الم (آيت : 1) |
ا-ل-م |
تَنزيلُ الكِتٰبِ لا رَيبَ فيهِ مِن رَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 2) |
نازل ٿيڻ هن ڪتاب جو بنا ڪنهن شڪ شبهي جي آهي طرفان پالڻهار جهانن جي |
أَم يَقولونَ افتَرىٰهُ بَل هُوَ الحَقُّ مِن رَبِّكَ لِتُنذِرَ قَومًا ما أَتىٰهُم مِن نَذيرٍ مِن قَبلِكَ لَعَلَّهُم يَهتَدونَ (آيت : 3) |
ڇا اهي ماڻهو چون ٿا ته ان شخص هي پاڻ ٺاهيو آهي، پر اهو حق آهي طرفان تنهنجي رب جي جيئن تون ڊيڄارين اهڙي قوم کي جنهن وٽ ڪوبه ڊيڄاريندڙ ڪونه آيو آهي توکان اڳي، ته من اهي هدايت وٺن |
اللَّهُ الَّذى خَلَقَ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ وَما بَينَهُما فى سِتَّةِ أَيّامٍ ثُمَّ استَوىٰ عَلَى العَرشِ ما لَكُم مِن دونِهِ مِن وَلِىٍّ وَلا شَفيعٍ أَفَلا تَتَذَكَّرونَ (آيت : 4) |
الله ئي اهو آهي جنهن پيدا ڪيو آسمانن ۽ زمين کي ۽ انهن جي وچ سڀني شين کي ڇهن ڏينهن ۾، پوءِ قائم ٿيو (پاڻ) عرش تي، ان کان سواءِ توهان لاءِ نه ڪو ڀرجهلو آهي نه ڪو مددگار ۽ نه ڪو سفارش ڪرڻ وارو ان جي آڏو، پوءِ توهان هوش ۾ نه ايندؤ؟ |
يُدَبِّرُ الأَمرَ مِنَ السَّماءِ إِلَى الأَرضِ ثُمَّ يَعرُجُ إِلَيهِ فى يَومٍ كانَ مِقدارُهُ أَلفَ سَنَةٍ مِمّا تَعُدّونَ (آيت : 5) |
هو هلائيندو رهي ٿو آسمان کان زمين تائين دنيا جي معاملن کي ۽ ان جي روئداد مٿي سندس حضور ۾ وڃي ٿي، هڪ اهڙي ڏينهن، جنهن جو مقدار توهان وٽ هڪ هزار سال آهي شمار ۾ |
ذٰلِكَ عٰلِمُ الغَيبِ وَالشَّهٰدَةِ العَزيزُ الرَّحيمُ (آيت : 6) |
اهو ئي آهي ڄاڻندڙ هر لڪل توڙي ظاهر شيءِ جو، زبردست ۽ رحم وارو |
الَّذى أَحسَنَ كُلَّ شَيءٍ خَلَقَهُ وَبَدَأَ خَلقَ الإِنسٰنِ مِن طينٍ (آيت : 7) |
هن سهڻي ٺاهي آهي هر شيءِ جيڪا به خلقي آهي ۽ شروعات ڪئي پيدا ڪرڻ انسان جي مٽيءَ جي گاري مان |
ثُمَّ جَعَلَ نَسلَهُ مِن سُلٰلَةٍ مِن ماءٍ مَهينٍ (آيت : 8) |
پوءِ هلايو ان جو نسل هڪ اهڙي جوهر مان جيڪو نهايت ئي حقير پاڻي جهڙو آهي |
ثُمَّ سَوّىٰهُ وَنَفَخَ فيهِ مِن روحِهِ وَجَعَلَ لَكُمُ السَّمعَ وَالأَبصٰرَ وَالأَفـِٔدَةَ قَليلًا ما تَشكُرونَ (آيت : 9) |
وري ان ٺيڪ ڪيو لڱن کي ۽ ڦوڪيائين ان جي اندر پنهنجو روح، ۽ ڏنائين توهان کي ڪن ۽ اکيون ۽ دليون، پوءِ به گهٽ آهيو توهان ماڻهو شڪر گذار |
وَقالوا أَءِذا ضَلَلنا فِى الأَرضِ أَءِنّا لَفى خَلقٍ جَديدٍ بَل هُم بِلِقاءِ رَبِّهِم كٰفِرونَ (آيت : 10) |
۽ چون ٿا هي ماڻهو، جڏهن اسان ملي وينداسين مٽيءَ ۾، ته پوءِ ڇا اسان پيدا ڪيا وينداسين وري نئين سر؟ اصل ڳالهه اها آهي ته اهي پنهنجي رب جي ملاقات جا منڪر آهن |
قُل يَتَوَفّىٰكُم مَلَكُ المَوتِ الَّذى وُكِّلَ بِكُم ثُمَّ إِلىٰ رَبِّكُم تُرجَعونَ (آيت : 11) |
کين چؤ ته، مقرر آهي توهان تي موت جو فرشتو، جيڪو پوري جو پورو توهان کي پنهنجي قبضي ۾ وٺندو ۽ توهان پنهنجي رب ڏي موٽايا ويندؤ |
وَلَو تَرىٰ إِذِ المُجرِمونَ ناكِسوا رُءوسِهِم عِندَ رَبِّهِم رَبَّنا أَبصَرنا وَسَمِعنا فَارجِعنا نَعمَل صٰلِحًا إِنّا موقِنونَ (آيت : 12) |
۽ جيڪر تون ڏسين اهو وقت جڏهن اهي ڏوهاري جهڪائي پنهنجا ڪنڌ بيٺا هوندا پنهنجي رب آڏو، (چئي رهيا هوندا) اي اسان جا رب! اسان ڏسي ۽ ٻڌي ورتو هاڻي وري موڪل اسان کي جيئن نيڪ عمل ڪريون، اسان کي هاڻي يقين اچي ويو آهي |
وَلَو شِئنا لَءاتَينا كُلَّ نَفسٍ هُدىٰها وَلٰكِن حَقَّ القَولُ مِنّى لَأَملَأَنَّ جَهَنَّمَ مِنَ الجِنَّةِ وَالنّاسِ أَجمَعينَ (آيت : 13) |
(جواب ۾ ارشاد ٿيندو) جي اسان گهرون ها ته اڳي ئي هر شخص کي اها ڪريون ها هدايت پر پوري ٿي وئي منهنجي اها ڳالهه جيڪا مون چئي هئي ته ڀريندس دوزخ کي جنن ۽ انسانن سان (سڀني کي گڏي) |
فَذوقوا بِما نَسيتُم لِقاءَ يَومِكُم هٰذا إِنّا نَسينٰكُم وَذوقوا عَذابَ الخُلدِ بِما كُنتُم تَعمَلونَ (آيت : 14) |
پوءِ چکو مزو پنهنجي ان حرڪت جو، جو وساري ويٺؤ اڄوڪي ڏينهن جي هن ملاقات کي، اسان به توهان کي هاڻي وساري ڇڏيو آهي، ۽ چکو هميشه واري عذاب جو مزو پنهنجي ڪرتوتن جي سزا طور |
إِنَّما يُؤمِنُ بِـٔايٰتِنَا الَّذينَ إِذا ذُكِّروا بِها خَرّوا سُجَّدًا وَسَبَّحوا بِحَمدِ رَبِّهِم وَهُم لا يَستَكبِرونَ (آيت : 15) |
بيشڪ ايمان آڻيندا آهن اسان جي آيتن تي اهي ماڻهو جڏهن کين نصيحت ڪئي وڃي ٿي هي آيتون ٻڌائي، ته سجدي ۾ ڪِري پوندا آهن ۽ پاڪائي بيان ڪندا آهن پنهنجي رب جي حمد سان گڏ ۽ اهي وڏائي نه ڪندا آهن |
تَتَجافىٰ جُنوبُهُم عَنِ المَضاجِعِ يَدعونَ رَبَّهُم خَوفًا وَطَمَعًا وَمِمّا رَزَقنٰهُم يُنفِقونَ (آيت : 16) |
سندن پٺيون بسترن کان الڳ رهنديون آهن، پڪاريندا آهن پنهنجي رب کي خوف ۽ اميد ۾ ڊڄندي ۽ جيڪو انهن کي رزق ڏنو آهي ان مان خرچ ڪندا آهن |
فَلا تَعلَمُ نَفسٌ ما أُخفِىَ لَهُم مِن قُرَّةِ أَعيُنٍ جَزاءً بِما كانوا يَعمَلونَ (آيت : 17) |
پوءِ جيڪو سندن عملن جو سامان لڪائي رکيو ويو آهي انهن جي اکين جو ٺار، ان جي ته ڪنهن به ساهواري کي خبر ئي نه آهي |
أَفَمَن كانَ مُؤمِنًا كَمَن كانَ فاسِقًا لا يَستَوۥنَ (آيت : 18) |
ڀلا ائين به ڪو ٿي سگهي ٿو ته مؤمن هجي جيڪو شخص سو ان وانگر ٿي وڃي جيڪو فاسق هجي، اهي ٻئي برابر ٿي نٿا سگهن |
أَمَّا الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ فَلَهُم جَنّٰتُ المَأوىٰ نُزُلًا بِما كانوا يَعمَلونَ (آيت : 19) |
جن ماڻهن ايمان آندو ۽ عمل سٺا ڪيا آهن، انهن جي لاءِ بهشت ۾ رهڻ واريون جايون آهن مهماني طور سندن عملن جي موٽ ۾ |
وَأَمَّا الَّذينَ فَسَقوا فَمَأوىٰهُمُ النّارُ كُلَّما أَرادوا أَن يَخرُجوا مِنها أُعيدوا فيها وَقيلَ لَهُم ذوقوا عَذابَ النّارِ الَّذى كُنتُم بِهِ تُكَذِّبونَ (آيت : 20) |
۽ جن ماڻهن نافرماني ڪئي تن جو ٺڪاڻو دوزخ آهي هو جڏهن به ارادو ڪندا ان مان نڪرڻ جو ته ڌڪيا ويندا ان ۾ ۽ چيو ويندو کين ته چکو هاڻي عذاب انهيءَ باهه جو جنهن کي توهان ڪوڙو ڀائيندا هئا |
وَلَنُذيقَنَّهُم مِنَ العَذابِ الأَدنىٰ دونَ العَذابِ الأَكبَرِ لَعَلَّهُم يَرجِعونَ (آيت : 21) |
۽ اسان ضرور چکائيندا رهنداسين انهن کي مزو ڪجهه ويجهي عذاب (ڪو نه ڪو ننڍي) عذاب جو اڳ ۾ ان وڏي عذاب کان (جيئن بغاوت واري روش کان) من اهي مُڙي وڃن |
وَمَن أَظلَمُ مِمَّن ذُكِّرَ بِـٔايٰتِ رَبِّهِ ثُمَّ أَعرَضَ عَنها إِنّا مِنَ المُجرِمينَ مُنتَقِمونَ (آيت : 22) |
۽ ان کان وڏو ظالم ٻيو ڪير هوندو جنهن کي سندس رب جي آيتن وسيلي نصيحت ڪئي وڃي، ته هو ان کان منهن موڙي، بيشڪ اهڙن مجرمن کان بدلو ضرور وٺبو |
وَلَقَد ءاتَينا موسَى الكِتٰبَ فَلا تَكُن فى مِريَةٍ مِن لِقائِهِ وَجَعَلنٰهُ هُدًى لِبَنى إِسرٰءيلَ (آيت : 23) |
۽ بيشڪ اسان ڏئي چڪا آهيون هن کان اڳي موسيٰ کي ڪتاب، تنهن ڪري تون ان تي شڪ نه ڪر ۽ اسان بڻايو هو ان کي هدايت بني اسرائيل جي لاءِ |
وَجَعَلنا مِنهُم أَئِمَّةً يَهدونَ بِأَمرِنا لَمّا صَبَروا وَكانوا بِـٔايٰتِنا يوقِنونَ (آيت : 24) |
۽ جڏهن اسان انهن مان اهڙا بڻايا اڳواڻ جيڪي رهنمائي ڪندا هئا اسان جي حڪم سان، صبر ڪندا هئا ۽ اسان جي آيتن تي اهي يقين ڪندا هئا |
إِنَّ رَبَّكَ هُوَ يَفصِلُ بَينَهُم يَومَ القِيٰمَةِ فيما كانوا فيهِ يَختَلِفونَ (آيت : 25) |
بيشڪ تنهنجو رب ئي فيصلو ڪندو انهن جي وچ ۾ ڏينهن قيامت جي انهن ڳالهين جو جن بابت (بني اسرائيل) پاڻ ۾ اختلاف ٿي ڪيو |
أَوَلَم يَهدِ لَهُم كَم أَهلَكنا مِن قَبلِهِم مِنَ القُرونِ يَمشونَ فى مَسٰكِنِهِم إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايٰتٍ أَفَلا يَسمَعونَ (آيت : 26) |
ڇا ڪابه هدايت انهن ماڻهن کي (انهن واقعن ۾ نه ملي آهي) ته اسان ڪيترين ئي قومن کي تباهه ڪيو آهي انهن کان اڳي، جن تي گهمن ڦرن ٿا اڄ انهن ماڳن تي، بيشڪ انهيءَ ۾ وڏيون نشانيون آهن انهن جي لاءِ، پوءِ ڇا اهي نٿا ٻڌن (ڪابه ڳالهه)؟ |
أَوَلَم يَرَوا أَنّا نَسوقُ الماءَ إِلَى الأَرضِ الجُرُزِ فَنُخرِجُ بِهِ زَرعًا تَأكُلُ مِنهُ أَنعٰمُهُم وَأَنفُسُهُم أَفَلا يُبصِرونَ (آيت : 27) |
۽ ڇا انهن ماڻهن اهو نظارو نه ڏٺو آهي ته اسان وهائي آڻيون ٿا پاڻي انهيءَ زمين ڏانهن جيڪا بنجر هوندي آهي، ۽ پوءِ پيدا ڪندا آهيون اهڙو فصل جنهن مان کائيندا آهن سندن جانور ۽ پاڻ به کائيندا آهن، ته ڇا کين ڪجهه به نظر نٿو اچي؟ |
وَيَقولونَ مَتىٰ هٰذَا الفَتحُ إِن كُنتُم صٰدِقينَ (آيت : 28) |
۽ چون ٿا اهي ماڻهو ته، ڪڏهن ٿيندو اهو فيصلو، جي توهان (واقعي) سچا آهيو؟ |
قُل يَومَ الفَتحِ لا يَنفَعُ الَّذينَ كَفَروا إيمٰنُهُم وَلا هُم يُنظَرونَ (آيت : 29) |
چوين (اي نبي!) ته، ڏينهن فيصلي جي ڪوبه فائدو نه ملندو کين جيڪي ڪافر آهن ۽ ايمان آندائون ۽ نه وري کين ڪا مهلت ئي ملندي |
فَأَعرِض عَنهُم وَانتَظِر إِنَّهُم مُنتَظِرونَ (آيت : 30) |
پوءِ چڱو ڇڏي ڏي انهن ماڻهن کي سندن حال تي، تون انتظار ڪر، اهي به انتظار ۾ آهن |