الم (آيت : 1) |
الف – لام – ميم |
تَنزيلُ الكِتٰبِ لا رَيبَ فيهِ مِن رَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 2) |
هيءُ ڪتاب (قرآن مجيد) جهانن جي پروردگار وٽان نازل ٿيو آهي. انهيءَ ۾ ذرو به شڪ شبهو ڪونهي. |
أَم يَقولونَ افتَرىٰهُ بَل هُوَ الحَقُّ مِن رَبِّكَ لِتُنذِرَ قَومًا ما أَتىٰهُم مِن نَذيرٍ مِن قَبلِكَ لَعَلَّهُم يَهتَدونَ (آيت : 3) |
يا ماڻهو چون ٿا ته هن (يعني حضورﷺ) ان (قرآن) کي پاڻ ٺاهيو آهي (۽ چوي ٿو ته الله وٽان آيل آهي) حقيقت هي آهي ته قرآن مجيد حق آهي (حق ٿو ٻڌائي ۽ غالب پوڻ بعد ثابت ٿيندو ته،) بيشڪ اهو حق آهي ۽ تنهنجي پروردگار وٽان آهي. انهيءَ لاءِ نازل ڪيو ويو آهي ته انهيءَ (عرب) قوم جي ماڻهن کي خبردار ڪري جن ڏي هن کان اڳي ڪوبه خبردار ڪندڙ (پيغمبر) ڪونه آيو آهي. (هاڻي انهيءَ لاءِ قرآن مجيد نازل ڪيو ويو آهي) ته من هي (عرب) هدايت واري واٽ وٺن. |
اللَّهُ الَّذى خَلَقَ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ وَما بَينَهُما فى سِتَّةِ أَيّامٍ ثُمَّ استَوىٰ عَلَى العَرشِ ما لَكُم مِن دونِهِ مِن وَلِىٍّ وَلا شَفيعٍ أَفَلا تَتَذَكَّرونَ (آيت : 4) |
اهو الله ئي آهي جنهن آسمانن ۽ زمين کي ۽ جيڪي انهن جي وچ ۾ آهي تنهن کي زماني جي ڇهن دورن ۾ خلقيو ۽ (جهانداري جي) تخت تي محڪم رهيو (يعني پوءِ به خلقيندو رهي ٿو ۽ پاڻ ئي جهان کي هلائيندو رهي ٿو، سو خبردار ٿيو ۽ ياد رکو ته) اوهان جي لاءِ سواءِ الله جي ٻيو ڪوبه سنڀاليندڙ يا سفارشي ڪونهي. ڇا توهان خيال ئي ڪونه ٿا هلايو. |
يُدَبِّرُ الأَمرَ مِنَ السَّماءِ إِلَى الأَرضِ ثُمَّ يَعرُجُ إِلَيهِ فى يَومٍ كانَ مِقدارُهُ أَلفَ سَنَةٍ مِمّا تَعُدّونَ (آيت : 5) |
آسمان کان زمين تائين هر ڳالهه ۽ هر ڪم جو انتظام الله تعاليٰ ٿو ڪري. پوءِ سڀ معاملا انهيءَ ڏينهن سندس حضور ۾ پيش ٿيندا، جنهن ڏينهن جو مقدار توهان جي حساب ۽ شمار موجب هزار سالن جو هوندو. |
ذٰلِكَ عٰلِمُ الغَيبِ وَالشَّهٰدَةِ العَزيزُ الرَّحيمُ (آيت : 6) |
اهڙو آهي اهو الله جو لڪل توڙي ظاهر شين جو ڄاڻندڙ آهي، وڏي قدرت ۽ شان وارو آهي ۽ رحم وارو آهي. |
الَّذى أَحسَنَ كُلَّ شَيءٍ خَلَقَهُ وَبَدَأَ خَلقَ الإِنسٰنِ مِن طينٍ (آيت : 7) |
جنهن شيءِ کي خلقيائين تنهن کي سهڻو ۽ چڱو بنايائين (توازن سان مناسب ۽ گهربل قوتون عطا ڪيائين) ۽ انسان کي شروعات ۾ (خسيس) گپ مان خلقيائين. |
ثُمَّ جَعَلَ نَسلَهُ مِن سُلٰلَةٍ مِن ماءٍ مَهينٍ (آيت : 8) |
پوءِ ان جو نسل (۽ پيڙهيون) بُڇان جهڙي پاڻيءَ (منيءَ) مان پيدا ڪندو رهيو جو پاڻي (حقيقت ۾ انسان جي سڀني جزن جو) نچوڙ ۽ ست آهي. |
ثُمَّ سَوّىٰهُ وَنَفَخَ فيهِ مِن روحِهِ وَجَعَلَ لَكُمُ السَّمعَ وَالأَبصٰرَ وَالأَفـِٔدَةَ قَليلًا ما تَشكُرونَ (آيت : 9) |
پوءِ الله تعاليٰ انسان کي چڱي نموني ۾ درست ڪيو (۽ توازن سان عضوا ۽ پنج حواس ڏنائين) ۽ ان انسان ۾ پنهنجي روح مان ڪجهه ڦوڪيائين (يعني عقل علم ۽ ترقيءَ جي طاقت بخشيائين) ۽ اوهان جي لاءِ ڪن (حقيقتن جي ٻڌڻ لاءِ) ۽ اکيون (حقيقتن کي ڏسڻ لاءِ) ۽ دليون (حقيقتن کي سمجهڻ لاءِ ۽ نيڪ جذبا رکڻ لاءِ) مهيا ڪيائين (پر افسوس) توهان تمام ٿورڙي شڪرگذاري ٿا ڪيو (يعني الله جي انهن نعمتن کي چڱيءَ طرح ڪم ڪونه ٿا آڻيو). |
وَقالوا أَءِذا ضَلَلنا فِى الأَرضِ أَءِنّا لَفى خَلقٍ جَديدٍ بَل هُم بِلِقاءِ رَبِّهِم كٰفِرونَ (آيت : 10) |
۽ (اهي بي شڪر ماڻهو) چون ٿا ته ڇا جڏهن اسان زمين ۾ ڍڪجي گم ٿي وينداسين تڏهن وري سچ پچ نئين سر پيدا ڪيا وينداسين؟ حقيقت هيءَ آهي ته اهي ماڻهو اها ڳالهه ئي نٿا مڃين ته ڪو (آخر) پنهنجي پروردگار جي اڳيان پيش ڪيا وينداسين. |
قُل يَتَوَفّىٰكُم مَلَكُ المَوتِ الَّذى وُكِّلَ بِكُم ثُمَّ إِلىٰ رَبِّكُم تُرجَعونَ (آيت : 11) |
(اي پيغمبر!) تون کين ٻڌاءِ ته موت جو مَلَڪ جو توهان تي مقرر ڪيل آهي، سو توهان جا روح قبض ڪندو. پوءِ توهان پنهنجي پروردگار جي طرف موٽائي آندا ويندؤ. |
وَلَو تَرىٰ إِذِ المُجرِمونَ ناكِسوا رُءوسِهِم عِندَ رَبِّهِم رَبَّنا أَبصَرنا وَسَمِعنا فَارجِعنا نَعمَل صٰلِحًا إِنّا موقِنونَ (آيت : 12) |
۽ جيڪڏهن تون (اهو دردناڪ عذاب) ڏسين جڏهن گنهگار پنهنجي پروردگار جي اڳيان پنهنجا ڪنڌ کڻي هيٺ ڪندا ته ڪيتري نه عبرت حاصل ڪرين. (انهيءَ مهل اُهي گنهار دردناڪ آواز سان پڪاريندا ته) اي اسان جا پروردگار! هاڻي اسان سڀ ڪجهه ڏٺو ۽ ٻڌو آهي (۽ هاڻي سڀ حقيقتون سمجهون ۽ مڃون ٿا) سو هاڻي اسان کي وري (دنيا ڏي) موٽاءِ ته اسان صالح عمل ڪيون. اسان هاڻي يقين سان (تنهنجي هدايتن کي) مڃيون ٿا. (پر پوءِ اها پشيماني ڪم نه ايندي اها دنيا گذري چڪي). |
وَلَو شِئنا لَءاتَينا كُلَّ نَفسٍ هُدىٰها وَلٰكِن حَقَّ القَولُ مِنّى لَأَملَأَنَّ جَهَنَّمَ مِنَ الجِنَّةِ وَالنّاسِ أَجمَعينَ (آيت : 13) |
۽ جيڪڏهن اسان چاهيون ها ته هرهڪ شخص کي سڌي واٽ تي لڳائي ڇڏيون ها (جيئن ملائڪ فرمانبرداريءَ جي واٽ تي لڳايل آهن، پر اسان ائين نه چاهيو اسان انسان کي ٻئي واٽون ڏيکاري اختيار ڏنو ته وڻئي ته سڌي راهه وٺ ۽ وڻئي ته ڦڏي واٽ وٺي پاڻ کي تباهه ڪر) سو منهنجي هيءَ ڳالهه (بي فرمانن متعلق) سچي ثابت ٿيندي ته ما سڀني (بي فرمان) جنن ۽ ماڻهن سان جهنم کي ڀري ڇڏيندس. |
فَذوقوا بِما نَسيتُم لِقاءَ يَومِكُم هٰذا إِنّا نَسينٰكُم وَذوقوا عَذابَ الخُلدِ بِما كُنتُم تَعمَلونَ (آيت : 14) |
سو (اي گنهگارؤ) جنهن صورت ۾ توهان پنهنجي هن ڏينهن تي (اسان وٽ جزا ۽ سزا ملڻ لاءِ) حاضر ٿيڻ جي ڳالهه وساري ڇڏي هئي (۽ گناهن ۾ مشغول رهيا هئو) سو هاڻي (عذاب جو) مزو چکو. اسان به توهان کي (ڄاڻي ٻجهي) وساري ٿا ڇڏيون. ۽ توهان جو (پڇاڙيءَ تائين) بدعمل ڪندا رهيو تن جي بدلي ۾ دائمي عذاب جو مزو چکندا رهو. |
إِنَّما يُؤمِنُ بِـٔايٰتِنَا الَّذينَ إِذا ذُكِّروا بِها خَرّوا سُجَّدًا وَسَبَّحوا بِحَمدِ رَبِّهِم وَهُم لا يَستَكبِرونَ (آيت : 15) |
اسان جي آيتن تي سچو ايمان ته فقط انهن جو آهي جن کي جڏهن اهي آيتون ٻڌايون وڃن ٿيون تڏهن هو سجدي ۾ ڪري پون ٿا ۽ پنهنجي پروردگار جي حمد ۽ ثنا (سان سندن پاڪائي ۽ اعليٰ شان) بيان ڪن ٿا ۽ ڪڏهن به هٺ وڏائي نٿا ڪن. |
تَتَجافىٰ جُنوبُهُم عَنِ المَضاجِعِ يَدعونَ رَبَّهُم خَوفًا وَطَمَعًا وَمِمّا رَزَقنٰهُم يُنفِقونَ (آيت : 16) |
انهن (سچن مؤمنن) جا پاسا آرام جي بسترن کان الڳ ٿي وڃن ٿا. هو پنهنجي پروردگار کي خوف ۽ اميد جي حالت ۾ پڪاريندا رهن ٿا ۽ جيڪو رزق (عقل حڪمت وغيره) اسان کين ڏنو آهي تنهن کي (خدا جي راهه ۾) خرچ ڪندا رهن ٿا. |
فَلا تَعلَمُ نَفسٌ ما أُخفِىَ لَهُم مِن قُرَّةِ أَعيُنٍ جَزاءً بِما كانوا يَعمَلونَ (آيت : 17) |
ڪنهن به شخص کي خبر ناهي ته اسان (نيڪ) ماڻهن لاءِ ڪهڙا ڪهڙا اکين جا ٺار (۽ خوشي ڏيندڙ نعمتون) لڪائي تيار رکيون آهن. اهو آهي بدلو هنن جي (نيڪ) عملن جو جي هو ڪندا رهن ٿا. |
أَفَمَن كانَ مُؤمِنًا كَمَن كانَ فاسِقًا لا يَستَوۥنَ (آيت : 18) |
پوءِ ڇا مؤمن به اهڙوئي آهي جهڙو ڪو فاسق (نافرمان ۽ گنهگار) آهي؟ (هرگز نه) هو ڪنهن به صورت ۾ برابر ناهن. |
أَمَّا الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ فَلَهُم جَنّٰتُ المَأوىٰ نُزُلًا بِما كانوا يَعمَلونَ (آيت : 19) |
سو جيڪي ماڻهو سچو ايمان رکن ٿا ۽ نيڪ عمل به ڪن ٿا تن جي رهڻ لاءِ (عاليشان) باغ هوندا، جيڪي نيڪ عمل هو ڪندا رهيا هئا تن جي بدلي ۾ اها ئي مهماني کين نصيب ٿيندي (جو هو الله جي باغن ۾ الله جا مهمان ٿي رهندا.) |
وَأَمَّا الَّذينَ فَسَقوا فَمَأوىٰهُمُ النّارُ كُلَّما أَرادوا أَن يَخرُجوا مِنها أُعيدوا فيها وَقيلَ لَهُم ذوقوا عَذابَ النّارِ الَّذى كُنتُم بِهِ تُكَذِّبونَ (آيت : 20) |
۽ جن ماڻهن خدا جي نافرماني ڪئي تن جي رهڻ جي جاءِ هوندي (سخت عذاب واري) باهه. جڏهن جڏهن هو ان مان نڪرڻ جو ارادو ڪندا تڏهن هنن کي (زور سان) ان باهه ۾ موٽايو ويندو ۽ کين چيو ويندو ته انهيءَ باهه جي عذاب جو مزو چکو. جنهن کي توهان ڪونه مڃيندا هئو (۽ چوندا هئو ته نڪا قيامت ٿيندي نڪو اسان کي ڪو عذاب ملندو). |
وَلَنُذيقَنَّهُم مِنَ العَذابِ الأَدنىٰ دونَ العَذابِ الأَكبَرِ لَعَلَّهُم يَرجِعونَ (آيت : 21) |
۽ اسان هنن (فاسقن) کي (قيامت جي) وڏي عذاب کان اڳي هن ئي (دنيا جي) زندگيءَ جا عذاب ضرور چکائيندا سين انهيءَ لاءِ ته من هو (پشيمان ٿي خدا ڏي ۽ سڌي واٽ ڏي) موٽن. |
وَمَن أَظلَمُ مِمَّن ذُكِّرَ بِـٔايٰتِ رَبِّهِ ثُمَّ أَعرَضَ عَنها إِنّا مِنَ المُجرِمينَ مُنتَقِمونَ (آيت : 22) |
جنهن ماڻهو کي سندس پروردگار جون آيتون ٻڌايون وڃن ۽ پوءِ به هو منهن موڙي وڃي (۽ بدعمل ڪري) تنهن کان وڌيڪ ظالم (۽ گنهگار) ڪير ٿي ٿو سگهي؟ يقيناً اسان اهڙن گنهگارن کي (سندن بدعملن جو) پورو پورو بدلو ڏينداسين. |
وَلَقَد ءاتَينا موسَى الكِتٰبَ فَلا تَكُن فى مِريَةٍ مِن لِقائِهِ وَجَعَلنٰهُ هُدًى لِبَنى إِسرٰءيلَ (آيت : 23) |
۽ هيءَ حقيقت آهي ته اسان حضرت موسيٰ کي به (شريعت جو) ڪتاب ڏنو هو، سو تون به (اي پيغمبر!) اهڙي ڪتاب جي ملڻ بابت ڪو به شڪ نه آڻ (يعني توکي به قاعدا قانون ٻڌايا ويندا) ۽ اسان انهيءَ ڪتاب کي بني اسرائيلن جي لاءِ سڌي واٽ ڏيکاريندڙ ڪيو هو. |
وَجَعَلنا مِنهُم أَئِمَّةً يَهدونَ بِأَمرِنا لَمّا صَبَروا وَكانوا بِـٔايٰتِنا يوقِنونَ (آيت : 24) |
۽ اسان انهن (بني اسرائيلن) ۾ گهڻائي امام يعني ليڊر پيدا ڪيا جيڪي اسان جي حڪمن موجب (بني اسرائيلن کي) هدايت ڪندا رهيا، جيستائين ڪه هو صابر ۽ ثابت قدم رهيا ۽ اسان جي آيتن (يعني نشانين ۽ حڪمن) تي يقين رکندا هئا (پوءِ هو فرقا ٺاهي اختلاف ڪري ذليل ۽ تباهه ٿي ويا.) |
إِنَّ رَبَّكَ هُوَ يَفصِلُ بَينَهُم يَومَ القِيٰمَةِ فيما كانوا فيهِ يَختَلِفونَ (آيت : 25) |
يقيناً تنهنجو پروردگار ئي آهي جو هنن جي وچ ۾ قيامت جي ڏينهن انهن ڳالهين متعلق فيصلو ڏيندو جن جي باري ۾ هو اختلاف ڪري رهيا آهن. |
أَوَلَم يَهدِ لَهُم كَم أَهلَكنا مِن قَبلِهِم مِنَ القُرونِ يَمشونَ فى مَسٰكِنِهِم إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايٰتٍ أَفَلا يَسمَعونَ (آيت : 26) |
ڇا هي ڳالهه هنن کي هدايت نٿي ڪري سگهي ته کانئن اڳي اسان ڪيتريون قومون (سندن بدعملن جي ڪري) تباهه ڪري ڇڏيون؟ هي ماڻهو انهن قومن جي پراڻن گهرن ۾ گهمن ڦرن به ٿا (ته به ڏسن نٿا) انهيءَ ۾ بيشڪ وڏيون نشانيون آهن. پوءِ هو ٻڌن ئي نٿا ڇا؟ |
أَوَلَم يَرَوا أَنّا نَسوقُ الماءَ إِلَى الأَرضِ الجُرُزِ فَنُخرِجُ بِهِ زَرعًا تَأكُلُ مِنهُ أَنعٰمُهُم وَأَنفُسُهُم أَفَلا يُبصِرونَ (آيت : 27) |
هو نٿا ڏسن ڇا ته اسان خشڪ زمين تي مينهن موڪليون ٿا ۽ ان جي وسيلي پوکون پيدا ڪيون ٿا جن تي سندن ڍڳا ڍور ۽ اهي پاڻ گذران ڪن ٿا، ڇا هو غور سان نه ٿا ڏسن؟ |
وَيَقولونَ مَتىٰ هٰذَا الفَتحُ إِن كُنتُم صٰدِقينَ (آيت : 28) |
۽ هو چون ٿا ته جيڪڏهن توهان (مسلمان) سچا آهيو ته ٻڌايو ته اهو فيصلي جو ڏينهن ڪڏهن اچڻو آهي. |
قُل يَومَ الفَتحِ لا يَنفَعُ الَّذينَ كَفَروا إيمٰنُهُم وَلا هُم يُنظَرونَ (آيت : 29) |
(اي پيغمبر!) تون کين ٻڌائي ڇڏ ته (توهان جو انهيءَ ڏينهن لاءِ ترسيا ويٺا آهيو ته جيڪڏهن ايندو ته پوءِ ايمان آڻينداسين سو ياد رکو ته) انهيءَ فيصلي واري ڏينهن سندن (بعد ۾ آندل) ايمان فائدو ڪونه ڏيندو. انهن کي جي (ان فيصلي جي ڏينهن تائين) ڪفر جي واٽ تي رهندا، نڪي کين پوءِ مهلت ڏني ويندي. |
فَأَعرِض عَنهُم وَانتَظِر إِنَّهُم مُنتَظِرونَ (آيت : 30) |
سو تون انهن کي ڇڏي ڏي ۽ ترس. هو به ترسيا ويٺا آهن. (پاڻهي ڏسندا ته توهان غالب رهندو ۽ هو مغلوب ٿي ويندا). |