يٰأَيُّهَا النَّبِىُّ اتَّقِ اللَّهَ وَلا تُطِعِ الكٰفِرينَ وَالمُنٰفِقينَ إِنَّ اللَّهَ كانَ عَليمًا حَكيمًا (آيت : 1) |
اي (غيب جون) خبرون ڏيندڙ! الله کان ڊڄ ۽ نه چوڻ مڃ ڪافرن جو ۽ منافقن جو بيشڪ الله آهي ڄاڻندڙ، حڪمت وارو . |
وَاتَّبِع ما يوحىٰ إِلَيكَ مِن رَبِّكَ إِنَّ اللَّهَ كانَ بِما تَعمَلونَ خَبيرًا (آيت : 2) |
۽ تابعداري ڪر ان جي جيڪو وحي ڪيو وڃي ٿو تو ڏانهن تنهنجي رب کان بيشڪ الله جيڪي اوهان ڪيو ٿا ان جي خبر رکندڙ آهي . |
وَتَوَكَّل عَلَى اللَّهِ وَكَفىٰ بِاللَّهِ وَكيلًا (آيت : 3) |
۽ توڪل ڪر الله تي ۽ ڪافي آهي الله ڪارساز . |
ما جَعَلَ اللَّهُ لِرَجُلٍ مِن قَلبَينِ فى جَوفِهِ وَما جَعَلَ أَزوٰجَكُمُ الّٰـٔى تُظٰهِرونَ مِنهُنَّ أُمَّهٰتِكُم وَما جَعَلَ أَدعِياءَكُم أَبناءَكُم ذٰلِكُم قَولُكُم بِأَفوٰهِكُم وَاللَّهُ يَقولُ الحَقَّ وَهُوَ يَهدِى السَّبيلَ (آيت : 4) |
نه پيدا ڪيون الله ڪنهن مڙس جي لاءِ ٻه دليون ان جي اندر ۾ ۽ نه ڪيائين زالن اوهان جن کي جن کان ظهار ڪيو ٿا اوهان جون مائرون ۽ بنايائين پٽيلن اوهان جي کي اوهان جا (حقيقي) پٽ اهو اوهان جو چوڻ آهي اوهان جي واتن سان ۽ الله فرمائي ٿو حق ۽ اهو ڏيکاري ٿو رستو . |
ادعوهُم لِءابائِهِم هُوَ أَقسَطُ عِندَ اللَّهِ فَإِن لَم تَعلَموا ءاباءَهُم فَإِخوٰنُكُم فِى الدّينِ وَمَوٰليكُم وَلَيسَ عَلَيكُم جُناحٌ فيما أَخطَأتُم بِهِ وَلٰكِن ما تَعَمَّدَت قُلوبُكُم وَكانَ اللَّهُ غَفورًا رَحيمًا (آيت : 5) |
سڏيو انهن کي سندن پيئرن جي لاءِ اهو عدل وارو آهي الله وٽ پوءِ جيڪڏهن نه ٿا ڄاڻو انهن جا پيئر پوءِ اوهان جا ڀائر آهن دين ۾ ۽ اوهان جا دوست آهن ۽ ناهي اوهان تي ڪو گناهه ان ۾ جيڪا خطا ڪئي اوهان ان سان ۽ پر جيڪي ڄاڻي واڻي ڪيو دلين اوهان جي ۽ الله بخشڻهار، مهربان آهي . |
النَّبِىُّ أَولىٰ بِالمُؤمِنينَ مِن أَنفُسِهِم وَأَزوٰجُهُ أُمَّهٰتُهُم وَأُولُوا الأَرحامِ بَعضُهُم أَولىٰ بِبَعضٍ فى كِتٰبِ اللَّهِ مِنَ المُؤمِنينَ وَالمُهٰجِرينَ إِلّا أَن تَفعَلوا إِلىٰ أَولِيائِكُم مَعروفًا كانَ ذٰلِكَ فِى الكِتٰبِ مَسطورًا (آيت : 6) |
نبي اولى آهي مؤمنن کي سندن جندن کان ۽ ان جون گهر واريون سندن مائرون آهن ۽ مائٽيءَ وارا هڪ ٻئي جا پاڻ وڌيڪ ويجها آهن الله جي ڪتاب ۾ مؤمنن ۽ مهاجرن مان مگر هي ته ڪيو پنهنجن دوستن سان احسان اهو ڪتاب ۾ لکيل آهي . |
وَإِذ أَخَذنا مِنَ النَّبِيّۦنَ ميثٰقَهُم وَمِنكَ وَمِن نوحٍ وَإِبرٰهيمَ وَموسىٰ وَعيسَى ابنِ مَريَمَ وَأَخَذنا مِنهُم ميثٰقًا غَليظًا (آيت : 7) |
۽ جڏهن ورتوسون نبين کان سندن وعدو ۽ اوهان کان ۽ نوح ۽ ابراهيم ۽ موسى ۽ عيسى مريم جي پٽ کان ۽ ورتوسون انهن کان وعدو پڪو . |
لِيَسـَٔلَ الصّٰدِقينَ عَن صِدقِهِم وَأَعَدَّ لِلكٰفِرينَ عَذابًا أَليمًا (آيت : 8) |
تانته پڇي سچن کان سندن سچ جو ۽ تيار ڪيائين ڪافرن جي لاءِ عذاب درد ناڪ . |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنُوا اذكُروا نِعمَةَ اللَّهِ عَلَيكُم إِذ جاءَتكُم جُنودٌ فَأَرسَلنا عَلَيهِم ريحًا وَجُنودًا لَم تَرَوها وَكانَ اللَّهُ بِما تَعمَلونَ بَصيرًا (آيت : 9) |
اي ايمان وارؤ! ياد ڪيو الله جو احسان اوهان تي جڏهن آيا اوهان وٽ لشڪر پوءِ موڪليو اسان انهن تي واءُ ۽ لشڪر جو نه ڏٺو اوهان انهن کي ۽ الله ان کي جو اوهان ڪيو ٿا ڏسندڙ آهي . |
إِذ جاءوكُم مِن فَوقِكُم وَمِن أَسفَلَ مِنكُم وَإِذ زاغَتِ الأَبصٰرُ وَبَلَغَتِ القُلوبُ الحَناجِرَ وَتَظُنّونَ بِاللَّهِ الظُّنونا۠ (آيت : 10) |
جڏهن آيا اوهان وٽ اوهان جي مٿان ۽ اوهان جي هيٺان ۽ جڏهن ٿڙيون اکيون ۽ پهتيون دليون نرگهٽن کي ۽ ڪيو پيا الله جي باري ۾ ڪئين گمان . |
هُنالِكَ ابتُلِىَ المُؤمِنونَ وَزُلزِلوا زِلزالًا شَديدًا (آيت : 11) |
اتي آزمايا ويا مؤمن ۽ لوڏيا ويا سخت زلزلي سان . |
وَإِذ يَقولُ المُنٰفِقونَ وَالَّذينَ فى قُلوبِهِم مَرَضٌ ما وَعَدَنَا اللَّهُ وَرَسولُهُ إِلّا غُرورًا (آيت : 12) |
۽ جڏهن چون پيا منافق ۽ اهي شخص جن جي دلين ۾ بيماري آهي ته نه وعدو ڏنو اسان کي الله ۽ ان جي رسول مگر ڌوڪو . |
وَإِذ قالَت طائِفَةٌ مِنهُم يٰأَهلَ يَثرِبَ لا مُقامَ لَكُم فَارجِعوا وَيَستَـٔذِنُ فَريقٌ مِنهُمُ النَّبِىَّ يَقولونَ إِنَّ بُيوتَنا عَورَةٌ وَما هِىَ بِعَورَةٍ إِن يُريدونَ إِلّا فِرارًا (آيت : 13) |
۽ جڏهن چيو جماعت هڪڙيءَ انهن مان اي يثرب وارؤ! ناهي ڪا ٽڪڻ جي جاءِ اوهان لاءِ پوءِ موٽو ۽ موڪلائي پيو هڪ ٽولو انهن مان نبي کان چون پيا ته يقينًا اسان جا گهر کليل (اڪيلا) آهن ۽ ناهن اهي کليل (اڪيلا) نه ٿا ارادو ڪن مگر ڀڄڻ جو . |
وَلَو دُخِلَت عَلَيهِم مِن أَقطارِها ثُمَّ سُئِلُوا الفِتنَةَ لَءاتَوها وَما تَلَبَّثوا بِها إِلّا يَسيرًا (آيت : 14) |
۽ جيڪڏهن داخل ڪئي وڃي ها انهن تي ان جي پاسن کان ان کان پوءِ طلب ڪيا وڃن ها جنگ ته البته اچن ها ان لاءِ ۽ نه ترسن ها اتي مگر ٿوري دير . |
وَلَقَد كانوا عٰهَدُوا اللَّهَ مِن قَبلُ لا يُوَلّونَ الأَدبٰرَ وَكانَ عَهدُ اللَّهِ مَسـٔولًا (آيت : 15) |
۽ البته تحقيق عهد ڪيو هيائون الله سان اڳ ۾ ته نه ڦيرائيندا پٺيون ۽ آهي الله جو عهد پڇا ڪيل . |
قُل لَن يَنفَعَكُمُ الفِرارُ إِن فَرَرتُم مِنَ المَوتِ أَوِ القَتلِ وَإِذًا لا تُمَتَّعونَ إِلّا قَليلًا (آيت : 16) |
فرماءِ ته هرگز نفعو نه ڏيندو اوهان کي ڀڄڻ جيڪڏهن ڀڄندؤ موت کان يا قتل کان ۽ ان وقت نه نفعو ڏنا ويندؤ اوهان مگر ٿورو . |
قُل مَن ذَا الَّذى يَعصِمُكُم مِنَ اللَّهِ إِن أَرادَ بِكُم سوءًا أَو أَرادَ بِكُم رَحمَةً وَلا يَجِدونَ لَهُم مِن دونِ اللَّهِ وَلِيًّا وَلا نَصيرًا (آيت : 17) |
فرماءِ ته ڪير آهي جيڪو بچائيندو اوهان کي الله کان جيڪڏهن ارادو ڪري اوهان کي تڪليف ڏيڻ جو يا ارادو ڪري اوهان سان مهربانيءَ جو ۽ نه لهندا پنهنجي لاءِ الله کان سواءِ ڪو دوست ۽ نه ڪو مددگار . |
قَد يَعلَمُ اللَّهُ المُعَوِّقينَ مِنكُم وَالقائِلينَ لِإِخوٰنِهِم هَلُمَّ إِلَينا وَلا يَأتونَ البَأسَ إِلّا قَليلًا (آيت : 18) |
تحقيق ڄاڻي ٿو الله روڪيندڙن کي اوهان مان ۽ چوندڙن کي پنهنجن ڀائرن لاءِ ته اچو اسان ڏانهن ۽ نه ٿا اچن جنگ ۾ مگر ٿورا . |
أَشِحَّةً عَلَيكُم فَإِذا جاءَ الخَوفُ رَأَيتَهُم يَنظُرونَ إِلَيكَ تَدورُ أَعيُنُهُم كَالَّذى يُغشىٰ عَلَيهِ مِنَ المَوتِ فَإِذا ذَهَبَ الخَوفُ سَلَقوكُم بِأَلسِنَةٍ حِدادٍ أَشِحَّةً عَلَى الخَيرِ أُولٰئِكَ لَم يُؤمِنوا فَأَحبَطَ اللَّهُ أَعمٰلَهُم وَكانَ ذٰلِكَ عَلَى اللَّهِ يَسيرًا (آيت : 19) |
بخيلي ڪندڙ اوهان تي پوءِ جڏهن ايندو خوف ته ڏسندؤ اوهان انهن کي نهاريندا پيا اوهان ڏانهن ڦرنديون اکيون انهن جون ان وانگر جو بيهوشي ڪئي وئي ان تي موت جي ڪري پوءِ جڏهن ويندو خوف ته جلد ملندا اوهان سان تکين زبانن سان لالچ ڪندڙ ڀلائي جي انهن ايمان نه آندو پوءِ چٽ ڪيا الله عمل انهن جا ۽ آهي اهو الله لاءِ آسان . |
يَحسَبونَ الأَحزابَ لَم يَذهَبوا وَإِن يَأتِ الأَحزابُ يَوَدّوا لَو أَنَّهُم بادونَ فِى الأَعرابِ يَسـَٔلونَ عَن أَنبائِكُم وَلَو كانوا فيكُم ما قٰتَلوا إِلّا قَليلًا (آيت : 20) |
سمجهن ٿا لشڪرن کي ته نه ويا ۽ جيڪڏهن اچن ها لشڪر ته پسند ڪن ها ته جيڪڏهن اهي ويٺل هجن ها ٻهراڙين ۾ پڇندا رهن ها اوهان جون خبرون ۽ جيڪڏهن هجن ها اوهان ۾ ته نه جنگ ڪن ها مگر ٿورو . |
لَقَد كانَ لَكُم فى رَسولِ اللَّهِ أُسوَةٌ حَسَنَةٌ لِمَن كانَ يَرجُوا اللَّهَ وَاليَومَ الءاخِرَ وَذَكَرَ اللَّهَ كَثيرًا (آيت : 21) |
البته تحقيق آهي اوهان جي لاءِ رسول الله (جي طريقي) ۾ نمونو سهڻو ان جي لاءِ جيڪو اميد رکي ٿو الله ۾ ۽ قيامت جي ڏينهن ۾ ۽ ياد ڪري ٿو الله کي گهڻو . |
وَلَمّا رَءَا المُؤمِنونَ الأَحزابَ قالوا هٰذا ما وَعَدَنَا اللَّهُ وَرَسولُهُ وَصَدَقَ اللَّهُ وَرَسولُهُ وَما زادَهُم إِلّا إيمٰنًا وَتَسليمًا (آيت : 22) |
۽ جڏهن ڏٺو مؤمنن لشڪرن کي ته چيائون هي اهو آهي جيڪو وعدو ڏنو اسان کي الله ۽ ان جي رسول ۽ سچ فرمايو الله ۽ ان جي رسول ۽ نه وڌايائين انهن کي مگر ايمان ۽ فرمانبرادري . |
مِنَ المُؤمِنينَ رِجالٌ صَدَقوا ما عٰهَدُوا اللَّهَ عَلَيهِ فَمِنهُم مَن قَضىٰ نَحبَهُ وَمِنهُم مَن يَنتَظِرُ وَما بَدَّلوا تَبديلًا (آيت : 23) |
مؤمنن مان ڪي اهڙا مرد آهن جو سچو ڪري ڏيکاريائون اهو جو وعدو ڪيائون الله سان ان تي پوءِ انهن مان ڪو اهو آهي جنهن پورو ڪيو ذمو پنهنجو ۽ انهن مان اهو آهي جيڪو انتظار ڪري ٿو ۽ نه مٽايائون (ڳالهه کي ڪنهن طرح) مٽائڻ . |
لِيَجزِىَ اللَّهُ الصّٰدِقينَ بِصِدقِهِم وَيُعَذِّبَ المُنٰفِقينَ إِن شاءَ أَو يَتوبَ عَلَيهِم إِنَّ اللَّهَ كانَ غَفورًا رَحيمًا (آيت : 24) |
تانته بدلو ڏئي الله سچن کي سندن سچي هجڻ جي سبب ۽ عذاب ڪري منافقن کي جيڪڏهن گهري يا (توبہ قبول ڪرڻ سان) موٽي انهن تي بيشڪ الله بخشڻهار، مهربان آهي . |
وَرَدَّ اللَّهُ الَّذينَ كَفَروا بِغَيظِهِم لَم يَنالوا خَيرًا وَكَفَى اللَّهُ المُؤمِنينَ القِتالَ وَكانَ اللَّهُ قَوِيًّا عَزيزًا (آيت : 25) |
۽ موٽايو الله ڪافرن کي سندن ڪاوڙ سان گڏ نه پهتا ڀلائيءَ کي ۽ ڪافي ٿيو الله مؤمنن لاءِ جنگ ۾ ۽ الله قوت وارو، غالب آهي . |
وَأَنزَلَ الَّذينَ ظٰهَروهُم مِن أَهلِ الكِتٰبِ مِن صَياصيهِم وَقَذَفَ فى قُلوبِهِمُ الرُّعبَ فَريقًا تَقتُلونَ وَتَأسِرونَ فَريقًا (آيت : 26) |
۽ لاٿائين انهن کي جن سندن مدد ڪئي اهل ڪتاب مان سندن ڪوٽن مان ۽ وڌائين انهن جي دلين ۾ ڊپ هڪ ٽولي کي ڪُٺُوَ ٿي ۽ قيد بنايو پيا ٻئي ٽولي کي . |
وَأَورَثَكُم أَرضَهُم وَدِيٰرَهُم وَأَموٰلَهُم وَأَرضًا لَم تَطَـٔوها وَكانَ اللَّهُ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرًا (آيت : 27) |
۽ وارث بنايائين اوهان کي سندن زمين جو ۽ سندن گهرن جو ۽ سندن مالن جو ۽ زمين جو جنهن تي اوهان پير به نه گهمايا هئا ۽ الله هر شيءِ تي قادر آهي . |
يٰأَيُّهَا النَّبِىُّ قُل لِأَزوٰجِكَ إِن كُنتُنَّ تُرِدنَ الحَيوٰةَ الدُّنيا وَزينَتَها فَتَعالَينَ أُمَتِّعكُنَّ وَأُسَرِّحكُنَّ سَراحًا جَميلًا (آيت : 28) |
اي (غيب جون) خبرون ڏيندڙ! فرماءِ پنهنجين گهروارين کي جيڪڏهن ارادو ٿيون ڪيو دنيوي حياتيءَ جو ۽ ان جي سينگار جو پوءِ اچو ته مال متاع ڏيان اوهان کي ۽ ڇڏيان اوهان کي ڇڏڻ سهڻي نموني . |
وَإِن كُنتُنَّ تُرِدنَ اللَّهَ وَرَسولَهُ وَالدّارَ الءاخِرَةَ فَإِنَّ اللَّهَ أَعَدَّ لِلمُحسِنٰتِ مِنكُنَّ أَجرًا عَظيمًا (آيت : 29) |
۽ جيڪڏهن ارادو ڪيو ٿيون الله ۽ ان جي رسول جو ۽ آخرت واري گهر جو پوءِ بلاشڪ الله تيار ڪيو نيڪ بختن لاءِ اوهان مان اجر وڏو . |
يٰنِساءَ النَّبِىِّ مَن يَأتِ مِنكُنَّ بِفٰحِشَةٍ مُبَيِّنَةٍ يُضٰعَف لَهَا العَذابُ ضِعفَينِ وَكانَ ذٰلِكَ عَلَى اللَّهِ يَسيرًا (آيت : 30) |
اي نبي جون گهرواريون! جيڪا آڻيندي اوهان مان بي حيائي پڌري ته ٻيڻو ڪيو ويندو ان لاءِ عذاب ٻه ٻيڻا حصا ۽ اهو الله جي لاءِ آسان آهي. |
وَمَن يَقنُت مِنكُنَّ لِلَّهِ وَرَسولِهِ وَتَعمَل صٰلِحًا نُؤتِها أَجرَها مَرَّتَينِ وَأَعتَدنا لَها رِزقًا كَريمًا (آيت : 31) |
۽ جيڪا تابعداري ڪندي اوهان مان الله ۽ ان جي رسول جي ۽ ڪندي چڱا ڪم ته ڏينداسون ان کي ان جو ثواب ٻه ڀيرا ۽ تيار ڪنداسون ان جي لاءِ روزي عزت واري . |
يٰنِساءَ النَّبِىِّ لَستُنَّ كَأَحَدٍ مِنَ النِّساءِ إِنِ اتَّقَيتُنَّ فَلا تَخضَعنَ بِالقَولِ فَيَطمَعَ الَّذى فى قَلبِهِ مَرَضٌ وَقُلنَ قَولًا مَعروفًا (آيت : 32) |
اي نبيءَ جون گهرواريون! ناهيو اوهان ڪنهن هڪ جهڙيون عورتن مان جيڪڏهن اوهان (الله کان) ڊڄنديون پوءِ نه هيٺاهين ڪيو ڳالهائڻ ۾ پوءِ طمع رکي اهو جو ان جي دل ۾ بيماري آهي ۽ ڳالهايو ڳالهائڻ چڱو . |
وَقَرنَ فى بُيوتِكُنَّ وَلا تَبَرَّجنَ تَبَرُّجَ الجٰهِلِيَّةِ الأولىٰ وَأَقِمنَ الصَّلوٰةَ وَءاتينَ الزَّكوٰةَ وَأَطِعنَ اللَّهَ وَرَسولَهُ إِنَّما يُريدُ اللَّهُ لِيُذهِبَ عَنكُمُ الرِّجسَ أَهلَ البَيتِ وَيُطَهِّرَكُم تَطهيرًا (آيت : 33) |
۽ رهو پنهنجن گهرن ۾ ۽ نه سينگار ظاهر ڪيو پهرين جاهليت جي سينگار ظاهر ڪرڻ وانگر ۽ قائم ڪيو نماز ۽ ادا ڪيو زڪواة ۽ اطاعت ڪيو الله جي ۽ ان جي رسول جي بلاشڪ الله اهو ئي ارادو ٿو ڪري تانته پري رکي اوهان کان پليدي اي اهلبيتو! ۽ پاڪ رکي اوهان کي پوري طرح پاڪ . |
وَاذكُرنَ ما يُتلىٰ فى بُيوتِكُنَّ مِن ءايٰتِ اللَّهِ وَالحِكمَةِ إِنَّ اللَّهَ كانَ لَطيفًا خَبيرًا (آيت : 34) |
۽ ياد ڪيو اهو جيڪو پڙهيو ٿو وڃي اوهان جي گهرن ۾ الله جي آيتن ۽ حڪمت مان بيشڪ الله لطف ڪندڙ خبر رکندڙ آهي . |
إِنَّ المُسلِمينَ وَالمُسلِمٰتِ وَالمُؤمِنينَ وَالمُؤمِنٰتِ وَالقٰنِتينَ وَالقٰنِتٰتِ وَالصّٰدِقينَ وَالصّٰدِقٰتِ وَالصّٰبِرينَ وَالصّٰبِرٰتِ وَالخٰشِعينَ وَالخٰشِعٰتِ وَالمُتَصَدِّقينَ وَالمُتَصَدِّقٰتِ وَالصّٰئِمينَ وَالصّٰئِمٰتِ وَالحٰفِظينَ فُروجَهُم وَالحٰفِظٰتِ وَالذّٰكِرينَ اللَّهَ كَثيرًا وَالذّٰكِرٰتِ أَعَدَّ اللَّهُ لَهُم مَغفِرَةً وَأَجرًا عَظيمًا (آيت : 35) |
بيشڪ مسلمان مرد ۽ مسلمان عورتون ۽ مؤمن مرد ۽ مؤمن عورتون ۽ فرمانبردار مرد ۽ فرمان بردار عورتون ۽ سچ ڳالهائيندڙ مرد ۽ سچ ڳالهائيندڙ عورتون ۽ صبر ڪندڙ مرد ۽ صبر ڪندڙ عورتون ۽ عاجزي ڪندڙ مرد ۽ عاجزي ڪندڙ عورتون ۽ خيرات ڪندڙ مرد ۽ خيرات ڪندڙ عورتون ۽ روزو رکندڙ مرد ۽ روزو رکندڙ عورتون ۽ پنهنجن اگهڙن جي حفاظت ڪندڙ مرد ۽ حفاظت ڪندڙ عورتون ۽ الله جو گهڻو ذڪر ڪندڙ مرد ۽ گهڻو ذڪر ڪندڙ عورتون تيار ڪيو الله انهن جي لاءِ مغفرت ۽ اجر وڏو . |
وَما كانَ لِمُؤمِنٍ وَلا مُؤمِنَةٍ إِذا قَضَى اللَّهُ وَرَسولُهُ أَمرًا أَن يَكونَ لَهُمُ الخِيَرَةُ مِن أَمرِهِم وَمَن يَعصِ اللَّهَ وَرَسولَهُ فَقَد ضَلَّ ضَلٰلًا مُبينًا (آيت : 36) |
۽ نه ٿو مناسب هجي مؤمن مرد ۽ مؤمن عورت جي لاءِ جڏهن فيصلو ڪري الله ۽ ان جو رسول ڪنهن امر جو ته هجي انهن جي لاءِ اختيار پنهنجي معاملي ۾ ۽ جيڪو به بي فرماني ڪندو الله ۽ ان جي رسول جي پوءِ تحقيق گمراھ ٿيو کليل گمراهي . |
وَإِذ تَقولُ لِلَّذى أَنعَمَ اللَّهُ عَلَيهِ وَأَنعَمتَ عَلَيهِ أَمسِك عَلَيكَ زَوجَكَ وَاتَّقِ اللَّهَ وَتُخفى فى نَفسِكَ مَا اللَّهُ مُبديهِ وَتَخشَى النّاسَ وَاللَّهُ أَحَقُّ أَن تَخشىٰهُ فَلَمّا قَضىٰ زَيدٌ مِنها وَطَرًا زَوَّجنٰكَها لِكَى لا يَكونَ عَلَى المُؤمِنينَ حَرَجٌ فى أَزوٰجِ أَدعِيائِهِم إِذا قَضَوا مِنهُنَّ وَطَرًا وَكانَ أَمرُ اللَّهِ مَفعولًا (آيت : 37) |
۽ جڏهن فرمايو اوهان ان کي جو نعمت ڪئي الله ان تي ۽ نعمت ڪئي اوهان ان تي ته روڪي جهل پاڻ وٽ پنهنجيءَ زال کي ۽ الله کان ڊڄ ۽ مخفي رکو پيا پنهنجي جيءَ ۾ اها ڳالھ جو الله ان کي ظاهر ڪندڙ آهي ۽ انديشو پيا ڪيو ماڻهن جو ۽ الله وڌيڪ حقدار آهي هن جو ته اوهان ان کان انديشو ڪيو پوءِ جڏهن پوري ڪئي زيد ان مان خواهش ته پرڻائي اسان اوهان کي اها تانته نه هجي مؤمنن تي پنهنجن پٽيلن جي زالن پرڻجڻ ۾ ڪا اوکائي نه رهي جڏهن (اهي) انهن کان پنهنجي حاجت پوري ڪن ڪا ڏکيائي ۽ الله جو امر ٿيڻو آهي . |
ما كانَ عَلَى النَّبِىِّ مِن حَرَجٍ فيما فَرَضَ اللَّهُ لَهُ سُنَّةَ اللَّهِ فِى الَّذينَ خَلَوا مِن قَبلُ وَكانَ أَمرُ اللَّهِ قَدَرًا مَقدورًا (آيت : 38) |
ناهي نبي تي ڪا ڏکيائي ان ۾ جيڪو حلال فرمايو الله ان جي لاءِ دستور هو الله جو انهن ۾ جيڪي گذريا اڳي ۽ آهي الله جو امر تقدير مقرر . |
الَّذينَ يُبَلِّغونَ رِسٰلٰتِ اللَّهِ وَيَخشَونَهُ وَلا يَخشَونَ أَحَدًا إِلَّا اللَّهَ وَكَفىٰ بِاللَّهِ حَسيبًا (آيت : 39) |
اهي ٻانها جيڪي پهچائين ٿا الله جا پيغام ۽ ڊڄن ٿا ان کان ۽ نه ٿا ڊڄن ڪنهن هڪ کان الله کان سواءِ ۽ ڪافي آهي الله حساب ڪندڙ . |
ما كانَ مُحَمَّدٌ أَبا أَحَدٍ مِن رِجالِكُم وَلٰكِن رَسولَ اللَّهِ وَخاتَمَ النَّبِيّۦنَ وَكانَ اللَّهُ بِكُلِّ شَيءٍ عَليمًا (آيت : 40) |
ناهي محمد پيءُ ڪنهن هڪ جو اوهان جي مردن مان ۽ پر الله جو رسول ۽ نبين مان آخري نبي آهي ۽ الله هر شيءِ ڄاڻندڙ آهي . |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنُوا اذكُرُوا اللَّهَ ذِكرًا كَثيرًا (آيت : 41) |
اي ايمان وارؤ! ياد ڪيو الله کي گهڻو ياد ڪرڻ . |
وَسَبِّحوهُ بُكرَةً وَأَصيلًا (آيت : 42) |
۽ ان جي پاڪائي بيان ڪيو صبح جو ۽ شام جو . |
هُوَ الَّذى يُصَلّى عَلَيكُم وَمَلٰئِكَتُهُ لِيُخرِجَكُم مِنَ الظُّلُمٰتِ إِلَى النّورِ وَكانَ بِالمُؤمِنينَ رَحيمًا (آيت : 43) |
اهو ئي آهي جيڪو رحمت موڪلي ٿو اوهان تي ۽ ان جا ملائڪ تانته ڪڍي اوهان کي انڌيرن مان روشنيءَ ڏانهن ۽ آهي مؤمنن تي مهربان . |
تَحِيَّتُهُم يَومَ يَلقَونَهُ سَلٰمٌ وَأَعَدَّ لَهُم أَجرًا كَريمًا (آيت : 44) |
مرحبا انهن جي ان ڏينهن جو ان کي ملندا، سلام آهي ۽ تيار ڪيائين انهن جي لاءِ اجر ڀلو . |
يٰأَيُّهَا النَّبِىُّ إِنّا أَرسَلنٰكَ شٰهِدًا وَمُبَشِّرًا وَنَذيرًا (آيت : 45) |
اي (غيب جون) خبرون ڏيندڙ! بلاشڪ اسان موڪليو توکي شاهدي ڏيندڙ ۽ خوشبري ڏيندڙ ۽ ڊيڄاريندڙ . |
وَداعِيًا إِلَى اللَّهِ بِإِذنِهِ وَسِراجًا مُنيرًا (آيت : 46) |
۽ الله ڏانهن سڏيندڙ ان جي اذن سان ۽ چمڪائيندڙ سج . |
وَبَشِّرِ المُؤمِنينَ بِأَنَّ لَهُم مِنَ اللَّهِ فَضلًا كَبيرًا (آيت : 47) |
۽ خوشبري ڏي تون مؤمنن کي هن ڳالھ جي ته تحقيق انهن جي لاءِ الله جي طرفان ڀلائي وڏي آهي . |
وَلا تُطِعِ الكٰفِرينَ وَالمُنٰفِقينَ وَدَع أَذىٰهُم وَتَوَكَّل عَلَى اللَّهِ وَكَفىٰ بِاللَّهِ وَكيلًا (آيت : 48) |
۽ نه چوڻ مڃ ڪافرن جو ۽ منافقن جو ۽ ڇڏ انهن جي ايذائڻ کي ۽ ڀروسو رک الله تي ۽ ڪافي آهي الله ڪار ساز . |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا إِذا نَكَحتُمُ المُؤمِنٰتِ ثُمَّ طَلَّقتُموهُنَّ مِن قَبلِ أَن تَمَسّوهُنَّ فَما لَكُم عَلَيهِنَّ مِن عِدَّةٍ تَعتَدّونَها فَمَتِّعوهُنَّ وَسَرِّحوهُنَّ سَراحًا جَميلًا (آيت : 49) |
اي ايمان وارؤ! جڏهن نڪاح ڪيو مؤمنياڻين سان ان کان پوءِ اوهان انهن کي طلاق ڏني اڳي ان کان جو هٿ لڳايو انهن کي پوءِ ناهي اوهان جي لاءِ انهن تي ڪا عدت جو ڳڻيو اوهان ان کي پوءِ انهن کي ڪجھ سامان ڏيو ۽ انهن کي سهڻي نموني ڇڏي ڏيو . |
يٰأَيُّهَا النَّبِىُّ إِنّا أَحلَلنا لَكَ أَزوٰجَكَ الّٰتى ءاتَيتَ أُجورَهُنَّ وَما مَلَكَت يَمينُكَ مِمّا أَفاءَ اللَّهُ عَلَيكَ وَبَناتِ عَمِّكَ وَبَناتِ عَمّٰتِكَ وَبَناتِ خالِكَ وَبَناتِ خٰلٰتِكَ الّٰتى هاجَرنَ مَعَكَ وَامرَأَةً مُؤمِنَةً إِن وَهَبَت نَفسَها لِلنَّبِىِّ إِن أَرادَ النَّبِىُّ أَن يَستَنكِحَها خالِصَةً لَكَ مِن دونِ المُؤمِنينَ قَد عَلِمنا ما فَرَضنا عَلَيهِم فى أَزوٰجِهِم وَما مَلَكَت أَيمٰنُهُم لِكَيلا يَكونَ عَلَيكَ حَرَجٌ وَكانَ اللَّهُ غَفورًا رَحيمًا (آيت : 50) |
اي (غيب جون) خبرون! ڏيندڙ بيشڪ اسان حلال فرمايون تولاءِ تنهنجون گهرواريون جيڪي ڏنو تو مهر انهن جو ۽ اهي ٻانهيون جو مالڪ ٿيو هٿ تنهنجو (انهن تي) انهن مان جيڪي عنايت ڪئي الله توتي ۽ تنهنجون سوٽيون ۽ تنهنجون پڦاٽيون ۽ تنهنجون ماروٽيون ۽ تنهنجون ماساتيون جن هجرت ڪئي توسان گڏ ۽ عورت مؤمنياڻي جيڪڏهن بخشش ڪري ڏنائين سر پنهنجو نبيءَ کي جيڪڏهن ارادو ڪيو نبيءَ هي ته نڪاح ۾ رکي ان کي اهو خاص تولاءِ آهي مؤمنن کان سواءِ تحقيق معلوم ڪيو اسان اهو جيڪو فرض ڪيوسون انهن تي سندن زالن جي باري ۾ ۽ انهن ٻانهين جي باري ۾ جن جا مالڪ ٿيا سڄا هٿ انهن جا تانته نه هجي تو لاءِ ڪا ڏکيائي ۽ آهي الله بخشڻهار مهربان . |
تُرجى مَن تَشاءُ مِنهُنَّ وَتُـٔوى إِلَيكَ مَن تَشاءُ وَمَنِ ابتَغَيتَ مِمَّن عَزَلتَ فَلا جُناحَ عَلَيكَ ذٰلِكَ أَدنىٰ أَن تَقَرَّ أَعيُنُهُنَّ وَلا يَحزَنَّ وَيَرضَينَ بِما ءاتَيتَهُنَّ كُلُّهُنَّ وَاللَّهُ يَعلَمُ ما فى قُلوبِكُم وَكانَ اللَّهُ عَليمًا حَليمًا (آيت : 51) |
پوئتي رکين جنهن کي گهرين انهن مان ۽ جاءِ ڏين پاڻ وٽ ان کي جو گهرين ۽ جنهن کي طلب ڪيو تو انهن مان جن کان پاسو ڪيُوَ پوءِ ناهي ڪو گناھ توتي اهو ويجهو آهي هيءُ جو ٺرن اکيون انهن جون ۽ نه غمگين ٿين ۽ راضي ٿين ان تي جو ڏنو تو انهن کي سڀ جو سڀ ۽ الله ڄاڻي ٿو اهو جو اوهان جي دلين ۾ آهي ۽ آهي الله ڄاڻندڙ، بردبار . |
لا يَحِلُّ لَكَ النِّساءُ مِن بَعدُ وَلا أَن تَبَدَّلَ بِهِنَّ مِن أَزوٰجٍ وَلَو أَعجَبَكَ حُسنُهُنَّ إِلّا ما مَلَكَت يَمينُكَ وَكانَ اللَّهُ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ رَقيبًا (آيت : 52) |
نه ٿيون حلال ٿين تولاءِ عورتون بعد ۾ ۽ نه هي جو مٽائين انهن جي عوض زالون جيتوڻيڪ وڻيو توکي انهن جو حسن مگر جنهن جو مالڪ ٿئين ۽ آهي الله هر شيءِ تي نگهبان . |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا لا تَدخُلوا بُيوتَ النَّبِىِّ إِلّا أَن يُؤذَنَ لَكُم إِلىٰ طَعامٍ غَيرَ نٰظِرينَ إِنىٰهُ وَلٰكِن إِذا دُعيتُم فَادخُلوا فَإِذا طَعِمتُم فَانتَشِروا وَلا مُستَـٔنِسينَ لِحَديثٍ إِنَّ ذٰلِكُم كانَ يُؤذِى النَّبِىَّ فَيَستَحيۦ مِنكُم وَاللَّهُ لا يَستَحيۦ مِنَ الحَقِّ وَإِذا سَأَلتُموهُنَّ مَتٰعًا فَسـَٔلوهُنَّ مِن وَراءِ حِجابٍ ذٰلِكُم أَطهَرُ لِقُلوبِكُم وَقُلوبِهِنَّ وَما كانَ لَكُم أَن تُؤذوا رَسولَ اللَّهِ وَلا أَن تَنكِحوا أَزوٰجَهُ مِن بَعدِهِ أَبَدًا إِنَّ ذٰلِكُم كانَ عِندَ اللَّهِ عَظيمًا (آيت : 53) |
اي ايمان وارؤ! نه داخل ٿيو نبي جي گهرن ۾ مگر (ان وقت جو) موڪل ڏني وڃي اوهان کي کاڌي لاءِ نه انتظار ڪندڙ ان جي تيار ٿيڻ جو ۽ پر جڏهن سڏ ڪيا وڃو پوءِ داخل ٿيو پوءِ جڏهن کاڌو کائي ويهو ته پوءِ منتشر ٿي وڃو ۽ نه (ويهو) ڳالهين ۾ دل وندرائيندڙ بلاشڪ اهي (ڳالهيون) ايذائينديون آهن نبي کي پوءِ حياء ڪري ٿو اوهان کان ۽ الله نه ٿو حياء ڪري حق چوڻ کان ۽ جڏهن گهرو انهن کان ڪو سامان پوءِ گهرو انهن کان پردي کان پويان اهو وڌيڪ پاڪ آهي اوهان جي دلين ۽ انهن جي دلين لاءِ ۽ نه ٿو جڳائي اوهان کي هي ته ايذايو الله جي رسول کي ۽ نه هي ته نڪاح ڪيو ان جي گهروارين سان ان کان پوءِ هميشہ بلاشڪ اهو الله وٽ وڏو (گناھ) آهي . |
إِن تُبدوا شَيـًٔا أَو تُخفوهُ فَإِنَّ اللَّهَ كانَ بِكُلِّ شَيءٍ عَليمًا (آيت : 54) |
جيڪڏهن ظاهر چوندؤ ڪا شيءِ يا لڪائيندؤ ان کي پوءِ بلاشڪ الله هر شيءِ ڄاڻندڙ آهي . |
لا جُناحَ عَلَيهِنَّ فى ءابائِهِنَّ وَلا أَبنائِهِنَّ وَلا إِخوٰنِهِنَّ وَلا أَبناءِ إِخوٰنِهِنَّ وَلا أَبناءِ أَخَوٰتِهِنَّ وَلا نِسائِهِنَّ وَلا ما مَلَكَت أَيمٰنُهُنَّ وَاتَّقينَ اللَّهَ إِنَّ اللَّهَ كانَ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ شَهيدًا (آيت : 55) |
ناهي ڪو گناھ انهن تي سندن پيئرن سان ۽ پنهنجن پٽن سان ۽ نه پنهنجن ڀائرن سان ۽ نه ڀائٽين سان ۽ نه پنهنجن ڀاڻيجن سان ۽ پاڻ جهڙين عورتن سان ۽ نڪي جن جا سندن هٿ مالڪ ٿيا آهن ۽ الله کان ڊڄو بلاشڪ الله هر شيءِ تي حاضر آهي . |
إِنَّ اللَّهَ وَمَلٰئِكَتَهُ يُصَلّونَ عَلَى النَّبِىِّ يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا صَلّوا عَلَيهِ وَسَلِّموا تَسليمًا (آيت : 56) |
بيشڪ الله ۽ ان جا ملائڪ درود موڪلين ٿا نبي تي اي ايمان وارؤ! درود موڪليو ان تي ۽ سلام موڪليو گهڻو سلام . |
إِنَّ الَّذينَ يُؤذونَ اللَّهَ وَرَسولَهُ لَعَنَهُمُ اللَّهُ فِى الدُّنيا وَالءاخِرَةِ وَأَعَدَّ لَهُم عَذابًا مُهينًا (آيت : 57) |
بيشڪ اهي شخص جيڪي ايذاء ڏين ٿا الله ۽ ان جي رسول کي لعنت ڪئي انهن تي الله دنيا ۽ آخرت ۾ ۽ تيار ڪيائين انهن جي لاءِ عذاب خوار ڪندڙ . |
وَالَّذينَ يُؤذونَ المُؤمِنينَ وَالمُؤمِنٰتِ بِغَيرِ مَا اكتَسَبوا فَقَدِ احتَمَلوا بُهتٰنًا وَإِثمًا مُبينًا (آيت : 58) |
۽ اهي شخص جيڪي ايذاء ڏين ٿا مؤمنن ۽ مؤمنياڻين کي ان کان سواءِ جو ڪيائون پوءِ تحقيق کنيائون بهتان (جو بار) ۽ کليل گناھ . |
يٰأَيُّهَا النَّبِىُّ قُل لِأَزوٰجِكَ وَبَناتِكَ وَنِساءِ المُؤمِنينَ يُدنينَ عَلَيهِنَّ مِن جَلٰبيبِهِنَّ ذٰلِكَ أَدنىٰ أَن يُعرَفنَ فَلا يُؤذَينَ وَكانَ اللَّهُ غَفورًا رَحيمًا (آيت : 59) |
اي (غيب جون) خبرون ڏيندڙ! فرماءِ پنهنجين گهروارين کي ۽ پنهجين ڌيئرن کي ۽ مؤمنن جي زالن کي ته وجهن پنهنجي مٿان چادرون پنهنجون اهو وڌيڪ ويجهو آهي ته سڃاتيون وڃن پوءِ نه ايذايون وڃن ۽ الله بخشڻهار، مهربان آهي . |
لَئِن لَم يَنتَهِ المُنٰفِقونَ وَالَّذينَ فى قُلوبِهِم مَرَضٌ وَالمُرجِفونَ فِى المَدينَةِ لَنُغرِيَنَّكَ بِهِم ثُمَّ لا يُجاوِرونَكَ فيها إِلّا قَليلًا (آيت : 60) |
البته جيڪڏهن نه رڪجندا منافق ۽ اهي جن جي دلين ۾ بيماري آهي ۽ ڪوڙيون ڳالهيون پکيڙيندڙ مدينہ ۾ ته البته لڳائي ڇڏينداسون توکي انهن تي ان کان پوءِ نه پاڙي ۾ رهندا توسان ان ۾ مگر ٿورو وقت . |
مَلعونينَ أَينَما ثُقِفوا أُخِذوا وَقُتِّلوا تَقتيلًا (آيت : 61) |
لعنت ڪيل جتي به لڌا ويا ته ورتا ويندا ۽ قتل ڪيا ويندا پڪي طرح . |
سُنَّةَ اللَّهِ فِى الَّذينَ خَلَوا مِن قَبلُ وَلَن تَجِدَ لِسُنَّةِ اللَّهِ تَبديلًا (آيت : 62) |
الله جو طريقو انهن ۾ جيڪي گذريا اڳي ۽ هرگز نه لهندين الله جي طريقي لاءِ ڪا تبديلي . |
يَسـَٔلُكَ النّاسُ عَنِ السّاعَةِ قُل إِنَّما عِلمُها عِندَ اللَّهِ وَما يُدريكَ لَعَلَّ السّاعَةَ تَكونُ قَريبًا (آيت : 63) |
پڇن ٿا توکان ماڻهو قيامت جي (متعلق) فرماء ته ان جو علم ته صرف منهنجي رب وٽ آهي ۽ ڪير ڄاڻائي ٿو توکي متان قيامت هجي ويجهي . |
إِنَّ اللَّهَ لَعَنَ الكٰفِرينَ وَأَعَدَّ لَهُم سَعيرًا (آيت : 64) |
بيشڪ الله لعنت ڪئي ڪافرن تي ۽ تيار ڪيائين انهن جي لاءِ ساڙيندڙ باھ . |
خٰلِدينَ فيها أَبَدًا لا يَجِدونَ وَلِيًّا وَلا نَصيرًا (آيت : 65) |
رهندڙ هوندا ان ۾ هميشہ هميشہ نه لهندا ڪو دوست ۽ نه ڪو مددگار . |
يَومَ تُقَلَّبُ وُجوهُهُم فِى النّارِ يَقولونَ يٰلَيتَنا أَطَعنَا اللَّهَ وَأَطَعنَا الرَّسولا۠ (آيت : 66) |
جنهن ڏينهن اونڌا ڪيا ويندا انهن جا منهن باھ ۾ چوندا اي ڪاش! اسان فرمانبرداري ڪيون ها الله جي ۽ فرمانبرداري ڪيون ها رسول جي . |
وَقالوا رَبَّنا إِنّا أَطَعنا سادَتَنا وَكُبَراءَنا فَأَضَلّونَا السَّبيلا۠ (آيت : 67) |
۽ چوندا اي اسان جا پالڻهار! بيشڪ اسان اطاعت ڪئي پنهنجن سردارن جي ۽ پنهنجن وڏن ماڻهن جي پوءِ گمراھ ڪيائون اسان کي (سڌي) واٽ کان . |
رَبَّنا ءاتِهِم ضِعفَينِ مِنَ العَذابِ وَالعَنهُم لَعنًا كَبيرًا (آيت : 68) |
اي اسان جا رب! ڏي انهن کي ٻه ڀيرا ٻيڻو عذاب ۽ انهن تي لعنت ڪر وڏي لعنت . |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا لا تَكونوا كَالَّذينَ ءاذَوا موسىٰ فَبَرَّأَهُ اللَّهُ مِمّا قالوا وَكانَ عِندَ اللَّهِ وَجيهًا (آيت : 69) |
اي ايمان وارؤ! نه ٿيو انهن وانگر جن ايذايو موسى کي پوءِ پاڪ ڪيو ان کي الله ان کان جو چيائون ۽ هو الله وٽ مان وارو . |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنُوا اتَّقُوا اللَّهَ وَقولوا قَولًا سَديدًا (آيت : 70) |
اي ايمان وارؤ! ڊڄو الله کان ۽ چئو ڳالھ سڌي . |
يُصلِح لَكُم أَعمٰلَكُم وَيَغفِر لَكُم ذُنوبَكُم وَمَن يُطِعِ اللَّهَ وَرَسولَهُ فَقَد فازَ فَوزًا عَظيمًا (آيت : 71) |
سڌاريندو اوهان لاءِ عمل اوهان جا ۽ بخشيندو اوهان کي گناھ اوهان جا ۽ جيڪو اطاعت ڪندو الله جي ۽ ان جي رسول جي پوءِ تحقيق ڪامياب ٿيو ڪاميابي وڏي . |
إِنّا عَرَضنَا الأَمانَةَ عَلَى السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَالجِبالِ فَأَبَينَ أَن يَحمِلنَها وَأَشفَقنَ مِنها وَحَمَلَهَا الإِنسٰنُ إِنَّهُ كانَ ظَلومًا جَهولًا (آيت : 72) |
بلاشڪ اسان آڇي امانت آسمانن ۽ زمين ۽ جبلن تي پوءِ انڪار ڪيائون هن جو، جو کڻن ان کي ۽ ڊڄڻ لڳا ان کان ۽ کنيو ان کي انسان بلاشڪ اهو آهي ظالم، جاهل . |
لِيُعَذِّبَ اللَّهُ المُنٰفِقينَ وَالمُنٰفِقٰتِ وَالمُشرِكينَ وَالمُشرِكٰتِ وَيَتوبَ اللَّهُ عَلَى المُؤمِنينَ وَالمُؤمِنٰتِ وَكانَ اللَّهُ غَفورًا رَحيمًا (آيت : 73) |
تانته عذاب ڪري الله منافقن کي ۽ منافقياڻين کي ۽ مشرڪن ۽ مشرڪياڻين کي ۽ توبہ قبول ڪرڻ سان موٽي الله مؤمنن ۽ مؤمنياڻين تي ۽ الله بخشڻهار مهربان آهي . |