الم (آيت : 1) |
الف ــ لام ــ ميم |
تَنزيلُ الكِتٰبِ لا رَيبَ فيهِ مِن رَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 2) |
ان ڳالهه ۾ ڪوبه شڪ نه آهي ته هن ڪتاب جو نازل ٿيڻ سڀني جھانن جي پالڻھار جي طرف کان ئي آهي. |
أَم يَقولونَ افتَرىٰهُ بَل هُوَ الحَقُّ مِن رَبِّكَ لِتُنذِرَ قَومًا ما أَتىٰهُم مِن نَذيرٍ مِن قَبلِكَ لَعَلَّهُم يَهتَدونَ (آيت : 3) |
ڇا هي ماڻهو چون ٿا ته هن ڪتاب کي هن شخص خود ٺاهي الله تعالى ڏانھن منسوب ڪيو آهي؟ (بلڪل غلط ڳالهه آهي) اهو ته تنھنجي پالڻھار جي طرف کان بلڪل سچو آهي ته جيئن تون اهڙي قوم کي ڊيڄارين جنھن وٽ اڳ ۾ ڪوبه ڊيڄارڻ وارو نه آيو آهي. شايد هي ماڻهو سڌي رستي تي اچن. |
اللَّهُ الَّذى خَلَقَ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ وَما بَينَهُما فى سِتَّةِ أَيّامٍ ثُمَّ استَوىٰ عَلَى العَرشِ ما لَكُم مِن دونِهِ مِن وَلِىٍّ وَلا شَفيعٍ أَفَلا تَتَذَكَّرونَ (آيت : 4) |
اهو الله تعالى ئي آهي جنھن آسمانن، زمين ۽ انهن ٻنهي جي وچ ۾ رهندڙ مخلوق کي ڇهن ڏينھن جي اندر پيدا فرمايو. پوءِ هو (زمين ۽ آسمان ۾ پيدا ڪيل مخلوق جي نگھباني ڪرڻ لاءِ) جلوهه افروز ٿيو (جو ڪير به ان جي نگھباني کي ظاهري طور تي نٿو ڏسي سگهي) ان کان سواءِ توهان جو ٻيو ڪير به نه مددگار آهي ۽ نه ئي ڪو سفارش ڪندڙ آهي ،پوءِ به توهان نصيحت نٿا وٺو. |
يُدَبِّرُ الأَمرَ مِنَ السَّماءِ إِلَى الأَرضِ ثُمَّ يَعرُجُ إِلَيهِ فى يَومٍ كانَ مِقدارُهُ أَلفَ سَنَةٍ مِمّا تَعُدّونَ (آيت : 5) |
اهو ئي آسمان کان وٺي زمين تائين سڀني معاملن کي هلائي ٿو. پوءِ انهن سڀني معاملن جو تفصيل هڪ اهڙي ڏينھن تي روبرو پيش ڪيو وڃي ٿو، جنھنجي ڳڻپ توهان وٽ هڪ هزار سالن جي برابر آهي. |
ذٰلِكَ عٰلِمُ الغَيبِ وَالشَّهٰدَةِ العَزيزُ الرَّحيمُ (آيت : 6) |
اهوئي هر لڪيل ۽ ظاهري شين کي ڄاڻندڙ زبردست ۽ وڏو رحم ڪندڙ آهي. |
الَّذى أَحسَنَ كُلَّ شَيءٍ خَلَقَهُ وَبَدَأَ خَلقَ الإِنسٰنِ مِن طينٍ (آيت : 7) |
جنھن هر شيءِ کي تمام سھڻي انداز ۾ بنايو ۽ انسان کي پھريائين مٽيءَ مان ٺاهيائين. |
ثُمَّ جَعَلَ نَسلَهُ مِن سُلٰلَةٍ مِن ماءٍ مَهينٍ (آيت : 8) |
پوءِ ان جي نسل کي پاڻي جي حقير نطفي جي ذريعي اڳتي وڌايائين. |
ثُمَّ سَوّىٰهُ وَنَفَخَ فيهِ مِن روحِهِ وَجَعَلَ لَكُمُ السَّمعَ وَالأَبصٰرَ وَالأَفـِٔدَةَ قَليلًا ما تَشكُرونَ (آيت : 9) |
پوءِ هن جي شڪل شباهت ٺاهي ان ۾ پنھنجو روح ڦوڪيائين ۽ ان جي اندر ٻڌڻ ۽ ڏسڻ جي صلاحيت پيدا ڪيائين ۽ سوچڻ لاءِ دل به بنايائين. (ايتريون نعمتون ڏيڻ کان پوءِ به) توهان ٿورا ئي ماڻهو شڪرگذار ٿيو ٿا. |
وَقالوا أَءِذا ضَلَلنا فِى الأَرضِ أَءِنّا لَفى خَلقٍ جَديدٍ بَل هُم بِلِقاءِ رَبِّهِم كٰفِرونَ (آيت : 10) |
هي ماڻهو چون ٿا ته جڏهن اسان مٽيءَ ۾ رَلجي مَلجي وينداسون ته ڇا اسان کي نئين سر پيدا ڪيو ويندو؟ بلڪه هي ماڻهو ته پنھنجي پالڻھار جي آڏو پيش ٿيڻ جا ئي انڪاري آهن. |
قُل يَتَوَفّىٰكُم مَلَكُ المَوتِ الَّذى وُكِّلَ بِكُم ثُمَّ إِلىٰ رَبِّكُم تُرجَعونَ (آيت : 11) |
تون چؤ ته جيڪو موت وارو فرشتو توهان تي مقرر آهي اهوئي توهان جو روح قبضي ۾ وٺندو. پوءِ توهان پنھنجي پالڻھار ڏانھن موٽايا ويندا. |
وَلَو تَرىٰ إِذِ المُجرِمونَ ناكِسوا رُءوسِهِم عِندَ رَبِّهِم رَبَّنا أَبصَرنا وَسَمِعنا فَارجِعنا نَعمَل صٰلِحًا إِنّا موقِنونَ (آيت : 12) |
ڪاش! جيڪڏهن تون اهو وقت ڏسين جڏهن هي گنهگار پنھنجي پالڻھار جي آڏو مٿا هيٺ ڪري بيٺا هوندا ۽ چوندا ته اي اسان جا پالڻھار! اسان چڱي طرح ڏسي ورتو ۽ چڱي طرح ٻڌو. تون اسان کي دنيا ۾ موٽاءِ ته اسان نيڪ عمل ڪريون. هاڻي اسان کي يقين اچي ويو آهي. |
وَلَو شِئنا لَءاتَينا كُلَّ نَفسٍ هُدىٰها وَلٰكِن حَقَّ القَولُ مِنّى لَأَملَأَنَّ جَهَنَّمَ مِنَ الجِنَّةِ وَالنّاسِ أَجمَعينَ (آيت : 13) |
جيڪڏهن اسان چاهيون ها ته سڀني کي هدايت وارو ڪري ڇڏيون ها پر ان کان اڳ مان (به) هڪ قول ڪري چڪو آهيان ته مان جھنم کي انسانن ۽ جنن سان ضرور ڀريندس. |
فَذوقوا بِما نَسيتُم لِقاءَ يَومِكُم هٰذا إِنّا نَسينٰكُم وَذوقوا عَذابَ الخُلدِ بِما كُنتُم تَعمَلونَ (آيت : 14) |
بس! هاڻي عذاب جو مزو چکو جو توهان هن پيش ٿيڻ واري ڏينھن کي وساري ڇڏيو هو سو هاڻي اسان به توهان کي وساري ڇڏيو آهي. توهان پنھنجي عملن جي بدلي ۾ هميشه وارو عذاب چکو. |
إِنَّما يُؤمِنُ بِـٔايٰتِنَا الَّذينَ إِذا ذُكِّروا بِها خَرّوا سُجَّدًا وَسَبَّحوا بِحَمدِ رَبِّهِم وَهُم لا يَستَكبِرونَ (آيت : 15) |
اسان جي آيتن تي اهي ماڻهو ايمان آڻيندا آهن جن جو حال هي آهي ته جڏهن کين اسان جون آيتون ٻڌائي نصيحت ڪئي ويندي آهي ته هُو فوراً سجدي ۾ ڪري پوندا آهن ۽ پنھنجي پالڻھار جي تعريف سان گڏ پاڪيزگي بيان ڪندا آهن ۽ ڪڏهن به غرور نه ڪندا آهن. |
تَتَجافىٰ جُنوبُهُم عَنِ المَضاجِعِ يَدعونَ رَبَّهُم خَوفًا وَطَمَعًا وَمِمّا رَزَقنٰهُم يُنفِقونَ (آيت : 16) |
سندن پُٺيون بسترن کان پري هونديون آهن (يعني سمهڻ تي سندن دل ئي نه چوندي آهي) پنھنجي پالڻھار کي خوف ۽ اميد سان ياد ڪندا آهن ۽ اسان کين جيڪو رزق ڏنو آهي ان مان خرچ ڪندا آهن. |
فَلا تَعلَمُ نَفسٌ ما أُخفِىَ لَهُم مِن قُرَّةِ أَعيُنٍ جَزاءً بِما كانوا يَعمَلونَ (آيت : 17) |
ڪنھن به ساهواري کي معلوم نه آهي ته سندس اعمال جي بدلي ۾ پردي پويان ڪهڙيون نه اکين ٺار نعمتون رکيون ويون آهن؟ |
أَفَمَن كانَ مُؤمِنًا كَمَن كانَ فاسِقًا لا يَستَوۥنَ (آيت : 18) |
ڇا مؤمن ماڻهو نافرمان ماڻهوءَ جھڙو ٿي سگهي ٿو؟ (نه ) اهي ٻئي ڪڏهن به برابر نٿا ٿي سگهن. |
أَمَّا الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ فَلَهُم جَنّٰتُ المَأوىٰ نُزُلًا بِما كانوا يَعمَلونَ (آيت : 19) |
جن ماڻهن ايمان آندو ۽ نيڪ عمل ڪيا تن جي مھماني طور رهڻ واريون جايون جنتون آهن جيڪي کين اعمال جي بدلي ۾ ڏنيون وينديون. |
وَأَمَّا الَّذينَ فَسَقوا فَمَأوىٰهُمُ النّارُ كُلَّما أَرادوا أَن يَخرُجوا مِنها أُعيدوا فيها وَقيلَ لَهُم ذوقوا عَذابَ النّارِ الَّذى كُنتُم بِهِ تُكَذِّبونَ (آيت : 20) |
۽ جن ماڻهن نافرماني ڪئي ته انهن ماڻهن جي رهڻ واري جاءِ دوزخ آهي. جڏهن به اُهي ان مان نڪرڻ جي ڪوشش ڪندا ته کين واپس ان ۾ پٺتي ڌڪيو ويندو ۽ چيو ويندو ته هاڻي ان باهه جو عذاب چکو جنھن کي توهان ڪوڙو ڀانئيندا هئا. |
وَلَنُذيقَنَّهُم مِنَ العَذابِ الأَدنىٰ دونَ العَذابِ الأَكبَرِ لَعَلَّهُم يَرجِعونَ (آيت : 21) |
اسان کين وڏي عذاب ڏيڻ کان اڳ دنيا ۾ ننڍڙي عذاب جو ضرور مزو چکائينداسون ته شايد هو پنھنجي برن ڪمن کان باز اچن. |
وَمَن أَظلَمُ مِمَّن ذُكِّرَ بِـٔايٰتِ رَبِّهِ ثُمَّ أَعرَضَ عَنها إِنّا مِنَ المُجرِمينَ مُنتَقِمونَ (آيت : 22) |
پوءِ ان کان وڌيڪ ٻيو ڪير ظالم هوندو؟ جنهن کي پنھنجي پالڻھار جي آيتن جي ذريعي نصيحت ڪئي وڃي ۽ پوءِ به هو منھن موڙي ڇڏي. اسان اهڙن ڏوهارين کان ضرور بدلو وٺنداسون. |
وَلَقَد ءاتَينا موسَى الكِتٰبَ فَلا تَكُن فى مِريَةٍ مِن لِقائِهِ وَجَعَلنٰهُ هُدًى لِبَنى إِسرٰءيلَ (آيت : 23) |
بيشڪ اسان موسى ($) کي ڪتاب ڏنوسين (پوءِ اي نبيﷺ!) توکي ان ڪتاب (يعني تورات) جي ملڻ تي شڪ شبهو نه ٿيڻ گهرجي ۽ هن ڪتاب کي اسان بني اسرائيل لاءِ هدايت جو ذريعو بنايوسين. |
وَجَعَلنا مِنهُم أَئِمَّةً يَهدونَ بِأَمرِنا لَمّا صَبَروا وَكانوا بِـٔايٰتِنا يوقِنونَ (آيت : 24) |
پوءِ جڏهن بني اسرائيل صبر کان ڪم ورتو ۽ اسان جي آيتن تي يقين ڪندا رهيا ته اسان به انهن مان اهڙا اڳواڻ پيدا ڪياسون جيڪي اسان جي حڪم سان ئي کين رستو ڏيکاريندا هئا. |
إِنَّ رَبَّكَ هُوَ يَفصِلُ بَينَهُم يَومَ القِيٰمَةِ فيما كانوا فيهِ يَختَلِفونَ (آيت : 25) |
بيشڪ تنھنجو پالڻھار قيامت جي ڏينھن انهن سڀني ڳالهين جو فيصلو ڪندو، جن ڳالهين ۾ هي (بني اسرائيل) پاڻ ۾ اختلاف ڪندا رهيا آهن. |
أَوَلَم يَهدِ لَهُم كَم أَهلَكنا مِن قَبلِهِم مِنَ القُرونِ يَمشونَ فى مَسٰكِنِهِم إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايٰتٍ أَفَلا يَسمَعونَ (آيت : 26) |
ڇا هنن ماڻهن کي سمجهه ۾ نٿو اچي ته اسان (رسولن جي انڪار سبب) ڪيترن ئي قومن کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي ۽ هي ماڻهو ته انهن جي تباهه ٿيل جاين وٽان لنگهندا به رهن ٿا. بيشڪ انهن ڳالهين ۾ وڏيون نشانيون آهن ڇا پوءِ به هي نٿا ٻڌن؟ |
أَوَلَم يَرَوا أَنّا نَسوقُ الماءَ إِلَى الأَرضِ الجُرُزِ فَنُخرِجُ بِهِ زَرعًا تَأكُلُ مِنهُ أَنعٰمُهُم وَأَنفُسُهُم أَفَلا يُبصِرونَ (آيت : 27) |
ڇا هي ماڻهو غور نٿا ڪن ته اسان غيرآباد زمين ڏي پاڻي ڪاهي اچون ٿا، پوءِ ان مان اسان سرسبز ۽ شاداب شيون اپايون ٿا، جنھن مان سندن جانورن کي به چارو ملي ٿو ۽ هي خود به کائين ٿا. ڇا پوءِ به هي نٿا ڏسن؟ |
وَيَقولونَ مَتىٰ هٰذَا الفَتحُ إِن كُنتُم صٰدِقينَ (آيت : 28) |
هي چون ٿا ته جيڪڏهن تون سچو آهين ته پوءِ (اسان جي باري ۾) فيصلو ڪڏهن ٿيندو؟ |
قُل يَومَ الفَتحِ لا يَنفَعُ الَّذينَ كَفَروا إيمٰنُهُم وَلا هُم يُنظَرونَ (آيت : 29) |
(اي نبيﷺ!) چؤ ته فيصلي واري ڏينھن ڪافرن کي ايمان آڻڻ مان ڪوبه فائدو نه ملندو ۽ نه ئي کين ڪا مھلت ملي سگهندي. |
فَأَعرِض عَنهُم وَانتَظِر إِنَّهُم مُنتَظِرونَ (آيت : 30) |
(اي نبيﷺ!) انهن کي پنھنجي حال تي ڇڏي ڏي ۽ تون انتظار ڪر. بيشڪ هي ماڻهو به انتظار ۾ آهن. |