّكَ وَبَناتِ عَمّٰتِكَ وَبَناتِ خالِكَ وَبَناتِ خٰلٰتِكَ الّٰتى هاجَرنَ مَعَكَ وَامرَأَةً مُؤمِنَةً إِن وَهَبَت نَفسَها لِلنَّبِىِّ إِن أَرادَ النَّبِىُّ أَن يَستَنكِحَها خالِصَةً لَكَ مِن دونِ المُؤمِنينَ قَد عَلِمنا ما فَرَضنا عَلَيهِم فى أَزوٰجِهِم وَما مَلَكَت أَيمٰنُهُم لِكَيلا يَكونَ عَلَيكَ حَرَجٌ وَكانَ اللَّهُ غَفورًا رَحيمًا (آيت : 50) |
اي نبي! بيشڪ اسان تولاءِ هيٺيون زالون حلال ڪيون آهن؛_ تنهنجون مهر ڏنل بيبيون؛ توکي الله جون ڏياريل ٻانهيون، سوٽيون، پڦاٽون ، ماروٽيون ۽ ماساتون جن توسان گڏ وطن ڇڏيو ۽ اها مؤمن عورت جيڪا سواءِ مهر وٺڻ جي پنهنجو پاڻ نبيءَ کي بخشي ۽ نبيءَ جو ارادو به ساڻس نڪاح ڪرڻ جوهجي. مگر اهو ڪم فقط تولاءِ جائز آهي نه ٻين مؤمنن لاءِ، اسان کي خبر آهي جيڪي مؤمنن تي سندن زالن ۽ ٻانهين بابت (خرچ مهر) فرض ڪيو اٿئون_ هن ڪري ته، توتي ڪا ڏکيائي نه هجي ۽ بيشڪ الله بخشيندڙ مهربان آهي. |
تُرجى مَن تَشاءُ مِنهُنَّ وَتُـٔوى إِلَيكَ مَن تَشاءُ وَمَنِ ابتَغَيتَ مِمَّن عَزَلتَ فَلا جُناحَ عَلَيكَ ذٰلِكَ أَدنىٰ أَن تَقَرَّ أَعيُنُهُنَّ وَلا يَحزَنَّ وَيَرضَينَ بِما ءاتَيتَهُنَّ كُلُّهُنَّ وَاللَّهُ يَعلَمُ ما فى قُلوبِكُم وَكانَ اللَّهُ عَليمًا حَليمًا (آيت : 51) |
تون انهن مان جنهن کي وڻيئي، تنهن کي ڇڏي ڏي ۽ جنهن کي وڻيئي، تنهن کي پاڻ وٽ رک_ ۽ جن کي ڇڏين، تن کي وري رکين، ته به توتي ڪو ڏوهه ڪونهي_ انهي مان ائين ٿي سگهي ٿو، جو سندن اکيون ٺرن، هو غمگين نه ٿين ۽ جيڪي تون هنن کي ڏين، تنهن کان هو سڀ خوش ٿين_ ۽ الله ئي ڄاڻي ٿو، جيڪي اوهان جي دلين ۾ آهي ۽ الله ڄاڻندڙ بردبار آهي. |
لا يَحِلُّ لَكَ النِّساءُ مِن بَعدُ وَلا أَن تَبَدَّلَ بِهِنَّ مِن أَزوٰجٍ وَلَو أَعجَبَكَ حُسنُهُنَّ إِلّا ما مَلَكَت يَمينُكَ وَكانَ اللَّهُ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ رَقيبًا (آيت : 52) |
تولاءِ انهي کان پوءِ زالون حلال ناهن، نڪي هيءُ ته هنن کي ڇڏي، انهن جي جاءِ تي سواءِ ٻانهين جي، ٻيون پرڻجين، کڻي انهن جي سونهن توکي پسند اچي، ۽ الله هر چيز تي نگهبان آهي. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا لا تَدخُلوا بُيوتَ النَّبِىِّ إِلّا أَن يُؤذَنَ لَكُم إِلىٰ طَعامٍ غَيرَ نٰظِرينَ إِنىٰهُ وَلٰكِن إِذا دُعيتُم فَادخُلوا فَإِذا طَعِمتُم فَانتَشِروا وَلا مُستَـٔنِسينَ لِحَديثٍ إِنَّ ذٰلِكُم كانَ يُؤذِى النَّبِىَّ فَيَستَحيۦ مِنكُم وَاللَّهُ لا يَستَحيۦ مِنَ الحَقِّ وَإِذا سَأَلتُموهُنَّ مَتٰعًا فَسـَٔلوهُنَّ مِن وَراءِ حِجابٍ ذٰلِكُم أَطهَرُ لِقُلوبِكُم وَقُلوبِهِنَّ وَما كانَ لَكُم أَن تُؤذوا رَسولَ اللَّهِ وَلا أَن تَنكِحوا أَزوٰجَهُ مِن بَعدِهِ أَبَدًا إِنَّ ذٰلِكُم كانَ عِندَ اللَّهِ عَظيمًا (آيت : 53) |
اي مومنو! نبي جي گهر فقط تڏهن وڃو، جڏهن اوهان کي تيار ٿيل مانيءَ لاءِ سڏجي، جو انهي جي پچڻ جي واٽ به ڏسڻي نه پويوَ، پر جڏهن اوهان کي سڏجي، تڏهن وڃو، پوءِجڏهن ماني کائي وٺو، تڏهن ڇڙوڇڙ ٿي وڃو ۽ ڳالهين ۾ ريجهي ويهي نه رهو، ڇو ته اوهان جي انهي ڪم کان نبيءَ کي تڪليف ٿي ٿئي، پر هن اوهان کان حياءُ ٿي ڪيو، پر الله حق چوڻ کان حياءُ نه ڪندو آهي ۽ جڏهن نياڻين کان ڪا شيءِ گهرو، ته پردي جي ٻاهران گهرو- اهو اوهان خواهه هنن جي دلين لاءِ تمام پاڪ آهي- ۽ نڪي ڪڏهن به کانئس پوءِ سندس بيبين سان پرڻجو، بيشڪ اهو الله وٽ وڏو گناهه آهي. |
إِن تُبدوا شَيـًٔا أَو تُخفوهُ فَإِنَّ اللَّهَ كانَ بِكُلِّ شَيءٍ عَليمًا (آيت : 54) |
جيڪڏهن ڪنهن چيز کي ظاهر ڪريو يا لڪايو ته به الله پڪ هر چيز کي ڄاڻي ٿو. |
لا جُناحَ عَلَيهِنَّ فى ءابائِهِنَّ وَلا أَبنائِهِنَّ وَلا إِخوٰنِهِنَّ وَلا أَبناءِ إِخوٰنِهِنَّ وَلا أَبناءِ أَخَوٰتِهِنَّ وَلا نِسائِهِنَّ وَلا ما مَلَكَت أَيمٰنُهُنَّ وَاتَّقينَ اللَّهَ إِنَّ اللَّهَ كانَ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ شَهيدًا (آيت : 55) |
زالن تي هيٺين ماڻهن کان (پردي نه ڪرڻ ۾) گناهه ناهي؛_ سندن پيءُ، پٽ، ڀائر، ڀائيٽا، ڀاڻيجا، عورتون ۽ ٻانها_ الله کان ڊڄو، بيشڪ الله هر چيز تي حاضر آهي. |
إِنَّ اللَّهَ وَمَلٰئِكَتَهُ يُصَلّونَ عَلَى النَّبِىِّ يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا صَلّوا عَلَيهِ وَسَلِّموا تَسليمًا (آيت : 56) |
بيشڪ الله، سندس ملائڪ نبيءَ تي رحمت چون ٿا، اي مؤمنو! اوهين به مٿس رحمت چئو ۽ پوريءَ طرح سلام چئو. |
إِنَّ الَّذينَ يُؤذونَ اللَّهَ وَرَسولَهُ لَعَنَهُمُ اللَّهُ فِى الدُّنيا وَالءاخِرَةِ وَأَعَدَّ لَهُم عَذابًا مُهينًا (آيت : 57) |
بيشڪ جيڪي شخص الله ۽ سندس رسول کي ڏکوئين ٿا، تن تي الله دنيا ۽ آخرت ۾ لعنت ڪئي آهي ۽ انهن لاءِ خواريءَ وارو عذاب تيار ڪيو اٿس. |
وَالَّذينَ يُؤذونَ المُؤمِنينَ وَالمُؤمِنٰتِ بِغَيرِ مَا اكتَسَبوا فَقَدِ احتَمَلوا بُهتٰنًا وَإِثمًا مُبينًا (آيت : 58) |
جيڪي شخص مؤمنن ۽ مؤمنياڻين کي سندن نه ڪيل ڪم بابت ڏکوئيندا آهن، تن بيشڪ بهتان ۽ صفا گناهه جو بار کنيو. |
يٰأَيُّهَا النَّبِىُّ قُل لِأَزوٰجِكَ وَبَناتِكَ وَنِساءِ المُؤمِنينَ يُدنينَ عَلَيهِنَّ مِن جَلٰبيبِهِنَّ ذٰلِكَ أَدنىٰ أَن يُعرَفنَ فَلا يُؤذَينَ وَكانَ اللَّهُ غَفورًا رَحيمًا (آيت : 59) |
اي نبي! تون پنهنجي بيبين ۽ نياڻين ۽ مؤمن عورتن کي چئو، ته (ٻاهر نڪرڻ وقت) پاڻ تي وڏيون چادرون وجهن_ انهي ڪري هو سڃاڻجي سگهنديون، پوءِ کين ڏکوئي نه سگهبو ۽ الله بخشيندڙ مهربان آهي. |
لَئِن لَم يَنتَهِ المُنٰفِقونَ وَالَّذينَ فى قُلوبِهِم مَرَضٌ وَالمُرجِفونَ فِى المَدينَةِ لَنُغرِيَنَّكَ بِهِم ثُمَّ لا يُجاوِرونَكَ فيها إِلّا قَليلًا (آيت : 60) |
منافق ۽ دل جي بيماريءَ وارا ۽ مديني ۾ ڪوڙيون ڳالهيون پکيڙيندڙ جيڪڏهن باز نه ايندا، ته توکي مٿن بڇينداسون، پوءِ ٿوري وقت کان وڌيڪ تنهنجي پاڙي ۾ رهي نه سگهندا. |
مَلعونينَ أَينَما ثُقِفوا أُخِذوا وَقُتِّلوا تَقتيلًا (آيت : 61) |
هو لعنتي آهن، جتي ڏسبا اتي پڪڙبا ۽ چڱيءَ طرح ماربا. |
سُنَّةَ اللَّهِ فِى الَّذينَ خَلَوا مِن قَبلُ وَلَن تَجِدَ لِسُنَّةِ اللَّهِ تَبديلًا (آيت : 62) |
هن کان اڳ گذريلن ۾ به الله جو اهو دستور هو ۽ تون الله جي دستور ۾ ڪڏهن به ڦير گهير نه ڏسندين |
يَسـَٔلُكَ النّاسُ عَنِ السّاعَةِ قُل إِنَّما عِلمُها عِندَ اللَّهِ وَما يُدريكَ لَعَلَّ السّاعَةَ تَكونُ قَريبًا (آيت : 63) |
ماڻهو توکان قيامت بابت ٿا پڇن- تون چئو، ته ان جي خبر رڳو الله کي آهي- ۽ توکي ڪهڙي خبر، ته متان قيامت جلد ٿيندي هجي! |
إِنَّ اللَّهَ لَعَنَ الكٰفِرينَ وَأَعَدَّ لَهُم سَعيرًا (آيت : 64) |
بيشڪ الله ڪافرن تي لعنت ڪئي آهي ۽ هنن لاءِ ساڙيندڙ باهه تيار ڪئي آهي. |
خٰلِدينَ فيها أَبَدًا لا يَجِدونَ وَلِيًّا وَلا نَصيرًا (آيت : 65) |
جنهن ۾ اصل هميشه رهندا- هو نڪي ڪو دوست ڏسندا، نڪي مددگار- |
يَومَ تُقَلَّبُ وُجوهُهُم فِى النّارِ يَقولونَ يٰلَيتَنا أَطَعنَا اللَّهَ وَأَطَعنَا الرَّسولا۠ (آيت : 66) |
۽ جنهن ڏينهن سندن منهن باهه ۾ اونڌا ڪبا، تنهن ڏينهن چوندا ته ”هاءِ افسوس! جيڪڏهن اسين الله جو چيو مڃيون ها ۽ رسول جو چيو مڃون ها!“ |
وَقالوا رَبَّنا إِنّا أَطَعنا سادَتَنا وَكُبَراءَنا فَأَضَلّونَا السَّبيلا۠ (آيت : 67) |
۽ چوندا ته ”اي اسانجا ڌڻي! اسان پنهنجن سردارن ۽ وڏن جي تابعداري ڪئي، سو انهن اسان کي واٽ کان ڀلائي ڇڏيو. |
رَبَّنا ءاتِهِم ضِعفَينِ مِنَ العَذابِ وَالعَنهُم لَعنًا كَبيرًا (آيت : 68) |
اي اسان جا ڌڻي! تون هنن تي ٻيڻو عذاب ڪر ۽ مٿن تمام وڏي لعنت ڪر!“ |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا لا تَكونوا كَالَّذينَ ءاذَوا موسىٰ فَبَرَّأَهُ اللَّهُ مِمّا قالوا وَكانَ عِندَ اللَّهِ وَجيهًا (آيت : 69) |
اي مومنو! انهن شخصن وانگر نه ٿيو، جن موسيٰ کي ڏکويو- پوءِ جيڪي چيائون، تنهن کان هن کي الله پاڪ ڪيو ۽ هو الله وٽ مان وارو هو. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنُوا اتَّقُوا اللَّهَ وَقولوا قَولًا سَديدًا (آيت : 70) |
اي مومنو! الله کان ڊڄو ۽ واجبي ڳالهه چئو. |
يُصلِح لَكُم أَعمٰلَكُم وَيَغفِر لَكُم ذُنوبَكُم وَمَن يُطِعِ اللَّهَ وَرَسولَهُ فَقَد فازَ فَوزًا عَظيمًا (آيت : 71) |
ته اوهان جا عمل سڌاري ۽ اوهان جا گناهه بخش ڪري- جيڪو الله ۽ سندس رسول جي تابعداري ڪندو، تنهن بيشڪ وڏي مراد ماڻي. |
إِنّا عَرَضنَا الأَمانَةَ عَلَى السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَالجِبالِ فَأَبَينَ أَن يَحمِلنَها وَأَشفَقنَ مِنها وَحَمَلَهَا الإِنسٰنُ إِنَّهُ كانَ ظَلومًا جَهولًا (آيت : 72) |
بيشڪ اسان آسمانن، زمين ۽ جبلن کي امانت جي آڇ ڪئي، پر هنن ان جي کڻڻ کان انڪار ڪيو ۽ هو انهي کان ڊنا، پر انسان ان کي کنيو، بيشڪ هوتمام ظالم ۽ اڻ ڄاڻ آهي. |
لِيُعَذِّبَ اللَّهُ المُنٰفِقينَ وَالمُنٰفِقٰتِ وَالمُشرِكينَ وَالمُشرِكٰتِ وَيَتوبَ اللَّهُ عَلَى المُؤمِنينَ وَالمُؤمِنٰتِ وَكانَ اللَّهُ غَفورًا رَحيمًا (آيت : 73) |
(هن لاءِ ته) الله منافق مردن خواهه عورتن ۽ مشرڪ مردن خواهه عورتن کي عذاب ڪري ۽ الله مؤمنن خواهه مؤمنياڻين جي توبه قبول ڪري، جو الله بخشيندڙ مهربان آهي. |