يٰأَيُّهَا النَّبِىُّ اتَّقِ اللَّهَ وَلا تُطِعِ الكٰفِرينَ وَالمُنٰفِقينَ إِنَّ اللَّهَ كانَ عَليمًا حَكيمًا (آيت : 1) |
اي نبي (ﷺ!) الله تعالى کان ڊڄ ۽ ڪافرن ۽ منافقن جي ڳالهين تي ڌيان نه ڏي. بيشڪ الله تعالى وڏي علم وارو ۽ وڏي حڪمت وارو آهي. |
وَاتَّبِع ما يوحىٰ إِلَيكَ مِن رَبِّكَ إِنَّ اللَّهَ كانَ بِما تَعمَلونَ خَبيرًا (آيت : 2) |
تنھنجي پالڻھار جي طرفان جيڪا شيءِ توڏي وحي ڪئي وڃي ٿي سو تون رڳو ان جي پيروي ڪر. بيشڪ الله تعالى توهان جي هر عمل کان خوب واقف آهي. |
وَتَوَكَّل عَلَى اللَّهِ وَكَفىٰ بِاللَّهِ وَكيلًا (آيت : 3) |
الله تعالى جي ذات تي ڀروسو رک ۽ الله تعالى جي ذات ئي معاملا درست رکڻ لاءِ ڪافي آهي. |
ما جَعَلَ اللَّهُ لِرَجُلٍ مِن قَلبَينِ فى جَوفِهِ وَما جَعَلَ أَزوٰجَكُمُ الّٰـٔى تُظٰهِرونَ مِنهُنَّ أُمَّهٰتِكُم وَما جَعَلَ أَدعِياءَكُم أَبناءَكُم ذٰلِكُم قَولُكُم بِأَفوٰهِكُم وَاللَّهُ يَقولُ الحَقَّ وَهُوَ يَهدِى السَّبيلَ (آيت : 4) |
الله تعالى ڪنھن به ماڻهوءَ جي سيني ۾ ٻه دليون نه ٺاهيون آهن ۽ نه ئي اوهان جي گهر وارين کي مائرون بنايو آهي، جن کي توهان وات سان ماءُ چئي ويٺا آهيو ۽ اهڙي طرح توهان جي وات سان چيل پٽن کي به ڪو حقيقي پُٽ نه بنايو آهي. اهي سڀ ڳالهيون توهان جي وات جون چيل آهن. الله تعالى ته اُها ڳالهه ڪندو آهي جيڪا بلڪل سچي هوندي آهي ۽ اهو ئي سڌو رستو ڏيکاريندو آهي. |
ادعوهُم لِءابائِهِم هُوَ أَقسَطُ عِندَ اللَّهِ فَإِن لَم تَعلَموا ءاباءَهُم فَإِخوٰنُكُم فِى الدّينِ وَمَوٰليكُم وَلَيسَ عَلَيكُم جُناحٌ فيما أَخطَأتُم بِهِ وَلٰكِن ما تَعَمَّدَت قُلوبُكُم وَكانَ اللَّهُ غَفورًا رَحيمًا (آيت : 5) |
تنهنڪري وات سان چيل پٽن کي حقيقي پيءُ جي نالي سان سڏيندا ڪريو. الله تعالى وٽ اها ئي انصاف واري ڳالهه آهي پر جيڪڏهن توهان کي انهن جي پيئرن جي نالن جي خبر نه هجي ته پوءِ هُو توهان جا ديني ڀائر ۽ ساٿي آهن. جيڪو اڳ ۾ توهان غلط ڪم ڪري چڪا آهيو سو ان تي هاڻي ڪوبه گناهه نه آهي پر جيڪڏهن وري ٻيھر دل جي نيت سان ساڳيا لفظ چوندا ته پوءِ اهو گناهه آهي. بيشڪ الله تعالى وڏو معاف ڪندڙ ۽ وڏو رحم ڪندڙ آهي. |
النَّبِىُّ أَولىٰ بِالمُؤمِنينَ مِن أَنفُسِهِم وَأَزوٰجُهُ أُمَّهٰتُهُم وَأُولُوا الأَرحامِ بَعضُهُم أَولىٰ بِبَعضٍ فى كِتٰبِ اللَّهِ مِنَ المُؤمِنينَ وَالمُهٰجِرينَ إِلّا أَن تَفعَلوا إِلىٰ أَولِيائِكُم مَعروفًا كانَ ذٰلِكَ فِى الكِتٰبِ مَسطورًا (آيت : 6) |
نبي (سڳوري) جو حق ايمان وارن تي سندن جانين کان به وڌيڪ آهي ۽ ان جون گهر واريون مؤمنن جون مائرون آهن ۽ الله تعالى جي قانون ۾ مٽ مائٽ ٻين مؤمنن ۽ مھاجرن جي مقابلي ۾ وڌيڪ حقدار آهن، پر (ميراث جي حقن کي الڳ رکي) توهان پنھنجي ساٿين سان ڪا ڀلائي ڪرڻ گهرو ته اهو توهان جي لاءِ جائز آهي. اهو حڪم ڪتاب ۾ لکيل آهي. |
وَإِذ أَخَذنا مِنَ النَّبِيّۦنَ ميثٰقَهُم وَمِنكَ وَمِن نوحٍ وَإِبرٰهيمَ وَموسىٰ وَعيسَى ابنِ مَريَمَ وَأَخَذنا مِنهُم ميثٰقًا غَليظًا (آيت : 7) |
۽ (اي نبيﷺ!) ياد ڪر جڏهن اسان سڀني نبين کان سندن انجام ورتو ۽ توهان کان به، نوح، ابراهيم، موسى ۽ عيسى پُٽ مريم (ؓ) کان به. (بھرحال) اسان انهن سڀني کان پڪو انجام ورتو. |
لِيَسـَٔلَ الصّٰدِقينَ عَن صِدقِهِم وَأَعَدَّ لِلكٰفِرينَ عَذابًا أَليمًا (آيت : 8) |
ته جيئن سندن پالڻھار سچن ماڻهن کان سندن سچائي جي باري ۾ پڇا ڪري ۽ ڪافرن لاءِ الله تعالى دردناڪ عذاب تيار ڪيو آهي. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنُوا اذكُروا نِعمَةَ اللَّهِ عَلَيكُم إِذ جاءَتكُم جُنودٌ فَأَرسَلنا عَلَيهِم ريحًا وَجُنودًا لَم تَرَوها وَكانَ اللَّهُ بِما تَعمَلونَ بَصيرًا (آيت : 9) |
اي ايمان وارؤ! توهان پنھنجي مٿان الله تعالى جي ان احسان کي ياد ڪريو جڏهن توهان تي (ڪافرن جي) لشڪرن وڏي چڙهائي ڪئي هئي ته اسان مٿن طوفاني هوا موڪلي ۽ اهڙا به لشڪر موڪليا جن کي توهان نه پيا ڏسي سگهو. الله تعالى توهان جي عملن کي ڏسي رهيو آهي. |
إِذ جاءوكُم مِن فَوقِكُم وَمِن أَسفَلَ مِنكُم وَإِذ زاغَتِ الأَبصٰرُ وَبَلَغَتِ القُلوبُ الحَناجِرَ وَتَظُنّونَ بِاللَّهِ الظُّنونا۠ (آيت : 10) |
جڏهن اهي لشڪر هر طرف کان توهان جي مٿان چڙهائي ڪري آيا ان وقت توهان جي اکين جا دوڏا نڪري آيا، دليون نڙگهٽن تائين وڃي پھتيون ۽ توهان الله تعالى جي باري ۾ مختلف گمان ڪرڻ لڳا. |
هُنالِكَ ابتُلِىَ المُؤمِنونَ وَزُلزِلوا زِلزالًا شَديدًا (آيت : 11) |
اهڙي وقت (مضبوط) ايمان وارن کي آزمايو ويو ۽ کين سخت ڌونڌاڙيو ويو. |
وَإِذ يَقولُ المُنٰفِقونَ وَالَّذينَ فى قُلوبِهِم مَرَضٌ ما وَعَدَنَا اللَّهُ وَرَسولُهُ إِلّا غُرورًا (آيت : 12) |
ان وقت منافقن ۽ جن ماڻهن جي دلين ۾ (بدنيتي جي) بيماري هئي، تن چيو ته الله تعالى ۽ ان جي رسول (ﷺ) طرفان اسان سان جيڪي به وعدا ڪيا ويا هئا، سي سڀ رڳو ڌوڪو ثابت ٿيا. |
وَإِذ قالَت طائِفَةٌ مِنهُم يٰأَهلَ يَثرِبَ لا مُقامَ لَكُم فَارجِعوا وَيَستَـٔذِنُ فَريقٌ مِنهُمُ النَّبِىَّ يَقولونَ إِنَّ بُيوتَنا عَورَةٌ وَما هِىَ بِعَورَةٍ إِن يُريدونَ إِلّا فِرارًا (آيت : 13) |
انهن مان هڪ ٽولي چيو ته اي مديني وارؤ! توهان جي لاءِ هاڻي موٽڻ کان سواءِ ٻيو ڪوبه چارو نه آهي. هڪ ٽولي ته نبي (ﷺ) کان واپس وڃڻ جي اجازت به گهري ۽ چيائين ته اسان جا گهر اڪيلا آهن. حالانڪه انهن جا گهر اڪيلا نه هئا، هو ته رڳو (جنگ جي ميدان مان) ڀڄڻ چاهين پيا. |
وَلَو دُخِلَت عَلَيهِم مِن أَقطارِها ثُمَّ سُئِلُوا الفِتنَةَ لَءاتَوها وَما تَلَبَّثوا بِها إِلّا يَسيرًا (آيت : 14) |
جيڪڏهن انهن جي مٿان آس پاس کان ڪا فوج ڪاهه ڪري اچي ها ۽ کين (مسلمانن کي ختم ڪرڻ لاءِ) آمادهه ڪري ها ته هي ماڻهو دير ئي نه ڪن ها ۽ ضرور انهن سان وڃي ملن ها. |
وَلَقَد كانوا عٰهَدُوا اللَّهَ مِن قَبلُ لا يُوَلّونَ الأَدبٰرَ وَكانَ عَهدُ اللَّهِ مَسـٔولًا (آيت : 15) |
حالانڪه انهن ان کان اڳ الله تعالى سان پُٺي نه ڦيرڻ جو وعدو ڪيو هو. ۽ الله تعالى سان ڪيل وعدن جو پڇاڻو ته ضرور ٿيڻو آهي. |
قُل لَن يَنفَعَكُمُ الفِرارُ إِن فَرَرتُم مِنَ المَوتِ أَوِ القَتلِ وَإِذًا لا تُمَتَّعونَ إِلّا قَليلًا (آيت : 16) |
(اي نبيﷺ!) چؤ ته جيڪڏهن توهان موت يا قتل ٿيڻ کان ڀڄو ٿا ته اهو ڀڄڻ توهان کي بلڪل به فائدو نه ڏيندو، پر جيڪڏهن فائدو مليو به ته تمام ٿورڙن ڏينھن جو ملندو. |
قُل مَن ذَا الَّذى يَعصِمُكُم مِنَ اللَّهِ إِن أَرادَ بِكُم سوءًا أَو أَرادَ بِكُم رَحمَةً وَلا يَجِدونَ لَهُم مِن دونِ اللَّهِ وَلِيًّا وَلا نَصيرًا (آيت : 17) |
تون چؤ ته جيڪڏهن الله تعالى اوهان کي ڪا تڪليف ڏيڻ چاهي ته ڪير آهي جيڪو توهان کي بچائي؟ ۽ جيڪڏهن هُو توهان سان مھرباني ڪرڻ گهري ته (ڪير ان کي روڪي سگهي ٿو؟) الله تعالى کان سواءِ کين ٻيو ڪير به حامي ۽ مددگار نه ملي سگهندو. |
قَد يَعلَمُ اللَّهُ المُعَوِّقينَ مِنكُم وَالقائِلينَ لِإِخوٰنِهِم هَلُمَّ إِلَينا وَلا يَأتونَ البَأسَ إِلّا قَليلًا (آيت : 18) |
بيشڪ الله تعالى انهن سڀني کي چڱي طرح ڄاڻي ٿو جيڪي (ماڻهن کي جنگ کان) روڪين ٿا ۽ پنھنجي ڀائرن کي چون ٿا ته جنگ کي ڇڏي اسان ڏي اچو. هي ماڻهو ته جنگ ۾ تمام ٿورڙو ئي حصو وٺن ٿا. |
أَشِحَّةً عَلَيكُم فَإِذا جاءَ الخَوفُ رَأَيتَهُم يَنظُرونَ إِلَيكَ تَدورُ أَعيُنُهُم كَالَّذى يُغشىٰ عَلَيهِ مِنَ المَوتِ فَإِذا ذَهَبَ الخَوفُ سَلَقوكُم بِأَلسِنَةٍ حِدادٍ أَشِحَّةً عَلَى الخَيرِ أُولٰئِكَ لَم يُؤمِنوا فَأَحبَطَ اللَّهُ أَعمٰلَهُم وَكانَ ذٰلِكَ عَلَى اللَّهِ يَسيرًا (آيت : 19) |
بس! اُهو به ڪيٻائي ڪيٻائي حصو وٺن ٿا پوءِ جڏهن (کين) خوف واري صورتحال (نظر) ايندي اٿن ته کين ڏسندين ته هو ٿڪل اکين سان توکي ايئن پيا ڏسندا جيئن مرڻ واري ماڻهوءَ کي بيهوشي اچي ويندي آهي. پوءِ جڏهن خوف ختم ٿي ويندو آهي، (يعني مسلمانن کي فتح نصيب ٿيندي آهي ته) غنيمت جو مال وٺڻ لاءِ لالچي ۽ تيز ترار ٿي ڳالهائيندا آهن. انهن ماڻهن حقيقت ۾ ايمان ئي نه آندو هو. تنھنڪري الله تعالى سندن سمورا عمل ضايع ڪري ڇڏيا. اهو ڪم الله تعالى جي لاءِ تمام سولو آهي. |
يَحسَبونَ الأَحزابَ لَم يَذهَبوا وَإِن يَأتِ الأَحزابُ يَوَدّوا لَو أَنَّهُم بادونَ فِى الأَعرابِ يَسـَٔلونَ عَن أَنبائِكُم وَلَو كانوا فيكُم ما قٰتَلوا إِلّا قَليلًا (آيت : 20) |
هُو سمجهن ٿا ته (مڪي جا) لشڪر اڃا واپس نه ويا آهن پر جيڪڏهن اُهي وري حملو ڪن ته هنن جي اهائي خواهش هوندي ته (هو مسلمانن کان) الڳ ٿي ٻاهر وڃي عرب جي ڳوٺاڻن سان گڏ ويھي رهن ۽ اتان ئي توهان جو حال احوال وٺندا رهن. جيڪڏهن توهان سان گڏ هوندا به ته هي جنگ ۾ تمام ٿورو حصو وٺندا. |
لَقَد كانَ لَكُم فى رَسولِ اللَّهِ أُسوَةٌ حَسَنَةٌ لِمَن كانَ يَرجُوا اللَّهَ وَاليَومَ الءاخِرَ وَذَكَرَ اللَّهَ كَثيرًا (آيت : 21) |
بيشڪ توهان مان جيڪي ماڻهو الله تعالى جي رضا ۽ آخرت جي ڏينھن ۾ اميد رکن ٿا ۽ الله تعالى کي تمام گهڻو ياد ڪن ٿا ته انهن لاءِ الله تعالى جي رسول (ﷺ) جي طريقي ۾ ئي بھترين نمونو آهي. |
وَلَمّا رَءَا المُؤمِنونَ الأَحزابَ قالوا هٰذا ما وَعَدَنَا اللَّهُ وَرَسولُهُ وَصَدَقَ اللَّهُ وَرَسولُهُ وَما زادَهُم إِلّا إيمٰنًا وَتَسليمًا (آيت : 22) |
۽ جڏهن مؤمنن ڪافرن جي لشڪر کي ڏٺو ته چيائون ته اهوئي ته اهو وعدو آهي جيڪو الله تعالى ۽ سندس رسول (ﷺ) اسان سان ڪيو هو. الله تعالى ۽ سندس رسول (ﷺ) بلڪل سچ فرمايو هو. هن جنگ ته مؤمنن جي اندر ايمان ۽ فرمانبرداري ۾ ويتر واڌارو ڪري ڇڏيو. |
مِنَ المُؤمِنينَ رِجالٌ صَدَقوا ما عٰهَدُوا اللَّهَ عَلَيهِ فَمِنهُم مَن قَضىٰ نَحبَهُ وَمِنهُم مَن يَنتَظِرُ وَما بَدَّلوا تَبديلًا (آيت : 23) |
مؤمنن ۾ اهڙا به ماڻهو موجود آهن جن الله تعالى سان پنھنجي ڪيل وعدي کي سچ ڪري ڏيکاريو. پوءِ انهن مان ڪن پنھنجو وعدو پورو ڪري ڏيکاريو (يعني شھيد ٿي ويا) ۽ ڪجهه ان انتظار ۾ آهن (ته سندن شهيد ٿيڻ واري تمنا ڪڏهن پوري ٿئي ٿي؟) هي ماڻهو (ڏکين مرحلن ۾ به) پنھنجي وعدي تان نه ڦريا. |
لِيَجزِىَ اللَّهُ الصّٰدِقينَ بِصِدقِهِم وَيُعَذِّبَ المُنٰفِقينَ إِن شاءَ أَو يَتوبَ عَلَيهِم إِنَّ اللَّهَ كانَ غَفورًا رَحيمًا (آيت : 24) |
(هن جنگ جو مقصد هي هو ته) جيئن الله تعالى سچن ماڻهن کي سندن سچائي جو بدلو ڏئي ۽ منافقن کي چاهي ته عذاب ڏي، چاهي ته کين توبہ جي توفيق نصيب ڪري. بيشڪ الله تعالى وڏو معاف ڪندڙ ۽ وڏو رحم ڪندڙ آهي. |
وَرَدَّ اللَّهُ الَّذينَ كَفَروا بِغَيظِهِم لَم يَنالوا خَيرًا وَكَفَى اللَّهُ المُؤمِنينَ القِتالَ وَكانَ اللَّهُ قَوِيًّا عَزيزًا (آيت : 25) |
الله تعالى ڪافرن جا ٻُوٿ ڀيلا ڪري کين (هٿين خالي) موٽڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو، انهن کي (مديني تي) چڙهائي ڪرڻ مان ڪجهه به هڙ حاصل نه ٿيو. جنگ ۾ مؤمنن جي لاءِ الله تعالى جي ذات ئي ڪافي آهي. بيشڪ الله تعاليٰ زبردست طاقت وارو آهي. |
وَأَنزَلَ الَّذينَ ظٰهَروهُم مِن أَهلِ الكِتٰبِ مِن صَياصيهِم وَقَذَفَ فى قُلوبِهِمُ الرُّعبَ فَريقًا تَقتُلونَ وَتَأسِرونَ فَريقًا (آيت : 26) |
۽ اهل ڪتاب مان جن (يهودين) انهن مڪي جي مشرڪن جي حمايت ڪئي تن کي به الله تعالى سندن مضبوط قلعن مان هيٺ لاٿو ۽ انهن جي دلين ۾ (اهڙو ته) رعب وڌو (جو بنو قريظه وارا هٿيار ڦٽا ڪري اچي پيش پيا) پوءِ انهن مان ڪن کي توهان قتل ڪيو ۽ ڪن کي قيدي بڻائي ڇڏيو. |
وَأَورَثَكُم أَرضَهُم وَدِيٰرَهُم وَأَموٰلَهُم وَأَرضًا لَم تَطَـٔوها وَكانَ اللَّهُ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرًا (آيت : 27) |
۽ (الله تعالى) توهان کي انهن جي زمين، انهن جي گهرن ۽ انهن جي مالن جو وارث بنائي ڇڏيو ۽ اهڙي زمين به توهان جي قبضي ۾ ڏني جنھن تي توهان اڳ ۾ ڪڏهن به پير نه پاتو هو الله تعالى هر شيءِ تي قدرت رکندڙ آهي. |
يٰأَيُّهَا النَّبِىُّ قُل لِأَزوٰجِكَ إِن كُنتُنَّ تُرِدنَ الحَيوٰةَ الدُّنيا وَزينَتَها فَتَعالَينَ أُمَتِّعكُنَّ وَأُسَرِّحكُنَّ سَراحًا جَميلًا (آيت : 28) |
اي نبي (ﷺ!) پنھنجي گهر وارين کي چؤ ته جيڪڏهن توهان دنيا جي زندگي ۽ ان جو سينگار چاهيو ٿيون ته اچو ته مان توهان کي ڪجهه مال ڏيئي سھڻي طريقي سان رخصت ڪري ڇڏيان. |
وَإِن كُنتُنَّ تُرِدنَ اللَّهَ وَرَسولَهُ وَالدّارَ الءاخِرَةَ فَإِنَّ اللَّهَ أَعَدَّ لِلمُحسِنٰتِ مِنكُنَّ أَجرًا عَظيمًا (آيت : 29) |
پر جيڪڏهن توهان کي الله تعالي، ان جو رسول (ﷺ) ۽ آخرت جو گهر کپي ته بيشڪ الله تعالى توهان مان نيڪوڪار گهر وارين لاءِ وڏو اجرتيار ڪيو آهي. |
يٰنِساءَ النَّبِىِّ مَن يَأتِ مِنكُنَّ بِفٰحِشَةٍ مُبَيِّنَةٍ يُضٰعَف لَهَا العَذابُ ضِعفَينِ وَكانَ ذٰلِكَ عَلَى اللَّهِ يَسيرًا (آيت : 30) |
اي نبي سڳوري جون گهر واريون! (توهان هي ڳالهه ذهن ۾ ويهاري ڇڏيو ته) جيڪڏهن توهان مان ڪا پڌري بي حيائي جو ڪم ڪري وجهندي ته ان کي ٻيڻو عذاب ڏنو ويندو ۽ هي الله تعالى جي لاءِ تمام سولو ڪم آهي. |
وَمَن يَقنُت مِنكُنَّ لِلَّهِ وَرَسولِهِ وَتَعمَل صٰلِحًا نُؤتِها أَجرَها مَرَّتَينِ وَأَعتَدنا لَها رِزقًا كَريمًا (آيت : 31) |
۽ توهان مان جيڪا الله تعالى ۽ سندس رسول (ﷺ) جي فرمانبرداري ۽ نيڪ عمل ڪندي ته اسان کيس ٻيڻو اجرڏينداسين ۽ ان جي لاءِ عزت واري روزي رکي آهي. |
يٰنِساءَ النَّبِىِّ لَستُنَّ كَأَحَدٍ مِنَ النِّساءِ إِنِ اتَّقَيتُنَّ فَلا تَخضَعنَ بِالقَولِ فَيَطمَعَ الَّذى فى قَلبِهِ مَرَضٌ وَقُلنَ قَولًا مَعروفًا (آيت : 32) |
اي نبي سڳوري جون گهر واريون! (توهان اها ڳالهه ذهن ۾ رکو ته) توهان جي حيثيت عام عورتن واري نه آهي. جيڪڏهن توهان جي اندر الله تعالى جو خوف آهي ته ڪنھن (ڌارئي ماڻهوءَ) سان نرم لهجي ۾ نه ڳالهايو. ٿي سگهي ٿو ته جنھن جي دل ۾ ڪا بيماري هجي اهو ڪنھن به قسم جي ڪا توقع رکي. توهان(انهن سان) عام انداز ۾ ڳالهايو. |
وَقَرنَ فى بُيوتِكُنَّ وَلا تَبَرَّجنَ تَبَرُّجَ الجٰهِلِيَّةِ الأولىٰ وَأَقِمنَ الصَّلوٰةَ وَءاتينَ الزَّكوٰةَ وَأَطِعنَ اللَّهَ وَرَسولَهُ إِنَّما يُريدُ اللَّهُ لِيُذهِبَ عَنكُمُ الرِّجسَ أَهلَ البَيتِ وَيُطَهِّرَكُم تَطهيرًا (آيت : 33) |
۽ توهان پنھنجي گهرن ۾ ئي رهو ۽ پھرين جاهليت واري دور وانگر هار سينگار ڪري ٻاهر نه نڪرنديون ڪريو. نماز قائم ڪريو، زڪوات ادا ڪريو ۽ الله تعالى ۽ ان جي رسول (سڳوري) جي فرمانبرداري ڪريو. اي اهل بيت! الله تعالى توهان کان گندگي دور ڪرڻ چاهي ٿو ۽ توهان کي چڱي طرح پاڪ ڪرڻ چاهي ٿو. |
وَاذكُرنَ ما يُتلىٰ فى بُيوتِكُنَّ مِن ءايٰتِ اللَّهِ وَالحِكمَةِ إِنَّ اللَّهَ كانَ لَطيفًا خَبيرًا (آيت : 34) |
۽ توهان جي گهرن ۾ الله تعالى جي ڪلام مان جيڪي آيتون ۽ حڪمت جون ڳالهيون ٻڌايون وڃن ٿيون تن کي ياد ڪريو. بيشڪ الله تعالى انتهائي باريڪ بين ۽ هر شيءِ جي خبر رکندڙ آهي. |
إِنَّ المُسلِمينَ وَالمُسلِمٰتِ وَالمُؤمِنينَ وَالمُؤمِنٰتِ وَالقٰنِتينَ وَالقٰنِتٰتِ وَالصّٰدِقينَ وَالصّٰدِقٰتِ وَالصّٰبِرينَ وَالصّٰبِرٰتِ وَالخٰشِعينَ وَالخٰشِعٰتِ وَالمُتَصَدِّقينَ وَالمُتَصَدِّقٰتِ وَالصّٰئِمينَ وَالصّٰئِمٰتِ وَالحٰفِظينَ فُروجَهُم وَالحٰفِظٰتِ وَالذّٰكِرينَ اللَّهَ كَثيرًا وَالذّٰكِرٰتِ أَعَدَّ اللَّهُ لَهُم مَغفِرَةً وَأَجرًا عَظيمًا (آيت : 35) |
بيشڪ مسلمان مرد ۽ مسلمان عورتون، مؤمن مرد ۽ مؤمن عورتون، فرمانبردار مرد ۽ فرمانبردار عورتون، سچا مرد ۽ سچيون عورتون، صبر ڪندڙ مرد ۽ صبر ڪندڙ عورتون، عاجزي ڪندڙ مرد ۽ عاجزي ڪندڙ عورتون، خيرات ڪڍندڙ مرد ۽ خيرات ڪڍندڙ عورتون، روزو رکڻ وارا مرد ۽ روزو رکڻ واريون عورتون، پنھنجي اگهڙن جي حفاظت ڪندڙ مرد ۽ پنهنجي اگهڙن جي حفاظت ڪندڙ عورتون ۽ الله تعالى کي گهڻو ياد ڪندڙ مرد ۽ گهڻو ياد ڪندڙ عورتون، انهن سڀني جي لاءِ الله تعالى معافي ۽ تمام وڏو اجرتيار ڪري رکيو آهي. |
وَما كانَ لِمُؤمِنٍ وَلا مُؤمِنَةٍ إِذا قَضَى اللَّهُ وَرَسولُهُ أَمرًا أَن يَكونَ لَهُمُ الخِيَرَةُ مِن أَمرِهِم وَمَن يَعصِ اللَّهَ وَرَسولَهُ فَقَد ضَلَّ ضَلٰلًا مُبينًا (آيت : 36) |
الله تعالى ۽ سندس رسول (ﷺ) جنھن به معاملي ۾ ڪو فيصلو ڪيو هجي ته ڪنھن به مؤمن مرد يا مؤمن عورت کي ان معاملي ۾ ڪنھن ٻئي فيصلي ڪرڻ جو ڪوبه اختيار نه آهي ۽ جيڪو به الله تعالى ۽ ان جي رسول (سڳوري) جي نافرماني ڪندو ته هو پڌرو گمراهيءَ ۾ پئجي ويندو. |
وَإِذ تَقولُ لِلَّذى أَنعَمَ اللَّهُ عَلَيهِ وَأَنعَمتَ عَلَيهِ أَمسِك عَلَيكَ زَوجَكَ وَاتَّقِ اللَّهَ وَتُخفى فى نَفسِكَ مَا اللَّهُ مُبديهِ وَتَخشَى النّاسَ وَاللَّهُ أَحَقُّ أَن تَخشىٰهُ فَلَمّا قَضىٰ زَيدٌ مِنها وَطَرًا زَوَّجنٰكَها لِكَى لا يَكونَ عَلَى المُؤمِنينَ حَرَجٌ فى أَزوٰجِ أَدعِيائِهِم إِذا قَضَوا مِنهُنَّ وَطَرًا وَكانَ أَمرُ اللَّهِ مَفعولًا (آيت : 37) |
(اي نبيﷺ! هي ڳالهه ياد ڪر) جنھن شخص تي الله تعالى ۽ تو احسان ڪيو هو پوءِ تون ان شخص کي چيو هو ته پنھنجي گهر واري کي پاڻ وٽ رک (کيس طلاق نه ڏي). الله تعالى کان ڊڄ، الله تعالى ته ان ڳالهه کي ظاهر ڪرڻ وارو هو، جنھن ڳالهه کي ماڻهن جي ڀَوَ کان تو لڪائي رکيو هو. تون ماڻهن کان ڊڄي رهيو هئين حالانڪه الله تعالى ئي وڌيڪ حقدار آهي ته ان کان ڊڄجي. پوءِ زيد (بن حارثه رضي الله) جڏهن ان عورت سان حاجت پوري ڪئي (۽ کيس طلاق ڏنائين) ته اسان ان (عورت) جو نڪاح توسان ڪري ڇڏيوسين ته جيئن مؤمنن کي وات سان چيل پٽن جي زالن سان طلاق ڏيڻ کان پوءِ نڪاح ڪرڻ ۾ ڪابه رنڊڪ محسوس نه ٿئي ۽ الله تعالى جو حڪم نافذ ٿيڻ لاءِ ئي هوندو آهي. |
ما كانَ عَلَى النَّبِىِّ مِن حَرَجٍ فيما فَرَضَ اللَّهُ لَهُ سُنَّةَ اللَّهِ فِى الَّذينَ خَلَوا مِن قَبلُ وَكانَ أَمرُ اللَّهِ قَدَرًا مَقدورًا (آيت : 38) |
نبي (سڳوري) تي جيڪو حڪم الله تعالى فرض ڪري ڇڏيندو آهي ته کيس ان تي عمل ڪرڻ ۾ ڪابه رڪاوٽ نه هوندي آهي. الله تعالى جو اهو طريقو انهن (نبين سڳورن) لاءِ به هو جيڪي اڳ گذري چڪا آهن ۽ الله تعالى جو حڪم قطعي فيصلو هوندو آهي. |
الَّذينَ يُبَلِّغونَ رِسٰلٰتِ اللَّهِ وَيَخشَونَهُ وَلا يَخشَونَ أَحَدًا إِلَّا اللَّهَ وَكَفىٰ بِاللَّهِ حَسيبًا (آيت : 39) |
(اهي نبي سڳورا) الله تعالى جو پيغام پھچائيندڙ ۽ ان کان ڊڄندڙ هوندا آهن ۽ هُو الله تعالى جي ذات کان سواءِ ٻئي ڪنھن کان به نه ڊڄندا آهن. الله تعالى ئي حساب وٺڻ لاءِ ڪافي آهي. |
ما كانَ مُحَمَّدٌ أَبا أَحَدٍ مِن رِجالِكُم وَلٰكِن رَسولَ اللَّهِ وَخاتَمَ النَّبِيّۦنَ وَكانَ اللَّهُ بِكُلِّ شَيءٍ عَليمًا (آيت : 40) |
(حضرت) ﷴ (ﷺ) توهان مردن مان ڪنھن جو به پيءُ نه آهي، هو الله تعالى جو رسول ۽ آخري نبي آهي (ان کان پوءِ نبوت جو دروازو هميشه لاءِ بند ٿي ويو آهي) الله تعالى هر شيءِ کي چڱي طرح ڄاڻي ٿو. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنُوا اذكُرُوا اللَّهَ ذِكرًا كَثيرًا (آيت : 41) |
اي ايمان وارؤ! الله تعالى جو تمام گهڻو ذڪر ڪندا ڪريو. |
وَسَبِّحوهُ بُكرَةً وَأَصيلًا (آيت : 42) |
۽ صبح ۽ شام ان جي پاڪيزگي بيان ڪندا ڪريو. |
هُوَ الَّذى يُصَلّى عَلَيكُم وَمَلٰئِكَتُهُ لِيُخرِجَكُم مِنَ الظُّلُمٰتِ إِلَى النّورِ وَكانَ بِالمُؤمِنينَ رَحيمًا (آيت : 43) |
الله تعالى توهان جي مٿان رحمت نازل ڪري ٿو ۽ ان جا ملائڪ به توهان جي لاءِ رحمت جي دعا ڪن ٿا ته جيئن هو توهان کي اونداهين مان ڪڍي روشني ڏانھن آڻي. هو مؤمنن تي ته بيحد مھربان آهي. |
تَحِيَّتُهُم يَومَ يَلقَونَهُ سَلٰمٌ وَأَعَدَّ لَهُم أَجرًا كَريمًا (آيت : 44) |
الله تعالى سان ملاقات واري ڏينھن انهن جو آڌر ڀاءُ السلام عليڪم سان ڪيو ويندو ۽ انهن جي لاءِ بھترين اجرتيار ڪيو ويو آهي. |
يٰأَيُّهَا النَّبِىُّ إِنّا أَرسَلنٰكَ شٰهِدًا وَمُبَشِّرًا وَنَذيرًا (آيت : 45) |
اي نبي (ﷺ!) اسان توکي گواهه جي صورت ۾ خوشخبري ٻڌائيندڙ ۽ ڊيڄاريندڙ ڪري موڪليو آهي. |
وَداعِيًا إِلَى اللَّهِ بِإِذنِهِ وَسِراجًا مُنيرًا (آيت : 46) |
ان جي حڪم سان ماڻهن کي الله تعالى ڏانھن سڏيندڙ ۽ هڪ روشن چراغ ٺاهي موڪليو آهي. |
وَبَشِّرِ المُؤمِنينَ بِأَنَّ لَهُم مِنَ اللَّهِ فَضلًا كَبيرًا (آيت : 47) |
۽ ايمان وارن کي هي خوشخبري ٻڌاءِ ته بيشڪ انهن جي لاءِ الله تعالى جي طرفان وڏو فضل رکيل آهي. |
وَلا تُطِعِ الكٰفِرينَ وَالمُنٰفِقينَ وَدَع أَذىٰهُم وَتَوَكَّل عَلَى اللَّهِ وَكَفىٰ بِاللَّهِ وَكيلًا (آيت : 48) |
(سو) تون ڪافرن ۽ منافقن جي ڪڏهن به اطاعت نه ڪجانءِ ۽ نه انهن جي طرفان ڏنل تڪليف جي پرواهه ڪر. صرف الله تعالى تي ڀروسو رک، الله تعالى ئي معاملا درست رکڻ لاءِ ڪافي آهي. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا إِذا نَكَحتُمُ المُؤمِنٰتِ ثُمَّ طَلَّقتُموهُنَّ مِن قَبلِ أَن تَمَسّوهُنَّ فَما لَكُم عَلَيهِنَّ مِن عِدَّةٍ تَعتَدّونَها فَمَتِّعوهُنَّ وَسَرِّحوهُنَّ سَراحًا جَميلًا (آيت : 49) |
اي ايمان وارؤ! جڏهن توهان مؤمن عورتن سان نڪاح ڪريو ۽ انهن کي قرب ونڊڻ کان اڳ ئي طلاق ڏئي ڇڏيو ته هاڻي انهن عورتن تي توهان جي طرف کان ڪابه عدت واجب نه آهي جو توهان ويھي حساب لڳايو. هاڻي انهن کي ڪجهه مال ڏئي سھڻي طريقي سان رخصت ڪري ڇڏيو. |
يٰأَيُّهَا النَّبِىُّ إِنّا أَحلَلنا لَكَ أَزوٰجَكَ الّٰتى ءاتَيتَ أُجورَهُنَّ وَما مَلَكَت يَمينُكَ مِمّا أَفاءَ اللَّهُ عَلَيكَ وَبَناتِ عَمِّكَ وَبَناتِ عَمّٰتِكَ وَبَناتِ خالِكَ وَبَناتِ خٰلٰتِكَ الّٰتى هاجَرنَ مَعَكَ وَامرَأَةً مُؤمِنَةً إِن وَهَبَت نَفسَها لِلنَّبِىِّ إِن أَرادَ النَّبِىُّ أَن يَستَنكِحَها خالِصَةً لَكَ مِن دونِ المُؤمِنينَ قَد عَلِمنا ما فَرَضنا عَلَيهِم فى أَزوٰجِهِم وَما مَلَكَت أَيمٰنُهُم لِكَيلا يَكونَ عَلَيكَ حَرَجٌ وَكانَ اللَّهُ غَفورًا رَحيمًا (آيت : 50) |
(اي نبيﷺ!) بيشڪ اسان تنھنجي لاءِ هي عورتون نڪاح طور حلال ڪيون آهن، (جن سان تون نڪاح ڪري سگهين ٿو:) اهي عورتون جن کي تو حق مھر ڏنو آهي ــ اهي ٻانهيون جيڪي توهان کي الله تعالى جي طرفان ملڪيت طور ملي چڪيون آهن ـــ چاچيءَ ـــ پڦيءَـــماميءَ ۽ ماسيءَ جون ڌيئرون جن توهان سان گڏ هجرت ڪئي آهي،انهن مان توهان ڪنھن سان به نڪاح ڪري سگهو ٿا (ان کان علاوه) تون ان عورت سان به نڪاح ڪري سگهين ٿو جيڪا بغير مھر وٺڻ جي توهان جي مرضيءَ سان پاڻ کي نڪاح لاءِ پيش ڪري. هي رعايت صرف توهان جي لاءِ آهي. ٻين مؤمنن کي (بغير حق مھر ادا ڪرڻ جي) نڪاح جي اجازت نه آهي. اسان مسلمان مردن تي، سندن گهر وارين ۽ ٻانهين جي باري ۾ جو ڪجهه فرض ڪري چڪا آهيون اها سڀ خبر آهي. (اي نبيﷺ!) توهان کي هي رعايت ان ڪري ڏني وئي آهي ته جيئن توهان لاءِ ڪا ڏکيائي پيدا نه ٿئي. الله تعالى وڏو معاف ڪندڙ ۽ وڏو رحم ڪندڙ آهي. |
تُرجى مَن تَشاءُ مِنهُنَّ وَتُـٔوى إِلَيكَ مَن تَشاءُ وَمَنِ ابتَغَيتَ مِمَّن عَزَلتَ فَلا جُناحَ عَلَيكَ ذٰلِكَ أَدنىٰ أَن تَقَرَّ أَعيُنُهُنَّ وَلا يَحزَنَّ وَيَرضَينَ بِما ءاتَيتَهُنَّ كُلُّهُنَّ وَاللَّهُ يَعلَمُ ما فى قُلوبِكُم وَكانَ اللَّهُ عَليمًا حَليمًا (آيت : 51) |
(اي نبيﷺ!) توکي اهو به اختيار حاصل آهي ته پنھنجي گهر وارين مان جنھن کي چاهين (في الحال) پاڻ کان الڳ ڪرين ۽ جنھن کي چاهين پاڻ وٽ رکين. وري جنھن لاءِ مناسب سمجهين ان کي الڳ رکڻ کان پوءِ واپس پاڻ وٽ رکين. اها مٽا سٽا ڪرڻ توهان لاءِ گناهه نه آهي. اهو ان ڪري به آهي ته هي گهر واريون الله تعالى جي حڪم کي دل سان قبول ڪن ته سندن اکيون ٿڌيون رهنديون ۽ هو (منهن سڄائي) غمگين نه رهنديون ۽ تون کين جيڪو به حڪم ڏيندين ته هو ان تي الله تعالى جو حڪم سمجهي خوش ٿي وينديون، الله تعالى کي توهان جي دلين جي خوب خبر آهي. بيشڪ الله تعالى وڏي علم وارو ۽ وڏو بُردبار آهي. |
لا يَحِلُّ لَكَ النِّساءُ مِن بَعدُ وَلا أَن تَبَدَّلَ بِهِنَّ مِن أَزوٰجٍ وَلَو أَعجَبَكَ حُسنُهُنَّ إِلّا ما مَلَكَت يَمينُكَ وَكانَ اللَّهُ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ رَقيبًا (آيت : 52) |
(اي نبي ﷺ!) هاڻي تنھنجي مٿان هي پابندي لڳائي وڃي ٿي ته تون ڪنھن به ٻي عورت سان نڪاح نٿو ڪري سگهين ۽ نه ڪنھن گهر واري کي طلاق ڏيئي ان جي جاءِ تي ٻي گهر واري حرم ۾ داخل ڪري سگهين ٿو، چاهي توکي انهن عورتن جي خوبصورتي تمام گهڻو ڇو نه پسند هجي. (ها) باقي ٻانهين کي پاڻ وٽ رکڻ جي توکي اجازت آهي. الله تعالى هر شيءِ جي نگھباني ڪندڙ آهي. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا لا تَدخُلوا بُيوتَ النَّبِىِّ إِلّا أَن يُؤذَنَ لَكُم إِلىٰ طَعامٍ غَيرَ نٰظِرينَ إِنىٰهُ وَلٰكِن إِذا دُعيتُم فَادخُلوا فَإِذا طَعِمتُم فَانتَشِروا وَلا مُستَـٔنِسينَ لِحَديثٍ إِنَّ ذٰلِكُم كانَ يُؤذِى النَّبِىَّ فَيَستَحيۦ مِنكُم وَاللَّهُ لا يَستَحيۦ مِنَ الحَقِّ وَإِذا سَأَلتُموهُنَّ مَتٰعًا فَسـَٔلوهُنَّ مِن وَراءِ حِجابٍ ذٰلِكُم أَطهَرُ لِقُلوبِكُم وَقُلوبِهِنَّ وَما كانَ لَكُم أَن تُؤذوا رَسولَ اللَّهِ وَلا أَن تَنكِحوا أَزوٰجَهُ مِن بَعدِهِ أَبَدًا إِنَّ ذٰلِكُم كانَ عِندَ اللَّهِ عَظيمًا (آيت : 53) |
اي ايمان وارؤ! (هاڻي) توهان نبي (ﷺ) جي گهرن ۾ بغير اجازت داخل نه ٿجو ۽ نه کاڌي واري ٽائيم تي اچڻ جي تڪليف ڪريو (پوءِ ايئن نه ٿئي ته توهان بغير دعوت جي کاڌي کي تڪيندا رهو ۽ ڪنهن مجبوري سبب توهان کي کاڌو نه ملي سگهي). ها جڏهن توهان کي کاڌي کائڻ جي باقاعده دعوت ڏني وڃي ته پوءِ به مقرر وقت تي پهچو ۽ کاڌو کائي هليا وڃو، اتي ويھي خواهه مخواهه جي ڪچهري لڳائي نه ويهو. بيشڪ نبي سڳوري کي توهان جي ان عمل سان تڪليف پھچي ٿي ۽ هو شرما حضوري ۾ توهان کي ڪجهه چئي به نٿا سگهن. پر الله تعالى حق ڳالهه چوڻ ۾ ڪنھن جو به لحاظ نه ٿو رکي، ۽ (ٻي ڳالهه ته) جڏهن توهان کي بيبين سڳورين کان ڪا شيءِ گهرڻي هجي ته پردي پويان گهرندا ڪريو ــ توهان جي ۽ بيبين جي دلين کي پاڪ رکڻ جو اهوئي صحيح طريقو آهي. توهان کي الله تعالى جي رسول سڳوري کي تڪليف ڏيڻ نٿو جڳائي ۽ نبي سڳوري (جي وفات) کان پوءِ سندس بيبين سان ڪنھن کي به نڪاح ڪرڻ جي هرگز اجازت ناهي. بيشڪ اهو عمل الله تعالى وٽ وڏو گناهه آهي. |
إِن تُبدوا شَيـًٔا أَو تُخفوهُ فَإِنَّ اللَّهَ كانَ بِكُلِّ شَيءٍ عَليمًا (آيت : 54) |
توهان ڪنھن به معاملي کي ظاهر ڪريو يا لڪايو (پر) الله تعالى هر شيءِ کي خوب ڄاڻي ٿو. |
لا جُناحَ عَلَيهِنَّ فى ءابائِهِنَّ وَلا أَبنائِهِنَّ وَلا إِخوٰنِهِنَّ وَلا أَبناءِ إِخوٰنِهِنَّ وَلا أَبناءِ أَخَوٰتِهِنَّ وَلا نِسائِهِنَّ وَلا ما مَلَكَت أَيمٰنُهُنَّ وَاتَّقينَ اللَّهَ إِنَّ اللَّهَ كانَ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ شَهيدًا (آيت : 55) |
بيبين سڳورين کي هنن مائٽن جي منھن پَوڻ جي اجازت آهي: ماءُ پيءُ ــ پٽن ــ ڀائرن ــ ڀائٽين ــ ڀاڻيجن ــ سڃاڻيندڙ (حيادار) عورتن ــ ٻانهين ۽ غلامن ــ (اي بيبيو! توهان هر وقت) الله تعالى کان ڊڄنديون رهو. بيشڪ الله تعالى جي هر شيءِ تي نظر آهي. |
إِنَّ اللَّهَ وَمَلٰئِكَتَهُ يُصَلّونَ عَلَى النَّبِىِّ يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا صَلّوا عَلَيهِ وَسَلِّموا تَسليمًا (آيت : 56) |
بيشڪ الله تعالى ۽ سندس ملائڪ نبي (ﷺ) تي درود موڪلين ٿا. اي ايمان وارؤ! توهان به ان تي درود ۽ سلام موڪليو. |
إِنَّ الَّذينَ يُؤذونَ اللَّهَ وَرَسولَهُ لَعَنَهُمُ اللَّهُ فِى الدُّنيا وَالءاخِرَةِ وَأَعَدَّ لَهُم عَذابًا مُهينًا (آيت : 57) |
بيشڪ جيڪي ماڻهو الله تعالى ۽ سندس رسول سڳوري کي تڪليف پھچائين ٿا، اهڙن ماڻهن تي دنيا ۽ آخرت ۾ لعنت آهي ۽ الله تعالى انهن لاءِ خوار ڪندڙ عذاب تيار ڪري ڇڏيو آهي. |
وَالَّذينَ يُؤذونَ المُؤمِنينَ وَالمُؤمِنٰتِ بِغَيرِ مَا اكتَسَبوا فَقَدِ احتَمَلوا بُهتٰنًا وَإِثمًا مُبينًا (آيت : 58) |
۽ جيڪي ماڻهو مؤمن مردن ۽ مؤمن عورتن کي بي قصور تڪليف ڏين ٿا. درحقيقت هو پنھنجو پاڻ تي وڏي بھتان ۽ پڌري گناهه جو بار کڻن ٿا. |
يٰأَيُّهَا النَّبِىُّ قُل لِأَزوٰجِكَ وَبَناتِكَ وَنِساءِ المُؤمِنينَ يُدنينَ عَلَيهِنَّ مِن جَلٰبيبِهِنَّ ذٰلِكَ أَدنىٰ أَن يُعرَفنَ فَلا يُؤذَينَ وَكانَ اللَّهُ غَفورًا رَحيمًا (آيت : 59) |
(اي نبيﷺ!) پنھنجي بيبين، ڌيئرن ۽ مؤمن عورتن کي چئي ڇڏ ته هو (جڏهن گهرن کان ٻاهر نڪرن ته) پنھنجي مٿان چادرون ڍڪين ته جيئن هو حياء دار عورتن جي صورت ۾ سڃاتيون وڃن ۽ کين ايذايو نه وڃي. الله تعالى وڏو معاف ڪندڙ ۽ وڏو رحم ڪندڙ آهي. |
لَئِن لَم يَنتَهِ المُنٰفِقونَ وَالَّذينَ فى قُلوبِهِم مَرَضٌ وَالمُرجِفونَ فِى المَدينَةِ لَنُغرِيَنَّكَ بِهِم ثُمَّ لا يُجاوِرونَكَ فيها إِلّا قَليلًا (آيت : 60) |
جيڪڏهن منافق، ڏوهاري ذهن جا ماڻهو ۽ مديني (شريف) ۾ ڪوڙيون ڳالهيون ڦھلائيندڙ پنھنجي حرڪتن کان باز نه آيا ته اسان توکي انهن جي خلاف (باقاعده) مقابلي جي لاءِ سامهون بيھارينداسين جنهن کان پوءِ هو توسان (هن شهر ۾) گهڻو وقت رهي به نه سگهندا. |
مَلعونينَ أَينَما ثُقِفوا أُخِذوا وَقُتِّلوا تَقتيلًا (آيت : 61) |
مٿن هر طرف کان لعنت وسندي، جتي به هوندا کين پڪڙيو ويندو ۽ بري طرح قتل ڪيو ويندو. |
سُنَّةَ اللَّهِ فِى الَّذينَ خَلَوا مِن قَبلُ وَلَن تَجِدَ لِسُنَّةِ اللَّهِ تَبديلًا (آيت : 62) |
الله تعالى جو اهوئي طريقو آهي جيڪو شروع کان هلندو اچي ٿو ۽ تون الله تعالى جي طريقي ۾ ڪابه تبديلي نه ڏسندين. |
يَسـَٔلُكَ النّاسُ عَنِ السّاعَةِ قُل إِنَّما عِلمُها عِندَ اللَّهِ وَما يُدريكَ لَعَلَّ السّاعَةَ تَكونُ قَريبًا (آيت : 63) |
(اي نبيﷺ!) ماڻهو توهان کان قيامت جي باري ۾ پڇا ڪن ٿا. توهان (کين) ٻڌايو ته بيشڪ ان جو علم الله تعالى کي ئي آهي ۽ توهان کي ڪهڙي خبر؟ ٿي سگهي ٿو ته اُها ويجهو ئي پھتي هجي. |
إِنَّ اللَّهَ لَعَنَ الكٰفِرينَ وَأَعَدَّ لَهُم سَعيرًا (آيت : 64) |
بيشڪ الله تعالى ڪافرن تي لعنت ڪئي آهي ۽ انهن جي لاءِ ڀڙڪيل باهه تيار ڪيل آهي. |
خٰلِدينَ فيها أَبَدًا لا يَجِدونَ وَلِيًّا وَلا نَصيرًا (آيت : 65) |
هو ان ۾ هميشه رهندا، جتي نڪو سندن ساٿي هوندو ۽ نه ئي ڪو مددگار . |
يَومَ تُقَلَّبُ وُجوهُهُم فِى النّارِ يَقولونَ يٰلَيتَنا أَطَعنَا اللَّهَ وَأَطَعنَا الرَّسولا۠ (آيت : 66) |
جنھن ڏينھن سندن منھن باهه ۾ اونڌا ڪيا ويندا پوءِ هو چوندا ته ڪاش! اسان الله تعالى ۽ رسول سڳوري جي اطاعت ڪئي هجي ها. |
وَقالوا رَبَّنا إِنّا أَطَعنا سادَتَنا وَكُبَراءَنا فَأَضَلّونَا السَّبيلا۠ (آيت : 67) |
۽ هو (وڏي افسوس سان) چوندا ته: اي اسان جا پالڻھار! بيشڪ اسان پنھنجي سردارن ۽ وڏن ماڻهن جي اطاعت ڪئي. درحقيقت اُنهن ئي اسان کي سڌي رستي کان گمراهه ڪري ڇڏيو. |
رَبَّنا ءاتِهِم ضِعفَينِ مِنَ العَذابِ وَالعَنهُم لَعنًا كَبيرًا (آيت : 68) |
اي اسان جا پالڻھار! اُنهن کي ٻيڻو عذاب ڏي ۽ مٿن وڏي لعنت ڪر. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا لا تَكونوا كَالَّذينَ ءاذَوا موسىٰ فَبَرَّأَهُ اللَّهُ مِمّا قالوا وَكانَ عِندَ اللَّهِ وَجيهًا (آيت : 69) |
اي ايمان وارؤ! توهان اُنهن (يهودين) وانگر نه ٿيو جن موسى ($) کي سخت تڪليف ۾ وڌو هو. پوءِ الله تعالى موسى ($) کي انهن جي بھتان تراشين کان بچايو ۽ (موسى$ ) الله تعالى جي نظر ۾ وڏو عزت وارو هو. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنُوا اتَّقُوا اللَّهَ وَقولوا قَولًا سَديدًا (آيت : 70) |
اي ايمان وارؤ! الله تعالى کان ڊڄو ۽ توهان (هميشه) صاف سٿري ڳالهه ڪندا ڪريو. |
يُصلِح لَكُم أَعمٰلَكُم وَيَغفِر لَكُم ذُنوبَكُم وَمَن يُطِعِ اللَّهَ وَرَسولَهُ فَقَد فازَ فَوزًا عَظيمًا (آيت : 71) |
هوتوهان جي عملن کي سڌاريندو ۽ توهان جي گناهن کي معاف ڪندو ۽ جيڪو الله تعالى ۽ سندس رسول سڳوري جي پيروي ڪندو ته سمجهو ته هن وڏي ڪاميابي حاصل ڪئي. |
إِنّا عَرَضنَا الأَمانَةَ عَلَى السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَالجِبالِ فَأَبَينَ أَن يَحمِلنَها وَأَشفَقنَ مِنها وَحَمَلَهَا الإِنسٰنُ إِنَّهُ كانَ ظَلومًا جَهولًا (آيت : 72) |
بيشڪ اسان آسمانن، زمين ۽ جبلن کي امانت (يعني دنيا جي خلافت) جي آڇ (۽ پيشڪش) ڪئي هئي ته هنن اها ذميداري قبول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ۽ ڊڄي ويا. پر انسان (ان ذميداري کي) قبول ڪري ورتو. بيشڪ انسان ظالم به آهي ته جاهل به. |
لِيُعَذِّبَ اللَّهُ المُنٰفِقينَ وَالمُنٰفِقٰتِ وَالمُشرِكينَ وَالمُشرِكٰتِ وَيَتوبَ اللَّهُ عَلَى المُؤمِنينَ وَالمُؤمِنٰتِ وَكانَ اللَّهُ غَفورًا رَحيمًا (آيت : 73) |
(پوءِ اسان انسان کي اِها ذميداري ان ڪري ڏني ته) جيئن الله تعالى منافق مردن ۽ عورتن، مشرڪ مردن ۽ عورتن کي عذاب ڏي ۽ مؤمن مردن ۽ عورتن جي توبہ قبول فرمائي. الله تعالى وڏو معاف ڪندڙ ۽ وڏو رحم ڪندڙ آهي. |