الم (آيت : 1) |
الٓمّٓ. |
تِلكَ ءايٰتُ الكِتٰبِ الحَكيمِ (آيت : 2) |
ھي آيتون حِڪمت واري ڪتاب جون آھن. |
هُدًى وَرَحمَةً لِلمُحسِنينَ (آيت : 3) |
(جو) ھدايت ۽ ٻاجھ انھن ڀلارن لاءِ آھي. |
الَّذينَ يُقيمونَ الصَّلوٰةَ وَيُؤتونَ الزَّكوٰةَ وَهُم بِالءاخِرَةِ هُم يوقِنونَ (آيت : 4) |
جيڪي نماز پڙھندا آھن ۽ زڪوٰة ڏيندا آھن ۽ اُھي آخرت جو ويساھ (به) رکندا آھن. |
أُولٰئِكَ عَلىٰ هُدًى مِن رَبِّهِم وَأُولٰئِكَ هُمُ المُفلِحونَ (آيت : 5) |
اُھي پنھنجي پالڻھار جي سڌي رستي تي آھن ۽ اُھي ئي ڇوٽڪاري وارا آھن. |
وَمِنَ النّاسِ مَن يَشتَرى لَهوَ الحَديثِ لِيُضِلَّ عَن سَبيلِ اللَّهِ بِغَيرِ عِلمٍ وَيَتَّخِذَها هُزُوًا أُولٰئِكَ لَهُم عَذابٌ مُهينٌ (آيت : 6) |
۽ ماڻھن مان ڪو اھڙو آھي جو بيھوديءَ ڳالھ کي ڳنھندو آھي ته (ماڻھن کي) اڻ ڄاڻائيءَ سان الله جي واٽ کان ڀلائي، ۽ اُن (واٽ) کي ٺـٺولي ڪري وٺي، اُنھن لاءِ ئي خواريءَ وارو عذاب آھي. |
وَإِذا تُتلىٰ عَلَيهِ ءايٰتُنا وَلّىٰ مُستَكبِرًا كَأَن لَم يَسمَعها كَأَنَّ فى أُذُنَيهِ وَقرًا فَبَشِّرهُ بِعَذابٍ أَليمٍ (آيت : 7) |
۽ جڏھن اسان جون آيتون کيس پڙھي ٻڌائبيون آھن (تڏھن) ھٺيلو ٿي منھن ڦيرائيندو آھي ڄڻڪ اُنھن کي ٻڌوئي نه ھوائين ڄڻڪ سندس ٻنھي ڪنن ۾ گھٻرائي آھي، تنھنڪري کيس ڏکوئيندڙ عذاب جي خبر ڏي. |
إِنَّ الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ لَهُم جَنّٰتُ النَّعيمِ (آيت : 8) |
بيشڪ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن لاءِ نعمت وارا باغ آھن. |
خٰلِدينَ فيها وَعدَ اللَّهِ حَقًّا وَهُوَ العَزيزُ الحَكيمُ (آيت : 9) |
منجھس سدائين رھڻ وارا آھن، (اِھو) الله جو پڪو انجام ڏنل آھي، ۽ اُھو غالب حِڪمت وارو آھي. |
خَلَقَ السَّمٰوٰتِ بِغَيرِ عَمَدٍ تَرَونَها وَأَلقىٰ فِى الأَرضِ رَوٰسِىَ أَن تَميدَ بِكُم وَبَثَّ فيها مِن كُلِّ دابَّةٍ وَأَنزَلنا مِنَ السَّماءِ ماءً فَأَنبَتنا فيها مِن كُلِّ زَوجٍ كَريمٍ (آيت : 10) |
آسمانن کي ريءَ ٿنڀن جي بڻايائين جو کين ڏسو ٿا ۽ زمين ۾ جبل وڌائين ته متان اوھان کي ڌوڏي ۽ منجھس ھر جنس جا جانور پکيڙيائين، ۽ آسمان کان پاڻي وسايو سون پوءِ منجھس سٺا ھر جنس جا اوڀڙ ڄماياسون. |
هٰذا خَلقُ اللَّهِ فَأَرونى ماذا خَلَقَ الَّذينَ مِن دونِهِ بَلِ الظّٰلِمونَ فى ضَلٰلٍ مُبينٍ (آيت : 11) |
اِھا الله جي بڻاوت آھي پوءِ مونکي ڏيکاريو ته جيڪي اُن (الله) کانسواءِ (ٻيا) آھن تن ڇا بڻايو آھي، بلڪ ظالم پڌريءَ ڀُل ۾ آھن. |
وَلَقَد ءاتَينا لُقمٰنَ الحِكمَةَ أَنِ اشكُر لِلَّهِ وَمَن يَشكُر فَإِنَّما يَشكُرُ لِنَفسِهِ وَمَن كَفَرَ فَإِنَّ اللَّهَ غَنِىٌّ حَميدٌ (آيت : 12) |
۽ بيشڪ لُقمان کي حِڪمت ڏني سون (چيوسون) ته الله جو شُڪر ڪر، ۽ جيڪو شُڪر ڪندو سو رڳو پنھنجي جيءَ (جي نفع) لاءِ شُڪر ڪندو، ۽ جيڪو بي شڪري ڪندو ته بيشڪ الله بي پرواھ ساراھيل آھي. |
وَإِذ قالَ لُقمٰنُ لِابنِهِ وَهُوَ يَعِظُهُ يٰبُنَىَّ لا تُشرِك بِاللَّهِ إِنَّ الشِّركَ لَظُلمٌ عَظيمٌ (آيت : 13) |
۽ (ياد ڪر) جڏھن لُقمان پنھنجي پُٽ کي چيو ۽ اُنھيءَ کيس سمجھايو ٿي ته اي مُنھنجا پُٽڙا الله سان (ڪنھن کي) شريڪ نه ڪر، ڇوته شرڪ وڏي بي انصافي آھي. |
وَوَصَّينَا الإِنسٰنَ بِوٰلِدَيهِ حَمَلَتهُ أُمُّهُ وَهنًا عَلىٰ وَهنٍ وَفِصٰلُهُ فى عامَينِ أَنِ اشكُر لى وَلِوٰلِدَيكَ إِلَىَّ المَصيرُ (آيت : 14) |
۽ ماڻھوءَ کي سندس ماءُ پيءُ بابت حڪم ڪيوسون، جو ماڻس تڪليف جي مٿان تڪليف سھي کيس (پنھنجي پيٽ ۾) کنيو ۽ ٻن ورھن ۾ سندس (بُبن جو) ڇڏائڻ آھي (حُڪم جو مطلب ھيءُ آھي) ته منھنجو ۽ پنھنجي ماءُ پيءُ جو شڪرانو ڪر (جو آخر) مون ڏانھن (ئي) موٽڻ آھي. |
وَإِن جٰهَداكَ عَلىٰ أَن تُشرِكَ بى ما لَيسَ لَكَ بِهِ عِلمٌ فَلا تُطِعهُما وَصاحِبهُما فِى الدُّنيا مَعروفًا وَاتَّبِع سَبيلَ مَن أَنابَ إِلَىَّ ثُمَّ إِلَىَّ مَرجِعُكُم فَأُنَبِّئُكُم بِما كُنتُم تَعمَلونَ (آيت : 15) |
۽ جيڪڏھن (اُھي) مون سان (ڪنھين کي) شريڪ ڪرڻ جي توکي ڪوشش ڪن جنھن جي توکي ڪا ڄاڻپ نه آھي ته سندن (انھي چوڻ جي) فرمانبرداري نه ڪر ۽ دُنيا ۾ ساڻن چڱي ريت سنگت ڪر، ۽ جنھن مون ڏانھن مُھاڙ ڪئي ھجي تنھنجي واٽ جي تابعداري ڪر، وري اوھان جو مون ڏانھن ورڻ آھي پوءِ جيڪي ڪندا ھيؤ تنھنجي اوھان کي سُڌ ڏيندس. |
يٰبُنَىَّ إِنَّها إِن تَكُ مِثقالَ حَبَّةٍ مِن خَردَلٍ فَتَكُن فى صَخرَةٍ أَو فِى السَّمٰوٰتِ أَو فِى الأَرضِ يَأتِ بِهَا اللَّهُ إِنَّ اللَّهَ لَطيفٌ خَبيرٌ (آيت : 16) |
(لُقمان ھيءَ به چيو ته) اي منھنجا پُٽڙا ڪابه (شيء) جيڪڏھن آھر جي داڻي جتري آھي پوءِ اُھا پھڻ ۾ ھجي يا آسمانن ۾ يا زمين ۾ (ھجي) ته الله اُن کي آڻي حاضر ڪندو، ڇوته الله باريڪ بين خبر رکندڙ آھي. |
يٰبُنَىَّ أَقِمِ الصَّلوٰةَ وَأمُر بِالمَعروفِ وَانهَ عَنِ المُنكَرِ وَاصبِر عَلىٰ ما أَصابَكَ إِنَّ ذٰلِكَ مِن عَزمِ الأُمورِ (آيت : 17) |
اي منھنجا پٽڙا نماز پڙھ ۽ چڱي ڪم جو حُڪم ڪر ۽ مدي (ڪم) کان منع ڪر ۽ توکي جيڪا اوکائي پھچي تنھن تي صبر ڪر، بيشڪ اھي (ڪم) ھمت وارن ڪمن مان آھن. |
وَلا تُصَعِّر خَدَّكَ لِلنّاسِ وَلا تَمشِ فِى الأَرضِ مَرَحًا إِنَّ اللَّهَ لا يُحِبُّ كُلَّ مُختالٍ فَخورٍ (آيت : 18) |
۽ ماڻھن لاءِ پنھنجو ڳل (يعني منھن) چٻو نه ڪر ۽ زمين ۾ لاڏ سان نه گھُم، بيشڪ الله ھٺيلي وڏائي ڪندڙ کي دوست نه رکندو آھي. |
وَاقصِد فى مَشيِكَ وَاغضُض مِن صَوتِكَ إِنَّ أَنكَرَ الأَصوٰتِ لَصَوتُ الحَميرِ (آيت : 19) |
۽ پنھنجي گھمڻ ۾ وچولي چال ھل ۽ پنھنجو آواز ڍرو ڪر، ڇوته آوازن مان بڇڙو (آواز) گڏھ جي ھينگ آھي. |
أَلَم تَرَوا أَنَّ اللَّهَ سَخَّرَ لَكُم ما فِى السَّمٰوٰتِ وَما فِى الأَرضِ وَأَسبَغَ عَلَيكُم نِعَمَهُ ظٰهِرَةً وَباطِنَةً وَمِنَ النّاسِ مَن يُجٰدِلُ فِى اللَّهِ بِغَيرِ عِلمٍ وَلا هُدًى وَلا كِتٰبٍ مُنيرٍ (آيت : 20) |
نه ڏٺو اٿو ڇا ته جيڪي آسمانن ۾ آھي ۽ جيڪي زمين ۾ آھي سو الله اوھان کي تابع ڪري ڏنو آھي ۽ پنھنجون پڌريون ۽ ڳجھون نعمتون اوھان تي ڀرپور ڪيائين، ۽ ماڻھن مان ڪي (اھڙا) آھن جو اَڻ ڄاڻائي سان ۽ بنا ھدايت ۽ روشن ڪتاب ڌاران الله بابت جھڳڙو ڪندا آھن. |
وَإِذا قيلَ لَهُمُ اتَّبِعوا ما أَنزَلَ اللَّهُ قالوا بَل نَتَّبِعُ ما وَجَدنا عَلَيهِ ءاباءَنا أَوَلَو كانَ الشَّيطٰنُ يَدعوهُم إِلىٰ عَذابِ السَّعيرِ (آيت : 21) |
۽ جڏھن کين چئبو آھي ته جيڪي الله نازل ڪيو تنھن جي تابعداري ڪريو (تڏھن) چوندا آھن (ته نه!) بلڪ اسان جنھن تي پنھنجا پيءُ ڏاڏا (ھلندا) ڏٺا تنھن جي تابعداري ڪنداسون، توڻيڪ شيطان دوزخ جي عذاب ڏانھن کين سڏي ٿو ته به (ان جي پيروي ڪندا ڇا) ؟ |
وَمَن يُسلِم وَجهَهُ إِلَى اللَّهِ وَهُوَ مُحسِنٌ فَقَدِ استَمسَكَ بِالعُروَةِ الوُثقىٰ وَإِلَى اللَّهِ عٰقِبَةُ الأُمورِ (آيت : 22) |
۽ جنھن پنھنجي مھاڙ الله ڏانھن ڪئي ۽ اُھو چڱن ڪمن ڪرڻ وارو به آھي تنھن بيشڪ مُحڪم رسيءَ کي پڪڙيو، ۽ (سڀني) ڪمن جي پڇاڙي الله ڏانھن آھي. |
وَمَن كَفَرَ فَلا يَحزُنكَ كُفرُهُ إِلَينا مَرجِعُهُم فَنُنَبِّئُهُم بِما عَمِلوا إِنَّ اللَّهَ عَليمٌ بِذاتِ الصُّدورِ (آيت : 23) |
۽ جيڪو ڪفر ڪري تنھن جو ڪفر توکي غمگين نه ڪري، کين اسان ڏانھن ورڻو آھي پوءِ جيڪي ڪيائون تنھن جي کين سُڌ ڏينداسون، ڇوته الله سينن وارو ڳجھ ڄاڻندڙ آھي. |
نُمَتِّعُهُم قَليلًا ثُمَّ نَضطَرُّهُم إِلىٰ عَذابٍ غَليظٍ (آيت : 24) |
(دنيا ۾) کين ٿورو (وقت) آسودو ڪريون ٿا وري کين سخت عذاب ڏانھن ڇڪي نينداسون. |
وَلَئِن سَأَلتَهُم مَن خَلَقَ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ لَيَقولُنَّ اللَّهُ قُلِ الحَمدُ لِلَّهِ بَل أَكثَرُهُم لا يَعلَمونَ (آيت : 25) |
۽ جيڪڏھن کائن پڇندين ته آسمانن ۽ زمين کي ڪنھن بڻايو آھي ته ضرور چوندا ته الله، چؤ ته سڀ ساراھ الله کي جڳائي، بلڪ اُنھن مان گھڻا نه ڄاڻندا آھن. |
لِلَّهِ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ إِنَّ اللَّهَ هُوَ الغَنِىُّ الحَميدُ (آيت : 26) |
جيڪي آسمانن ۽ زمين ۾ آھي سو الله جو ئي آھي، بيشڪ الله اُھوئي بي پرواھ (ڏاڍو) ساراھيل آھي. |
وَلَو أَنَّما فِى الأَرضِ مِن شَجَرَةٍ أَقلٰمٌ وَالبَحرُ يَمُدُّهُ مِن بَعدِهِ سَبعَةُ أَبحُرٍ ما نَفِدَت كَلِمٰتُ اللَّهِ إِنَّ اللَّهَ عَزيزٌ حَكيمٌ (آيت : 27) |
۽ جيڪي وڻ زمين ۾ آھن سي جيڪڏھن قلم ٿين ۽ سمنڊ (جو پاڻي) اُن جي مَسُ ٿئي اُن کانپوءِ ست سمنڊ (ٻيا به) ھجن ته الله (جي قدرت) جون ڳالھيون نه کُٽنديون، بيشڪ الله غالب حِڪمت وارو آھي. |
ما خَلقُكُم وَلا بَعثُكُم إِلّا كَنَفسٍ وٰحِدَةٍ إِنَّ اللَّهَ سَميعٌ بَصيرٌ (آيت : 28) |
اوھان (سڀني) جو خلقڻ ۽ اوھان جو وري جيارڻ رڳو ھڪڙيءَ ماڻھوءَ (جي خلقڻ ۽ وري جيارڻ) جھڙو آھي بيشڪ الله ٻڌندڙ ڏسندڙ آھي. |
أَلَم تَرَ أَنَّ اللَّهَ يولِجُ الَّيلَ فِى النَّهارِ وَيولِجُ النَّهارَ فِى الَّيلِ وَسَخَّرَ الشَّمسَ وَالقَمَرَ كُلٌّ يَجرى إِلىٰ أَجَلٍ مُسَمًّى وَأَنَّ اللَّهَ بِما تَعمَلونَ خَبيرٌ (آيت : 29) |
نه ڏٺو اٿيئي ڇا ته الله رات کي ڏينھن ۾ داخل ڪندو آھي ۽ ڏينھن کي رات ۾ داخل ڪندو آھي ۽ سج ۽ چنڊ کي نِوايائين، سڀڪو مقرر مُدت توڻي ھلندو آھي ۽ (نه ڏٺو اٿيئي ڇا) ته جيڪي ڪندا آھيو تنھن جي الله خبر رکندڙ آھي. |
ذٰلِكَ بِأَنَّ اللَّهَ هُوَ الحَقُّ وَأَنَّ ما يَدعونَ مِن دونِهِ البٰطِلُ وَأَنَّ اللَّهَ هُوَ العَلِىُّ الكَبيرُ (آيت : 30) |
اِھي (ڪم) ھن ڪري آھن ته الله ئي برحق آھي ۽ ته اُن کانسواءِ جنھن به ٻي کي سڏيندا آھن سو ڪوڙ آھي ۽ ته الله ئي تمام مٿاھون وڏو آھي. |
أَلَم تَرَ أَنَّ الفُلكَ تَجرى فِى البَحرِ بِنِعمَتِ اللَّهِ لِيُرِيَكُم مِن ءايٰتِهِ إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايٰتٍ لِكُلِّ صَبّارٍ شَكورٍ (آيت : 31) |
نه ڏٺو اٿيئي ڇا ته ٻيڙيون الله جي فضل سان سمنڊ ۾ ترنديون آھن (ھن لاءِ) ته (الله) اوھان کي پنھنجين نشانين مان ڏيکاري، بيشڪ ھن ۾ سڀڪنھن وڏي صابر شاڪر لاءِ نشانيون آھن. |
وَإِذا غَشِيَهُم مَوجٌ كَالظُّلَلِ دَعَوُا اللَّهَ مُخلِصينَ لَهُ الدّينَ فَلَمّا نَجّىٰهُم إِلَى البَرِّ فَمِنهُم مُقتَصِدٌ وَما يَجحَدُ بِـٔايٰتِنا إِلّا كُلُّ خَتّارٍ كَفورٍ (آيت : 32) |
۽ جڏھن کين (درياءَ جي) لھر پاڇي وارن پھاڙن وانگر ويڙھيندي آھي (تڏھن) خاص الله کي نِلو ڏانھس مھاڙ ڪري سڏيندا آھن، پوءِ جنھن مھل کين ڀر ڏانھن بچارائي پھچائيندو آھي (تنھن مھل) منجھائن ڪي وچٿرا ھوندا آھن، سڀڪنھن انجام ڀڃندڙ بي شڪر کانسواءِ ٻيو ڪوبه اسان جي آيتن جو انڪار نه ڪندو آھي. |
يٰأَيُّهَا النّاسُ اتَّقوا رَبَّكُم وَاخشَوا يَومًا لا يَجزى والِدٌ عَن وَلَدِهِ وَلا مَولودٌ هُوَ جازٍ عَن والِدِهِ شَيـًٔا إِنَّ وَعدَ اللَّهِ حَقٌّ فَلا تَغُرَّنَّكُمُ الحَيوٰةُ الدُّنيا وَلا يَغُرَّنَّكُم بِاللَّهِ الغَرورُ (آيت : 33) |
اي ماڻھؤ پنھنجي پالڻھار کان ڊڄو ۽ اُن ڏينھن کان (به) جنھن ۾ ڪو پيءُ پنھنجي پُٽ جي ڪم نه ايندو، ۽ نه پُٽ پنھنجي پيءُ جي ڪجھ ڪم ايندڙ ھوندو، بيشڪ الله جو وعدو سچو آھي تنھنڪري نڪي اوھان کي دنيا جي حياتي ٺڳي، ۽ نڪي اوھان کي الله بابت ٺڳيندڙ (شيطان) ٺڳي. |
إِنَّ اللَّهَ عِندَهُ عِلمُ السّاعَةِ وَيُنَزِّلُ الغَيثَ وَيَعلَمُ ما فِى الأَرحامِ وَما تَدرى نَفسٌ ماذا تَكسِبُ غَدًا وَما تَدرى نَفسٌ بِأَىِّ أَرضٍ تَموتُ إِنَّ اللَّهَ عَليمٌ خَبيرٌ (آيت : 34) |
بيشڪ قيامت جي خبر الله ئي وٽ آھي، ۽ اُھوئي مينھن وسائيندو آھي، ۽ جيڪي ڳڀيراڻين ۾ آھي سو (به) ڄاڻندو آھي، ۽ ڪوئي جيءُ نه ڄاڻندو آھي ته (پاڻ) سڀاڻي ڇا ڪندو، ۽ ڪوئي جيءُ نه ڄاڻندو آھي ته (پاڻ) ڪھڙي زمين تي مرندو، تحقيق الله ڄاڻندڙ خبر رکندڙ آھي. |