الم (آيت : 1) |
آھِ اَلٓـمٓ جِي، پَروَر کي پَرُوڙ، |
تِلكَ ءايٰتُ الكِتٰبِ الحَكيمِ (آيت : 2) |
هِي حُڪم ڪتاب قَدِيم جا، جو حِڪمت سان ڀَرپُور، |
هُدًى وَرَحمَةً لِلمُحسِنينَ (آيت : 3) |
سُونهپ سالِڪن لئي، پڻ رحمت رَبُّ، غفور، |
الَّذينَ يُقيمونَ الصَّلوٰةَ وَيُؤتونَ الزَّكوٰةَ وَهُم بِالءاخِرَةِ هُم يوقِنونَ (آيت : 4) |
جي پُورو پڙهن نماز کي، ۽ ڪَڍن زڪوٰة ضرور، پڻ مُحڪم رکن مُور، اُهي اِيمان آخِرت تي. |
أُولٰئِكَ عَلىٰ هُدًى مِن رَبِّهِم وَأُولٰئِكَ هُمُ المُفلِحونَ (آيت : 5) |
سي صَحِي سَنِئينءَ واٽ تي، سَندنِ کان سائـِين، سيئـِي سَدائين، سوڀارا سَڀِين پَرِين. |
وَمِنَ النّاسِ مَن يَشتَرى لَهوَ الحَديثِ لِيُضِلَّ عَن سَبيلِ اللَّهِ بِغَيرِ عِلمٍ وَيَتَّخِذَها هُزُوًا أُولٰئِكَ لَهُم عَذابٌ مُهينٌ (آيت : 6) |
۽ مُنجھيل ڪي ماڻهن مَنجھان، وِڪڻنِ راڳ رباب، تان سائـِينءَ جي سَنِئينءَ واٽ کان، ڀُلائـِينِ ڪِنهن باب، ۽ ٺاهينِ ٺيٺر اُن کي، کيلِينِ کيل خراب، اُنهن لئي عَذاب، جُٺ ڦِٺ جِھڙو آھِ ڪو . |
وَإِذا تُتلىٰ عَلَيهِ ءايٰتُنا وَلّىٰ مُستَكبِرًا كَأَن لَم يَسمَعها كَأَنَّ فى أُذُنَيهِ وَقرًا فَبَشِّرهُ بِعَذابٍ أَليمٍ (آيت : 7) |
۽ جڏهن پَڙهجن اُن مَٿي، اسان جا اُهڃاڻ، ته پاتئـِين پير پوئـِتي، ٿِي پَڏائيندڙ پاڻ، ڪَر سو نه سُئائين، ڄَڻڪ اَٿسِ ، ٻِن ڪَنِين ٻوڙاڻ، پوءِ کيسِ کِير رَساڻ، سُورن وارٖي ساڙ جِي. |
إِنَّ الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ لَهُم جَنّٰتُ النَّعيمِ (آيت : 8) |
آيا، جي اِيمان ۾، پڻ چڱاڪيؤَن ڪم ڪار، اُنهن لئي باغ آرام جا، جَن ۾ ساڪِن سَڀ ڄَمار، |
خٰلِدينَ فيها وَعدَ اللَّهِ حَقًّا وَهُوَ العَزيزُ الحَكيمُ (آيت : 9) |
آهِن قول ڪَرِيم جا، قائم برقرار، ۽ ڏاڍو سو ڏاتار، پڻ ڏاهو ڏيہ ملوڪ سو. |
خَلَقَ السَّمٰوٰتِ بِغَيرِ عَمَدٍ تَرَونَها وَأَلقىٰ فِى الأَرضِ رَوٰسِىَ أَن تَميدَ بِكُم وَبَثَّ فيها مِن كُلِّ دابَّةٍ وَأَنزَلنا مِنَ السَّماءِ ماءً فَأَنبَتنا فيها مِن كُلِّ زَوجٍ كَريمٍ (آيت : 10) |
اُڀن اُپائـِين، جَن ڏِسو ٿَنڀِين، ٿوڻِين ڌار، ۽ ٺاهي ٺوڪيا زَمين ۾، جَبل ربَّ، جبّار، تان اَهنجي، بوجي بار کان، چُري نه اڱر چار، ۽ پَدم پَکيڙئـِين اُن ۾، چوپايا چوڌار، ۽ اُتاريوسون اُڀ ڪنان، پاڻِي نارو نار، پوءِ اُڀاريوسون اُن سان، هر جوڙ جوهردار، |
هٰذا خَلقُ اللَّهِ فَأَرونى ماذا خَلَقَ الَّذينَ مِن دونِهِ بَلِ الظّٰلِمونَ فى ضَلٰلٍ مُبينٍ (آيت : 11) |
اِهي سَڀ اَلله جون، جوڙون ۽ جِنسار، پوءِ ڏيکاريو، ته ڏيہ مان، ڪا ٺاهيؤَن لِکه لَغار، تِنهن ٻاجُھون ٻِئا جيترا، ڀانيو ڀائيوار، هَرگز هاڃيڪار، مُنهن ٻولي مُنجھ ۾. |
وَلَقَد ءاتَينا لُقمٰنَ الحِكمَةَ أَنِ اشكُر لِلَّهِ وَمَن يَشكُر فَإِنَّما يَشكُرُ لِنَفسِهِ وَمَن كَفَرَ فَإِنَّ اللَّهَ غَنِىٌّ حَميدٌ (آيت : 12) |
۽ حڪمت حضرت لقمان کي، بخشيون بسيار، ته ڳائي ڳڻ الله جا، ور ور ويرو تار، ۽ جو ڳائي، ته ڳائي پاڻ لئي، ۽ جو کائي نه مڃي خوار، ته غني اهي غفار، پڻ ساراهيل سڀ ڳالھ ۾. |
وَإِذ قالَ لُقمٰنُ لِابنِهِ وَهُوَ يَعِظُهُ يٰبُنَىَّ لا تُشرِك بِاللَّهِ إِنَّ الشِّركَ لَظُلمٌ عَظيمٌ (آيت : 13) |
۽ لُقمان سندسِ لال کي، وَراڻيو جنهن وير، ته پُٽڙا پنهنجي ربّ سان، گڏ نه ڪَمن ۾ ڪير؟ آهي وَڏو اَنڌير، ٻِئا ڪير به گڏڻ ڪَم ۾. |
وَوَصَّينَا الإِنسٰنَ بِوٰلِدَيهِ حَمَلَتهُ أُمُّهُ وَهنًا عَلىٰ وَهنٍ وَفِصٰلُهُ فى عامَينِ أَنِ اشكُر لى وَلِوٰلِدَيكَ إِلَىَّ المَصيرُ (آيت : 14) |
مِت ڏِنِي سُون ماڻهن کي، ماءُ، پِئُ سان مُور، ماڻسِ اُٺايو اُن کي، سُورن مَٿَي، سُور، ۽ ٽوڙڻ اُن جو ٻِن سالن ۾، جِيئن دُنيا جو دستور، ته مُون ۽ پَنهنجي ماءُ، پئُ جا، ڳائي ڳُڻ ضرور، هَلِي مَنجھ حُضور، آخِر مون ڏي اَچڻو. |
وَإِن جٰهَداكَ عَلىٰ أَن تُشرِكَ بى ما لَيسَ لَكَ بِهِ عِلمٌ فَلا تُطِعهُما وَصاحِبهُما فِى الدُّنيا مَعروفًا وَاتَّبِع سَبيلَ مَن أَنابَ إِلَىَّ ثُمَّ إِلَىَّ مَرجِعُكُم فَأُنَبِّئُكُم بِما كُنتُم تَعمَلونَ (آيت : 15) |
۽ جي توکي ڪن مَجبُور، ته ڪَرِين ڀيڙو ڪم ۾، مُون سان، مُرڳو اُن کي، جِنهن جِي، پَريان تون نه پَرُوڙ، اُنهن جو اُنهئَ ڳالھ ۾، چَيو مَڃ نه مُور، ۽ دُنيا ۾ دَستور، آڌار، اَدب جو، اُنهن سان. ۽ وَھ تنهنجِي واٽ تي، جو مُنهنجو تابِعدار، آهي ماڳ اَوهان جو، موٽِي مُنهنجي پار، پوءِ ڪريو جي ڪم ڪار، تن جون، کولي ڏِيندوسِيان خبرون. |
يٰبُنَىَّ إِنَّها إِن تَكُ مِثقالَ حَبَّةٍ مِن خَردَلٍ فَتَكُن فى صَخرَةٍ أَو فِى السَّمٰوٰتِ أَو فِى الأَرضِ يَأتِ بِهَا اللَّهُ إِنَّ اللَّهَ لَطيفٌ خَبيرٌ (آيت : 16) |
ٻَچڙا! ٻُڌبَيان، ته قَدر ڪَڻي اُهر جو، جَبل، اُڀ، زَمِين ۾، هُجي مخفِي ڪنهن به مَڪان، ته آڻي ڪَڍندو اُن کي، مالِڪ مَنجھ مِيزان، مالِڪ مهربان، پڻ خُدا خَبردار گھڻو. |
يٰبُنَىَّ أَقِمِ الصَّلوٰةَ وَأمُر بِالمَعروفِ وَانهَ عَنِ المُنكَرِ وَاصبِر عَلىٰ ما أَصابَكَ إِنَّ ذٰلِكَ مِن عَزمِ الأُمورِ (آيت : 17) |
پُٽڙا! پَڙھ نِماز کي، پڻ چَڱِي چوندو رَھ، ۽ مَنع ڪر مَدِئ کان. جو سُور رَسئـِي ، سو سَہ، پَڪو اِهوئـِي پَہ، ڪَمَا حَقَّہٗ ڪَمن مان. |
وَلا تُصَعِّر خَدَّكَ لِلنّاسِ وَلا تَمشِ فِى الأَرضِ مَرَحًا إِنَّ اللَّهَ لا يُحِبُّ كُلَّ مُختالٍ فَخورٍ (آيت : 18) |
ماڻهن کان مِٽ پَنهنجي، ڦير نَه، اي فَرزند! ۽ ٽِل نَه نَـخَري، ناز سان، ڌَرِتئَ تي دِلبند، پَرور ڪري نَه پَسند، ڪِنهن مُرڪندڙ مَغرُور کي. |
وَاقصِد فى مَشيِكَ وَاغضُض مِن صَوتِكَ إِنَّ أَنكَرَ الأَصوٰتِ لَصَوتُ الحَميرِ (آيت : 19) |
۽ هَل ، هَلڻ ۾ پَنهنجي، دَرميانو دِلبر، پڻ سَندئـِي اُتم آواز کي، نَرم ڪر نِينگر، آوازن ۾ اَبتر، آهي گور گڏھ جو. |
أَلَم تَرَوا أَنَّ اللَّهَ سَخَّرَ لَكُم ما فِى السَّمٰوٰتِ وَما فِى الأَرضِ وَأَسبَغَ عَلَيكُم نِعَمَهُ ظٰهِرَةً وَباطِنَةً وَمِنَ النّاسِ مَن يُجٰدِلُ فِى اللَّهِ بِغَيرِ عِلمٍ وَلا هُدًى وَلا كِتٰبٍ مُنيرٍ (آيت : 20) |
ڇا، نه ڏِٺان ؟ ته آن کي ڏِنان، جُھڪائي جَبَّار، آهِن جي اُڀن ۾ پڻ ڀون ۾ باغ بَهار، ۽ پلٽئين آن تي پَڌرا، صُورت جا سِينگار، پڻ اَندر ۾ اَسرار، ڪي خالِق خُوب کوليا. ۽ مُرڳو ڪي ماڻهن مان، پِئا دڙِينِ ڌَڻِئ جي باب، سوا سُونهپ ۽ سَمجھ جي ، ڪنهن نُورانِي ڪتاب، |
وَإِذا قيلَ لَهُمُ اتَّبِعوا ما أَنزَلَ اللَّهُ قالوا بَل نَتَّبِعُ ما وَجَدنا عَلَيهِ ءاباءَنا أَوَلَو كانَ الشَّيطٰنُ يَدعوهُم إِلىٰ عَذابِ السَّعيرِ (آيت : 21) |
جڏهن چَئـِجينِ، ته اُن ڏي اَچو اي اَحباب!، جيڪِي اَلله اُتاريو؛ ته جوڙيو ڏِينِ جَواب، ته اَسِين اُٽلو اُن مٿي، هَلنداسون بي حجاب، پاتاسون پِئ پَنهنجا، جِنهن سُنت سر صواب، توڻي طرف عَذاب، سَڏي اِبليس اُنهن کي. |
وَمَن يُسلِم وَجهَهُ إِلَى اللَّهِ وَهُوَ مُحسِنٌ فَقَدِ استَمسَكَ بِالعُروَةِ الوُثقىٰ وَإِلَى اللَّهِ عٰقِبَةُ الأُمورِ (آيت : 22) |
۽ جنهن ربَّ ڏي رَکيو رَخ پَنهنجو، پڻ هُجي نيڪ نِبار،تِنهن پَڪڙيو ڏاڍِي ڏنڊ کي، هَٿن سان هيڪار، آخِر پَرور پار، ڪُل ڪمن جا فيصلا. |
وَمَن كَفَرَ فَلا يَحزُنكَ كُفرُهُ إِلَينا مَرجِعُهُم فَنُنَبِّئُهُم بِما عَمِلوا إِنَّ اللَّهَ عَليمٌ بِذاتِ الصُّدورِ (آيت : 23) |
۽ جو ڦِريو، فِڪر تِنهنجو، توکي وِير! نه ٿئي وار، موٽڻ اوهان مِڙن جو، آهي اَسان پار، پوءِ سُڌ ڏِيندان سونِيان، تَن سَندِي ، ڪريو ٿا ڪم ڪار، صاحِب سَمجھڻهار، سَنديون سِينن ڳالهيون. |
نُمَتِّعُهُم قَليلًا ثُمَّ نَضطَرُّهُم إِلىٰ عَذابٍ غَليظٍ (آيت : 24) |
وَٽو وَٺائـِينداسون اُنهن کي، ظاهِر مَنجھ ذَرِي، پوءِ وارِينداسون، وَرِي، اُنهن کي سخت عذاب ڏي. |
وَلَئِن سَأَلتَهُم مَن خَلَقَ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ لَيَقولُنَّ اللَّهُ قُلِ الحَمدُ لِلَّهِ بَل أَكثَرُهُم لا يَعلَمونَ (آيت : 25) |
۽ جي سامهون ڪَندِينِ سُوال، ته اُڀ، ڀون ڪِنهن اُپائيا، ته اَلله جَلَّ جَلالہ، چوندا اهڙِي چال، چَئو، آهي شُڪر اَلله جو، کُلي حقِيقَت حال، گھڻا ڳهلا ڳالھ، اُٽلو نه سَمجھن اِنهن مان. |
لِلَّهِ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ إِنَّ اللَّهَ هُوَ الغَنِىُّ الحَميدُ (آيت : 26) |
جيڪي اُڀ، زمين ۾، آهي مِلڪ اَلله، بي پرواھ بادشاھ، ساراهِيل سَڀِين پَرِين. |
وَلَو أَنَّما فِى الأَرضِ مِن شَجَرَةٍ أَقلٰمٌ وَالبَحرُ يَمُدُّهُ مِن بَعدِهِ سَبعَةُ أَبحُرٍ ما نَفِدَت كَلِمٰتُ اللَّهِ إِنَّ اللَّهَ عَزيزٌ حَكيمٌ (آيت : 27) |
۽ جيڪر ڀُون ۾ جيترا، وَڻ ٽڻ هر وَلهار، ڪُل ٿِين قلم سي، مَس ڪارِي ڪارُونڀار، آڌار ڏِيسِ اُن پُٺيان، دَرياءَ سَت سَتّار، ته به ليکيا ٻَهر، نه لِکيا ويا، قادِر جا ڪم ڪار، ڏاڍو سو ڏاتار، پڻ ڏاهو ڏيہ ملوڪ سو. |
ما خَلقُكُم وَلا بَعثُكُم إِلّا كَنَفسٍ وٰحِدَةٍ إِنَّ اللَّهَ سَميعٌ بَصيرٌ (آيت : 28) |
پهريون، پويون اُنهن جو،جوڙڻ نه جَجِھي ڳالھ، جوڙڻ جِندهيڪ جو، مگر آهي مِثال، هرگز هَر ڪِنهن حال، سُڻندڙ، ڏِسندڙ ڏيھ ڌَڻِي. |
أَلَم تَرَ أَنَّ اللَّهَ يولِجُ الَّيلَ فِى النَّهارِ وَيولِجُ النَّهارَ فِى الَّيلِ وَسَخَّرَ الشَّمسَ وَالقَمَرَ كُلٌّ يَجرى إِلىٰ أَجَلٍ مُسَمًّى وَأَنَّ اللَّهَ بِما تَعمَلونَ خَبيرٌ (آيت : 29) |
ڇا، نه ڌِٺئـِي؟ ته ڏاتار، رات ڳَنڍي ڏِينهن ۾، ۽ ڏِينهن رات ۾، قُدرت سان ڪلتار، ۽ ڪيائين سج ۽ چنڊ کي، سڀ تارا تابعدار، مُقرّر مُدّت سِين، چَلن، سي چوڌار، ۽ ڪريو جي ڪم ڪار، واحد واقف تن ڪنان. |
ذٰلِكَ بِأَنَّ اللَّهَ هُوَ الحَقُّ وَأَنَّ ما يَدعونَ مِن دونِهِ البٰطِلُ وَأَنَّ اللَّهَ هُوَ العَلِىُّ الكَبيرُ (آيت : 30) |
اِي سَڀ اُن جِي ثابتِي، ته اَلله آهي موجود، ۽ اُن ڌاران دانهِن جن کي ، سي ناس ۽ نبود، ۽ مَٿاهون مَعبود، وَڏِي ڏَوائـِئَ جو ڏڻي |
أَلَم تَرَ أَنَّ الفُلكَ تَجرى فِى البَحرِ بِنِعمَتِ اللَّهِ لِيُرِيَكُم مِن ءايٰتِهِ إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايٰتٍ لِكُلِّ صَبّارٍ شَكورٍ (آيت : 31) |
نه ڏِٺئـِي ته؟ ڏات ڌَڻِئَ جي، ٻيڙا هَلن مَنجھ ٻار، ته آن کي سَندسِ آيتون، ڏيکاري ڏاتار، اُن ۾ پَڌراپار، صابِر، شُڪر گُذار لئي. |
وَإِذا غَشِيَهُم مَوجٌ كَالظُّلَلِ دَعَوُا اللَّهَ مُخلِصينَ لَهُ الدّينَ فَلَمّا نَجّىٰهُم إِلَى البَرِّ فَمِنهُم مُقتَصِدٌ وَما يَجحَدُ بِـٔايٰتِنا إِلّا كُلُّ خَتّارٍ كَفورٍ (آيت : 32) |
۽ جڏهن جبل جِيئن اُنهن تي، چَڙِهي مِوج مِهراڻ، ته سڏيون سائـِينءَ هيڪ کي، رُڳو ڏِيندڙ اُن کي ڏان، پوءِ جڏهن ڇَڏائـِين ڇوليان، بَر ڏي بي گمان، ته آهي ڪو ڪو اُنهن مان، مُؤمن دَرِميان، ۽ اسان جي آيتنِيان، ناھِ ڪري پيو ڪانه، مگر سومَستان، جو بي وفا ۽ بي وَڙو. |
يٰأَيُّهَا النّاسُ اتَّقوا رَبَّكُم وَاخشَوا يَومًا لا يَجزى والِدٌ عَن وَلَدِهِ وَلا مَولودٌ هُوَ جازٍ عَن والِدِهِ شَيـًٔا إِنَّ وَعدَ اللَّهِ حَقٌّ فَلا تَغُرَّنَّكُمُ الحَيوٰةُ الدُّنيا وَلا يَغُرَّنَّكُم بِاللَّهِ الغَرورُ (آيت : 33) |
ماڻهئا!پَنهنجي مالِڪ کان، ڏِينهان رات ڏور، ۽ تنهن ڏاڍي ڏينهن جو، دِل ۾ ڊَپ ڌَريو، ته پِئُ پنهنجي پُٽ جو، کڻي نه بار ڀَرو، ۽ نه پُٽ سَندسِ پِئُ ۾، ضامِن پوي ذرو، آهي ٻول اَلله جو، خاطِر خواھ کَرو، هِئَ حَياتِي نه ٺَڳينِيان، جا سارِي سُور ٻَرو، ۽ ٺَڳي نَه ٺڳ ڳَرو، اَوهان کي اَلله کان. |
إِنَّ اللَّهَ عِندَهُ عِلمُ السّاعَةِ وَيُنَزِّلُ الغَيثَ وَيَعلَمُ ما فِى الأَرحامِ وَما تَدرى نَفسٌ ماذا تَكسِبُ غَدًا وَما تَدرى نَفسٌ بِأَىِّ أَرضٍ تَموتُ إِنَّ اللَّهَ عَليمٌ خَبيرٌ (آيت : 34) |
آهي عِلم اَلله کي، قِيامت ڪِهڙي وار، ۽ اُتاري ٿو اُڀ ڪنان، مِينهن نارو نار، ۽ پاڻ ئـِي ڄاڻي پاڪ ڌَڻِي، ته ڳِھڻِين نَريا نار، ۽ نه سَمجي ڪو ته صُباح، ڪندو حاصِل ڪِهِڙي ڪار، ۽ ڄاڻي ڄَڻو ڪو نه ڪو، ته پُڄندسِ ڪِٿ ڄمار، سائـِين سَمجھڻهار، پڻ چوکو چوڪِيدارسو. |