الم (آيت : 1) |
الـٓمّٓ کي، ڄاڻي ڄاڻڻهار، |
تَنزيلُ الكِتٰبِ لا رَيبَ فيهِ مِن رَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 2) |
آهِن ڪتاب قديم مان، هي اُتارا اَطهار، شَڪ نه شُبهو اُن ۾، پاران پِرٿڻِئَ پارُ، |
أَم يَقولونَ افتَرىٰهُ بَل هُوَ الحَقُّ مِن رَبِّكَ لِتُنذِرَ قَومًا ما أَتىٰهُم مِن نَذيرٍ مِن قَبلِكَ لَعَلَّهُم يَهتَدونَ (آيت : 3) |
اُٽلو چَونِ هِي ٺاهيو، مُرسل مَڻيادار، بَلڪ سَندئـِي سائـِينءَ کان، سوا آهي حق اِظهار، تان ڪاڙهي سَندِي تِنهن قوم کي، ڏِيِينِ خبر چار، جَن کي اِطلاعِي نه آيو، تُنهان اَ ڳ تڪرار، اِن آسري آڌار، ته وَرندا وهَين واٽ تي!. |
اللَّهُ الَّذى خَلَقَ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ وَما بَينَهُما فى سِتَّةِ أَيّامٍ ثُمَّ استَوىٰ عَلَى العَرشِ ما لَكُم مِن دونِهِ مِن وَلِىٍّ وَلا شَفيعٍ أَفَلا تَتَذَكَّرونَ (آيت : 4) |
اُهو اَلله آهي سو، جِنهن ڇَهَن ڏِينهنَ ۾ ڏاتار، اُڀ، زمينون جوڙيا، پڻ جيڪِي مَنجَھنِ جِنسار، تِنهان پوءِ تخت تي، قَراريو ڪَلتار، هرگز نه هيٺان اُن جي، ڪو آن لئي عَملدار، نه وسِيلو، واهر، پوءِ ڇونٿا پرائيو؟ |
يُدَبِّرُ الأَمرَ مِنَ السَّماءِ إِلَى الأَرضِ ثُمَّ يَعرُجُ إِلَيهِ فى يَومٍ كانَ مِقدارُهُ أَلفَ سَنَةٍ مِمّا تَعُدّونَ (آيت : 5) |
حُڪم هَلائي اُڀ ڪنان، ڌَڻِي ڌرتئَ پارِ، وَرِي اُسري اُن ڏي، تِنهِين ڏِينهن تڪرار، جِنهن مُوجب ليکو لوڪ ۾، هُوندو سال هزار، |
ذٰلِكَ عٰلِمُ الغَيبِ وَالشَّهٰدَةِ العَزيزُ الرَّحيمُ (آيت : 6) |
ڳُجھيون، پَڌريون ڳالهيون، سو ڄاڻي ڄاڻڻهار، سَٻر ۽ سَٻوجھ گھڻو، جنهن قادِر بَرقرار، سَڀ شئَ جِي ڌاروڌار، صورت کي سِيگاريو. |
الَّذى أَحسَنَ كُلَّ شَيءٍ خَلَقَهُ وَبَدَأَ خَلقَ الإِنسٰنِ مِن طينٍ (آيت : 7) |
۽ اوّل مِٽِئ مان، ماڻهوء جِي، جوڙِي جوڙ جبار، |
ثُمَّ جَعَلَ نَسلَهُ مِن سُلٰلَةٍ مِن ماءٍ مَهينٍ (آيت : 8) |
پوءِ ڦُڙي پاڻِئَ پٽڙي مان، ڪيو نسل سَندسِ نِروار، |
ثُمَّ سَوّىٰهُ وَنَفَخَ فيهِ مِن روحِهِ وَجَعَلَ لَكُمُ السَّمعَ وَالأَبصٰرَ وَالأَفـِٔدَةَ قَليلًا ما تَشكُرونَ (آيت : 9) |
موٽي تِنهن مِهر سان، ڪيو تمام نيار، ۽ رُوح سَندسِ مان ڦوڪيو، ساھ مَنجھسِ سَتار، ۽ تَن، مَن اَ کيون اوهان کي ڏِنان سڀ ڏاتار، اُنهن جا اِهي پار، ته ٿورا، ڀورا ڳائيو. |
وَقالوا أَءِذا ضَلَلنا فِى الأَرضِ أَءِنّا لَفى خَلقٍ جَديدٍ بَل هُم بِلِقاءِ رَبِّهِم كٰفِرونَ (آيت : 10) |
۽ چي، ڪِ اَسِين مَٽجِي مِٽِئَ ۾، وِينداسون جنهن وار، ڇا، اَسِين اِينداسون وَرِي، نَئـِين جوڙ ۾ نِروار، سَندِن ڌَڻِي جي دِيدار کان، بلڪ آهِن بيزار، |
قُل يَتَوَفّىٰكُم مَلَكُ المَوتِ الَّذى وُكِّلَ بِكُم ثُمَّ إِلىٰ رَبِّكُم تُرجَعونَ (آيت : 11) |
چَئو، مَلڪ الموت مارِيندو، آن کي آخِرڪار، اَوهان مَٿي آھِ جو، سونپِيَل سَڀ ڄمار، اَهنجي پَرور، پار موٽِي اوهِين موٽائـِبا. |
وَلَو تَرىٰ إِذِ المُجرِمونَ ناكِسوا رُءوسِهِم عِندَ رَبِّهِم رَبَّنا أَبصَرنا وَسَمِعنا فَارجِعنا نَعمَل صٰلِحًا إِنّا موقِنونَ (آيت : 12) |
۽ ڏِسِين ڏوهارين جو، هُوند تڏهن تون حال، هُوندا سَندنِ سائـِينءَ وَٽ، جڏهن اُونڌي ڪَنڌ ڪُلال، سوٺو سون ۽ سُئو سون، سانيمِ! سَڀ اَحوال، پوءِ وار اسان کي ته وَڃِي ڪريون، اَڇا ڪي اَعمال، بارِي رَبُّ! بَحال، اَڄ آهيون، پورِئَ پَڪ مَٿي. |
وَلَو شِئنا لَءاتَينا كُلَّ نَفسٍ هُدىٰها وَلٰكِن حَقَّ القَولُ مِنّى لَأَملَأَنَّ جَهَنَّمَ مِنَ الجِنَّةِ وَالنّاسِ أَجمَعينَ (آيت : 13) |
۽ اَسان اَوّل کان گُھرو، هَرجِئَ لئي جيڪر!، ته عَطا ڪيونسِ اُن جِي، هِدايت هيڪر!، پر مون کان مَهندئـِي، فيصلو صَحِي ٿيو صادِر، ته جِنن ۽ ماڻهن سان، جي مُشرِڪ ۽ مُنڪر، ميڙي مَنجھ مَڱر، بِلڪُل ڀَرِيندسِ باھ کي. |
فَذوقوا بِما نَسيتُم لِقاءَ يَومِكُم هٰذا إِنّا نَسينٰكُم وَذوقوا عَذابَ الخُلدِ بِما كُنتُم تَعمَلونَ (آيت : 14) |
پوءِ چَکو چڱِئَ چال سان، جِنهن مُوجب ڪالھ ڪُلال! ڏاڍي هِن ڏِينهن جو، وِساريان وِصال، اَسان به وساريو آن کي پوءِ چَکو جَھَنَّم جَنجال، جِيئَن ته ڪَندا هُئا ڪالھ، جَڏا ڪم جھان ۾. |
إِنَّما يُؤمِنُ بِـٔايٰتِنَا الَّذينَ إِذا ذُكِّروا بِها خَرّوا سُجَّدًا وَسَبَّحوا بِحَمدِ رَبِّهِم وَهُم لا يَستَكبِرونَ (آيت : 15) |
مَڃِين اُهي مُورهِين، اَسان جا اُهڃاڻ، جڏهن ياد ڏِجن اُنهن کي، ته ڪِرن سجدي ساڻ، ۽ سَندنِ سائـِين جِي، صِفت سان، ڳائـِن پاڪائي پاڻ، ۽ وَر وَر ڪن واکاڻ، ڪِين پَڏائڻ پاڻ کي. |
تَتَجافىٰ جُنوبُهُم عَنِ المَضاجِعِ يَدعونَ رَبَّهُم خَوفًا وَطَمَعًا وَمِمّا رَزَقنٰهُم يُنفِقونَ (آيت : 16) |
پاسا سَندنِ پَٽ کان، رهن کَڙا مَنجھ رات، دانهِينِ سَندنِ ڌڻـئَ کي، خوف، طمع جي تات، ۽ جيڪا ڏِنِيسونِ ڏات، ڏِينِ ڏُکيَن کي تنهِن مَنجھان. |
فَلا تَعلَمُ نَفسٌ ما أُخفِىَ لَهُم مِن قُرَّةِ أَعيُنٍ جَزاءً بِما كانوا يَعمَلونَ (آيت : 17) |
پوءِ ڪو ماڻهو نه ڄاڻي مُورهِين، ته اڳتي اُنهِئَ هارِ، جو رکيو وِيو راز ۾، اولا اَ کِين ٺار، جي ڪيائون ڪم ڪار، عيوض اُجورو اُن جو. |
أَفَمَن كانَ مُؤمِنًا كَمَن كانَ فاسِقًا لا يَستَوۥنَ (آيت : 18) |
پوءِ ڇا، مُؤمن تِنهن مِثال ؟ جو هَلندڙ ٻاهِر حُڪمن کان، بَرابَر بَحال، ڪڏهن ٿِينداڪِين ڪِي. |
أَمَّا الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ فَلَهُم جَنّٰتُ المَأوىٰ نُزُلًا بِما كانوا يَعمَلونَ (آيت : 19) |
پر آندو جَن ايمان، پڻ چڱا ڪَيائون ڪَمڙا، پوءِ مَهندان مِهمانِي اُن کي، بهشت جا بُستان، جنهن مُوجب مَنجھ جھان، چڱا ڪندا هئا ڪمڙا. |
وَأَمَّا الَّذينَ فَسَقوا فَمَأوىٰهُمُ النّارُ كُلَّما أَرادوا أَن يَخرُجوا مِنها أُعيدوا فيها وَقيلَ لَهُم ذوقوا عَذابَ النّارِ الَّذى كُنتُم بِهِ تُكَذِّبونَ (آيت : 20) |
ڀر ڦِريا جي فرمان کان، آسڻ تَن جو آڳ، ڪُوڪُون ڪَن ڪَڍڻ لئي، جڏهن مَنجھان تِنهن ماڳ، ته اُٿلِي هَڻبا اُن ۾، ۽ چَئـِبُنِ ته چَکو لاڳ، سَندا باھِ ڀَڙاڳ، جنهن کي ڪُوڙو ڪُوٺِيندا هُئا. |
وَلَنُذيقَنَّهُم مِنَ العَذابِ الأَدنىٰ دونَ العَذابِ الأَكبَرِ لَعَلَّهُم يَرجِعونَ (آيت : 21) |
۽ اڳ ۾، وَڏي عَذاب کان، سَندو ننڍي سُور، مَزو وَٺائـِينداسونِ مُورِ، ته مانَ وَرن سي واٽ تي! |
وَمَن أَظلَمُ مِمَّن ذُكِّرَ بِـٔايٰتِ رَبِّهِ ثُمَّ أَعرَضَ عَنها إِنّا مِنَ المُجرِمينَ مُنتَقِمونَ (آيت : 22) |
۽ آهي ڪير اُن کان، وَڏو هاڃيڪار؟ جنهن کي، جڏهن ياد ڏِجن، سَندسِ پَرور جا پار، ته موڙئـِين مُنهن اُنهن ڪنان؛ اَسِين به آخِرڪار، وَٺن وارا ڪِنهن وار، بَدلو بَدڪارن ڪنان. |
وَلَقَد ءاتَينا موسَى الكِتٰبَ فَلا تَكُن فى مِريَةٍ مِن لِقائِهِ وَجَعَلنٰهُ هُدًى لِبَنى إِسرٰءيلَ (آيت : 23) |
۽ ڏِنوسُون مُوسٰى مِير کي، قَلم بَند ڪِتاب، پوءِ سَندسِ مِلڻ ۾ مُورهِين، ڪو شَڪ نه رَک شتاب، ۽ ڪَيوسُونِس بَنِي اِسرائيل لئي، سُونهون برصَواب، |
وَجَعَلنا مِنهُم أَئِمَّةً يَهدونَ بِأَمرِنا لَمّا صَبَروا وَكانوا بِـٔايٰتِنا يوقِنونَ (آيت : 24) |
پڻ نيڪِي ڏانهن نواب، اُنهن مان ڪيو سون ڪِن کي. سَنئين سُهائيندا هُئا، اَمر اَسان جي ساڻ، جڏهن سَٺائون سَختيون، ۽ اسان جا اُهڃاڻ، هُئا پَڪ ڄاڻندا پاڻ، يَڪدِل سڀ يَقِين سان. |
إِنَّ رَبَّكَ هُوَ يَفصِلُ بَينَهُم يَومَ القِيٰمَةِ فيما كانوا فيهِ يَختَلِفونَ (آيت : 25) |
ڪَندو ڏِينهن قيام جي، سائـِين تُنهنجو صاف، ڪَن جين ۾ اِختلاف، اَڄ اَجايو پاڻ ۾. |
أَوَلَم يَهدِ لَهُم كَم أَهلَكنا مِن قَبلِهِم مِنَ القُرونِ يَمشونَ فى مَسٰكِنِهِم إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايٰتٍ أَفَلا يَسمَعونَ (آيت : 26) |
ڇا، حاصل نه ٿئي هِن مان، هدايت تَن هارِ؟ ته اِنهيان اَڳ جُڳ ڪيترا، هِڪ ٻئي پُٺيان هزار، ڪياسون قِسمين قَهر ۾، نِپٽ نگو نسار، هُئا سَندنِ حويلِينُ ۾، چَلندا سي چوڌار، اِن ۾ پَڌرا پار، پوءِ ڇو سُڻنِ، سَمجھنِ ڪِين ڪي؟ |
أَوَلَم يَرَوا أَنّا نَسوقُ الماءَ إِلَى الأَرضِ الجُرُزِ فَنُخرِجُ بِهِ زَرعًا تَأكُلُ مِنهُ أَنعٰمُهُم وَأَنفُسُهُم أَفَلا يُبصِرونَ (آيت : 27) |
ڇا، جانچيون ڪِين؟ ته جَر کي ٿا واهِيون پوٺن پار،پوءِ اُن سان پوک اُڀاريون، جنهن مان کائـِن اَن اَنبار، ڍڳا ڍور اُنهن جا، پڻ سَندنِ ٻَچا ٻار، پوءِ آخِر ڪِنهن آڌار، ڪِين ڏِسن سي قُدرتون؟ |
وَيَقولونَ مَتىٰ هٰذَا الفَتحُ إِن كُنتُم صٰدِقينَ (آيت : 28) |
چي، صَحِي سَچا آهيو ته، ڪڏهن اُهو آچار؟ |
قُل يَومَ الفَتحِ لا يَنفَعُ الَّذينَ كَفَروا إيمٰنُهُم وَلا هُم يُنظَرونَ (آيت : 29) |
چئو، ڏِئي نه ڏِينهن آچار جي، تَن کي وَٽابو وار، اُنهن جو اِعتبار، مَڃڻ مَحشر ڏِينهن ۾. ۽ مُهلت مِلندِي ڪان ڪا، تَنِين کي تڪرار، |
فَأَعرِض عَنهُم وَانتَظِر إِنَّهُم مُنتَظِرونَ (آيت : 30) |
پوءِ مُنهن تن کان موڙ تون، ۽ ويٺو ڏِس ڪا وار، اُهي پڻ اِنتظار، ڪَڍندڙ ڏِينهن قِيام جو. |