الم (آيت : 1) |
الف،لام،ميم . |
تَنزيلُ الكِتٰبِ لا رَيبَ فيهِ مِن رَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 2) |
(هن) ڪتاب جو نازل ڪرڻ جنهن ۾ ڪو به شڪ ناهي جهانن جي پالڻهار وٽان آهي . |
أَم يَقولونَ افتَرىٰهُ بَل هُوَ الحَقُّ مِن رَبِّكَ لِتُنذِرَ قَومًا ما أَتىٰهُم مِن نَذيرٍ مِن قَبلِكَ لَعَلَّهُم يَهتَدونَ (آيت : 3) |
ڇا چون ٿا ته پاڻ ٺاهيو اٿس ان کي بلڪ اهو حق آهي تنهنجي رب وٽان تانته ڊيڄارين ان قوم کي جو نه آيو انهن وٽ ڪو ڊيڄاريندڙ اوهان کان اڳي مَنَ اهي هدايت وارا ٿين . |
اللَّهُ الَّذى خَلَقَ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ وَما بَينَهُما فى سِتَّةِ أَيّامٍ ثُمَّ استَوىٰ عَلَى العَرشِ ما لَكُم مِن دونِهِ مِن وَلِىٍّ وَلا شَفيعٍ أَفَلا تَتَذَكَّرونَ (آيت : 4) |
الله ئي آهي جنهن پيدا ڪيا آسمان ۽ زمين ۽ جيڪو انهن جي وچ ۾ آهي ڇهن ڏينهن ۾ ان کان پوءِ استوا فرمايائين عرش تي ناهي اوهان جي لاءِ ان کان سواءِ ڪو حمايتي ۽ نه ڪو سفارشي ڇا پوءِ نصيحت نه ٿا وٺو؟ . |
يُدَبِّرُ الأَمرَ مِنَ السَّماءِ إِلَى الأَرضِ ثُمَّ يَعرُجُ إِلَيهِ فى يَومٍ كانَ مِقدارُهُ أَلفَ سَنَةٍ مِمّا تَعُدّونَ (آيت : 5) |
تدبير فرمائي ٿو امر آسمان کان زمين ڏانهن ان کان بعد ان ڏانهن ئي چڙهندو ان ڏينهن جو هوندو ان جو مقدار هزار سال ان مان جي ڳڻيو ٿا . |
ذٰلِكَ عٰلِمُ الغَيبِ وَالشَّهٰدَةِ العَزيزُ الرَّحيمُ (آيت : 6) |
اهوئي ڳجهه ۽ ظاهر ڄاڻندڙ غالب مهربان آهي . |
الَّذى أَحسَنَ كُلَّ شَيءٍ خَلَقَهُ وَبَدَأَ خَلقَ الإِنسٰنِ مِن طينٍ (آيت : 7) |
اهو جنهن سهڻي بنائي هر شيءِ پيدا ڪيائين ان کي ۽ شروع فرمايائين انسان جي پيدائش مٽيءَ مان . |
ثُمَّ جَعَلَ نَسلَهُ مِن سُلٰلَةٍ مِن ماءٍ مَهينٍ (آيت : 8) |
ان کان بعد جاري رکيائين ان جي نسل کي هڪ بي قدر پاڻيءَ جي نچوڙ مان . |
ثُمَّ سَوّىٰهُ وَنَفَخَ فيهِ مِن روحِهِ وَجَعَلَ لَكُمُ السَّمعَ وَالأَبصٰرَ وَالأَفـِٔدَةَ قَليلًا ما تَشكُرونَ (آيت : 9) |
ان کان پوءِ ان کي ٺيڪ ڪيائين ۽ ڦوڪيائين ان ۾ پنهنجو روح ۽ ٺاهيائين اوهان ۾ ڪن ۽ اکيون ۽ دليون ٿورو ٿا شڪر ڪيو . |
وَقالوا أَءِذا ضَلَلنا فِى الأَرضِ أَءِنّا لَفى خَلقٍ جَديدٍ بَل هُم بِلِقاءِ رَبِّهِم كٰفِرونَ (آيت : 10) |
۽ چيائون ته ڇا جڏهن زمين ۾ گم ٿي وينداسون (تڏهن به) ڇا اسين البته نئين خلقت ۾ اٿنداسون بلڪ اهي پنهنجي رب سان ملڻ جا انڪار ڪندڙ آهن . |
قُل يَتَوَفّىٰكُم مَلَكُ المَوتِ الَّذى وُكِّلَ بِكُم ثُمَّ إِلىٰ رَبِّكُم تُرجَعونَ (آيت : 11) |
فرماءِ ته روح ڪڍندو اوهان جو موت وارو ملائڪ جيڪو مقرر ڪيو ويو اوهان لاءِ ان کان بعد پنهنجي رب ڏانهن موٽايا ويندؤ . |
وَلَو تَرىٰ إِذِ المُجرِمونَ ناكِسوا رُءوسِهِم عِندَ رَبِّهِم رَبَّنا أَبصَرنا وَسَمِعنا فَارجِعنا نَعمَل صٰلِحًا إِنّا موقِنونَ (آيت : 12) |
۽ جيڪڏهن ڏسندين جنهن مهل مجرم اونڌا ڪندڙ هوندا ڪنڌ پنهنجا پنهنجي رب وٽ اي اسان جا رب! ڏٺوسون ۽ ٻڌوسون پوءِ اسان کي موٽاءِ ته ڪنداسون ڀلا ڪم بيشڪ اسين يقين ڪندڙ آهيون . |
وَلَو شِئنا لَءاتَينا كُلَّ نَفسٍ هُدىٰها وَلٰكِن حَقَّ القَولُ مِنّى لَأَملَأَنَّ جَهَنَّمَ مِنَ الجِنَّةِ وَالنّاسِ أَجمَعينَ (آيت : 13) |
۽ جيڪڏهن گهرون ها ته البته ڏيون ها هر نفس کي سندس هدايت ۽ پر پڪي ٿي چڪي آهي ڳالهه منهنجي طرفان ته البته ضرور ڀريندس جهنم جنن ۽ ماڻهن سمورن مان . |
فَذوقوا بِما نَسيتُم لِقاءَ يَومِكُم هٰذا إِنّا نَسينٰكُم وَذوقوا عَذابَ الخُلدِ بِما كُنتُم تَعمَلونَ (آيت : 14) |
پوءِ چکو ان سببان جو وساري اوهان هن ڏينهن جي حاضري بلاشڪ اسان به اوهان کي وساريو ۽ چکو هميشہ وارو عذاب ان سببان جيڪي ڪندا هيئو. |
إِنَّما يُؤمِنُ بِـٔايٰتِنَا الَّذينَ إِذا ذُكِّروا بِها خَرّوا سُجَّدًا وَسَبَّحوا بِحَمدِ رَبِّهِم وَهُم لا يَستَكبِرونَ (آيت : 15) |
ايمان آڻين ٿا اسان جي آيتن تي رڳو اهي شخص جو جڏهن نصيحت ڪيا وڃن ٿا انهن سان ته ڪرن ٿا سجدو ڪندڙ ٿي ۽ تسبيح پڙهن ٿا پنهنجي رب جو حمد ڪندي ۽ اهي نه ٿا وڏائي ڪن .السجدة |
تَتَجافىٰ جُنوبُهُم عَنِ المَضاجِعِ يَدعونَ رَبَّهُم خَوفًا وَطَمَعًا وَمِمّا رَزَقنٰهُم يُنفِقونَ (آيت : 16) |
پري رهن ٿا پاسا انهن جا سمهڻ جي هنڌن کان پڪارين ٿا پنهنجي رب کي خوف ۽ اميد سان ۽ ان مان جيڪو رزق ڏنوسون انهن کي خرچ ڪن ٿا . |
فَلا تَعلَمُ نَفسٌ ما أُخفِىَ لَهُم مِن قُرَّةِ أَعيُنٍ جَزاءً بِما كانوا يَعمَلونَ (آيت : 17) |
پوءِ نه ٿو ڄاڻي ڪو نفس جيڪو لڪائي رکيو ويو آهي انهن جي لاءِ اکين جو ٺار بدلو هوندو ان جو جيڪو ڪيو هيائين . |
أَفَمَن كانَ مُؤمِنًا كَمَن كانَ فاسِقًا لا يَستَوۥنَ (آيت : 18) |
ڇا پوءِ جيڪو مؤمن آهي ان جهڙو آهي جيڪو فاسق آهي نه ٿا برابر ٿين . |
أَمَّا الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ فَلَهُم جَنّٰتُ المَأوىٰ نُزُلًا بِما كانوا يَعمَلونَ (آيت : 19) |
پر جن ايمان آندو ۽ ڪيائون صالح عمل پوءِ انهن جي لاءِ رهڻ جا بهشت آهن مهماني ٿي ان سببان جيڪي چڱا ڪم ڪندا هئا . |
وَأَمَّا الَّذينَ فَسَقوا فَمَأوىٰهُمُ النّارُ كُلَّما أَرادوا أَن يَخرُجوا مِنها أُعيدوا فيها وَقيلَ لَهُم ذوقوا عَذابَ النّارِ الَّذى كُنتُم بِهِ تُكَذِّبونَ (آيت : 20) |
۽ پر جيڪي فاسق بڻيا پوءِ انهن جي جاءِ جنم آهي جڏهن به ارادو ڪندا اهي ته نڪرن ان مان ته ورايا ويندا ان ۾ ۽ چيو ويندو انهن کي ته چکو اهو باهه جو عذاب جنهن کي ڪوڙو چوندا هيئو . |
وَلَنُذيقَنَّهُم مِنَ العَذابِ الأَدنىٰ دونَ العَذابِ الأَكبَرِ لَعَلَّهُم يَرجِعونَ (آيت : 21) |
۽ البته ضرور چکائينداسون انهن کي عذاب ويجهڙائيءَ وارو وڏي عذاب کان سواءِ من اهي موٽن . |
وَمَن أَظلَمُ مِمَّن ذُكِّرَ بِـٔايٰتِ رَبِّهِ ثُمَّ أَعرَضَ عَنها إِنّا مِنَ المُجرِمينَ مُنتَقِمونَ (آيت : 22) |
۽ ڪير آهي وڌيڪ ظالم ان کان جو نصيحت ڪيو ويو پنهنجي رب جي آيتن سان ان کان پوءِ منهن موڙيائين بيشڪ اسين ڏوهارين کان بدلو وٺنداڙ آهيون . |
وَلَقَد ءاتَينا موسَى الكِتٰبَ فَلا تَكُن فى مِريَةٍ مِن لِقائِهِ وَجَعَلنٰهُ هُدًى لِبَنى إِسرٰءيلَ (آيت : 23) |
۽ البته تحقيق ڏنو اسان موسى کي ڪتاب پوءِ نه هج شڪ ۾ ان جي ملڻ ۾ ۽ ڪيوسون ان کي هدايت بني اسرائيل جي لاءِ . |
وَجَعَلنا مِنهُم أَئِمَّةً يَهدونَ بِأَمرِنا لَمّا صَبَروا وَكانوا بِـٔايٰتِنا يوقِنونَ (آيت : 24) |
۽ ڪياسون انهن مان اڳواڻ جيڪي اسان جي امر سان هدايت ڪن ٿا جڏهن صبر ڪيائون ۽ اسان جي آيتن تي يقين ڪندا هئا . |
إِنَّ رَبَّكَ هُوَ يَفصِلُ بَينَهُم يَومَ القِيٰمَةِ فيما كانوا فيهِ يَختَلِفونَ (آيت : 25) |
بلاشڪ تنهنجو رب اهو فيصلو ڪندو انهن ۾ قيامت جي ڏينهن ان متعلق جو ان ۾ اختلاف ڪندا هئا . |
أَوَلَم يَهدِ لَهُم كَم أَهلَكنا مِن قَبلِهِم مِنَ القُرونِ يَمشونَ فى مَسٰكِنِهِم إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايٰتٍ أَفَلا يَسمَعونَ (آيت : 26) |
ڇا نه روشن ٿي انهن لاءِ هيءَ ڳالهه ته ڪيتريون هلاڪ ڪيون اسان انهن کان اڳي جماعتون جو هلن پيا انهن جي گهرن ۾ بلاشڪ ان ۾ البته نشانيون آهن ڇا پوءِ نه ٿا ٻڌن . |
أَوَلَم يَرَوا أَنّا نَسوقُ الماءَ إِلَى الأَرضِ الجُرُزِ فَنُخرِجُ بِهِ زَرعًا تَأكُلُ مِنهُ أَنعٰمُهُم وَأَنفُسُهُم أَفَلا يُبصِرونَ (آيت : 27) |
ڇا نه ڏٺائون ته بيشڪ اسين هلايون ٿا پاڻي سڪل زمين ڏانهن پوءِ ڪڍون ٿا ان سان پوک کائين ٿا ان مان انهن جا چوپايا ۽ پاڻ ڇا پوءِ نه ٿا ڏسن؟ . |
وَيَقولونَ مَتىٰ هٰذَا الفَتحُ إِن كُنتُم صٰدِقينَ (آيت : 28) |
۽ چون ٿا ته ڪڏهن آهي هيءُ فيصلو جيڪڏهن آهيو سچا؟ . |
قُل يَومَ الفَتحِ لا يَنفَعُ الَّذينَ كَفَروا إيمٰنُهُم وَلا هُم يُنظَرونَ (آيت : 29) |
فرماءِ ته فيصلي جي ڏينهن نه نفعو ڏيندو انهن کي جن ڪفر ڪيو سندن ايمان آڻڻ ۽ نه اهي مهلت ڏنا ويندا . |
فَأَعرِض عَنهُم وَانتَظِر إِنَّهُم مُنتَظِرونَ (آيت : 30) |
پوءِ انهن کان منهن موڙ ۽ انظار ڪر بيشڪ اهي انتظار ڪندڙ آهن . |