يٰأَيُّهَا النَّبِىُّ اتَّقِ اللَّهَ وَلا تُطِعِ الكٰفِرينَ وَالمُنٰفِقينَ إِنَّ اللَّهَ كانَ عَليمًا حَكيمًا (آيت : 1) |
اي نبي! ڊڄ الله کان ۽ پيروي نه ڪر ڪافرن جي ۽ منافقن جي، بيشڪ الله علم وارو آهي حڪمت وارو آهي |
وَاتَّبِع ما يوحىٰ إِلَيكَ مِن رَبِّكَ إِنَّ اللَّهَ كانَ بِما تَعمَلونَ خَبيرًا (آيت : 2) |
۽ پيروي ان ڳالهه جي ڪر جنهن جو وحي تو ڏي اچي ٿو تنهنجي رب جي طرفان، بيشڪ الله ئي هر ڳالهه کان جيڪا توهان ڪريو ٿا (ان کان) باخبر آهي |
وَتَوَكَّل عَلَى اللَّهِ وَكَفىٰ بِاللَّهِ وَكيلًا (آيت : 3) |
۽ توڪل ڪريو الله تي، ۽ ڪافي آهي الله ڪارساز هجڻ لاءِ |
ما جَعَلَ اللَّهُ لِرَجُلٍ مِن قَلبَينِ فى جَوفِهِ وَما جَعَلَ أَزوٰجَكُمُ الّٰـٔى تُظٰهِرونَ مِنهُنَّ أُمَّهٰتِكُم وَما جَعَلَ أَدعِياءَكُم أَبناءَكُم ذٰلِكُم قَولُكُم بِأَفوٰهِكُم وَاللَّهُ يَقولُ الحَقَّ وَهُوَ يَهدِى السَّبيلَ (آيت : 4) |
۽ نه رکيون آهن الله ڪنهن به شخص ۾ ٻه دليون سندس سيني ۾، ۽ نه وري بڻايو آ توهان جي زالن کي جن کي توهان ظهار چئي ماءُ چئو ٿا، ڪنهن ماءُ بڻايو آهي ۽ نه بڻايو آهي توهان جي پٽيلن کي توهان جو سچو پٽ هي توهان جون ڳالهيون آهن جيڪي توهان واتان ڪڍو ٿا، پر الله ته اها ڳالهه چوي ٿو جيڪا حق آهي، ۽ اهو ئي رهنمائي ڪري ٿو صحيح رستي ڏانهن |
ادعوهُم لِءابائِهِم هُوَ أَقسَطُ عِندَ اللَّهِ فَإِن لَم تَعلَموا ءاباءَهُم فَإِخوٰنُكُم فِى الدّينِ وَمَوٰليكُم وَلَيسَ عَلَيكُم جُناحٌ فيما أَخطَأتُم بِهِ وَلٰكِن ما تَعَمَّدَت قُلوبُكُم وَكانَ اللَّهُ غَفورًا رَحيمًا (آيت : 5) |
سڏيو انهن پٽيلن کي سندن ئي پيئرن جي نالي سان، اها ڳالهه وڌيڪ انصاف واري آهي الله وٽ، پوءِ جيڪڏهن معلوم نه هجي توهان کي ته سندن پيئر ڪير آهن، ته پوءِ اهي توهان جا ديني ڀائر آهن ۽ توهان جا ساٿي آهن، ۽ ناهي پڪڙ توهان تي ان ڳالهه جي جيڪا توهان اڻڄاڻائي ۾ چئو ٿا، پر ان ڳالهه تي ضرور پڪڙ آهي جنهن جو ارادو ڪريو ٿا توهان دل ۾، ۽ بيشڪ الله بخشڻهار ۽ ٻاجهارو آهي |
النَّبِىُّ أَولىٰ بِالمُؤمِنينَ مِن أَنفُسِهِم وَأَزوٰجُهُ أُمَّهٰتُهُم وَأُولُوا الأَرحامِ بَعضُهُم أَولىٰ بِبَعضٍ فى كِتٰبِ اللَّهِ مِنَ المُؤمِنينَ وَالمُهٰجِرينَ إِلّا أَن تَفعَلوا إِلىٰ أَولِيائِكُم مَعروفًا كانَ ذٰلِكَ فِى الكِتٰبِ مَسطورًا (آيت : 6) |
بيشڪ نبي ته ترجيح رکڻ جو مؤمنن تي (ذاتي طور تي) حقدار آهي ۽ نبيءَ جون گهر واريون سندن مائرون آهن، ۽ مٽ مائٽ ڪي انهن کان وڌيڪ ويجها الله جي ڪتاب موجب عام مؤمنن ۽ مهاجرن جي مقابلي ۾ (هڪ ٻئي تي) وڌيڪ حق رکن ٿا، البته توهان ڪا ڀلائي ڪرڻ چاهيو دوستن سان ته ڪري سگهو ٿا، اهو ئي حڪم آهي جيڪو الله جي ڪتاب ۾ لکيل آهي |
وَإِذ أَخَذنا مِنَ النَّبِيّۦنَ ميثٰقَهُم وَمِنكَ وَمِن نوحٍ وَإِبرٰهيمَ وَموسىٰ وَعيسَى ابنِ مَريَمَ وَأَخَذنا مِنهُم ميثٰقًا غَليظًا (آيت : 7) |
۽ (اي نبي!) ياد ڪر ان وعدي کي جيڪو اسان سڀني نبين کان ورتو هو، ۽ توکان به ۽ نوح کان به ۽ ابراهيم ۽ موسيٰ ۽ عيسيٰ پٽ مريم کان به، ۽ ورتو آهي سڀني کان نهايت ئي وعدو پڪو |
لِيَسـَٔلَ الصّٰدِقينَ عَن صِدقِهِم وَأَعَدَّ لِلكٰفِرينَ عَذابًا أَليمًا (آيت : 8) |
ته جيئن سوال ڪري (سندن رب) سچن کان سندن سچائيءَ جي باري ۾، ۽ تيار ڪيو آهي ڪافرن جي لاءِ عذاب تمام دردناڪ |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنُوا اذكُروا نِعمَةَ اللَّهِ عَلَيكُم إِذ جاءَتكُم جُنودٌ فَأَرسَلنا عَلَيهِم ريحًا وَجُنودًا لَم تَرَوها وَكانَ اللَّهُ بِما تَعمَلونَ بَصيرًا (آيت : 9) |
اي لوڪو جن آندو آهي ايمان، ياد ڪريو ان احسان کي (جيڪو) الله توهان تي ڪيو آهي، جڏهن چڙهائي ڪري آيا لشڪر توهان تي، پوءِ موڪليائين انهن تي سخت طوفان ۽ اهڙا لشڪر به موڪليا جيڪي توهان کي نظر نٿي آيا، ۽ بيشڪ الله اهو سڀ ڏٺو پئي جيڪي توهان ان وقت ڪيو پئي |
إِذ جاءوكُم مِن فَوقِكُم وَمِن أَسفَلَ مِنكُم وَإِذ زاغَتِ الأَبصٰرُ وَبَلَغَتِ القُلوبُ الحَناجِرَ وَتَظُنّونَ بِاللَّهِ الظُّنونا۠ (آيت : 10) |
جڏهن آيا (دشمن) چڙهائي ڪري توهان جي مٿان کان ۽ هيٺان کان توهان تي، ۽ جڏهن خوف کان اکيون ڦوٽارجي ٿي ويون ۽ هيئان ڦاٽڻ ٿي لڳا (نڙيون) ۽ طرحين طرحين جا الله جي باري ۾ گمان ڪرڻ لڳؤ |
هُنالِكَ ابتُلِىَ المُؤمِنونَ وَزُلزِلوا زِلزالًا شَديدًا (آيت : 11) |
ان وقت خوب آزمايا ويا مؤمن ۽ خوب تر ڌونڌاڙيا ويا شديد طرح (سختيءَ) سان |
وَإِذ يَقولُ المُنٰفِقونَ وَالَّذينَ فى قُلوبِهِم مَرَضٌ ما وَعَدَنَا اللَّهُ وَرَسولُهُ إِلّا غُرورًا (آيت : 12) |
۽ (ياد ڪريو اهو وقت) جڏهن چئي رهيا هئا صاف صاف منافق ۽ اهي ماڻهو جن جي دلين ۾ مرض هو، ته جيڪي اسان سان وعدا ڪيا هئا الله ۽ سندس رسول سي دوکي کان سواءِ ڪجهه نه هئا |
وَإِذ قالَت طائِفَةٌ مِنهُم يٰأَهلَ يَثرِبَ لا مُقامَ لَكُم فَارجِعوا وَيَستَـٔذِنُ فَريقٌ مِنهُمُ النَّبِىَّ يَقولونَ إِنَّ بُيوتَنا عَورَةٌ وَما هِىَ بِعَورَةٍ إِن يُريدونَ إِلّا فِرارًا (آيت : 13) |
۽ جڏهن چيو هڪ ٽولي انهن مان، ”اي يثرب وارؤ! ناهي ڪو ترسڻ جو موقعو توهان جي لاءِ موٽي هلو، ۽ جڏهن اجازت وٺي رهيو هو هڪ ٽولو انهن مان نبيءَ کان ائين چئي ته، يقينًا اسان جا گهر خطري ۾ آهن ۽ جڏهن ته اهي خطري ۾ نه هئا، جڏهن ته اهي چاهين پيا جنگ جي ميدان مان ڀڄي وڃڻ |
وَلَو دُخِلَت عَلَيهِم مِن أَقطارِها ثُمَّ سُئِلُوا الفِتنَةَ لَءاتَوها وَما تَلَبَّثوا بِها إِلّا يَسيرًا (آيت : 14) |
۽ جي گِهڙي اچن ها دشمن شهر جي پاسن کان ۽ انهن کي سڏيو وڃي ها فتني (بغاوت) ڏانهن ته اهي ان ۾ وڃي پون ها ۽ کين هٽڪ ئي نه ٿئي ها ان کان پر ڪا ٿوري ئي |
وَلَقَد كانوا عٰهَدُوا اللَّهَ مِن قَبلُ لا يُوَلّونَ الأَدبٰرَ وَكانَ عَهدُ اللَّهِ مَسـٔولًا (آيت : 15) |
۽ انهن ماڻهن وعدو ڪيو هو الله سان ان کان اڳي، ته نه ڏيندا اهي پٺي، ۽ ڪيل وعدي الله سان ته پڇاڻو ٿيڻو ئي هو |
قُل لَن يَنفَعَكُمُ الفِرارُ إِن فَرَرتُم مِنَ المَوتِ أَوِ القَتلِ وَإِذًا لا تُمَتَّعونَ إِلّا قَليلًا (آيت : 16) |
(اي نبي!) کين چؤ، ڪوبه فائدو توهان کي نه ٿيندو ڀڄڻ جو يا موت اچي وڃڻ جو، يا قتل ٿي وڃڻ جو، پوءِ به زندگي جا مزا ماڻڻ جو تمام ٿورو وقت توهان کي ملندو |
قُل مَن ذَا الَّذى يَعصِمُكُم مِنَ اللَّهِ إِن أَرادَ بِكُم سوءًا أَو أَرادَ بِكُم رَحمَةً وَلا يَجِدونَ لَهُم مِن دونِ اللَّهِ وَلِيًّا وَلا نَصيرًا (آيت : 17) |
چَوين ته ڪير آهي جيڪو بچائي سگهندو هجي توهان کي الله کان، اگر اهو ارادو ڪري توهان کي نقصان ڏيڻ جو؟ يا ڪير آهي جيڪو توهان لاءِ روڪي ان جي رحمت کي، جيڪڏهن اهو توهان تي ڪا مهرباني ڪرڻ گهري! مقابلي الله جي ۾ ته اهي ماڻهو ڪوبه ڏسي نٿا سگهن |
قَد يَعلَمُ اللَّهُ المُعَوِّقينَ مِنكُم وَالقائِلينَ لِإِخوٰنِهِم هَلُمَّ إِلَينا وَلا يَأتونَ البَأسَ إِلّا قَليلًا (آيت : 18) |
چڱيءَ طرح ڄاڻي ٿو الله انهن کي جيڪي رڪاوٽ وجهن ٿا توهان مان جنگ جي وقت) ۽ چون ٿا ڀائرن کي ته هليا اچو اسان جي پاسي ۽ اهي لڙائيءَ ۾ حصو به وٺن ٿا رڳو نالو ڳڻائڻ لاءِ |
أَشِحَّةً عَلَيكُم فَإِذا جاءَ الخَوفُ رَأَيتَهُم يَنظُرونَ إِلَيكَ تَدورُ أَعيُنُهُم كَالَّذى يُغشىٰ عَلَيهِ مِنَ المَوتِ فَإِذا ذَهَبَ الخَوفُ سَلَقوكُم بِأَلسِنَةٍ حِدادٍ أَشِحَّةً عَلَى الخَيرِ أُولٰئِكَ لَم يُؤمِنوا فَأَحبَطَ اللَّهُ أَعمٰلَهُم وَكانَ ذٰلِكَ عَلَى اللَّهِ يَسيرًا (آيت : 19) |
جيڪي سخت بخيل (ڪنجوس) آهن توهان جو ساٿ ڏيڻ ۾، پوءِ جڏهن اچي وقت خطري جو ته ڏسندين انهن کي ائين جو ڏسندا توڏي پنهنجا ڦيرائي دوڏا (اکيون) ڄڻ ته انهن تي ڪا غشي طاري ٿي رهي هجي مرڻ واري، پر جڏهن ٽري وڃي ٿو خطرو ته ڪِري پون ٿا فائدن جي لالچ ۾ چرب زباني سان بخيلي ۾ قئنچي وانگر هلندڙ زبانن سان توهان سان ملڻ ايندا آهن، انهن ماڻهن بلڪل ايمان ناهي آندو، تنهن ڪري الله سندن سڀ عمل چٽ ڪري ڇڏيا، ۽ ائين ڪرڻ الله جي لاءِ تمام سولو ڪم آهي |
يَحسَبونَ الأَحزابَ لَم يَذهَبوا وَإِن يَأتِ الأَحزابُ يَوَدّوا لَو أَنَّهُم بادونَ فِى الأَعرابِ يَسـَٔلونَ عَن أَنبائِكُم وَلَو كانوا فيكُم ما قٰتَلوا إِلّا قَليلًا (آيت : 20) |
اهي سمجهي رهيا آهن ته (حملو ڪندڙ ٽولا) اڃان نه ويا آهن، ۽ جي اهي وري به ڪاهي اچن ته سندن دل گهري ٿي ته اهي هليا وڃن ڪنهن صحرا ڏي بدوئن جي وچ ۾ رهن ۽ اتان توهان جون خبرون پڇندا رهن، جيڪڏهن اهي توهان ۾ رهيا به ته جنگ ۾ حصو گهٽ ئي وٺندا |
لَقَد كانَ لَكُم فى رَسولِ اللَّهِ أُسوَةٌ حَسَنَةٌ لِمَن كانَ يَرجُوا اللَّهَ وَاليَومَ الءاخِرَ وَذَكَرَ اللَّهَ كَثيرًا (آيت : 21) |
حقيقت ۾ توهان جي لاءِ رسول الله ۾ هڪ بهترين نمونو آهي هر انهيءَ شخص لاءِ جيڪو اميدوار هجي الله ۽ ڏينهن آخرت ۾ ۽ ياد ڪري الله کي گهڻي کان گهڻو |
وَلَمّا رَءَا المُؤمِنونَ الأَحزابَ قالوا هٰذا ما وَعَدَنَا اللَّهُ وَرَسولُهُ وَصَدَقَ اللَّهُ وَرَسولُهُ وَما زادَهُم إِلّا إيمٰنًا وَتَسليمًا (آيت : 22) |
۽ جڏهن ڏٺو مؤمنن ڪاهه ڪندڙ لشڪرن کي ته چيائون، هي اهو ئي وعدو آهي اسان لاءِ الله ۽ سندس رسول جو ۽ سچي هئي ڳالهه الله ۽ سندس رسول جي، ته وڌائي ڇڏيو انهيءَ واقعي سندن ايمان ۽ پاڻ کي سونپي ڇڏيائون |
مِنَ المُؤمِنينَ رِجالٌ صَدَقوا ما عٰهَدُوا اللَّهَ عَلَيهِ فَمِنهُم مَن قَضىٰ نَحبَهُ وَمِنهُم مَن يَنتَظِرُ وَما بَدَّلوا تَبديلًا (آيت : 23) |
مؤمنن ۾ اهڙا ماڻهو موجود آهن جن سچو ڪري ڏيکاريو وعدو الله سان، انهن مان ڪنهن پنهنجو نذر پورو ڪري ڇڏيو ۽ ڪو انهن مان وقت اچڻ جي انتظار ۾، ۽ انهن پنهنجي رويي ۾ ڪوبه ڦيرو ڪونه آندو |
لِيَجزِىَ اللَّهُ الصّٰدِقينَ بِصِدقِهِم وَيُعَذِّبَ المُنٰفِقينَ إِن شاءَ أَو يَتوبَ عَلَيهِم إِنَّ اللَّهَ كانَ غَفورًا رَحيمًا (آيت : 24) |
(اهو سڀ ان ڪري ٿيو) جيئن الله اجورو ڏي سچن کي سندن سچائيءَ جو ۽ عذاب ڏئي منافقن کي جيڪڏهن چاهي يا گُهري ته سندن توبهه قبول ڪري، بيشڪ الله آهي بخشڻهار ۽ ٻاجهارو |
وَرَدَّ اللَّهُ الَّذينَ كَفَروا بِغَيظِهِم لَم يَنالوا خَيرًا وَكَفَى اللَّهُ المُؤمِنينَ القِتالَ وَكانَ اللَّهُ قَوِيًّا عَزيزًا (آيت : 25) |
۽ منهن موڙي ڇڏيو الله انهن ڪافرن جو، اهي پنهنجو ساڙ دل ۾ کڻي ڪو فائدو وٺڻ بنا ٺلها موٽي ويا، ۽ ڪافي هو الله مؤمنن پاران وڙهڻ جي لاءِ، ۽ حقيقت ۾ الله طاقت وارو ۽ زبردست آهي |
وَأَنزَلَ الَّذينَ ظٰهَروهُم مِن أَهلِ الكِتٰبِ مِن صَياصيهِم وَقَذَفَ فى قُلوبِهِمُ الرُّعبَ فَريقًا تَقتُلونَ وَتَأسِرونَ فَريقًا (آيت : 26) |
۽ لاٿو انهن ماڻهن کي جن مدد ڪئي هئي انهن اهلِ ڪتاب وارن مان سندن قلعن مان هيٺ ۽ وڌو سندن دلين ۾ اهڙو رعب جو اڄ انهن مان هڪ ٽولي کي توهان قتل ڪري رهيا آهيو ۽ قيد ڪري رهيا آهيو ٻئي ٽولي کي |
وَأَورَثَكُم أَرضَهُم وَدِيٰرَهُم وَأَموٰلَهُم وَأَرضًا لَم تَطَـٔوها وَكانَ اللَّهُ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرًا (آيت : 27) |
۽ توهان کي وارث بنايو انهن جي زمين ۽ انهن جي گهرن ۽ انهن جي مالن جو ۽ اهو علائقو توهان کي ڏنائين جنهن تي توهان پير به نه رکيو هو، ۽ الله ئي آهي هر شيءِ تي قدرت رکڻ وارو |
يٰأَيُّهَا النَّبِىُّ قُل لِأَزوٰجِكَ إِن كُنتُنَّ تُرِدنَ الحَيوٰةَ الدُّنيا وَزينَتَها فَتَعالَينَ أُمَتِّعكُنَّ وَأُسَرِّحكُنَّ سَراحًا جَميلًا (آيت : 28) |
اي نبي! چؤ پنهنجي گهر وارين کي ته جيڪڏهن توهان چاهيو ٿيون دنيا جي حياتي جي زيب و زينت ته اچو، آئون توهان کي ڪجهه مال متاع ڏئي روانو ڪري ڇڏيان سهڻي نموني سان |
وَإِن كُنتُنَّ تُرِدنَ اللَّهَ وَرَسولَهُ وَالدّارَ الءاخِرَةَ فَإِنَّ اللَّهَ أَعَدَّ لِلمُحسِنٰتِ مِنكُنَّ أَجرًا عَظيمًا (آيت : 29) |
۽ جيڪڏهن توهان گهرو ٿيون الله ۽ سندس رسول ۽ گهر آخرت جو ته پوءِ بيشڪ الله تيار ڪيو آهي نيڪوڪارن جي لاءِ اجر تمام وڏو |
يٰنِساءَ النَّبِىِّ مَن يَأتِ مِنكُنَّ بِفٰحِشَةٍ مُبَيِّنَةٍ يُضٰعَف لَهَا العَذابُ ضِعفَينِ وَكانَ ذٰلِكَ عَلَى اللَّهِ يَسيرًا (آيت : 30) |
اي گهر واريون نبي جون! توهان مان جيڪا به بي حيائيءَ جو ڪم ڪندي ظاهر ظهور ته وڌايو ويندو ان جي لاءِ عذاب ٻيڻو ۽ اهو ڪم ته الله جي لاءِ تمام آسان آهي |
وَمَن يَقنُت مِنكُنَّ لِلَّهِ وَرَسولِهِ وَتَعمَل صٰلِحًا نُؤتِها أَجرَها مَرَّتَينِ وَأَعتَدنا لَها رِزقًا كَريمًا (آيت : 31) |
۽ جيڪا اطاعت ڪندي توهان مان الله ۽ رسول جي ۽ عمل ڪندي نيڪ تنهن کي اسين ڏينداسين اجر ٻيڻو، ۽ تيار ڪيوسين ان جي لاءِ رزق سٺو |
يٰنِساءَ النَّبِىِّ لَستُنَّ كَأَحَدٍ مِنَ النِّساءِ إِنِ اتَّقَيتُنَّ فَلا تَخضَعنَ بِالقَولِ فَيَطمَعَ الَّذى فى قَلبِهِ مَرَضٌ وَقُلنَ قَولًا مَعروفًا (آيت : 32) |
اي زالون نبيءَ جون! ناهيو توهان ڪنهن به (عام) عورتن وانگر، جيڪڏهن پرهيزگاري ڪريو توهان (الله کان ڊڄو) نرم زبان سان ڳالهايو ته متان لالچي ماڻهو دل جي خرابيءَ ۾ پئجي وڃي ۽ صاف سڌي ڳالهه ڪنديون ڪريو |
وَقَرنَ فى بُيوتِكُنَّ وَلا تَبَرَّجنَ تَبَرُّجَ الجٰهِلِيَّةِ الأولىٰ وَأَقِمنَ الصَّلوٰةَ وَءاتينَ الزَّكوٰةَ وَأَطِعنَ اللَّهَ وَرَسولَهُ إِنَّما يُريدُ اللَّهُ لِيُذهِبَ عَنكُمُ الرِّجسَ أَهلَ البَيتِ وَيُطَهِّرَكُم تَطهيرًا (آيت : 33) |
۽ ڄمي ويهو پنهنجن گهرن ۾ ۽ نه سينگار ڪريو، سينگار جاهليت جي اڳئين دور وارو ڏيکاريو ۽ قائم ڪريو نماز ۽ ڏيو زڪواة، ۽ اطاعت ڪريو الله ۽ سندس رسول جي، بيشڪ چاهي ٿو الله ته دور ڪري توهان کان گندگي کي نبيءَ جي اهلبيت کان ۽ توهان کي پاڪ ڪري پوريءَ طرح |
وَاذكُرنَ ما يُتلىٰ فى بُيوتِكُنَّ مِن ءايٰتِ اللَّهِ وَالحِكمَةِ إِنَّ اللَّهَ كانَ لَطيفًا خَبيرًا (آيت : 34) |
۽ ياد ڪريو انهن ڳالهين کي جيڪي ٻڌايون وڃن ٿيون توهان جي گهرن ۾ آيتون الله جون ۽ دانائيءَ جون، بيشڪ الله آهي لطيف ۽ باخبر |
إِنَّ المُسلِمينَ وَالمُسلِمٰتِ وَالمُؤمِنينَ وَالمُؤمِنٰتِ وَالقٰنِتينَ وَالقٰنِتٰتِ وَالصّٰدِقينَ وَالصّٰدِقٰتِ وَالصّٰبِرينَ وَالصّٰبِرٰتِ وَالخٰشِعينَ وَالخٰشِعٰتِ وَالمُتَصَدِّقينَ وَالمُتَصَدِّقٰتِ وَالصّٰئِمينَ وَالصّٰئِمٰتِ وَالحٰفِظينَ فُروجَهُم وَالحٰفِظٰتِ وَالذّٰكِرينَ اللَّهَ كَثيرًا وَالذّٰكِرٰتِ أَعَدَّ اللَّهُ لَهُم مَغفِرَةً وَأَجرًا عَظيمًا (آيت : 35) |
بيشڪ جيڪي به مرد توڙي عورتون مسلمان آهن، ۽ مؤمن آهن ۽ مؤمنياڻيون آهن ۽ فرمانبردار مرد ۽ عورتون ۽ سچا مرد ۽ سچيون عورتون ۽ صبر ڪندڙ مرد ۽ صبر ڪندڙ عورتون ۽ عاجزي ڪندڙ مرد ۽ عاجزي ڪندڙ عورتون ۽ خيرات ڪندڙ مرد ۽ خيرات ڪندڙ عورتون، ۽ روزا رکندڙ مرد ۽ روزا رکندڙ عورتون ۽ اوگهڙن جي حفاظت ڪندڙ مرد ۽ نگهباني ڪندڙ عورتون ۽ الله کي گهڻو ياد ڪندڙ مرد ۽ گهڻو ياد ڪندڙ عورتون، انهن (سڀني) لاءِ الله معافي ۽ وڏو اجر تيار ڪيو آهي |
وَما كانَ لِمُؤمِنٍ وَلا مُؤمِنَةٍ إِذا قَضَى اللَّهُ وَرَسولُهُ أَمرًا أَن يَكونَ لَهُمُ الخِيَرَةُ مِن أَمرِهِم وَمَن يَعصِ اللَّهَ وَرَسولَهُ فَقَد ضَلَّ ضَلٰلًا مُبينًا (آيت : 36) |
۽ نه ڪنهن مؤمن مرد ۽ نه ڪنهن ايمان واري عورت لاءِ مناسب آهي ته جڏهن فيصلو ڪن الله ۽ سندس رسول ڪنهن معاملي جو ته کين ان معاملي ۾ ڪو اختيار پاڻ ۾ فيصلي ڪرڻ جو حاصل هجي، ۽ جنهن نافرماني ڪئي الله ۽ سندس رسول جي سو گمراهي ۾ پئجي ويو ظاهر ظهور |
وَإِذ تَقولُ لِلَّذى أَنعَمَ اللَّهُ عَلَيهِ وَأَنعَمتَ عَلَيهِ أَمسِك عَلَيكَ زَوجَكَ وَاتَّقِ اللَّهَ وَتُخفى فى نَفسِكَ مَا اللَّهُ مُبديهِ وَتَخشَى النّاسَ وَاللَّهُ أَحَقُّ أَن تَخشىٰهُ فَلَمّا قَضىٰ زَيدٌ مِنها وَطَرًا زَوَّجنٰكَها لِكَى لا يَكونَ عَلَى المُؤمِنينَ حَرَجٌ فى أَزوٰجِ أَدعِيائِهِم إِذا قَضَوا مِنهُنَّ وَطَرًا وَكانَ أَمرُ اللَّهِ مَفعولًا (آيت : 37) |
۽ اي نبي! ياد ڪر اهو موقعو جڏهن تون ان شخص کي چئي رهيو هئين، جنهن تي الله ۽ تو احسان ڪيو هو ته، نه ڇڏ پنهنجي زال کي ۽ ڊڄ الله کان، ۽ ان وقت لڪائي رهيو هئين دل ۾ اها ڳالهه جنهن کي الله کولڻ پئي چاهيو ۽ تون ڊڄي رهيو هئين ماڻهن کان، جڏهن ته الله وڌيڪ حقدار آهي ته تون ان کان ڊڄين، پوءِ جڏهن پوري ڪئي پنهنجي حاجت زيد ان مان (ته اسان ان طلاق ڏنل عورت جو) تو سان نڪاح ڪري ڇڏيو ته جيئن مؤمنن کي سندن پٽيلن جي زالن (پرڻجڻ) جي معاملي ۾ ڏکيائي نه رهي، جڏهن ته اهي انهن مان حاجت پوري ڪري چڪا هجن ۽ حڪم الله جو عمل ۾ اچڻ گهربو هو |
ما كانَ عَلَى النَّبِىِّ مِن حَرَجٍ فيما فَرَضَ اللَّهُ لَهُ سُنَّةَ اللَّهِ فِى الَّذينَ خَلَوا مِن قَبلُ وَكانَ أَمرُ اللَّهِ قَدَرًا مَقدورًا (آيت : 38) |
ڪابه نبيءَ تي ڪنهن اهڙي ڪم جي رنڊڪ ناهي جيڪو مقرر ڪيو هجي الله ان تي، اها ئي ريت (سنت) الله جي انهن سڀني نبين جي معاملي ۾ رهي جيڪي اڳي ٿي گذريا آهن، ۽ حڪم الله جو قطعي طئي ٿيل هوندو آهي فيصلو |
الَّذينَ يُبَلِّغونَ رِسٰلٰتِ اللَّهِ وَيَخشَونَهُ وَلا يَخشَونَ أَحَدًا إِلَّا اللَّهَ وَكَفىٰ بِاللَّهِ حَسيبًا (آيت : 39) |
(اها الله جي سنت) انهن ماڻهن لاءِ جيڪي پيغام پهچائن ٿا الله جا، ۽ کانئس ڊڄندا به آهن، ۽ نه ڊڄندا ڪنهن ٻئي کان سواءِ هڪ الله جي، ۽ ڪافي آهي الله حساب وٺڻ جي لاءِ |
ما كانَ مُحَمَّدٌ أَبا أَحَدٍ مِن رِجالِكُم وَلٰكِن رَسولَ اللَّهِ وَخاتَمَ النَّبِيّۦنَ وَكانَ اللَّهُ بِكُلِّ شَيءٍ عَليمًا (آيت : 40) |
(انسانؤ!) نه آهي محمد پيءُ ڪنهن جو به توهان جي مردن مان پر هو رسول آهي الله جو ۽ خاتم النبيين (آخري نبي) آهي، ۽ بيشڪ الله رکي ٿو هر شيءِ جو علم |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنُوا اذكُرُوا اللَّهَ ذِكرًا كَثيرًا (آيت : 41) |
اي لوڪو! جن ايمان آندو آهي، ياد ڪريو الله کي گهڻي کان گهڻو |
وَسَبِّحوهُ بُكرَةً وَأَصيلًا (آيت : 42) |
۽ (پاڪائي) تسبيح ڪندا ڪريو ان جي صبح ۽ شام |
هُوَ الَّذى يُصَلّى عَلَيكُم وَمَلٰئِكَتُهُ لِيُخرِجَكُم مِنَ الظُّلُمٰتِ إِلَى النّورِ وَكانَ بِالمُؤمِنينَ رَحيمًا (آيت : 43) |
هو اهو ئي آهي جيڪو رحمت فرمائي ٿو توهان تي ۽ سندس ملائڪ دعا ڪندا آهن توهان لاءِ جيئن هو ڪڍي توهان کي اونداهين مان روشنيءَ ڏانهن، ۽ هو آهي مؤمنن تي تمام گهڻو مهربان. |
تَحِيَّتُهُم يَومَ يَلقَونَهُ سَلٰمٌ وَأَعَدَّ لَهُم أَجرًا كَريمًا (آيت : 44) |
دعا ڪندا اهي ان ڏينهن جڏهن اهي ساڻس ملندا ته سلامتي هوندي ۽ تيار ڪيو آهي (الله) انهن جي لاءِ وڏو اجر عزت وارو |
يٰأَيُّهَا النَّبِىُّ إِنّا أَرسَلنٰكَ شٰهِدًا وَمُبَشِّرًا وَنَذيرًا (آيت : 45) |
اي نبي! اسان موڪليو آهي توکي شاهد ڪري ۽ بشارت ڏيندڙ ۽ ڊيڄاريندڙ ڪري. |
وَداعِيًا إِلَى اللَّهِ بِإِذنِهِ وَسِراجًا مُنيرًا (آيت : 46) |
۽ دعوت ڏيندڙ انهن ڏانهن الله جي حڪم سان ۽ روشن ڏيئو ڪري |
وَبَشِّرِ المُؤمِنينَ بِأَنَّ لَهُم مِنَ اللَّهِ فَضلًا كَبيرًا (آيت : 47) |
۽ خوشخبري ڏي مؤمنن کي (جن توتي ايمان آندو آهي) ته انهن جي لاءِ الله وٽ وڏو فضل آهي |
وَلا تُطِعِ الكٰفِرينَ وَالمُنٰفِقينَ وَدَع أَذىٰهُم وَتَوَكَّل عَلَى اللَّهِ وَكَفىٰ بِاللَّهِ وَكيلًا (آيت : 48) |
۽ (ڪڏهن به) نه دٻجو ڪافرن کان ۽ منافقن کان ۽ سندن ايذائڻ جي ڪا پرواهه نه ڪر ۽ ڀروسو ڪر الله تي، ۽ ڪافي آهي الله جو پنهنجا معاملا سندس حوالي ڪرين |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا إِذا نَكَحتُمُ المُؤمِنٰتِ ثُمَّ طَلَّقتُموهُنَّ مِن قَبلِ أَن تَمَسّوهُنَّ فَما لَكُم عَلَيهِنَّ مِن عِدَّةٍ تَعتَدّونَها فَمَتِّعوهُنَّ وَسَرِّحوهُنَّ سَراحًا جَميلًا (آيت : 49) |
اي لوڪو جن ايمان آندو آهي، جڏهن توهان نڪاح ڪريو مؤمن عورتن سان پوءِ طلاق ڏيو انهن کي ان کان اڳي جو انهن کي توهان هٿ لايو، ته توهان جي طرفان مٿن عدت جا ڏينهن لازم ناهن، جنهن جي پوري ٿيڻ جي ڪا گُهر ڪريو، پوءِ کين مال ڏيو ۽ کين جدا ڪري ڇڏيو سٺي نموني سان |
يٰأَيُّهَا النَّبِىُّ إِنّا أَحلَلنا لَكَ أَزوٰجَكَ الّٰتى ءاتَيتَ أُجورَهُنَّ وَما مَلَكَت يَمينُكَ مِمّا أَفاءَ اللَّهُ عَلَيكَ وَبَناتِ عَمِّكَ وَبَناتِ عَمّٰتِكَ وَبَناتِ خالِكَ وَبَناتِ خٰلٰتِكَ الّٰتى هاجَرنَ مَعَكَ وَامرَأَةً مُؤمِنَةً إِن وَهَبَت نَفسَها لِلنَّبِىِّ إِن أَرادَ النَّبِىُّ أَن يَستَنكِحَها خالِصَةً لَكَ مِن دونِ المُؤمِنينَ قَد عَلِمنا ما فَرَضنا عَلَيهِم فى أَزوٰجِهِم وَما مَلَكَت أَيمٰنُهُم لِكَيلا يَكونَ عَلَيكَ حَرَجٌ وَكانَ اللَّهُ غَفورًا رَحيمًا (آيت : 50) |
اي نبي! اسان حلال ڪيون بيشڪ تو لاءِ تنهنجون اهي زالون جن جا (تو) ادا ڪيا آهن حق مهر، ۽ جيڪي تنهنجي ملڪيت ۾ اچن (عورتون) جيڪي ٻانهيون الله توکي ڏنيون (اهي) ڌيئرون تنهنجي چاچن جون ۽ اهي ڌيئرون تنهنجي مامي جون ۽ اهي جيڪي تنهنجي ڦڦيءَ جون ۽ تنهنجي ماسين جون، جن تو سان گڏ هجرت ڪئي آهي، ۽ اها عورت مؤمن جنهن هَبو ڪيو (بخشيو) هو پنهنجو پاڻ کي نبيءَ جي واسطي، جي ارادو ڪري نبي ته انهن سان نڪاح ڪري ته اها خاص رعايت آهي تو لاءِ، (پر) ٻين مؤمنن جي لاءِ ناهي، اسان کي معلوم آهي ته جيڪي فرض ڪيو ويو انهن تي سندن زالن ۽ انهن ٻانهين جي باري ۾، (توکي) ان کان آجو ڪيو ويو آهي جيئن توتي ڪا تنگي نه رهي، ۽ بيشڪ الله بخشڻهار ٻاجهارو آهي |
تُرجى مَن تَشاءُ مِنهُنَّ وَتُـٔوى إِلَيكَ مَن تَشاءُ وَمَنِ ابتَغَيتَ مِمَّن عَزَلتَ فَلا جُناحَ عَلَيكَ ذٰلِكَ أَدنىٰ أَن تَقَرَّ أَعيُنُهُنَّ وَلا يَحزَنَّ وَيَرضَينَ بِما ءاتَيتَهُنَّ كُلُّهُنَّ وَاللَّهُ يَعلَمُ ما فى قُلوبِكُم وَكانَ اللَّهُ عَليمًا حَليمًا (آيت : 51) |
اختيار توکي (زالن تي) جنهن کي گهرين ڌار رکين ۽ گڏ رکين پاڻ سان جنهن کي چاهين، ۽ جنهن کي گهرين پاڻ کان ڌار ڪرڻ بعد پاڻ وٽ گهرائين، ان معاملي ۾ ڪوبه گناهه ناهي توتي، اهڙيءَ طرح اميد ته انهن جون اکيون ٺرنديون ۽ اهي غمگين نه رهنديون ۽ جيڪي ڪجهه تون کين ڏين، تنهن تي سڀ خوش رهنديون، ۽ الله ڄاڻي ٿو جو ڪجهه توهان جي دلين ۾ آهي، ۽ بيشڪ الله ڄاڻندڙ ۽ بردبار آهي. |
لا يَحِلُّ لَكَ النِّساءُ مِن بَعدُ وَلا أَن تَبَدَّلَ بِهِنَّ مِن أَزوٰجٍ وَلَو أَعجَبَكَ حُسنُهُنَّ إِلّا ما مَلَكَت يَمينُكَ وَكانَ اللَّهُ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ رَقيبًا (آيت : 52) |
حلال ناهن توتي ٻيون عورتون ان کان پوءِ، ۽ نه ان جي اجازت آهي جو انهن جي جاءِ تي ٻيون زالون آڻين، پوءِ کڻي ڪيترو به وڻي توکي سندن حسن، البته توکي اجازت آهي ٻانهين جي، ۽ بيشڪ الله سڀني شين تي نگهبان آهي |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا لا تَدخُلوا بُيوتَ النَّبِىِّ إِلّا أَن يُؤذَنَ لَكُم إِلىٰ طَعامٍ غَيرَ نٰظِرينَ إِنىٰهُ وَلٰكِن إِذا دُعيتُم فَادخُلوا فَإِذا طَعِمتُم فَانتَشِروا وَلا مُستَـٔنِسينَ لِحَديثٍ إِنَّ ذٰلِكُم كانَ يُؤذِى النَّبِىَّ فَيَستَحيۦ مِنكُم وَاللَّهُ لا يَستَحيۦ مِنَ الحَقِّ وَإِذا سَأَلتُموهُنَّ مَتٰعًا فَسـَٔلوهُنَّ مِن وَراءِ حِجابٍ ذٰلِكُم أَطهَرُ لِقُلوبِكُم وَقُلوبِهِنَّ وَما كانَ لَكُم أَن تُؤذوا رَسولَ اللَّهِ وَلا أَن تَنكِحوا أَزوٰجَهُ مِن بَعدِهِ أَبَدًا إِنَّ ذٰلِكُم كانَ عِندَ اللَّهِ عَظيمًا (آيت : 53) |
اي لوڪو! جن ايمان آندو آهي، نه ايندا ڪريو بنا موڪل جي نبيءَ جي گهر ۾، پر جنهن وقت توهان کي اجازت ملي کاڌي کائڻ لاءِ (اندر اچڻ جي) ان وقت ان جي پچڻ جو انتظار ڪندڙ نه هجو پر جڏهن توهان کي سڏيو وڃي تنهن وقت اندر وڃو، پوءِ جڏهن کائي بس ڪريو ته هليا وڃو، ۽ نه وڃو (اتي) ڪنهن به ڳالهه ۾، بيشڪ توهان جي اها ڳالهه تڪليف ڏيندي هئي نبي کي، پر شرم ڪندو هو توهان کان، ۽ الله شرم نٿو ڪري حق چوڻ کان، ۽ جڏهن (پيغمبر جي زالن کان) گُهرو ڪابه ڪم جي شيءِ، ته کانئن وٺو ٻاهران پردي جي، ان سان توهان جون دليون صاف رهنديون ۽ سندن دليون پڻ، ۽ نٿو جڳائي توهان کي ته ايذايو الله جي رسول کي، ۽ نه ئي شادي ڪريو سندس زالن سان هن کان پوءِ ڪڏهن به، بيشڪ اهو ڪم گناهه آهي ان الله وٽ تمام وڏو |
إِن تُبدوا شَيـًٔا أَو تُخفوهُ فَإِنَّ اللَّهَ كانَ بِكُلِّ شَيءٍ عَليمًا (آيت : 54) |
ظاهر ڪندؤ ڪنهن شيءِ کي يا ان کي لڪائيندؤ ته پوءِ الله ته سڀڪنهن شيءِ کي ڄاڻندڙ آهي |
لا جُناحَ عَلَيهِنَّ فى ءابائِهِنَّ وَلا أَبنائِهِنَّ وَلا إِخوٰنِهِنَّ وَلا أَبناءِ إِخوٰنِهِنَّ وَلا أَبناءِ أَخَوٰتِهِنَّ وَلا نِسائِهِنَّ وَلا ما مَلَكَت أَيمٰنُهُنَّ وَاتَّقينَ اللَّهَ إِنَّ اللَّهَ كانَ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ شَهيدًا (آيت : 55) |
ناهي (ڪوبه) گناهه (پردي نه ڪرڻ جو) نبيءَ جي زالن جي پيئن کان، ۽ نه سندن پٽن کان ۽ نه سندن ڀائرن کان ۽ نه سندن ڀائٽين کان ۽ نه پنهنجن (مسلمان) عورتن کان، ملڻ وارين عورتن ۽ (ٻانها جيڪي گهرن ۾ اچن) ۽ نه انهن کان جن جا هٿ سندن مالڪ ٿيا هجن ۽ (اي نبي جون زالون) ڊڄو الله کان (پردي جي باري ۾)، بيشڪ الله سڀڪنهن شيءِ تي (پاڻ ئي) شاهد آهي |
إِنَّ اللَّهَ وَمَلٰئِكَتَهُ يُصَلّونَ عَلَى النَّبِىِّ يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا صَلّوا عَلَيهِ وَسَلِّموا تَسليمًا (آيت : 56) |
بيشڪ الله ۽ سندس ملائڪ (فرشتا) درود موڪليندا آهن نبيءَ تي، اي لوڪو! جن ايمان آندو آهي، توهان به ان تي درود ۽ سلام چڱيءَ طرح موڪليو |
إِنَّ الَّذينَ يُؤذونَ اللَّهَ وَرَسولَهُ لَعَنَهُمُ اللَّهُ فِى الدُّنيا وَالءاخِرَةِ وَأَعَدَّ لَهُم عَذابًا مُهينًا (آيت : 57) |
بيشڪ جيڪي ماڻهو ايذائن (تڪليف ڏين) ٿا الله ۽ سندس رسول کي، انهن تي لعنت ڪئي آهي الله دنيا ۽ آخرت ۾، ۽ انهن جي لاءِ تيار ڪيو آهي عذاب ذليل ڪندڙ |
وَالَّذينَ يُؤذونَ المُؤمِنينَ وَالمُؤمِنٰتِ بِغَيرِ مَا اكتَسَبوا فَقَدِ احتَمَلوا بُهتٰنًا وَإِثمًا مُبينًا (آيت : 58) |
۽ جيڪي ماڻهو ايذائيندا آهن مؤمنن ۽ مؤمنياڻين کي بنا ڪنهن به قصور جي، تن کنيو آهي وڏي بهتان ۽ وڏي گناهه جو وبال پنهنجي سر تي ظاهر ظهور |
يٰأَيُّهَا النَّبِىُّ قُل لِأَزوٰجِكَ وَبَناتِكَ وَنِساءِ المُؤمِنينَ يُدنينَ عَلَيهِنَّ مِن جَلٰبيبِهِنَّ ذٰلِكَ أَدنىٰ أَن يُعرَفنَ فَلا يُؤذَينَ وَكانَ اللَّهُ غَفورًا رَحيمًا (آيت : 59) |
اي نبي! چؤ پنهنجين زالن کي ۽ ڌيئرن کي ۽ مؤمنن جي عورتن کي ته وجهنديون ڪن پاڻ تي پنهنجي چادرن جا پلاند، اهو وڌيڪ مناسب طريقو آهي جيئن اهي سڃاتيون وڃن (ستايون نه وڃن) ۽ بيشڪ الله غفور ۽ رحيم آهي |
لَئِن لَم يَنتَهِ المُنٰفِقونَ وَالَّذينَ فى قُلوبِهِم مَرَضٌ وَالمُرجِفونَ فِى المَدينَةِ لَنُغرِيَنَّكَ بِهِم ثُمَّ لا يُجاوِرونَكَ فيها إِلّا قَليلًا (آيت : 60) |
جيڪڏهن نه مڙيا اهي (حرڪتن کان) منافق ۽ اهي ماڻهو جن جي دلين ۾ آهي مرض (خرابي)، ۽ اهي جيڪي افواهه پکيڙڻ وارا آهن مديني ۾، اسان توکي لڳائي ڇڏينداسين انهن جي خلاف ڪارروائي ڪرڻ لاءِ، پوءِ اهي تو سان گڏ رهي سگهندا پر ٿورو وقت |
مَلعونينَ أَينَما ثُقِفوا أُخِذوا وَقُتِّلوا تَقتيلًا (آيت : 61) |
لعنت وسندي انهن تي هر طرف کان، جتي ملندا پڪڙيا ويندا ۽ ماريا ويندا چڱيءَ طرح سان |
سُنَّةَ اللَّهِ فِى الَّذينَ خَلَوا مِن قَبلُ وَلَن تَجِدَ لِسُنَّةِ اللَّهِ تَبديلًا (آيت : 62) |
سنت (طريقو) آهي الله جو ئي (جيڪا) انهن ماڻهن جي لاءِ اها اڳي کان هلندي اچي، ۽ تون نه ڏسندين (اي نبي!) الله جي انهيءَ سنت ۾ ڪابه تبديلي |
يَسـَٔلُكَ النّاسُ عَنِ السّاعَةِ قُل إِنَّما عِلمُها عِندَ اللَّهِ وَما يُدريكَ لَعَلَّ السّاعَةَ تَكونُ قَريبًا (آيت : 63) |
توکان پڇن ٿا ماڻهو ته اها گهڙي (قيامت) ڪڏهن ايندي؟ چؤ، بيشڪ ان جو علم ته (فقط) الله کي ئي آهي، ۽ توکي ڪهڙي خبر شايد اها گهڙي تو وٽ پهتل هجي ويجهي |
إِنَّ اللَّهَ لَعَنَ الكٰفِرينَ وَأَعَدَّ لَهُم سَعيرًا (آيت : 64) |
بيشڪ الله لعنت ڪئي آهي ڪافرن تي ۽ تيار ڪئي آهي انهن جي لاءِ ساڙيندڙ باهه |
خٰلِدينَ فيها أَبَدًا لا يَجِدونَ وَلِيًّا وَلا نَصيرًا (آيت : 65) |
اهي رهندا انهيءَ ۾ هميشه، ۽ ڪوبه نه لهندا سڄڻ ۽ نه ڪو مددگار |
يَومَ تُقَلَّبُ وُجوهُهُم فِى النّارِ يَقولونَ يٰلَيتَنا أَطَعنَا اللَّهَ وَأَطَعنَا الرَّسولا۠ (آيت : 66) |
جنهن ڏينهن اونڌا ڪيا ويندا سندن چهرا باهه تي، ان وقت چوندا، هاءِ جيڪر ڪريون ها اسان اطاعت الله جي ۽ اطاعت ڪريون ها رسول جي |
وَقالوا رَبَّنا إِنّا أَطَعنا سادَتَنا وَكُبَراءَنا فَأَضَلّونَا السَّبيلا۠ (آيت : 67) |
۽ چوندا، اي اسان جا پالڻهار! اسان اطاعت ڪئي پنهنجي سردارن ۽ پنهنجن وڏن جي، انهن ئي گمراهه ڪيو اسان کي سڌي راهه کان |
رَبَّنا ءاتِهِم ضِعفَينِ مِنَ العَذابِ وَالعَنهُم لَعنًا كَبيرًا (آيت : 68) |
اي اسان جا رب! انهن کي ڏي ٻيڻو عذاب، ۽ انهن تي لعنت ڪر تمام وڏي |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا لا تَكونوا كَالَّذينَ ءاذَوا موسىٰ فَبَرَّأَهُ اللَّهُ مِمّا قالوا وَكانَ عِندَ اللَّهِ وَجيهًا (آيت : 69) |
اي لوڪو جن ايمان آندو آهي، انهن ماڻهن وانگر نه ٿيو جن ايذايو هو موسيٰ کي پوءِ پاڪ ڪيو الله انهن جي ٺايل ڳالهين کان جيڪي انهن چيو هو، ۽ اهو الله وٽ مانَ وارو هو |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنُوا اتَّقُوا اللَّهَ وَقولوا قَولًا سَديدًا (آيت : 70) |
اي لوڪو! جن ايمان آندو آهي، ڊڄو الله کان ۽ چوندا ڪريو، اها ڳالهه جيڪا سچي هجي |
يُصلِح لَكُم أَعمٰلَكُم وَيَغفِر لَكُم ذُنوبَكُم وَمَن يُطِعِ اللَّهَ وَرَسولَهُ فَقَد فازَ فَوزًا عَظيمًا (آيت : 71) |
سڌاريندو اهو توهان جي عملن کي ۽ معاف ڪندو توهان جا قصور (ڏوهه، گناهه)، ۽ جيڪو شخص اطاعت ڪندو الله ۽ سندس رسول جي، پوءِ بيشڪ انهيءَ ڪاميابي حاصل ڪئي وڏي |
إِنّا عَرَضنَا الأَمانَةَ عَلَى السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَالجِبالِ فَأَبَينَ أَن يَحمِلنَها وَأَشفَقنَ مِنها وَحَمَلَهَا الإِنسٰنُ إِنَّهُ كانَ ظَلومًا جَهولًا (آيت : 72) |
(بيشڪ) اسان هي آڇي امانت (قرآن) آسمانن کي ۽ زمين کي ۽ جبلن کي (بار کڻڻ جي لاءِ) ته اهي تيار نه ٿيا ۽ ان کان ڊڄي ويا، پر اهو بار کنيو انسان، بيشڪ اهو ظالم نادان آهي |
لِيُعَذِّبَ اللَّهُ المُنٰفِقينَ وَالمُنٰفِقٰتِ وَالمُشرِكينَ وَالمُشرِكٰتِ وَيَتوبَ اللَّهُ عَلَى المُؤمِنينَ وَالمُؤمِنٰتِ وَكانَ اللَّهُ غَفورًا رَحيمًا (آيت : 73) |
(ان امانت جي بار کڻڻ جو نتيجو هي آهي) ته سزا ڏئي الله انهن کي جيڪي آهن منافق مرد ۽ منافق عورتون ۽ مشرڪ مرد ۽ مشرڪ عورتن کي، ۽ توبهه قبول ڪري الله انهن جي جيڪي مؤمن مرد آهن ۽ مؤمن عورتون آهن ۽ بيشڪ الله معاف ڪندڙ ٻاجهارو آهي. |