الم (آيت : 1) |
الم |
تِلكَ ءايٰتُ الكِتٰبِ الحَكيمِ (آيت : 2) |
هيءَ (سورت) حڪمت سان ڀريل ڪتاب جون آيتون آهن. |
هُدًى وَرَحمَةً لِلمُحسِنينَ (آيت : 3) |
جو (سمورو) نيڪ ماڻهن لاءِ هدايت ۽ رحمت آهي. |
الَّذينَ يُقيمونَ الصَّلوٰةَ وَيُؤتونَ الزَّكوٰةَ وَهُم بِالءاخِرَةِ هُم يوقِنونَ (آيت : 4) |
جي پابندي سان نماز ادا ڪندا آهن ۽ زڪوات ڏيندا آهن ۽ اهي ئي شخص آخرت جو به يقين رکن ٿا. |
أُولٰئِكَ عَلىٰ هُدًى مِن رَبِّهِم وَأُولٰئِكَ هُمُ المُفلِحونَ (آيت : 5) |
اهي ئي پنهنجي پروردگار جي هدايت تي هلن ٿا ۽ اهي ئي (قيامت ۾) پنهنجيون دلي مرادون پائيندا. |
وَمِنَ النّاسِ مَن يَشتَرى لَهوَ الحَديثِ لِيُضِلَّ عَن سَبيلِ اللَّهِ بِغَيرِ عِلمٍ وَيَتَّخِذَها هُزُوًا أُولٰئِكَ لَهُم عَذابٌ مُهينٌ (آيت : 6) |
۽ ماڻهن ۾ ڪي (نضر بن الحرث پارا) اهڙا آهن جي بيهودا قصا (ڪهاڻيون) خريد ڪن ٿا هن لاءِ ته سواءِ سوچ سمجھ جي (ماڻهن کي) خدا جي (سڌي) راھ کان ٿيڙين ۽ خدا جي آيتن سان مسخريون ڪري اهڙن ئي ماڻهن لاءِ تمام خوار ڪرڻ وارو عذاب آهي. |
وَإِذا تُتلىٰ عَلَيهِ ءايٰتُنا وَلّىٰ مُستَكبِرًا كَأَن لَم يَسمَعها كَأَنَّ فى أُذُنَيهِ وَقرًا فَبَشِّرهُ بِعَذابٍ أَليمٍ (آيت : 7) |
۽ جڏهن سندن اڳيان اسان جون آيتون پڙهيون وڃن ٿيون ته وڏائي کان منهن ڦيري (اهڙي طرح) هليو وڃي ٿو جو ڄڻ ته هن انهن آيتون کي ٻڌو ئي ڪين! ڄڻ ته سندس ڪنن ۾ ٻوڙائي آهي. ته (اي پيغمبر) تون کيس دردناڪ عذاب جي (هاڻي ئي) خوش خبري ٻڌائي! |
إِنَّ الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ لَهُم جَنّٰتُ النَّعيمِ (آيت : 8) |
بيشڪ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن لاءِ نعمت جا باغ آهن. |
خٰلِدينَ فيها وَعدَ اللَّهِ حَقًّا وَهُوَ العَزيزُ الحَكيمُ (آيت : 9) |
جو اهي ان ۾ هميشه رهندا. اهو خدا جو پڪو وعدو آهي. ۽ اهو زبردست (۽) حڪمت وارو آهي. |
خَلَقَ السَّمٰوٰتِ بِغَيرِ عَمَدٍ تَرَونَها وَأَلقىٰ فِى الأَرضِ رَوٰسِىَ أَن تَميدَ بِكُم وَبَثَّ فيها مِن كُلِّ دابَّةٍ وَأَنزَلنا مِنَ السَّماءِ ماءً فَأَنبَتنا فيها مِن كُلِّ زَوجٍ كَريمٍ (آيت : 10) |
هن آسمانن کي سواءِ اهڙن ٿنڀن جي بنايائين جن کي اوهين ڏسو ٿا ۽ زمين ۾ جبل وڌائين ته متان اوهان کي زمين لوڏي ۽ ان ۾ سڀ ڪنهن قسم جو جانور پکيڙيائين ۽ اسان آسمان مان پاڻي لاٿو (مينهن وسايو) پوءِ اسان ان ۾ هر قسم جا جوڙا پيدا ڪيا. |
هٰذا خَلقُ اللَّهِ فَأَرونى ماذا خَلَقَ الَّذينَ مِن دونِهِ بَلِ الظّٰلِمونَ فى ضَلٰلٍ مُبينٍ (آيت : 11) |
(اي رسول! کين چئو ته) اها ته خدا جي پيدائش آهي پوءِ (ڀلا) اوهين ڏيکاريو ته جيڪي ان کانسواءِ جي (معبود) اوهان بنايا آهن تن ڇا پيدا ڪيو؟ پر (ڳالھ هي آهي ته) ظالم پڌري گمراهيءَ ۾ آهن. |
وَلَقَد ءاتَينا لُقمٰنَ الحِكمَةَ أَنِ اشكُر لِلَّهِ وَمَن يَشكُر فَإِنَّما يَشكُرُ لِنَفسِهِ وَمَن كَفَرَ فَإِنَّ اللَّهَ غَنِىٌّ حَميدٌ (آيت : 12) |
۽ بيشڪ اسان لقمان کي حڪمت عطا ڪئي (۽ حڪم ڏنوسون ته) خدا جو شڪر ڪر ۽ جيڪو شڪر ڪري ٿو سو پاڻ لاءِ شڪر ڪري ٿو، ۽ جيڪو ناشڪري ڪري ٿو ته (سندس نقصان آهي) خدا ته (بهرحال) بي پرواھ (۽) لائق حمد وثنا آهي. |
وَإِذ قالَ لُقمٰنُ لِابنِهِ وَهُوَ يَعِظُهُ يٰبُنَىَّ لا تُشرِك بِاللَّهِ إِنَّ الشِّركَ لَظُلمٌ عَظيمٌ (آيت : 13) |
۽ (اهو وقت ياد ڪريو) جڏهن لقمان پنهنجي پٽ کي نصيحت ڪندي چيو، ته ”اي منهنجا پٽڙا! خدا سان (ٻئي کي) شريڪ نه ڪج! بيشڪ شرڪ ڪرڻ وڏو ظلم آهي“ |
وَوَصَّينَا الإِنسٰنَ بِوٰلِدَيهِ حَمَلَتهُ أُمُّهُ وَهنًا عَلىٰ وَهنٍ وَفِصٰلُهُ فى عامَينِ أَنِ اشكُر لى وَلِوٰلِدَيكَ إِلَىَّ المَصيرُ (آيت : 14) |
۽ اسان انسان کي ماءُ پيءُ لاءِ حڪم ڪيو (ڇو ته) سندس ماءُ ان کي ڪمزوري مٿان ڪمزوريءَ جي حالت ۾ (پنهنجي پيٽ ۾) رکيو ۽ سندس ٿڃ ٻن ورهين ۾ ڇڏائجي ٿي (پنهنجي ۽) سندس ماءُ پيءُ جي باري ۾ تاڪيد ڪيوسون ته منهنجو به شڪريو ادا ڪيو ۽ پنهنجي والدين جو (به. ۽ نيٺ سڀ کي) مون ڏي موٽي اچڻو آهي. |
وَإِن جٰهَداكَ عَلىٰ أَن تُشرِكَ بى ما لَيسَ لَكَ بِهِ عِلمٌ فَلا تُطِعهُما وَصاحِبهُما فِى الدُّنيا مَعروفًا وَاتَّبِع سَبيلَ مَن أَنابَ إِلَىَّ ثُمَّ إِلَىَّ مَرجِعُكُم فَأُنَبِّئُكُم بِما كُنتُم تَعمَلونَ (آيت : 15) |
۽ جيڪڏهن تنهنجا ماءُ پيءُ تو تي زور ڪن ته مون سان اهڙي شيءِ کي شريڪ ڪر جنهن (جي حقيقت) جي تو کي خبر به نه آهي ته سندن چيو نه مڃ پر دنيا ۾ ساڻن چڱيءَ طرح رھ! ۽ جنهن مون ڏي رجوع ڪيو تنهن جي تابعداري ڪر! وري مون ڏي ئي اوهان کي موٽي اچڻو آهي، پوءِ جيڪي اوهين دنيا ۾ ڪريو ٿا سو اوهان کي ٻڌائيندس. |
يٰبُنَىَّ إِنَّها إِن تَكُ مِثقالَ حَبَّةٍ مِن خَردَلٍ فَتَكُن فى صَخرَةٍ أَو فِى السَّمٰوٰتِ أَو فِى الأَرضِ يَأتِ بِهَا اللَّهُ إِنَّ اللَّهَ لَطيفٌ خَبيرٌ (آيت : 16) |
(۽ لقمان چيس ته) اي منهنجا پٽڙا جيڪڏهن ڪو به عمل (سٺو هجي يا بڇڙو) اهر جي ڌاڻي برابر هوندي ۽ اها ڪنهن پٿر (جي ڇپ) ۾ هجي يا آسمانن ۾ يا زمين ۾ ته خدا ان کي (به) آڻي حاضر ڪندو. بيشڪ خدا باريڪ بين خبر رکندڙ آهي. |
يٰبُنَىَّ أَقِمِ الصَّلوٰةَ وَأمُر بِالمَعروفِ وَانهَ عَنِ المُنكَرِ وَاصبِر عَلىٰ ما أَصابَكَ إِنَّ ذٰلِكَ مِن عَزمِ الأُمورِ (آيت : 17) |
اي منهنجا پٽڙا نماز قائم ڪر ۽ چڱي ڪم جو حڪم ڪر ۽ بڇڙي ڪم کان (ماڻهن کي) روڪ ۽ جيڪا تڪليف تو کي رسي تنهن تي صبر ڪر. (ڇو ته) بيشڪ اهو ڪم همت جي ڪمن مان آهي. |
وَلا تُصَعِّر خَدَّكَ لِلنّاسِ وَلا تَمشِ فِى الأَرضِ مَرَحًا إِنَّ اللَّهَ لا يُحِبُّ كُلَّ مُختالٍ فَخورٍ (آيت : 18) |
۽ پنهنجو ڳل ماڻهن کان نه موڙ (وڏائي نه ڪر) ۽ زمين ۾ آڪڙ سان نه هل. بيشڪ خدا کي سڀ هٺيلو پاڻ پڏائيندڙ نه ٿو وڻي. |
وَاقصِد فى مَشيِكَ وَاغضُض مِن صَوتِكَ إِنَّ أَنكَرَ الأَصوٰتِ لَصَوتُ الحَميرِ (آيت : 19) |
۽ پنهنجي هلڻ ۾ وچٿري چال هل ۽ پنهنجي آواز کي نرم ڪر! ڇو ته آوازن مان بڇڙي کان بڇڙو آواز گڏھ جو آواز آهي. |
أَلَم تَرَوا أَنَّ اللَّهَ سَخَّرَ لَكُم ما فِى السَّمٰوٰتِ وَما فِى الأَرضِ وَأَسبَغَ عَلَيكُم نِعَمَهُ ظٰهِرَةً وَباطِنَةً وَمِنَ النّاسِ مَن يُجٰدِلُ فِى اللَّهِ بِغَيرِ عِلمٍ وَلا هُدًى وَلا كِتٰبٍ مُنيرٍ (آيت : 20) |
ڇا اوهان نه ڏٺو ته جيڪي آسمانن ۾ ۽ جيڪي زمين ۾ آهي تنهن کي خدا توهان جي تابع ڪيو آهي ۽ پنهنجيون ظاهر ۽ ڳجهيون نعمتون اوهان تي پوريون ڪيائين ۽ ماڻهن ۾ ڪي اهڙا به آهن جي بنا علم ۽ هدايت ۽ روشن ڪتاب جي خدا جي ڳالھ ۾ جهڳڙو ڪن ٿا. |
وَإِذا قيلَ لَهُمُ اتَّبِعوا ما أَنزَلَ اللَّهُ قالوا بَل نَتَّبِعُ ما وَجَدنا عَلَيهِ ءاباءَنا أَوَلَو كانَ الشَّيطٰنُ يَدعوهُم إِلىٰ عَذابِ السَّعيرِ (آيت : 21) |
۽ جڏهن کين چيو وڃي ٿو ته جو ڪتاب خدا نازل ڪيو آهي تنهن جي تابعداري ڪريو ته چون ٿا ته نه! بلڪ اسين ان (ڳالھ) جي تابعداري ڪنداسون جنهن تي اسان پنهنجن ابن ڏاڏن کي پاتو. ڀلا توڙي جو شيطان سندن ابن ڏاڏن کي دوزخ جي عذاب ڏي سڏيندو رهيو هجي؟ |
وَمَن يُسلِم وَجهَهُ إِلَى اللَّهِ وَهُوَ مُحسِنٌ فَقَدِ استَمسَكَ بِالعُروَةِ الوُثقىٰ وَإِلَى اللَّهِ عٰقِبَةُ الأُمورِ (آيت : 22) |
۽ جو شخص خدا جي اڳيان سر جهڪائي ۽ اهو نيڪي ڪندڙ (به) آهي ته بيشڪ ان (ايمان جي) مضبوط رسي پڪڙي ۽ (نيٺ ته) سڀني ڪمن جي پڇاڙي خدا ڏي ئي آهي. |
وَمَن كَفَرَ فَلا يَحزُنكَ كُفرُهُ إِلَينا مَرجِعُهُم فَنُنَبِّئُهُم بِما عَمِلوا إِنَّ اللَّهَ عَليمٌ بِذاتِ الصُّدورِ (آيت : 23) |
۽ (اي پيغمر) جيڪو ڪفر ڪري تنهن جو ڪفر تو کي غمگين نه ڪري. انهن سڀني کي ته (نيٺ) اسان ڏي ئي اچڻو آهي. پوءِ جيڪي (به) ڪيو هوندائون (تنهن جو نتيجو) کين ٻڌائينداسون. بيشڪ خدا دلين جي راز کان (به) چڱيءَ طرح واقف آهي. |
نُمَتِّعُهُم قَليلًا ثُمَّ نَضطَرُّهُم إِلىٰ عَذابٍ غَليظٍ (آيت : 24) |
اسين کين ڪجھ (عرصو) آرام ڪرڻ ڏينداسون. پوءِ (وري) کين مجبور (۽ لاچار) ڪري سخت عذاب ڏي (ڇڪي) آڻينداسون. |
وَلَئِن سَأَلتَهُم مَن خَلَقَ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ لَيَقولُنَّ اللَّهُ قُلِ الحَمدُ لِلَّهِ بَل أَكثَرُهُم لا يَعلَمونَ (آيت : 25) |
۽ (اي رسول) جيڪڏهن تون انهن کان پڇندين ته آسمانن ۽ زمين کي ڪنهن پيدا ڪيو آهي؟ ته ضرور چوندا ته الله! (ته پوءِ اي رسول) چوين ته الحمد لله! پر انهن مان گهڻا ماڻهو (ايترو به) نه ٿا ڄاڻن. |
لِلَّهِ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ إِنَّ اللَّهَ هُوَ الغَنِىُّ الحَميدُ (آيت : 26) |
جيڪي آسمانن ۽ زمين ۾ آهي سو سڀ خدا جو ئي آهي. بيشڪ خدا (هر ڳالھ کان) بي پرواھ (۽ هر حال ۾) لائق حمد و ثنا آهي. |
وَلَو أَنَّما فِى الأَرضِ مِن شَجَرَةٍ أَقلٰمٌ وَالبَحرُ يَمُدُّهُ مِن بَعدِهِ سَبعَةُ أَبحُرٍ ما نَفِدَت كَلِمٰتُ اللَّهِ إِنَّ اللَّهَ عَزيزٌ حَكيمٌ (آيت : 27) |
۽ جيڪڏهن زمين ۾ جيڪي به وڻ آهن سي قلم ٿين ۽ سمنڊ (مس ٿئي) ان (سمنڊ) کان پوءِ (ٻيا) ست سمنڊ ان ۾ وهي اچي پون. (۽ مس ٿين ۽ خدا جي علم ۽ ان جون ڳالهيون لکڻ ۾ اچن) تڏهين به خدا جون ڳاليهون نه کٽنديون. بيشڪ خدا زبردست (۽) حڪمت وارو آهي. |
ما خَلقُكُم وَلا بَعثُكُم إِلّا كَنَفسٍ وٰحِدَةٍ إِنَّ اللَّهَ سَميعٌ بَصيرٌ (آيت : 28) |
اوهان (سڀني) جو پيدا ڪرڻ ۽ اوهان جو (مرڻ کان پوءِ) جيارڻ رڳو هڪ ماڻهو جي پيدا ڪرڻ يا جيارڻ) جهڙو آهي بيشڪ خدا (اوهان سڀني جي) ٻڌي ٿو ۽ سڀ ڪجھ ڏسي رهيو آهي. |
أَلَم تَرَ أَنَّ اللَّهَ يولِجُ الَّيلَ فِى النَّهارِ وَيولِجُ النَّهارَ فِى الَّيلِ وَسَخَّرَ الشَّمسَ وَالقَمَرَ كُلٌّ يَجرى إِلىٰ أَجَلٍ مُسَمًّى وَأَنَّ اللَّهَ بِما تَعمَلونَ خَبيرٌ (آيت : 29) |
ڇا تون نه ڏٺو آهي ته خدا رات کي ڏينهن ۾ داخل ڪري ٿو (ته رات وڌي ٿي) ۽ ڏينهن کي (وڌائي) رات ۾ داخل ڪري ٿو (ته ڏينهن وڌي وڃي ٿو) ۽ ان ئي (ڄڻ) سج چنڊ کي اوهان جي تابع ڪيو آهي هر هڪ مقرر (ڪيل) مدت تائين (ائين ئي) هلندو رهندو (ڇا تو هي به خيال نه ڪيو ته) جو ڪجھ اوهين ڪري رهيا آهيو خدا تنهن کان چڱيءَ طرح واقف آهي. |
ذٰلِكَ بِأَنَّ اللَّهَ هُوَ الحَقُّ وَأَنَّ ما يَدعونَ مِن دونِهِ البٰطِلُ وَأَنَّ اللَّهَ هُوَ العَلِىُّ الكَبيرُ (آيت : 30) |
اهي (سڀ ڳالهيون) هن ڪري آهن جو الله ئي برحق آهي ۽ ان کان سواءِ جنهن (شيءِ) کي به سڏين ٿا سا باطل آهي، پڻ هن ۾ (به) شڪ (شبهو) نه آهي ته الله ئي عاليشان ۽ بلند مرتبي وارو آهي. |
أَلَم تَرَ أَنَّ الفُلكَ تَجرى فِى البَحرِ بِنِعمَتِ اللَّهِ لِيُرِيَكُم مِن ءايٰتِهِ إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايٰتٍ لِكُلِّ صَبّارٍ شَكورٍ (آيت : 31) |
ڇا تون هن (ڳالھ) تي به غور نه ڪيو ته خدا جي فضل سان ئي ٻيڙيون سمنڊ ۾ هلن ٿيون هن لاءِ ته (ڪاٺ ۾ اها طاقت ڏئي) اوهان کي (پنهنجي قدرت جون) نشانيون ڏيکاري. بيشڪ ان ۾ به سڀني صبر ۽ شڪر ڪرڻ وارن جي لاءِ (خدا جي قدرت جون) ڪيئي نشانيون آهن. |
وَإِذا غَشِيَهُم مَوجٌ كَالظُّلَلِ دَعَوُا اللَّهَ مُخلِصينَ لَهُ الدّينَ فَلَمّا نَجّىٰهُم إِلَى البَرِّ فَمِنهُم مُقتَصِدٌ وَما يَجحَدُ بِـٔايٰتِنا إِلّا كُلُّ خَتّارٍ كَفورٍ (آيت : 32) |
۽ جڏهن ڇانو ڪندڙ ڪڪر وانگر سندن مٿان موج اچي وڃي ٿي ته خدا کي سندس خالص عبادت ڪندڙ ٿي سڏين ٿا ۽ وري جڏهن کين خشڪي ڏي بچائي آڻي ٿو ته ڪو انهن مان وچٿرو هلي ٿو (ڪو پڪو ڪافي) ۽ اسان جي (قدرت جي) نشانين کان انڪار ته رڳو انجام ڀڄيندڙ، احسان نه مڃيندڙ ڪن ٿا. |
يٰأَيُّهَا النّاسُ اتَّقوا رَبَّكُم وَاخشَوا يَومًا لا يَجزى والِدٌ عَن وَلَدِهِ وَلا مَولودٌ هُوَ جازٍ عَن والِدِهِ شَيـًٔا إِنَّ وَعدَ اللَّهِ حَقٌّ فَلا تَغُرَّنَّكُمُ الحَيوٰةُ الدُّنيا وَلا يَغُرَّنَّكُم بِاللَّهِ الغَرورُ (آيت : 33) |
اي انساو! خدا جو خوف ڪريو ۽ ان ڏينهن کان ڊڄو (جنهن ۾) ڪو پيءُ پنهنجي اولاد کي ڪم نه ايندو. ۽ نڪو اولاد پنهنجي پيءُ کي ڪجھ ڪم ايندو بيشڪ خدا جو وعدو سچو آهي، پوءِ اوهان کي دنيا جي زندگي ڌوڪو نه ڏئي، ۽ نه اوهان کي ڌوڪو ڏيندڙ (شيطان) ڌوڪو ڏئي. |
إِنَّ اللَّهَ عِندَهُ عِلمُ السّاعَةِ وَيُنَزِّلُ الغَيثَ وَيَعلَمُ ما فِى الأَرحامِ وَما تَدرى نَفسٌ ماذا تَكسِبُ غَدًا وَما تَدرى نَفسٌ بِأَىِّ أَرضٍ تَموتُ إِنَّ اللَّهَ عَليمٌ خَبيرٌ (آيت : 34) |
بيشڪ الله وٽ ئي قيامت (جي اچڻ) جو علم آهي ۽ اهو ئي جڏهن مناسب (موقعو ڏسي ٿو ته) مينهن وسائي ٿو. ۽ جيڪي ماءُ جي پيٽ ۾ (نر يا مادي) آهي تنهن کي ڄاڻي ٿو. ۽ ڪو به شخص (ايترو به ته) نه ٿو ڄاڻي ته (اهو) سڀاڻي ڇا ڪندو؟ ۽ ڪو به شخص (هي به) نه ٿو ڄاڻي ته ڪهڙي سرزمين ۾ مرندو! بيشڪ خدا (سڀني ڳالهين کان) آگاھ ۽ خبردار آهي. |