الم (آيت : 1) |
الٓمّٓ. |
تَنزيلُ الكِتٰبِ لا رَيبَ فيهِ مِن رَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 2) |
(ھن) ڪتاب جو لاھڻ جنھن ۾ ڪو شڪ ڪونھي جھانن جي پالڻھار وٽان آھي. |
أَم يَقولونَ افتَرىٰهُ بَل هُوَ الحَقُّ مِن رَبِّكَ لِتُنذِرَ قَومًا ما أَتىٰهُم مِن نَذيرٍ مِن قَبلِكَ لَعَلَّهُم يَهتَدونَ (آيت : 3) |
چوندا آھن ڇا ته اُن (قرآن) کي پاڻون ٺاھيو اٿس، (نه!) بلڪ اُھو تنھنجي پالڻھار وٽان سچو (آيل) آھي (ھِن لاءِ) ته اُنھيءَ قوم کي ڊيڄارين جن وٽ توکان اڳ ڪو ڊيڄاريندڙ نه آيو آھي ته مانَ اُھي ھدايت لھن. |
اللَّهُ الَّذى خَلَقَ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ وَما بَينَهُما فى سِتَّةِ أَيّامٍ ثُمَّ استَوىٰ عَلَى العَرشِ ما لَكُم مِن دونِهِ مِن وَلِىٍّ وَلا شَفيعٍ أَفَلا تَتَذَكَّرونَ (آيت : 4) |
الله اُھو آھي جنھن آسمانن ۽ زمين کي ۽ جيڪي سندن وچ ۾ آھي سوڇھن ڏينھن ۾ بڻايو وري عرش ڏانھن متوجه ٿيو، اُن کانسواءِ اوھان لاءِ نڪي ڪو سڄڻ ۽ نڪي ڪو پارت ڪندڙ آھي، پوءِ نصيحت نه ٿا وٺو ڇا؟ |
يُدَبِّرُ الأَمرَ مِنَ السَّماءِ إِلَى الأَرضِ ثُمَّ يَعرُجُ إِلَيهِ فى يَومٍ كانَ مِقدارُهُ أَلفَ سَنَةٍ مِمّا تَعُدّونَ (آيت : 5) |
آسمان کان زمين ڏانھن ڪم جو بندوبست ڪندو آھي، وري (اُھو بندوبست) اُن ڏينھن ۾ ڏانھس مٿاھون ويندو آھي جنھن ڏينھن جو اندازو ھزار ورھ جيترو انھيءَ ليکي مان آھي جو ڳڻيندا آھيو. |
ذٰلِكَ عٰلِمُ الغَيبِ وَالشَّهٰدَةِ العَزيزُ الرَّحيمُ (آيت : 6) |
اِھو آھي جو ڳجھ ۽ ظاھر جو ڄاڻندڙ غالب مھربان آھي. |
الَّذى أَحسَنَ كُلَّ شَيءٍ خَلَقَهُ وَبَدَأَ خَلقَ الإِنسٰنِ مِن طينٍ (آيت : 7) |
جنھي جيڪا شيء پيدا ڪئي سا سڀڪا چڱيءَ طرح بڻائي ۽ ماڻھوءَ جي پيدائش کي مٽيءَ مان نئون شروع ڪيائين. |
ثُمَّ جَعَلَ نَسلَهُ مِن سُلٰلَةٍ مِن ماءٍ مَهينٍ (آيت : 8) |
وري سندس اولاد بي قدر پاڻيءَ جي نچوڙي مان بڻايائين. |
ثُمَّ سَوّىٰهُ وَنَفَخَ فيهِ مِن روحِهِ وَجَعَلَ لَكُمُ السَّمعَ وَالأَبصٰرَ وَالأَفـِٔدَةَ قَليلًا ما تَشكُرونَ (آيت : 9) |
وري کيس سئين لڱين ڪيائين ۽ منجھس پنھنجو روح ڦوڪيائين ۽ اوھان لاءِ ڪن ۽ اکيون ۽ دليون بڻايائين، اوھين ٿورو شڪر ڪندا آھيو. |
وَقالوا أَءِذا ضَلَلنا فِى الأَرضِ أَءِنّا لَفى خَلقٍ جَديدٍ بَل هُم بِلِقاءِ رَبِّهِم كٰفِرونَ (آيت : 10) |
۽ چون ٿا ته جڏھن زمين ۾ رلي ملي وياسون (تڏھن به) اسين وري نئين سر بڻباسين ڇا؟ (نه!) بلڪ اُھي پنھنجي پالڻھار جي ملڻ کان منڪر آھن. |
قُل يَتَوَفّىٰكُم مَلَكُ المَوتِ الَّذى وُكِّلَ بِكُم ثُمَّ إِلىٰ رَبِّكُم تُرجَعونَ (آيت : 11) |
(اي پيغمبر کين) چؤ ته جيڪو موت جو فرشتو اوھان تي مقرّر ڪيل آھي سو اوھان جو روح ڪڍندو وري پنھنجي پالڻھار ڏانھن موٽائبؤ. |
وَلَو تَرىٰ إِذِ المُجرِمونَ ناكِسوا رُءوسِهِم عِندَ رَبِّهِم رَبَّنا أَبصَرنا وَسَمِعنا فَارجِعنا نَعمَل صٰلِحًا إِنّا موقِنونَ (آيت : 12) |
۽ (اُنھي مھل) جيڪڏھن ڏسين جنھن مھل گنھگار پنھنجي پالڻھار جي سامھون پنھنجا ڪنڌ اونڌا ڪندڙ ھوندا (ته عجب ڪرين)، (۽ چوندا ته) اي اسانجا پالڻھار ڏٺوسون ۽ ٻڌوسون ھاڻي اسان کي (دُنيا ۾) موٽاءِ ته چڱا ڪم ڪريون بيشڪ اسين يقين ڪندڙ آھيون. |
وَلَو شِئنا لَءاتَينا كُلَّ نَفسٍ هُدىٰها وَلٰكِن حَقَّ القَولُ مِنّى لَأَملَأَنَّ جَهَنَّمَ مِنَ الجِنَّةِ وَالنّاسِ أَجمَعينَ (آيت : 13) |
۽ جيڪڏھن گھُرون ھا ته سڀڪنھن شخص کي ھدايت ڪريون ھا پر مون وٽان (ھي) حُڪم ٺھرائجي چڪو آھي ته جِنّن ۽ ماڻھن (انھن ئي) مڙني مان دوزخ ضرور ڀريندس. |
فَذوقوا بِما نَسيتُم لِقاءَ يَومِكُم هٰذا إِنّا نَسينٰكُم وَذوقوا عَذابَ الخُلدِ بِما كُنتُم تَعمَلونَ (آيت : 14) |
پوءِ ھن ڏينھن جي ملڻ کي جو وساريو ھيؤ تنھن سببان عذاب چکو، بيشڪ اسان (به) اوھان کي وساريو ۽ جيڪي ڪندا ھيؤ تنھن سببان ھميشگيءَ جو عذاب چکو. |
إِنَّما يُؤمِنُ بِـٔايٰتِنَا الَّذينَ إِذا ذُكِّروا بِها خَرّوا سُجَّدًا وَسَبَّحوا بِحَمدِ رَبِّهِم وَهُم لا يَستَكبِرونَ (آيت : 15) |
اسان جي آيتن تي رڳو اُھي ايمان آڻيندا جن کي اُنھن (آيتن) سان جڏھن نصيحت ڏبي آھي تڏھن سجدو ڪندڙ ٿي ڪِرندا آھن ۽ پنھنجي پالڻھار جي ساراھ پاڪائي سان بيان ڪندا آھن ۽ اُھي وڏائي نه ڪندا آھن. |
تَتَجافىٰ جُنوبُهُم عَنِ المَضاجِعِ يَدعونَ رَبَّهُم خَوفًا وَطَمَعًا وَمِمّا رَزَقنٰهُم يُنفِقونَ (آيت : 16) |
سندن پاسا سمھڻ جي ھنڌ کان الڳ ٿي پنھنجي پالڻھار کي خوف ۽ اُميد سان سڏيندا آھن، ۽ جيڪا کين روزي ڏني سون تنھن مان خرچيندا آھن. |
فَلا تَعلَمُ نَفسٌ ما أُخفِىَ لَهُم مِن قُرَّةِ أَعيُنٍ جَزاءً بِما كانوا يَعمَلونَ (آيت : 17) |
پوءِ جيڪو اکين جو ٺار انھن لاءِ لڪايو ويو آھي سو ڪو جيء نه ڄاڻندو آھي، اُھو بدلو ھنن جيڪي ڪمايو ھو تنھن سببان آھي. |
أَفَمَن كانَ مُؤمِنًا كَمَن كانَ فاسِقًا لا يَستَوۥنَ (آيت : 18) |
جيڪو مؤمن آھي سو بدڪار جي برابر آھي ڇا؟ (اُھي ٻئي ڪڏھن) برابر نه ٿيندا. |
أَمَّا الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ فَلَهُم جَنّٰتُ المَأوىٰ نُزُلًا بِما كانوا يَعمَلونَ (آيت : 19) |
جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تِن لاءِ بھشت (جا باغ) مھماني طور رھڻ جو ھنڌ آھي اُنھي سببان جو (چڱا) ڪم ڪندا رھيا. |
وَأَمَّا الَّذينَ فَسَقوا فَمَأوىٰهُمُ النّارُ كُلَّما أَرادوا أَن يَخرُجوا مِنها أُعيدوا فيها وَقيلَ لَهُم ذوقوا عَذابَ النّارِ الَّذى كُنتُم بِهِ تُكَذِّبونَ (آيت : 20) |
پر جن بڇڙائي ڪئي تن جي رھڻ جو ھنڌ دوزخ آھي، جنھن مھل منجھانئس نڪرڻ جو ارادو ڪندا (تنھن مھل) منجھس ورائي (پيا وجھبا) ۽ کين چئبو ته اُن باھ جو عذاب چکو جنھن کي اوھين ڪوڙ ڀائيندا ھئؤ. |
وَلَنُذيقَنَّهُم مِنَ العَذابِ الأَدنىٰ دونَ العَذابِ الأَكبَرِ لَعَلَّهُم يَرجِعونَ (آيت : 21) |
۽ کين وڏي عذاب کانسواءِ ھلڪي سزا (دنيا ۾ به) ضرور چکائينداسون ته مانَ اُھي (سڌي واٽ ڏانھن) ورن. |
وَمَن أَظلَمُ مِمَّن ذُكِّرَ بِـٔايٰتِ رَبِّهِ ثُمَّ أَعرَضَ عَنها إِنّا مِنَ المُجرِمينَ مُنتَقِمونَ (آيت : 22) |
۽ اُن کان وڌيڪ ظالم ڪير آھي جنھن کي سندس پالڻھار جي آيتن سان نصيحت ڏجي ته وري اُن کان مُنھن موڙي، بيشڪ اسين ڏوھارين کان بدلو وٺندڙ آھيون. |
وَلَقَد ءاتَينا موسَى الكِتٰبَ فَلا تَكُن فى مِريَةٍ مِن لِقائِهِ وَجَعَلنٰهُ هُدًى لِبَنى إِسرٰءيلَ (آيت : 23) |
۽ بيشڪ مُوسىٰ کي ڪتاب ڏنوسون پوءِ تون اُن (قرآن) جي ملڻ کان شڪ ۾ نه ٿج ۽ اُن موسىٰ کي بني اسرائيلن لاءِ ھدايت بڻايوسون. |
وَجَعَلنا مِنهُم أَئِمَّةً يَهدونَ بِأَمرِنا لَمّا صَبَروا وَكانوا بِـٔايٰتِنا يوقِنونَ (آيت : 24) |
منجھانئن پيشوا ڪيا (ھوا) سون جي اسان جي حُڪم سان سڌو رستو ڏيکاريندا ھوا جڏھن جو (اُھي ڏکن تي) صبر ڪندا رھيا، ۽ اُھي اسان جي آيتن تي يقين رکندا ھوا. |
إِنَّ رَبَّكَ هُوَ يَفصِلُ بَينَهُم يَومَ القِيٰمَةِ فيما كانوا فيهِ يَختَلِفونَ (آيت : 25) |
بيشڪ تنھنجو پالڻھار ئي قيامت جي ڏينھن سندن وچ ۾ انھيءَ (ڳالھ) جو نبيرو ڪندو جنھن بابت جھڳڙو ڪندا ھوا. |
أَوَلَم يَهدِ لَهُم كَم أَهلَكنا مِن قَبلِهِم مِنَ القُرونِ يَمشونَ فى مَسٰكِنِهِم إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايٰتٍ أَفَلا يَسمَعونَ (آيت : 26) |
کين پڌرو نه ٿيو آھي ڇا ته کانئن اڳ ڪيترا (ئي) جُڳ ناس ڪياسون جن جي گھرن ۾ (اُھي) گھُمندا آھن، بيشڪ ھن (ڳالھ) ۾ وڏيون نشانيون آھن، پوءِ نه ٻڌندا آھن پا؟ |
أَوَلَم يَرَوا أَنّا نَسوقُ الماءَ إِلَى الأَرضِ الجُرُزِ فَنُخرِجُ بِهِ زَرعًا تَأكُلُ مِنهُ أَنعٰمُهُم وَأَنفُسُهُم أَفَلا يُبصِرونَ (آيت : 27) |
نه ڏٺائون ڇا ته اسين اُٻڙٺ زمين ڏانھن پاڻي وھائيندا آھيون پوءِ اُن سان پوک ڄمائيندا آھيون جنھن مان سندن ڍور ۽ اُھي پاڻ کائيندا آھن، پوءِ نه ڏسندا آھن ڇا؟ |
وَيَقولونَ مَتىٰ هٰذَا الفَتحُ إِن كُنتُم صٰدِقينَ (آيت : 28) |
۽ چون ٿا ته جيڪڏھن اوھين سچا آھيو ته اھو فيصلو ڪڏھن ٿيندو؟ |
قُل يَومَ الفَتحِ لا يَنفَعُ الَّذينَ كَفَروا إيمٰنُهُم وَلا هُم يُنظَرونَ (آيت : 29) |
(اي پيغمبر کين) چؤ ته فيصلي جي ڏينھن ڪافرن کي سندن ايمان آڻڻ فائدو نه ڏيندو ۽ نڪي کين مُھلت ڏبي. |
فَأَعرِض عَنهُم وَانتَظِر إِنَّهُم مُنتَظِرونَ (آيت : 30) |
پوءِ کائن مُنھن موڙ ۽ انتظار ڪڍ بيشڪ اُھي (به) انتظار ڪڍندڙ آھن. |