الم (آيت : 1) |
ال۬مّ۬ (الف ـ لام ـ ميم) |
تِلكَ ءايٰتُ الكِتٰبِ الحَكيمِ (آيت : 2) |
هي دانائيءَ واري ڪتاب جون آيتون آهن |
هُدًى وَرَحمَةً لِلمُحسِنينَ (آيت : 3) |
هدايت ۽ رحمت آهن نيڪوڪارن لاءِ |
الَّذينَ يُقيمونَ الصَّلوٰةَ وَيُؤتونَ الزَّكوٰةَ وَهُم بِالءاخِرَةِ هُم يوقِنونَ (آيت : 4) |
جيڪي نماز قائم ڪن ٿا، زڪواة ڏين ٿا ۽ آخرت تي پڪو ويساهه رکن ٿا |
أُولٰئِكَ عَلىٰ هُدًى مِن رَبِّهِم وَأُولٰئِكَ هُمُ المُفلِحونَ (آيت : 5) |
اهي ئي ماڻهو پنهنجي رب واريءَ سنئينءَ واٽ تي آهن ۽ اهي ئي ڪاميابي ماڻڻ وارا آهن |
وَمِنَ النّاسِ مَن يَشتَرى لَهوَ الحَديثِ لِيُضِلَّ عَن سَبيلِ اللَّهِ بِغَيرِ عِلمٍ وَيَتَّخِذَها هُزُوًا أُولٰئِكَ لَهُم عَذابٌ مُهينٌ (آيت : 6) |
۽ انسانن مان ڪو اهڙو به آهي، جيڪو بيهودا داستان خريد ڪري ٿو آڻي ته جيئن ماڻهن کي الله جي رستي کان بنا علم واري ڳالهه وسيلي ڀٽڪائي ڇڏي ۽ حق جي دعوت کي ٽوڪ جو هنڌ بڻائي، اهڙن ماڻهن لاءِ سخت ذليل ڪندڙ عذاب آهي |
وَإِذا تُتلىٰ عَلَيهِ ءايٰتُنا وَلّىٰ مُستَكبِرًا كَأَن لَم يَسمَعها كَأَنَّ فى أُذُنَيهِ وَقرًا فَبَشِّرهُ بِعَذابٍ أَليمٍ (آيت : 7) |
ان کي جڏهن اسان جون آيتون ٻڌايون وڃن ٿيون ته وڏائي ڪندي پٺي ٿو ڏئي، ڄڻ ته انهن کي ٻڌو ئي نه اٿائين، ڄڻ ته ڪنن ۾ ٻوڙاڻ اٿس، چڱو ڏئي ڇڏيس خوشخبري دردناڪ عذاب جي |
إِنَّ الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ لَهُم جَنّٰتُ النَّعيمِ (آيت : 8) |
باقي جيڪي ماڻهو ايمان آڻيندا ۽ چڱا عمل ڪندا، انهن لاءِ نعمتن سان ڀريل جنتون آهن |
خٰلِدينَ فيها وَعدَ اللَّهِ حَقًّا وَهُوَ العَزيزُ الحَكيمُ (آيت : 9) |
جن ۾ هو هميشه رهندا، اهو الله جو سچو وعدو آهي ۽ هو زبردست ۽ دانائيءَ وارو آهي |
خَلَقَ السَّمٰوٰتِ بِغَيرِ عَمَدٍ تَرَونَها وَأَلقىٰ فِى الأَرضِ رَوٰسِىَ أَن تَميدَ بِكُم وَبَثَّ فيها مِن كُلِّ دابَّةٍ وَأَنزَلنا مِنَ السَّماءِ ماءً فَأَنبَتنا فيها مِن كُلِّ زَوجٍ كَريمٍ (آيت : 10) |
خلقيو اٿائين آسمانن کي بنا ٿنڀن جي، جو کڻي توهان ڏسي سگهو ۽ زمين ۾ کوڙيا اٿائين جبل ته متان اها توهان سوڌي پئي لوڏا لــَــما کائي ۽ هر قسم جا جانور ان ۾ پکيڙي ڇڏيا اٿس ۽ اسان آسمان مان پاڻي وسايو ۽ منجهس قسمين قسمين عمديون شيون اپايون |
هٰذا خَلقُ اللَّهِ فَأَرونى ماذا خَلَقَ الَّذينَ مِن دونِهِ بَلِ الظّٰلِمونَ فى ضَلٰلٍ مُبينٍ (آيت : 11) |
اها ته آهي الله جي جوڙيل جوڙ، هاڻي مونکي ڏيکاريو انهن ٻين ڇا پيدا ڪيو آهي، اصل ڳالهه اها آهي ته اهي ظالم ماڻهو پڌري گمراهيءَ ۾ پئجي ويا آهن |
وَلَقَد ءاتَينا لُقمٰنَ الحِكمَةَ أَنِ اشكُر لِلَّهِ وَمَن يَشكُر فَإِنَّما يَشكُرُ لِنَفسِهِ وَمَن كَفَرَ فَإِنَّ اللَّهَ غَنِىٌّ حَميدٌ (آيت : 12) |
اسان لقمان کي دانائي عطا ڪئي هئي ته الله جو شڪرگذار ٿيءُ. جيڪو شڪر ڪندو ته سندس شڪر ڪرڻ کيس ئي فائدو ڏيندو ۽ جيڪو ڪفر ڪندو ته حقيقت ۾ الله بي پرواهه ۽ پنهنجو پاڻ ساراهيل آهي |
وَإِذ قالَ لُقمٰنُ لِابنِهِ وَهُوَ يَعِظُهُ يٰبُنَىَّ لا تُشرِك بِاللَّهِ إِنَّ الشِّركَ لَظُلمٌ عَظيمٌ (آيت : 13) |
ياد ڪر جڏهن لقمان پنهنجي پٽ کي نصيحت ڪئي ته "پٽـڙا الله سان ڪنهن کي به شريڪ نه ڪجانءِ ، شرڪ وڏو ظلم اٿيئي!" |
وَوَصَّينَا الإِنسٰنَ بِوٰلِدَيهِ حَمَلَتهُ أُمُّهُ وَهنًا عَلىٰ وَهنٍ وَفِصٰلُهُ فى عامَينِ أَنِ اشكُر لى وَلِوٰلِدَيكَ إِلَىَّ المَصيرُ (آيت : 14) |
۽ اها حقيقت آهي ته اسان انسان کي پيءُ ماءُ جو حق سڃاڻڻ جو پاڻ ئي تاڪيد ڪيو آهي، سندس ماءُ تڪليف مٿان تڪليف سهي کيس پيٽ ۾ سانڍيو ۽ سندس ٿـڃ ڇڏائڻ ۾ ٻه سال لڳي ويا (تنهنڪري اسان کيس نصيحت ڪئي ته) منهنجو شڪرانو ادا ڪر ۽ پنهنجي پيءُ ماءُ جو به شڪر ادا ڪر، مون ڏانهن ئي توکي موٽڻو آهي |
وَإِن جٰهَداكَ عَلىٰ أَن تُشرِكَ بى ما لَيسَ لَكَ بِهِ عِلمٌ فَلا تُطِعهُما وَصاحِبهُما فِى الدُّنيا مَعروفًا وَاتَّبِع سَبيلَ مَن أَنابَ إِلَىَّ ثُمَّ إِلَىَّ مَرجِعُكُم فَأُنَبِّئُكُم بِما كُنتُم تَعمَلونَ (آيت : 15) |
پر جيڪڏهن اهي توتي زور ڀرين ته مون سان ڪنهن اهڙي کي شريڪ ڪر، جنهن بابت توکي ڪا ڄاڻ ئي ڪانهي ته سندن ڳالهه اصل نه مڃ. دنيا ۾ ساڻن سٺو سلوڪ ڪندو رهه، پر پيروي ان شخص جي واٽ جي ڪر، جنهن مون ڏانهن رخ ڪري ڇڏيو آهي. نيٺ توهان سڀني کي مون ڏانهن ئي موٽڻو آهي، پوءِ تنهن وقت مان توهان کي ٻڌائيندس ته توهان ڇا ڇا ڪيو آهي |
يٰبُنَىَّ إِنَّها إِن تَكُ مِثقالَ حَبَّةٍ مِن خَردَلٍ فَتَكُن فى صَخرَةٍ أَو فِى السَّمٰوٰتِ أَو فِى الأَرضِ يَأتِ بِهَا اللَّهُ إِنَّ اللَّهَ لَطيفٌ خَبيرٌ (آيت : 16) |
(۽ لقمان چيو) "پـٽـڙا ! ڪا شيءِ سرنهه جي داڻي جيتري به هجي ۽ ڪنهن جبل ۾ يا آسمانن توڙي زمين ۾ ڪٿي به لڪل هجي ته الله ان کي ڪڍي آڻيندو، بيشڪ الله باريڪ بين ۽ ڏاڍو باخبر آهي |
يٰبُنَىَّ أَقِمِ الصَّلوٰةَ وَأمُر بِالمَعروفِ وَانهَ عَنِ المُنكَرِ وَاصبِر عَلىٰ ما أَصابَكَ إِنَّ ذٰلِكَ مِن عَزمِ الأُمورِ (آيت : 17) |
پٽـڙا! نماز قائم ڪر ۽ نيڪيءَ جو حڪم ڏي، بديءَ کان روڪ ۽ جيڪا به مصيبت اچي پويئي ته ان تي صبر ڪر، اهي اٿيئي اُهي ڳالهيون جن جو ڏاڍو تاڪيد ڪيو ويو آهي |
وَلا تُصَعِّر خَدَّكَ لِلنّاسِ وَلا تَمشِ فِى الأَرضِ مَرَحًا إِنَّ اللَّهَ لا يُحِبُّ كُلَّ مُختالٍ فَخورٍ (آيت : 18) |
۽ ماڻهن سان منهن ٻئي پاسي ڪري نه ڳالهائيندو ڪر ۽ نڪي زمين ۾ آڪڙجي هلندو ڪر، الله ڪنهن به پاڻ کي پڏائيندڙ ۽ ٻٽاڪون هڻندڙ کي پسند نه ڪندو آهي |
وَاقصِد فى مَشيِكَ وَاغضُض مِن صَوتِكَ إِنَّ أَنكَرَ الأَصوٰتِ لَصَوتُ الحَميرِ (آيت : 19) |
۽ هلڻ ۾ وچٿرو ٿي هل ۽ پنهنجي آواز کي به جــَـهڪو رک، سڀني آوازن مان بڇڙي ۾ بڇڙو آواز گڏهه جو آواز آهي" |
أَلَم تَرَوا أَنَّ اللَّهَ سَخَّرَ لَكُم ما فِى السَّمٰوٰتِ وَما فِى الأَرضِ وَأَسبَغَ عَلَيكُم نِعَمَهُ ظٰهِرَةً وَباطِنَةً وَمِنَ النّاسِ مَن يُجٰدِلُ فِى اللَّهِ بِغَيرِ عِلمٍ وَلا هُدًى وَلا كِتٰبٍ مُنيرٍ (آيت : 20) |
ڇا توهان نٿا ڏسو ته الله، آسمانن ۽ زمين جون سموريون شيون توهان جي هٿ هيٺ ڪري ڇڏيون آهن ۽ پنهنجون پڌريون توڙي لڪل نعمتون توهان تي توڙ رسائي ڇڏيون اٿائين، تڏهن به ڪي ماڻهو الله جي باري ۾ جهڳڙا ٿا ڪن، سواءِ ان جي جو وٽن ڪو علم هجي يا ڪا هدايت يا ڪو روشني ڏيکاريندڙ ڪتاب هجي |
وَإِذا قيلَ لَهُمُ اتَّبِعوا ما أَنزَلَ اللَّهُ قالوا بَل نَتَّبِعُ ما وَجَدنا عَلَيهِ ءاباءَنا أَوَلَو كانَ الشَّيطٰنُ يَدعوهُم إِلىٰ عَذابِ السَّعيرِ (آيت : 21) |
۽ جڏهن کين چيو وڃي ٿو ته پيروي ڪريو انهيءَ شيءِ (قرآن) جي، جيڪا الله نازل ڪئي آهي ته چون ٿا ته اسان ته انهيءَ ڳالهه جي پيروي ڪنداسون، جنهن تي اسان پنهنجن ابن ڏاڏن کي ڏٺو آهي. ڇا اهي انهن جي ئي پيروي ڪندا توڻي جو شيطان کين ڀڙڪندڙ باهه ڏانهن ئي ڇونه سڏيندو هجي؟ |
وَمَن يُسلِم وَجهَهُ إِلَى اللَّهِ وَهُوَ مُحسِنٌ فَقَدِ استَمسَكَ بِالعُروَةِ الوُثقىٰ وَإِلَى اللَّهِ عٰقِبَةُ الأُمورِ (آيت : 22) |
جنهن ماڻهوءَ پنهنجو پاڻ الله جي حوالي ڪري ڇڏيو ۽ عملن جو به نيڪ هجي، تنهن حقيقت ۾ ڏاڍو ڀروسي جوڳو سهارو کڻي جهليو ۽ سڀني معاملن جو آخري فيصلو الله جي ئي هٿ ۾ آهي |
وَمَن كَفَرَ فَلا يَحزُنكَ كُفرُهُ إِلَينا مَرجِعُهُم فَنُنَبِّئُهُم بِما عَمِلوا إِنَّ اللَّهَ عَليمٌ بِذاتِ الصُّدورِ (آيت : 23) |
هاڻي (اي نبي) جيڪو ڪفر ٿو ڪري ته سندس ڪفر توکي ڏک ۾ نه وجهي، انهن کي موٽي اچڻو ته اسان ڏانهن ئي آهي، پوءِ اسان کين ٻڌائينداسون ته هو ڇاڇا ڪري آيا آهن، بلاشڪ الله سينن جا لڪل راز به ڄاڻندو آهي |
نُمَتِّعُهُم قَليلًا ثُمَّ نَضطَرُّهُم إِلىٰ عَذابٍ غَليظٍ (آيت : 24) |
اسان ٿوري وقت لاءِ انهن کي دنيا ۾ مزا ماڻڻ جو موقعو ڏيون ٿا، پوءِ کين بيوس بڻائي سخت عذاب ڏانهن گــِـهلي وينداسون |
وَلَئِن سَأَلتَهُم مَن خَلَقَ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ لَيَقولُنَّ اللَّهُ قُلِ الحَمدُ لِلَّهِ بَل أَكثَرُهُم لا يَعلَمونَ (آيت : 25) |
جيڪڏهن تون کانئن پڇين ته آسمانن ۽ زمين کي ڪنهن پيدا ڪيو آهي ته ضرور چوندا ته "الله"! چؤ ته الحمدلله (ساراهه ته آهي ئي الله لاءِ ) پر انهن مان اڪثر ماڻهو نٿا ڄاڻن |
لِلَّهِ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ إِنَّ اللَّهَ هُوَ الغَنِىُّ الحَميدُ (آيت : 26) |
آسمانن ۽ زمين ۾ جيڪي به آهي الله جو آهي، بيشڪ الله بي پرواهه ۽ پنهنجو پاڻ ئي ساراهيل آهي |
وَلَو أَنَّما فِى الأَرضِ مِن شَجَرَةٍ أَقلٰمٌ وَالبَحرُ يَمُدُّهُ مِن بَعدِهِ سَبعَةُ أَبحُرٍ ما نَفِدَت كَلِمٰتُ اللَّهِ إِنَّ اللَّهَ عَزيزٌ حَكيمٌ (آيت : 27) |
زمين ۾ جيترا به وڻ آهن سي جيڪڏهن قلم ٿي پون ۽ سمنڊ (مس بڻجي پوي) جنهن کي ٻيا به ست سمنڊ مدد ڏين، تڏهن به الله جون ڳالهيون نه کٽنديون، بيشڪ الله زبردست ۽ حڪمت وارو آهي |
ما خَلقُكُم وَلا بَعثُكُم إِلّا كَنَفسٍ وٰحِدَةٍ إِنَّ اللَّهَ سَميعٌ بَصيرٌ (آيت : 28) |
توهان سڀني انسانن جو پيدا ڪرڻ ۽ ٻيهر جيئرو ڪرڻ ته (ان لاءِ ) بس ائين آهي، جيئن هڪڙي ساهواري کي (پيدا ڪرڻ ۽ وري جيئرو ڪرڻ) حقيقت هي آهي ته الله سڀ ڪجهه ٻڌندڙ ۽ ڏسندڙ آهي |
أَلَم تَرَ أَنَّ اللَّهَ يولِجُ الَّيلَ فِى النَّهارِ وَيولِجُ النَّهارَ فِى الَّيلِ وَسَخَّرَ الشَّمسَ وَالقَمَرَ كُلٌّ يَجرى إِلىٰ أَجَلٍ مُسَمًّى وَأَنَّ اللَّهَ بِما تَعمَلونَ خَبيرٌ (آيت : 29) |
(اي نبي) ڏسين نٿو ڇا ته الله رات کي ڏينهن ۾ لپيٽيندي آڻي ٿو ۽ ڏينهن کي رات ۾؟ هن سج ۽ چنڊ کي تابع بڻائي ڇڏيو آهي، سڀئي هڪڙي مقرر وقت تائين هلندا رهن ٿا ۽ (ڇا توهان ڄاڻو نه ٿا) ته جيڪي به توهان ڪريو ٿا الله ان کان پوريءَ طرح باخبر آهي؟ |
ذٰلِكَ بِأَنَّ اللَّهَ هُوَ الحَقُّ وَأَنَّ ما يَدعونَ مِن دونِهِ البٰطِلُ وَأَنَّ اللَّهَ هُوَ العَلِىُّ الكَبيرُ (آيت : 30) |
اهو سڀ ان ڪري آهي جو الله ئي حق آهي ۽ ان کي ڇڏي جن جن کي به اهي سڏين ٿا، سي سڀ ڪوڙ ئي ڪوڙ آهن ۽ (وري ان ڪري به جو) الله ئي مٿانهون ۽ وڏو آهي |
أَلَم تَرَ أَنَّ الفُلكَ تَجرى فِى البَحرِ بِنِعمَتِ اللَّهِ لِيُرِيَكُم مِن ءايٰتِهِ إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايٰتٍ لِكُلِّ صَبّارٍ شَكورٍ (آيت : 31) |
(اي نبي) ڏسين نٿو ڇا ته ٻيڙي سمنڊ ۾ الله جي فضل سان ئي هلي ٿي، ته جيئن هو توهان کي پنهنجيون ڪي نشانيون ڏيکاري؟ حقيقت ۾ ته ان ۾ ڪيتريون ئي نشانيون آهن، هر ان شخص لاءِ جيڪو صبر ۽ شڪر ڪرڻ وارو هجي |
وَإِذا غَشِيَهُم مَوجٌ كَالظُّلَلِ دَعَوُا اللَّهَ مُخلِصينَ لَهُ الدّينَ فَلَمّا نَجّىٰهُم إِلَى البَرِّ فَمِنهُم مُقتَصِدٌ وَما يَجحَدُ بِـٔايٰتِنا إِلّا كُلُّ خَتّارٍ كَفورٍ (آيت : 32) |
۽ جڏهن (سمنڊ ۾) انهن ماڻهن تي ڇولي ڪڪرن وانگر ڇانئجي ويندي آهي ته اهي الله کي پڪارڻ لڳندا آهن، پنهنجي دين کي خاص انهيءَ لاءِ ئي ڪندي، پر جڏهن هو کين بچائي خشڪيءَ تي آڻي ٿو ته انهن مان ڪو وري وچٿرو ٿو بڻجي پوي ۽ اسان جي آيتن جو انڪار نه ڪندو آهي پر اهو، جيڪو غدار ۽ ناشڪرو آهي |
يٰأَيُّهَا النّاسُ اتَّقوا رَبَّكُم وَاخشَوا يَومًا لا يَجزى والِدٌ عَن وَلَدِهِ وَلا مَولودٌ هُوَ جازٍ عَن والِدِهِ شَيـًٔا إِنَّ وَعدَ اللَّهِ حَقٌّ فَلا تَغُرَّنَّكُمُ الحَيوٰةُ الدُّنيا وَلا يَغُرَّنَّكُم بِاللَّهِ الغَرورُ (آيت : 33) |
اي انسانؤ! پنهنجي رب جي ناراضپي کان پاڻ بچايو ۽ ڊڄو ان ڏينهن کان جڏهن پيءُ پنهنجي پٽ جي ڪنهن به ڪم نه ايندو ۽ نه پٽ ئي ڪو پيءُ جي طرفان عيوضي ۾ ڪجهه ڀري ڏيڻ وارو هوندو، بيشڪ الله جو وعدو سچو آهي، تنهنڪري نڪي هيءَ دنيا ئي توهان کي ڪنهن دوکي ۾ وجهي ۽ نه وري دوکي باز (شيطان) ئي الله جي باري ۾ توهان کي دوکو ڏئي |
إِنَّ اللَّهَ عِندَهُ عِلمُ السّاعَةِ وَيُنَزِّلُ الغَيثَ وَيَعلَمُ ما فِى الأَرحامِ وَما تَدرى نَفسٌ ماذا تَكسِبُ غَدًا وَما تَدرى نَفسٌ بِأَىِّ أَرضٍ تَموتُ إِنَّ اللَّهَ عَليمٌ خَبيرٌ (آيت : 34) |
انهيءَ گهڙيءَ جو علم الله کي ئي آهي، اهو ئي مينهن وسائي ٿو، اهوئي ڄاڻي ٿو ته مائرن جي پيٽن ۾ ڇا آهي، ڪوبه ساهوارو نٿو ڄاڻي ته سڀاڻي هو ڪهڙي ڪمائي ڪندو ۽ نه ڪنهن شخص کي اها خبر آهي ته ڪهڙيءَ جاءِ تي کيس موت ايندو، الله ئي سڀ ڪجهه ڄاڻندڙ ۽ سڀ ڳالهه کان واقف آهي |