الم (آيت : 1) |
الم |
تَنزيلُ الكِتٰبِ لا رَيبَ فيهِ مِن رَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 2) |
ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته ڪتاب (قرآن) جو نازل ڪرڻ ساري جهان جي پروردگار طرفان آهي. |
أَم يَقولونَ افتَرىٰهُ بَل هُوَ الحَقُّ مِن رَبِّكَ لِتُنذِرَ قَومًا ما أَتىٰهُم مِن نَذيرٍ مِن قَبلِكَ لَعَلَّهُم يَهتَدونَ (آيت : 3) |
ڇا ته اهي چون ٿا ته هن (رسول) اهو ڪوڙ ٺاهيو آهي (نه) بلڪ اهو تنهنجي پالڻهار جي طرفان سچ آهي هن لاءِ ته تون انهن ماڻهن کي (خدا جي عذاب کان) ڊيڄارين جن وٽ تو کان اڳ ڪو ڊيڄاريندڙ نه آيو ته من اهي (سڌي) راھ تي اچن. |
اللَّهُ الَّذى خَلَقَ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ وَما بَينَهُما فى سِتَّةِ أَيّامٍ ثُمَّ استَوىٰ عَلَى العَرشِ ما لَكُم مِن دونِهِ مِن وَلِىٍّ وَلا شَفيعٍ أَفَلا تَتَذَكَّرونَ (آيت : 4) |
الله اهو جنهن آسمانن ۽ زمين کي ۽ جيڪي انهن ٻنهي جي وچ ۾ آهي تنهن کي ڇهن ڏينهن ۾ پيدا ڪيو، وري عرش بنائڻ تي آماده ٿيو. ان کان سواءِ اوهان جو نه ڪو سرپرست آهي (۽) نه ڪو ئي سفارشيءَ. ته ڇا اوهين (تڏهين به) نصيحت ۽ عبرت حاصل نه ٿا ڪريو؟ |
يُدَبِّرُ الأَمرَ مِنَ السَّماءِ إِلَى الأَرضِ ثُمَّ يَعرُجُ إِلَيهِ فى يَومٍ كانَ مِقدارُهُ أَلفَ سَنَةٍ مِمّا تَعُدّونَ (آيت : 5) |
آسمان کان وٺي زمين تائين هر ڳالھ جو بندوبست ڪري ٿو پوءِ اهو بندوبست ان ڏينهن جنهن جو اندازو اوهان جي شمار سان هزا ورهيه آهي، سندس بارگاھ ۾ پيش ٿيندو. |
ذٰلِكَ عٰلِمُ الغَيبِ وَالشَّهٰدَةِ العَزيزُ الرَّحيمُ (آيت : 6) |
اهو ئي (تدبير ڪرڻ وارو) لڪل ۽ ظاهر جي ڄاڻڻ وار (سڀ تي) غالب مهربان آهي. |
الَّذى أَحسَنَ كُلَّ شَيءٍ خَلَقَهُ وَبَدَأَ خَلقَ الإِنسٰنِ مِن طينٍ (آيت : 7) |
جنهن جيڪا به شيءِ پيدا ڪئي سا سٺي بنائي، ۽ انسان جي ابتدائي خلقت مٽيءَ سان ڪئي. |
ثُمَّ جَعَلَ نَسلَهُ مِن سُلٰلَةٍ مِن ماءٍ مَهينٍ (آيت : 8) |
پوءِ سندس اولاد (انساني جسم جي خلاصي) يعني (نطفه جهڙي) ذليل پاڻيءَ سان بنايائين. |
ثُمَّ سَوّىٰهُ وَنَفَخَ فيهِ مِن روحِهِ وَجَعَلَ لَكُمُ السَّمعَ وَالأَبصٰرَ وَالأَفـِٔدَةَ قَليلًا ما تَشكُرونَ (آيت : 9) |
پوءِ ان کي صحيح سالم ڪيائين ۽ ان ۾ پنهنجي (طرفان) روح ڦوڪيائين ۽ اوهان لاءِ ڪن ۽ اکيون ۽ دليون بنايائين (تنهن هوندي به) اوهين تمام ٿورو شڪر ڪريو ٿا. |
وَقالوا أَءِذا ضَلَلنا فِى الأَرضِ أَءِنّا لَفى خَلقٍ جَديدٍ بَل هُم بِلِقاءِ رَبِّهِم كٰفِرونَ (آيت : 10) |
۽ چون ٿا ته ڇا! جڏهن اسين زمين ۾ رلي ملي وينداسون تڏهين به اسان کي نئين سر پيدا ڪيو ويندو (قيامت کان نه) بلڪ اهي ماڻهو پنهنجي پروردگار جي (سامهون) حاضر ٿيڻ جا انڪاري آهن. |
قُل يَتَوَفّىٰكُم مَلَكُ المَوتِ الَّذى وُكِّلَ بِكُم ثُمَّ إِلىٰ رَبِّكُم تُرجَعونَ (آيت : 11) |
(اي پيغمر کين) فرمائي ته جيڪو موت جو فرشتو اوهان تي مقرر ڪيل آهي اهو اوهان جو روح قبض ڪندو. تنهن کان پوءِ اوهين (سڀ) پنهنجي پروردگار ڏي موٽايا ويندا. |
وَلَو تَرىٰ إِذِ المُجرِمونَ ناكِسوا رُءوسِهِم عِندَ رَبِّهِم رَبَّنا أَبصَرنا وَسَمِعنا فَارجِعنا نَعمَل صٰلِحًا إِنّا موقِنونَ (آيت : 12) |
۽ (اي حبيب! تو کي ڏاڍو ارمان ٿيندو) جي تون ڏوهارين کي ڏسندين ته اهي (حساب جي وقت) پنهنجي پروردگار جي بارگاھ ۾ پنهنجا سر هيٺ ڪري بيٺا آهن ۽ (عرض ڪري رهيا آهن ته) پروردگار! اسان (چڱيءَ طرح) ڏسي ورتو ۽ ٻڌي ڇڏيو، تون اسان کي دنيا ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر موٽائي ته اسين نيڪ ڪم ڪريون. هينئر ته اسان کي (قيامت جو) چڱيءَ طرح يقين آهي. |
وَلَو شِئنا لَءاتَينا كُلَّ نَفسٍ هُدىٰها وَلٰكِن حَقَّ القَولُ مِنّى لَأَملَأَنَّ جَهَنَّمَ مِنَ الجِنَّةِ وَالنّاسِ أَجمَعينَ (آيت : 13) |
۽ (خدا فرمائيندو ته) جيڪڏهن اسين گهرون ها ته (دنيا ۾ ئي) هر شخص کي (زوريءَ) سڌي راھ تي آڻيون ها، پر منهنجي طرفان (ازل جي ڏينهن کان) هيءَ ڳالھ مقرر ٿيل آهي ته آءُ دوزخ کي جنن ۽ آدمين سان ڀري ڇڏيندس. |
فَذوقوا بِما نَسيتُم لِقاءَ يَومِكُم هٰذا إِنّا نَسينٰكُم وَذوقوا عَذابَ الخُلدِ بِما كُنتُم تَعمَلونَ (آيت : 14) |
۽ جيئن ته اوهان اڄوڪي ڏينهن جي حاضري کي وساري ڇڏيو هو ته هاڻي ان جو مزو چکيو. اسان اوهان کي ڄاڻي واڻي وساري ڇڏيو. ۽ جهڙا جهڙا توهان جا ڪرتوت هئا (تن جي عوض) هاڻي هميشه جي عذابن جا مزا چکيو. |
إِنَّما يُؤمِنُ بِـٔايٰتِنَا الَّذينَ إِذا ذُكِّروا بِها خَرّوا سُجَّدًا وَسَبَّحوا بِحَمدِ رَبِّهِم وَهُم لا يَستَكبِرونَ (آيت : 15) |
اسان جي آيتن تي ايمان رڳو اهي ماڻهو آڻين ٿا جو جڏهن کين اهي آيتون ياد ڏياريون ويون ته يڪدم سجدي ۾ ڪري پيا ۽ پنهنجي پروردگار جي حمد ۽ ثنا جي تسبيح پڙهڻ لڳا. پڻ اهي شخص وڏائي نه ٿا ڪن. |
تَتَجافىٰ جُنوبُهُم عَنِ المَضاجِعِ يَدعونَ رَبَّهُم خَوفًا وَطَمَعًا وَمِمّا رَزَقنٰهُم يُنفِقونَ (آيت : 16) |
(رات جو به) سندن پاسا بسترن کان واقف نه ٿا ٿين پڻ (عذاب جي) خوف کان ۽ (رحمت جي) اميد تي پنهنجي پروردگار جي عبادت ڪن ٿا ۽ اسان جيڪي کين عطا ڪيو آهي تنهن مان (خدا جي راھ ۾) خرچ ڪن ٿا. |
فَلا تَعلَمُ نَفسٌ ما أُخفِىَ لَهُم مِن قُرَّةِ أَعيُنٍ جَزاءً بِما كانوا يَعمَلونَ (آيت : 17) |
پوءِ جيڪو اکين جو ٺار انهن لاءِ لڪايو ويو آهي تنهن کي ڪوشخص نه ٿو ڄاڻي، جيڪي (نيڪ) ڪم پيا ڪن تن جو کين بدلو ڏنو ويندو. |
أَفَمَن كانَ مُؤمِنًا كَمَن كانَ فاسِقًا لا يَستَوۥنَ (آيت : 18) |
ڇا ڀلا جيڪو ايمان وارو آهي، ان ماڻهوءَ جي برابر ٿيندو جيڪو بدڪار آهي هرگز نه! اهي ٻئي برابر نه ٿيندا. |
أَمَّا الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ فَلَهُم جَنّٰتُ المَأوىٰ نُزُلًا بِما كانوا يَعمَلونَ (آيت : 19) |
پر جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن لاءِ ته رهڻ (سهڻ) جي (لاءِ بهشت جا) باغ آهن. هيءَ مهماني انهن ڪمن جو عوض آهي جيڪي اهي (دنيا ۾) ڪري چڪا هئا. |
وَأَمَّا الَّذينَ فَسَقوا فَمَأوىٰهُمُ النّارُ كُلَّما أَرادوا أَن يَخرُجوا مِنها أُعيدوا فيها وَقيلَ لَهُم ذوقوا عَذابَ النّارِ الَّذى كُنتُم بِهِ تُكَذِّبونَ (آيت : 20) |
۽ جن ماڻهن نافرماني ڪئي تن جي رهڻ جي جاءِ (رڳو) دوزخ آهي. اهي جڏهن به ان (دوزخ) مان نڪرڻ جو ارادو ڪندو ته ان ۾ موٽائي کين ڌڪيو ويندو. ۽ کين چيو ويندو ته دوزخ جي جنهن عذاب کي ڪوڙ سمجهندا هئا، هاڻي ان جو (عذاب) چکيو. |
وَلَنُذيقَنَّهُم مِنَ العَذابِ الأَدنىٰ دونَ العَذابِ الأَكبَرِ لَعَلَّهُم يَرجِعونَ (آيت : 21) |
۽ اسين ضرور (قيامت جي) وڏي عذاب کان اڳ دنيا جي ڪجھ عذاب جو مزو چکائينداسون جو جلد ايندو هن لاءِ ته هاڻي به اهي ماڻهو (مون ڏي) رجوع ٿين. |
وَمَن أَظلَمُ مِمَّن ذُكِّرَ بِـٔايٰتِ رَبِّهِ ثُمَّ أَعرَضَ عَنها إِنّا مِنَ المُجرِمينَ مُنتَقِمونَ (آيت : 22) |
۽ جنهن شخص کي سندس پروردگار جون آيتون ياد ڏياريون وڃن ۽ اهو انهن کان منهن ڦيرائي تنهن کان وڌيڪ ٻيو ڪير ظالم هوندو؟ اسين ڏوهارين کان بدلو وٺنداسون ۽ ضرور وٺنداسون. |
وَلَقَد ءاتَينا موسَى الكِتٰبَ فَلا تَكُن فى مِريَةٍ مِن لِقائِهِ وَجَعَلنٰهُ هُدًى لِبَنى إِسرٰءيلَ (آيت : 23) |
۽ (اي پيغمبر) اسان ته موسى کي به (آسماني) ڪتاب (توريت) عطا ڪيو هو ته تون هن (ڪتاب) قرآن جو (خدا کان) ملڻ بابت شڪ ۾ (نه) پئو پڻ اسان ان (توريت کي بني اسرائيلن لاءِ رهنما مقرر ڪيو هو. |
وَجَعَلنا مِنهُم أَئِمَّةً يَهدونَ بِأَمرِنا لَمّا صَبَروا وَكانوا بِـٔايٰتِنا يوقِنونَ (آيت : 24) |
۽ انهن (بني اسرائيلن مان اسان ڪن انسانن کي جيئن ته انهن (مصيبتن تي) صبر ڪيو هو پيشوا ڪيو جي اسان جي حڪم سان (ماڻهن کي) هدايت ڪندا هئا. پڻ (تنهن کان سواءِ) اسان جي آيتن جو دل سان يقين رکندا هئا. |
إِنَّ رَبَّكَ هُوَ يَفصِلُ بَينَهُم يَومَ القِيٰمَةِ فيما كانوا فيهِ يَختَلِفونَ (آيت : 25) |
(اي پيغمبر) بيشڪ جن ڳالهين بابت ماڻهو (دنيا ۾) هڪ ٻئي سان وڙهن ٿا قيامت جي ڏينهن تنهنجو پروردگار قطعي فيصلو ڪندو. |
أَوَلَم يَهدِ لَهُم كَم أَهلَكنا مِن قَبلِهِم مِنَ القُرونِ يَمشونَ فى مَسٰكِنِهِم إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايٰتٍ أَفَلا يَسمَعونَ (آيت : 26) |
ڇا کين هن ڳالھ هدايت نه ڪئي جو انهن کان اڳي اسان ڪيتريون ئي امتون برباد ڪري ڇڏيون جن جي گهرن ۾ اهي گهمن ڦرن ٿا بيشڪ ان (ڳالھ ۾ وڏيون) نشانيون آهن. ڇا پوءِ اهي نه ٿا ٻڌن. |
أَوَلَم يَرَوا أَنّا نَسوقُ الماءَ إِلَى الأَرضِ الجُرُزِ فَنُخرِجُ بِهِ زَرعًا تَأكُلُ مِنهُ أَنعٰمُهُم وَأَنفُسُهُم أَفَلا يُبصِرونَ (آيت : 27) |
ڇا انهن ماڻهن ان تي به غور نه ڪيو جو اسين ويران زمين ڏي پاڻي جاري ڪريون ٿا پوءِ ان سان پوک ڄمايون ٿا جنهن مان سندن ڍور ۽ پاڻ به کائين ٿا. ڇا پوءِ اهي نه ٿا ڏسن؟ |
وَيَقولونَ مَتىٰ هٰذَا الفَتحُ إِن كُنتُم صٰدِقينَ (آيت : 28) |
۽ اهي ماڻهو چون ٿا ته اوهين جيڪڏهن سچا آهيو (ته قيامت ايندي) ته (نيٺ) اهو فيصلو ڪڏهن ٿيندو؟ |
قُل يَومَ الفَتحِ لا يَنفَعُ الَّذينَ كَفَروا إيمٰنُهُم وَلا هُم يُنظَرونَ (آيت : 29) |
اي (پيغمبر) تون چوين ته فيصلي جي ڏينهن مشرڪن کي سندن ايمان آڻڻ ڪجھ فائدو نه ڏيندو ۽ نه کين مهلت ڏني ويندي. |
فَأَعرِض عَنهُم وَانتَظِر إِنَّهُم مُنتَظِرونَ (آيت : 30) |
مطلب ته سندن ڳالهين جو خيال نه ڪر ۽ تون منتظر رھ! (نيٺ) اهي به ته انتظار ڪري رهيا آهن. |