الم (آيت : 1) |
ال۬مّ۬ (الف ـ لام ـ ميم) |
تَنزيلُ الكِتٰبِ لا رَيبَ فيهِ مِن رَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 2) |
هن ڪتاب جو نازل ٿيڻ بنا ڪنهن شڪ جي رب العالمين جي طرفان آهي |
أَم يَقولونَ افتَرىٰهُ بَل هُوَ الحَقُّ مِن رَبِّكَ لِتُنذِرَ قَومًا ما أَتىٰهُم مِن نَذيرٍ مِن قَبلِكَ لَعَلَّهُم يَهتَدونَ (آيت : 3) |
ڇا اهي چون ٿا ته ان (قرآن) کي هن (نبيءَ) پاڻ گهڙيو آهي؟ نه، بلڪه (اي نبي) اهو حق آهي تنهنجي رب وٽان، ته جيئن تون اهڙيءَ قوم کي ڊيڄارين، جنهن وٽ توکان اڳ ڪوبه خبردار ڪندڙ ڪونه آيو هو ته مــَـنَ هو هدايت لهن |
اللَّهُ الَّذى خَلَقَ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ وَما بَينَهُما فى سِتَّةِ أَيّامٍ ثُمَّ استَوىٰ عَلَى العَرشِ ما لَكُم مِن دونِهِ مِن وَلِىٍّ وَلا شَفيعٍ أَفَلا تَتَذَكَّرونَ (آيت : 4) |
اهو الله ئي آهي، جنهن آسمانن ۽ زمين کي ۽ انهن سڀني شين کي جيڪي سندن وچ ۾ آهن، ڇهن ڏينهن ۾ پيدا ڪيو ۽ تنهن کان پوءِ پاڻ عرش تي قائم ٿيو، هن کان سواءِ توهان جو نه ڪو مددگار آهي ۽ نه ڪو سندس آڏو سفارش ڪرڻ وارو، پوءِ به ڌيان نه ڌاريندؤ ڇا؟ |
يُدَبِّرُ الأَمرَ مِنَ السَّماءِ إِلَى الأَرضِ ثُمَّ يَعرُجُ إِلَيهِ فى يَومٍ كانَ مِقدارُهُ أَلفَ سَنَةٍ مِمّا تَعُدّونَ (آيت : 5) |
آسمان کان وٺي ويندي زمين تائين، دنيا جا معاملا هلائي ٿو، پوءِ اهو سارو احوال هن وٽ پيش ٿئي ٿو، هڪڙي اهڙي ڏينهن ۾ جنهن جو مقدار توهان جي ڳاڻاٽي مطابق هڪ هزار سال آهي |
ذٰلِكَ عٰلِمُ الغَيبِ وَالشَّهٰدَةِ العَزيزُ الرَّحيمُ (آيت : 6) |
اهوئي آهي سڀ ڪنهن لڪل توڙي پڌري جو ڄاڻڻ وارو، زبردست ۽ رحم ڪندڙ |
الَّذى أَحسَنَ كُلَّ شَيءٍ خَلَقَهُ وَبَدَأَ خَلقَ الإِنسٰنِ مِن طينٍ (آيت : 7) |
ان جا به شيءِ ٺاهي آهي ڏاڍي سهڻي ٺاهي آهي. هن انسان جي پيدا ڪرڻ جي شروعات ڳوٿل مٽيءَ مان ڪئي |
ثُمَّ جَعَلَ نَسلَهُ مِن سُلٰلَةٍ مِن ماءٍ مَهينٍ (آيت : 8) |
پوءِ ان جو نسلي سلسلو اهڙي جوهر مان هلايائين، جيڪو حقير پاڻياٺ آهي |
ثُمَّ سَوّىٰهُ وَنَفَخَ فيهِ مِن روحِهِ وَجَعَلَ لَكُمُ السَّمعَ وَالأَبصٰرَ وَالأَفـِٔدَةَ قَليلًا ما تَشكُرونَ (آيت : 9) |
پوءِ ان کي ٺاهي ٺـُـڪي ٺيڪ ڪري بيهاريائين ۽ منجهس پنهنجو روح ڦوڪيائين ۽ توهان کي ڪــَـن ڏنائين، اکيون ڏنائين، دليون ڏنائين، توهان ٿورو شڪر ڪريو ٿا |
وَقالوا أَءِذا ضَلَلنا فِى الأَرضِ أَءِنّا لَفى خَلقٍ جَديدٍ بَل هُم بِلِقاءِ رَبِّهِم كٰفِرونَ (آيت : 10) |
۽ اهي ماڻهو چون ٿا ته "جڏهن اسان مٽيءَ ۾ رلجي ملجي ويا هونداسون ته ڇا وري نئين سر پيدا ڪيا وينداسون؟" ڳالهه اصل اها آهي ته اهي پنهنجي رب سان ملڻ کي نٿا مڃين |
قُل يَتَوَفّىٰكُم مَلَكُ المَوتِ الَّذى وُكِّلَ بِكُم ثُمَّ إِلىٰ رَبِّكُم تُرجَعونَ (آيت : 11) |
(اي نبي) چوينِ ته، "موت جو اهو فرشتو جيڪو توهان تي مقرر ڪيل آهي، توهان کي سڄو سارو کڻي پنهنجي مــُـٺ ۾ ڪندو، پوءِ توهان پنهنجي رب ڏانهن موٽايا ويندؤ" |
وَلَو تَرىٰ إِذِ المُجرِمونَ ناكِسوا رُءوسِهِم عِندَ رَبِّهِم رَبَّنا أَبصَرنا وَسَمِعنا فَارجِعنا نَعمَل صٰلِحًا إِنّا موقِنونَ (آيت : 12) |
جيڪر ته تون ڏسين جڏهن اهي ڏوهاري ڪنڌ هيٺ ڪيو، پنهنجي رب جي بارگاهه ۾ بيٺا هوندا (۽ چئي رهيا هوندا ته) "اي اسان جا رب! اسان چڱيءَ طرح ڏٺو ۽ ٻڌو، هاڻي اسان کي پوئتي موٽاءِ ته جيئن چڱا ڪم ڪريون، هاڻي اسان کي پورو پورو يقين ٿي ويو آهي" |
وَلَو شِئنا لَءاتَينا كُلَّ نَفسٍ هُدىٰها وَلٰكِن حَقَّ القَولُ مِنّى لَأَملَأَنَّ جَهَنَّمَ مِنَ الجِنَّةِ وَالنّاسِ أَجمَعينَ (آيت : 13) |
(جواب ۾ فرمايو ويندو) "جيڪڏهن اسان چاهيون ها ته اڳي ئي هرهڪ کي هدايت تي آڻي ڇڏيون ها، پر منهنجي اها ڳالهه پوري ٿي وئي، جيڪا مون چئي هئي ته مان جهنم کي جنن توڙي انسانن سڀني سان ڀري ڇڏيندس |
فَذوقوا بِما نَسيتُم لِقاءَ يَومِكُم هٰذا إِنّا نَسينٰكُم وَذوقوا عَذابَ الخُلدِ بِما كُنتُم تَعمَلونَ (آيت : 14) |
پوءِ هاڻي چکو مزو پنهنجي انهيءَ قصور جو، جو توهان هن ڏينهن جي ملاقات کي وساري ڇڏيو. اسان به هاڻي توهان کي ڌيان تان لاهي ڇڏيو آهي. چکو مزو سدائين رهڻ واري عذاب جو پنهنجن عملن جي بدلي ۾" |
إِنَّما يُؤمِنُ بِـٔايٰتِنَا الَّذينَ إِذا ذُكِّروا بِها خَرّوا سُجَّدًا وَسَبَّحوا بِحَمدِ رَبِّهِم وَهُم لا يَستَكبِرونَ (آيت : 15) |
اسانجي آيتن تي ته اهي ماڻهو ٿا ايمان آڻين، جن کي جڏهن هي آيتون ٻڌائي نصيحت ڪئي وڃي ٿي ته سجدي ۾ ڪري پون ٿا ۽ پنهنجي رب جي ساراهه سان گڏ سندس پاڪائي بيان ڪن ٿا ۽ وڏائي نٿا ڪن |
تَتَجافىٰ جُنوبُهُم عَنِ المَضاجِعِ يَدعونَ رَبَّهُم خَوفًا وَطَمَعًا وَمِمّا رَزَقنٰهُم يُنفِقونَ (آيت : 16) |
سندن پٺيون بسترن کان الڳ رهن ٿيون، پنهنجي رب کي خوف ۽ اميد وچان سڏين ٿا، ۽ جيڪو رزق اسان کين ڏنو آهي، ان مان خرچ ڪن ٿا |
فَلا تَعلَمُ نَفسٌ ما أُخفِىَ لَهُم مِن قُرَّةِ أَعيُنٍ جَزاءً بِما كانوا يَعمَلونَ (آيت : 17) |
وري جيڪي اکين جو ٺار سندن عملن جي اجوري طور انهن لاءِ لڪائي رکيو ويو آهي، تنهن جي ته ڪنهن به ساهواري کي ڪا خبر ئي ناهي |
أَفَمَن كانَ مُؤمِنًا كَمَن كانَ فاسِقًا لا يَستَوۥنَ (آيت : 18) |
ڀلا ائين به ڪو ٿيڻو آهي ڇا، ته جيڪو مؤمن هجي سو ان شخص وانگر ٿي پوي، جيڪو نافرمان آهي؟ اهي ٻئي برابر نٿا ٿي سگهن |
أَمَّا الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ فَلَهُم جَنّٰتُ المَأوىٰ نُزُلًا بِما كانوا يَعمَلونَ (آيت : 19) |
جن ماڻهن ايمان آندو ۽ نيڪ عمل ڪيا انهن لاءِ ته جنتن واريون رهڻ جون جايون آهن، مهمانيءَ طور سندن عملن جي بدلي ۾ |
وَأَمَّا الَّذينَ فَسَقوا فَمَأوىٰهُمُ النّارُ كُلَّما أَرادوا أَن يَخرُجوا مِنها أُعيدوا فيها وَقيلَ لَهُم ذوقوا عَذابَ النّارِ الَّذى كُنتُم بِهِ تُكَذِّبونَ (آيت : 20) |
۽ جن نافرماني ڪئي، تن جو ٺڪاڻو جهنم آهي. جڏهن به ان مان نڪرڻ جي ڪندا ته ورائي اندر ڌڪيا ويندا ۽ چيو ويندن ته چکو مزو باهه واري عذاب جو، جنهن کي ڪوڙ ڀانئيندا هيؤ |
وَلَنُذيقَنَّهُم مِنَ العَذابِ الأَدنىٰ دونَ العَذابِ الأَكبَرِ لَعَلَّهُم يَرجِعونَ (آيت : 21) |
انهيءَ وڏي عذاب کان اڳ هن دنيا ۾ ئي اسان کين (ڪنهن نه ڪنهن هلڪي) عذاب جو مزو چکائيندا رهنداسون ته مــَـنَ ائين ڪو مڙي وڃن |
وَمَن أَظلَمُ مِمَّن ذُكِّرَ بِـٔايٰتِ رَبِّهِ ثُمَّ أَعرَضَ عَنها إِنّا مِنَ المُجرِمينَ مُنتَقِمونَ (آيت : 22) |
۽ ان کان وڏو ظالم ٻيو ڪير ٿيندو، جنهن کي سندس رب جي آيتن وسيلي نصيحت ڪئي وڃي ۽ هو وري انهن کان منهن موڙي ڇڏي. اهڙن ڏوهارين کان ته اسان ضرور بدلو وٺي رهنداسون |
وَلَقَد ءاتَينا موسَى الكِتٰبَ فَلا تَكُن فى مِريَةٍ مِن لِقائِهِ وَجَعَلنٰهُ هُدًى لِبَنى إِسرٰءيلَ (آيت : 23) |
هن کان اڳ اسان موسيٰ کي ڪتاب ڏئي چڪا آهيون، تنهنڪري انهيءَ شيءِ جي ملڻ ۾ توکي ڪوبه شڪ نه هئڻ گهرجي، انهيءَ ڪتاب کي اسان بني اسرائيل لاءِ هدايت بڻايو هو |
وَجَعَلنا مِنهُم أَئِمَّةً يَهدونَ بِأَمرِنا لَمّا صَبَروا وَكانوا بِـٔايٰتِنا يوقِنونَ (آيت : 24) |
۽ جڏهن انهن صبر ڪيو ۽ اسان جي آيتن تي يقين ڪندا رهيا ته اسان منجهن اهڙا رهبر پيدا ڪيا، جيڪي اسان جي حڪم سان هدايت ڪندا هئا |
إِنَّ رَبَّكَ هُوَ يَفصِلُ بَينَهُم يَومَ القِيٰمَةِ فيما كانوا فيهِ يَختَلِفونَ (آيت : 25) |
بيشڪ تنهنجو رب ئي قيامت جي ڏينهن انهن ڳالهين جو فيصلو ڪندو، جن جي باري ۾ (بني اسرائيل) پاڻ ۾ اختلاف ڪندا رهيا آهن |
أَوَلَم يَهدِ لَهُم كَم أَهلَكنا مِن قَبلِهِم مِنَ القُرونِ يَمشونَ فى مَسٰكِنِهِم إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايٰتٍ أَفَلا يَسمَعونَ (آيت : 26) |
۽ ڇا انهن ماڻهن کي (انهن تاريخي واقعن مان) ڪابه هدايت نه ملي آهي ته اسان کانئن اڳ ڪيتريون ئي قومون برباد ڪري چڪا آهيون، جن جي رهڻ وارين جاين ۾ اڄ اهي گهمن ٿا؟ ان ۾ وڏيون نشانيون آهن، پوءِ ڀلا اهي ٻڌن نٿا ڇا؟ |
أَوَلَم يَرَوا أَنّا نَسوقُ الماءَ إِلَى الأَرضِ الجُرُزِ فَنُخرِجُ بِهِ زَرعًا تَأكُلُ مِنهُ أَنعٰمُهُم وَأَنفُسُهُم أَفَلا يُبصِرونَ (آيت : 27) |
۽ انهن اهو نه ڏٺو آهي ڇا ته اسان هڪ ويران زمين ڏانهن پاڻي وهائي آڻيون ٿا ۽ پوءِ انهيءَ زمين منجهان اها پوک ٿا اپايون، جنهن مان سندن ڍور ڍڳا به کائن ٿا ۽ اهي پاڻ به کائن ٿا، پوءِ ڀلا ڪجهه نظر ئي نٿو اچين ڇا؟ |
وَيَقولونَ مَتىٰ هٰذَا الفَتحُ إِن كُنتُم صٰدِقينَ (آيت : 28) |
اهي ماڻهو چون ٿا ته "اهو فيصلو ڀلا ڪڏهن ٿيندو، جيڪڏهن توهان سچا آهيو؟" |
قُل يَومَ الفَتحِ لا يَنفَعُ الَّذينَ كَفَروا إيمٰنُهُم وَلا هُم يُنظَرونَ (آيت : 29) |
چوين ته "فيصلي واري ڏينهن ايمان آڻڻ انهن ماڻهن کي ڪوبه فائدو نه ڏيندو جن ڪفر ڪيو آهي ۽ نه وري ڪا مهلت ئي ملندن" |
فَأَعرِض عَنهُم وَانتَظِر إِنَّهُم مُنتَظِرونَ (آيت : 30) |
چڱو ڀلا کين سندن حال تي ڇڏي ڏي ۽ انتظار ڪر، اهي به انتظار ڪندڙ آهن |