الم (آيت : 1) |
الف- لام- ميم |
تَنزيلُ الكِتٰبِ لا رَيبَ فيهِ مِن رَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 2) |
هيءُ ڪتاب، جنهن ۾ ڪو به شڪ ڪونهي، ان جو لاهڻ جهانن جي ڌڻيءَ وٽان آهي. |
أَم يَقولونَ افتَرىٰهُ بَل هُوَ الحَقُّ مِن رَبِّكَ لِتُنذِرَ قَومًا ما أَتىٰهُم مِن نَذيرٍ مِن قَبلِكَ لَعَلَّهُم يَهتَدونَ (آيت : 3) |
ڇا، هو چون ٿا ته ”ان کي پاڻ ٺاهيو اٿس؟“ هر گز نه! اهو سچ آهي، جو تنهنجي ڌڻيءَ وٽان ان لاءِ آيل آهي، ته انهي قوم کي ڊيڄارين، جن وٽ توکان اڳ ڪو ڊيڄاريندڙ نه آيل آهي، ته من اهي سنيئن واٽ وٺن. |
اللَّهُ الَّذى خَلَقَ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ وَما بَينَهُما فى سِتَّةِ أَيّامٍ ثُمَّ استَوىٰ عَلَى العَرشِ ما لَكُم مِن دونِهِ مِن وَلِىٍّ وَلا شَفيعٍ أَفَلا تَتَذَكَّرونَ (آيت : 4) |
الله اهو آهي- جنهن آسمانن ۽ زمين ۽ جيڪي انهن جي وچ ۾ آهي، سو ڇهن ڏينهن ۾ بڻايو، پوءِ وري عرش ڏانهن ڌيان ڪيائين- اوهان لاءِ ان کان سواءِ ٻيو ڪو به نڪي مددگار آهي، نڪي شفاعت ڪندڙ- پوءِ ڇو نٿا نصيحت وٺو؟ |
يُدَبِّرُ الأَمرَ مِنَ السَّماءِ إِلَى الأَرضِ ثُمَّ يَعرُجُ إِلَيهِ فى يَومٍ كانَ مِقدارُهُ أَلفَ سَنَةٍ مِمّا تَعُدّونَ (آيت : 5) |
هو آسمانن کان زمين تائين ڪم جو بندوبست ڪري ٿو، وري هو انهي ڏينهن ڏانهس چڙهندو، جنهن ڏينهن جو اندازو اوهان جي ڳاڻيٽي موجب هڪ هزار ورهين جيترو آهي. |
ذٰلِكَ عٰلِمُ الغَيبِ وَالشَّهٰدَةِ العَزيزُ الرَّحيمُ (آيت : 6) |
هو آهي ڳجهي ۽ پڌري جو ڄاڻندڙ، غالب، مهربان. |
الَّذى أَحسَنَ كُلَّ شَيءٍ خَلَقَهُ وَبَدَأَ خَلقَ الإِنسٰنِ مِن طينٍ (آيت : 7) |
جنهن جيڪا به چيز خلقي، سان چڱيءَ طرح بنائي- ۽ ماڻهوءَ جي پيدائش جي شروعات مٽيءَ مان ڪئي- |
ثُمَّ جَعَلَ نَسلَهُ مِن سُلٰلَةٍ مِن ماءٍ مَهينٍ (آيت : 8) |
وري سندس اولاد بيقدر پاڻيءَ جي نچوڙ مان ٺاهيائين- |
ثُمَّ سَوّىٰهُ وَنَفَخَ فيهِ مِن روحِهِ وَجَعَلَ لَكُمُ السَّمعَ وَالأَبصٰرَ وَالأَفـِٔدَةَ قَليلًا ما تَشكُرونَ (آيت : 9) |
وري ان کي برابر ڪيائين، منجهس پنهنجو روح ڦوڪيائين ۽ اوهان لاءِ ڪَن، اکيون ۽ دليون بنايائين_ اوهين ٿورو شڪر ڪندا آهيو. |
وَقالوا أَءِذا ضَلَلنا فِى الأَرضِ أَءِنّا لَفى خَلقٍ جَديدٍ بَل هُم بِلِقاءِ رَبِّهِم كٰفِرونَ (آيت : 10) |
هو چون ٿا ته ”ڇا، جڏهن زمين ۾ ملاوت ٿي وياسون، تڏهن وري نئين سر بڻباسين؟“ بلڪ اهي ته سندن ڌڻيءَ جي ملاقات کان انڪار ڪندڙ آهن. |
قُل يَتَوَفّىٰكُم مَلَكُ المَوتِ الَّذى وُكِّلَ بِكُم ثُمَّ إِلىٰ رَبِّكُم تُرجَعونَ (آيت : 11) |
چئو ته جيڪو موت جو ملائڪ اوهان تي مقرر ٿيل آهي، سو اوهان جو روح ڪڍندو، وري اوهان کي اوهان جي ڌڻيءَ ڏي موٽائبو. |
وَلَو تَرىٰ إِذِ المُجرِمونَ ناكِسوا رُءوسِهِم عِندَ رَبِّهِم رَبَّنا أَبصَرنا وَسَمِعنا فَارجِعنا نَعمَل صٰلِحًا إِنّا موقِنونَ (آيت : 12) |
عجب لڳيئي، جو تون اهو ڏسين، جڏهن گنهگار پنهنجا ڪنڌ سندن ڌڻيءَ اڳيان اونڌو ڪندڙ هوندا (۽ چوندا) ”اي اسان جا ڌڻي! اسان ڏٺو ۽ ٻڌو، هاڻي وري اسان کي دنيا ۾ موٽاءِ ته اسين چڱا ڪم ڪريون، بيشڪ اسين يقين ڪندڙ آهيون!“ |
وَلَو شِئنا لَءاتَينا كُلَّ نَفسٍ هُدىٰها وَلٰكِن حَقَّ القَولُ مِنّى لَأَملَأَنَّ جَهَنَّمَ مِنَ الجِنَّةِ وَالنّاسِ أَجمَعينَ (آيت : 13) |
۽ جيڪڏهن اسين چاهيون ها، ته هر ڪنهن شخص کي سنئين واٽ لڳايون ها، پر مون وٽان اهو حڪم ٺهرائجي چڪو آهي، ته آءُ ضرور جهنم کي جنن ۽ انسانن سان گڏ ڀريندس. |
فَذوقوا بِما نَسيتُم لِقاءَ يَومِكُم هٰذا إِنّا نَسينٰكُم وَذوقوا عَذابَ الخُلدِ بِما كُنتُم تَعمَلونَ (آيت : 14) |
(چئبن ته) ”هاڻ چکو عذاب، انهي ڪري، جو اوهان هن ڏينهن جي ملڻ کي وساريو هو، بيشڪ اسان به اوهان کي وساريو ۽ جيڪي به ڪندا هئا، تنهن سببان هميشه جو عذاب چکو.“ |
إِنَّما يُؤمِنُ بِـٔايٰتِنَا الَّذينَ إِذا ذُكِّروا بِها خَرّوا سُجَّدًا وَسَبَّحوا بِحَمدِ رَبِّهِم وَهُم لا يَستَكبِرونَ (آيت : 15) |
اسان جي آيتن تي ته رڳو اهي ايمان آڻيندا، جن کي جڏهن انهن سان نصيحت ڪبي آهي، ته هو سجدي ۾ ڪري پوندا آهن ۽ سندن ڌڻيءَ جي واکاڻ پاڪائي سان بيان ڪندا آهن ۽ هو آڪڙ نه ڪندا آهن. (سجدو) |
تَتَجافىٰ جُنوبُهُم عَنِ المَضاجِعِ يَدعونَ رَبَّهُم خَوفًا وَطَمَعًا وَمِمّا رَزَقنٰهُم يُنفِقونَ (آيت : 16) |
پنهنجا پاسا بسترن کان جدا ڪري پنهنجي ڌڻيءَ کي ڊپ ۽ اميد سان سڏيندا آهن ۽ جيڪي کين ڏنو اٿئون ان مان (نيڪ ڪمن ۾) خرچيندا آهن. |
فَلا تَعلَمُ نَفسٌ ما أُخفِىَ لَهُم مِن قُرَّةِ أَعيُنٍ جَزاءً بِما كانوا يَعمَلونَ (آيت : 17) |
پوءِ ڪو به شخص اهو نٿو ڄاڻي، جيڪي اکين جو ٺار سندن لاءِ لڪايل آهي اهو سندن ڪيل ڪمن جو بدلو آهي. |
أَفَمَن كانَ مُؤمِنًا كَمَن كانَ فاسِقًا لا يَستَوۥنَ (آيت : 18) |
ڀلا جيڪو مؤمن آهي، سو ڪو بدڪار جهڙو آهي ڇا؟ هر گز برابر نه ٿيندا. |
أَمَّا الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ فَلَهُم جَنّٰتُ المَأوىٰ نُزُلًا بِما كانوا يَعمَلونَ (آيت : 19) |
جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا، تن لاءِ رهڻ جو هنڌ باغ آهن، اها سندن ڪمن سبب مهماني آهي. |
وَأَمَّا الَّذينَ فَسَقوا فَمَأوىٰهُمُ النّارُ كُلَّما أَرادوا أَن يَخرُجوا مِنها أُعيدوا فيها وَقيلَ لَهُم ذوقوا عَذابَ النّارِ الَّذى كُنتُم بِهِ تُكَذِّبونَ (آيت : 20) |
۽ جن بُرا ڪم ڪيا، تن جي رهڻ جو هنڌ باهه آهي، جنهن به مهل ان مان نڪرڻ جو ارادو ڪندا، ته وري به منجهس موٽائبا- ۽ چئبن ته، ”چکو باهه جو عذاب، جنهن کي اوهين ڪوڙ سمجهندا هئا.“ |
وَلَنُذيقَنَّهُم مِنَ العَذابِ الأَدنىٰ دونَ العَذابِ الأَكبَرِ لَعَلَّهُم يَرجِعونَ (آيت : 21) |
۽ اسين هنن کي وڏي عذاب کان سواءِ هلڪو عذاب به چکائينداسون، ته من اهي باز اچن. |
وَمَن أَظلَمُ مِمَّن ذُكِّرَ بِـٔايٰتِ رَبِّهِ ثُمَّ أَعرَضَ عَنها إِنّا مِنَ المُجرِمينَ مُنتَقِمونَ (آيت : 22) |
۽ ان کان وڌيڪ ظالم ڪير آهي، جنهن کي سندس ڌڻيءَ جي آيتن سان نصيحت ڪجي، ته هو وري انهن کان منهن موڙي؟ بيشڪ اسين ڏوهارين کان بدلو وٺندڙ آهيون. |
وَلَقَد ءاتَينا موسَى الكِتٰبَ فَلا تَكُن فى مِريَةٍ مِن لِقائِهِ وَجَعَلنٰهُ هُدًى لِبَنى إِسرٰءيلَ (آيت : 23) |
۽ بيشڪ اسان موسيٰ کي ڪتاب ڏنو، پوءِ تون ان جي ملڻ بابت شڪ نه ڪج ۽ اسان ان کي يهودين لاءِ هدايت بنايو. |
وَجَعَلنا مِنهُم أَئِمَّةً يَهدونَ بِأَمرِنا لَمّا صَبَروا وَكانوا بِـٔايٰتِنا يوقِنونَ (آيت : 24) |
۽ اسان انهن مان اڳواڻ بنايا؛ جي اسان جي حڪم سان رستو ڏيکاريندا هئا، جڏهن هو صبر ڪندا هئا، ۽ هو اسان جي آيتن تي يقين رکندا هئا. |
إِنَّ رَبَّكَ هُوَ يَفصِلُ بَينَهُم يَومَ القِيٰمَةِ فيما كانوا فيهِ يَختَلِفونَ (آيت : 25) |
بيشڪ تنهنجو ڌڻي ئي قيامت ڏينهن سندن وچ ۾ انهي جو فيصلو ڪندو، جنهن ۾ جهڳڙندا هئا. |
أَوَلَم يَهدِ لَهُم كَم أَهلَكنا مِن قَبلِهِم مِنَ القُرونِ يَمشونَ فى مَسٰكِنِهِم إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايٰتٍ أَفَلا يَسمَعونَ (آيت : 26) |
ڇا، هنن تي پڌرو نه ٿيو آهي، ته هنن کان اڳ ڪيترائي جڳ ناس ڪياسون، جن جي گهرن ۾ هي گهمندا آهن؟ بيشڪ انهي ۾ وڏيون نشانيون آهن- پوءِ هو ڇو نٿا ٻڌن؟ |
أَوَلَم يَرَوا أَنّا نَسوقُ الماءَ إِلَى الأَرضِ الجُرُزِ فَنُخرِجُ بِهِ زَرعًا تَأكُلُ مِنهُ أَنعٰمُهُم وَأَنفُسُهُم أَفَلا يُبصِرونَ (آيت : 27) |
ڇا، هنن نه ڏٺو آهي، ته اسين ويران زمين ڏانهن پاڻي وهائيندا آهيون، پوءِ ان سان پوک اڀاڙيندا آهيون، جنهن مان سندن ڍور ۽ پاڻ کائيندا آهن- پوءِ نٿا ڏسن ڇا؟ |
وَيَقولونَ مَتىٰ هٰذَا الفَتحُ إِن كُنتُم صٰدِقينَ (آيت : 28) |
۽ چون ٿا، ته ”جيڪڏهن سچا آهيو ته (ٻڌايو ته) اهو فيصلو ڪڏهن ٿيندو؟“ |
قُل يَومَ الفَتحِ لا يَنفَعُ الَّذينَ كَفَروا إيمٰنُهُم وَلا هُم يُنظَرونَ (آيت : 29) |
چئو ته فيصلي جي ڏينهن ڪافرن کي سندن ايمان آڻڻ فائدو ڪو نه ڏيندو_ ۽ نڪي انهن کي مهلت ڏبي. |
فَأَعرِض عَنهُم وَانتَظِر إِنَّهُم مُنتَظِرونَ (آيت : 30) |
پوءِ انهن کان منهن موڙ ۽ ڏسندو رهه، بيشڪ هو به ڏسندا رهن ٿا. |