الم (آيت : 1) |
الف_ لام_ م |
تِلكَ ءايٰتُ الكِتٰبِ الحَكيمِ (آيت : 2) |
هي ڏاهپ ڀريل ڪتاب جون آيتون آهن. |
هُدًى وَرَحمَةً لِلمُحسِنينَ (آيت : 3) |
جو چڱن ڪمن ڪندڙن لاءِ رستو ڏيکاريندڙ ۽ رحمت آهي. |
الَّذينَ يُقيمونَ الصَّلوٰةَ وَيُؤتونَ الزَّكوٰةَ وَهُم بِالءاخِرَةِ هُم يوقِنونَ (آيت : 4) |
جيڪي نماز ٿا پڙهن، زڪوات ٿا ڏين ۽ اهي آخرت تي به يقين ٿا رکن. |
أُولٰئِكَ عَلىٰ هُدًى مِن رَبِّهِم وَأُولٰئِكَ هُمُ المُفلِحونَ (آيت : 5) |
اهي ئي پنهنجي ڌڻيءَ جي ڏسيل سنئين رستي تي آهن ۽ اهي ئي ڇوٽڪارو حاصل ڪندا. |
وَمِنَ النّاسِ مَن يَشتَرى لَهوَ الحَديثِ لِيُضِلَّ عَن سَبيلِ اللَّهِ بِغَيرِ عِلمٍ وَيَتَّخِذَها هُزُوًا أُولٰئِكَ لَهُم عَذابٌ مُهينٌ (آيت : 6) |
۽ ڪو ماڻهو بيهودي ڳالهه وٺندو آهي، ته سواءِ ڄاڻ جي الله جي واٽ کان ڀُلائي، ۽ ان تي ٽوڪون ڪري- اهڙن لاءِ ئي خوار ڪندڙ عذاب آهي. |
وَإِذا تُتلىٰ عَلَيهِ ءايٰتُنا وَلّىٰ مُستَكبِرًا كَأَن لَم يَسمَعها كَأَنَّ فى أُذُنَيهِ وَقرًا فَبَشِّرهُ بِعَذابٍ أَليمٍ (آيت : 7) |
۽ جڏهن هن کي اسان جون آيتون پڙهي ٻڌائبيون آهن، تڏهن آڪڙجي منهن ڦيرائيندو آهي، جو ڄڻ ته انهن کي ٻڌائين ئي ڪونه- يا ڄڻ ته سندس ڪن ٻوڙا آهن- پوءِ ان کي ڏکوئيندڙ عذاب جي مبارڪ ڏي. |
إِنَّ الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ لَهُم جَنّٰتُ النَّعيمِ (آيت : 8) |
بيشڪ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا، تن لاءِ نعمتن وارا باغ آهن. |
خٰلِدينَ فيها وَعدَ اللَّهِ حَقًّا وَهُوَ العَزيزُ الحَكيمُ (آيت : 9) |
هو سدائين انهن ۾ هوندا_ اهو الله جو پڪو انجام آهي، هو زبردست ڏاهپ وارو آهي. |
خَلَقَ السَّمٰوٰتِ بِغَيرِ عَمَدٍ تَرَونَها وَأَلقىٰ فِى الأَرضِ رَوٰسِىَ أَن تَميدَ بِكُم وَبَثَّ فيها مِن كُلِّ دابَّةٍ وَأَنزَلنا مِنَ السَّماءِ ماءً فَأَنبَتنا فيها مِن كُلِّ زَوجٍ كَريمٍ (آيت : 10) |
هن آسمانن کي بنا ٿنڀن جي بنايو، جي ڏسو ٿا ۽ زمين ۾ جبل وڌائين، ته متان اوهان کي ڌوڏي ۽ منجهس هر جنس جا جانور پکيڙيائين_ ۽ اسان آسمان کان پاڻي لاٿو، پوءِ ان ۾ هر جنس جا سٺا اوڀڙا اڀاڙياسون. |
هٰذا خَلقُ اللَّهِ فَأَرونى ماذا خَلَقَ الَّذينَ مِن دونِهِ بَلِ الظّٰلِمونَ فى ضَلٰلٍ مُبينٍ (آيت : 11) |
اها آهي الله جي بناوٽ، پوءِ ڏيکاريو ته جيڪي ان کان سواءِ آهن، تن ڇا بڻايو آهي؟ بلڪ ظالم صفا گمراهيءَ ۾ آهن. |
وَلَقَد ءاتَينا لُقمٰنَ الحِكمَةَ أَنِ اشكُر لِلَّهِ وَمَن يَشكُر فَإِنَّما يَشكُرُ لِنَفسِهِ وَمَن كَفَرَ فَإِنَّ اللَّهَ غَنِىٌّ حَميدٌ (آيت : 12) |
بيشڪ اسان لقمان کي ڏاهپ ڏني، ته الله جو شڪر ڪر ۽ جيڪو شڪر ڪندو، سو فقط پنهنجي پاڻ لاءِ ڪندو، جيڪو بي شڪري ڪندو ته بيشڪ الله بي پرواهه واکاڻيل آهي. |
وَإِذ قالَ لُقمٰنُ لِابنِهِ وَهُوَ يَعِظُهُ يٰبُنَىَّ لا تُشرِك بِاللَّهِ إِنَّ الشِّركَ لَظُلمٌ عَظيمٌ (آيت : 13) |
۽ جڏهن لقمان سندس پٽ کي نصيحت ڪندي چيو ”پٽڙا! تون الله سان ڪنهن کي به ڀائيوار نه سمجهج، بيشڪ الله سان ڪنهن کي ڀائيوار سمجهڻ تمام وڏو ظلم آهي.“ |
وَوَصَّينَا الإِنسٰنَ بِوٰلِدَيهِ حَمَلَتهُ أُمُّهُ وَهنًا عَلىٰ وَهنٍ وَفِصٰلُهُ فى عامَينِ أَنِ اشكُر لى وَلِوٰلِدَيكَ إِلَىَّ المَصيرُ (آيت : 14) |
اسان انسان کي سندس ماءُ پيءُ بابت حڪم ڪيو، ماڻس کيس تڪليفن تي تڪليفون سهي کنيو ۽ ٻن ورهين ۾ سندس ٿڃ ڇُٽي_ تنهن ڪري تون منهنجو ۽ سندس ماءُ پيءُ جو شڪر ڪر، اوهان کي مون ڏانهن ئي موٽڻو آهي. |
وَإِن جٰهَداكَ عَلىٰ أَن تُشرِكَ بى ما لَيسَ لَكَ بِهِ عِلمٌ فَلا تُطِعهُما وَصاحِبهُما فِى الدُّنيا مَعروفًا وَاتَّبِع سَبيلَ مَن أَنابَ إِلَىَّ ثُمَّ إِلَىَّ مَرجِعُكُم فَأُنَبِّئُكُم بِما كُنتُم تَعمَلونَ (آيت : 15) |
پر جيڪڏهن هو توتي زور رکن ته مون سان اهڙي کي ڀائيوار سمجهه جنهن جي توکي ڪا به ڄاڻپ ڪانهي_ ته سندن اهو چيو نه مڃ، باقي دنيا ۾ سندن همراهي چڱيءَ ريت ڪر، ۽ تابعداري انهي جي واٽ جي ڪر جنهن مون ڏانهن مهاڙ ڪئي هجي_ وري اوهين مون ڏي موٽندا، پوءِ آءُ اوهان کي اوهان جي ڪمن جي سُڌ ڏيندس. |
يٰبُنَىَّ إِنَّها إِن تَكُ مِثقالَ حَبَّةٍ مِن خَردَلٍ فَتَكُن فى صَخرَةٍ أَو فِى السَّمٰوٰتِ أَو فِى الأَرضِ يَأتِ بِهَا اللَّهُ إِنَّ اللَّهَ لَطيفٌ خَبيرٌ (آيت : 16) |
( ۽لقمان چيو) ”پٽڙا! جيڪڏهن ڪا اهر جي داڻي جيتري چيز پٿر ۾ هجي، خواهه آسمان يا زمين ۾، ته به الله ان کي آڻي سگهي ٿو_ بيشڪ الله ذرڙن کي ڏسندڙ ۽ خبر رکندڙ آهي. |
يٰبُنَىَّ أَقِمِ الصَّلوٰةَ وَأمُر بِالمَعروفِ وَانهَ عَنِ المُنكَرِ وَاصبِر عَلىٰ ما أَصابَكَ إِنَّ ذٰلِكَ مِن عَزمِ الأُمورِ (آيت : 17) |
پٽڙا! تون نماز پڙهندو رهه، چڱاين جو چوندو رهه، بُراين کان روڪ ڪر ۽ تڪليف رسڻ تي صبر ڪر، بيشڪ اهي همت جا ڪم آهن. |
وَلا تُصَعِّر خَدَّكَ لِلنّاسِ وَلا تَمشِ فِى الأَرضِ مَرَحًا إِنَّ اللَّهَ لا يُحِبُّ كُلَّ مُختالٍ فَخورٍ (آيت : 18) |
۽ ماڻهن اڳيان ڳلن ۾ سَرَ نه وجهه، نڪي زمين تي هَٺ سان هل، بيشڪ الله کي ڪو به هٺيلو وڏائي ڪندڙ نه وڻندو آهي. |
وَاقصِد فى مَشيِكَ وَاغضُض مِن صَوتِكَ إِنَّ أَنكَرَ الأَصوٰتِ لَصَوتُ الحَميرِ (آيت : 19) |
۽ وچٿري نموني هل، آواز کي هيٺاهون ڪر، بيشڪ گڏهه جو آواز سڀ کان بڇڙو آهي. |
أَلَم تَرَوا أَنَّ اللَّهَ سَخَّرَ لَكُم ما فِى السَّمٰوٰتِ وَما فِى الأَرضِ وَأَسبَغَ عَلَيكُم نِعَمَهُ ظٰهِرَةً وَباطِنَةً وَمِنَ النّاسِ مَن يُجٰدِلُ فِى اللَّهِ بِغَيرِ عِلمٍ وَلا هُدًى وَلا كِتٰبٍ مُنيرٍ (آيت : 20) |
ڇا هو نٿا ڏسن، ته جيڪي آسمانن خواهه زمين ۾ آهي، سو الله اوهان جي تابع ڪيو آهي ۽ اوهان تي سندس ڳجهيون خواهه پڌريون ڀرپور نعمتون ڪيائين ۽ ڪي ماڻهو اهڙا به آهن، جي الله بابت سواءِ ڪنهن علم ۽ هدايت ۽ روشن ڪتاب جي بحث پيا ڪندا آهن. |
وَإِذا قيلَ لَهُمُ اتَّبِعوا ما أَنزَلَ اللَّهُ قالوا بَل نَتَّبِعُ ما وَجَدنا عَلَيهِ ءاباءَنا أَوَلَو كانَ الشَّيطٰنُ يَدعوهُم إِلىٰ عَذابِ السَّعيرِ (آيت : 21) |
اهڙن کي جڏهن چئبو آهي ته، ”الله جي موڪليل جي تابعداري ڪريو، ته چوندا آهن“ نه، بلڪ اسين ته ان جي پيروي ڪنداسون جنهن تي اسان پنهنجي وڏن کي ڏٺو.“ پوءِ کڻي شيطان کين دوزخ جي عذاب ڏانهن سڏيندو هجي! |
وَمَن يُسلِم وَجهَهُ إِلَى اللَّهِ وَهُوَ مُحسِنٌ فَقَدِ استَمسَكَ بِالعُروَةِ الوُثقىٰ وَإِلَى اللَّهِ عٰقِبَةُ الأُمورِ (آيت : 22) |
۽ جنهن پنهنجو منهن الله ڏي جهڪايو ۽ چڱا ڪم به ڪيائين، انهي بيشڪ مضبوط رسيءَ کي جهليو_ ۽ سڀني ڪمن جو ڇيهه الله ڏي آهي. |
وَمَن كَفَرَ فَلا يَحزُنكَ كُفرُهُ إِلَينا مَرجِعُهُم فَنُنَبِّئُهُم بِما عَمِلوا إِنَّ اللَّهَ عَليمٌ بِذاتِ الصُّدورِ (آيت : 23) |
۽ جنهن ڪفر ڪيو، ته ان جو ڪفر توکي ارمان ۾ نه وجهي- اسان ڏي ئي موٽڻو اٿن، پوءِ اسين کين سندن ڪمن جي سُڌ ڏينداسون- بيشڪ الله دلين جا حال ڄاڻي ٿو- |
نُمَتِّعُهُم قَليلًا ثُمَّ نَضطَرُّهُم إِلىٰ عَذابٍ غَليظٍ (آيت : 24) |
کين ٿورڙو فائدو ڏينداسون، پوءِ وري کين سخت عذاب ڏي ڇڪي وينداسون. |
وَلَئِن سَأَلتَهُم مَن خَلَقَ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ لَيَقولُنَّ اللَّهُ قُلِ الحَمدُ لِلَّهِ بَل أَكثَرُهُم لا يَعلَمونَ (آيت : 25) |
۽ جيڪڏهن تون انهن کان پڇندين ”آسمانن ۽ زمين کي ڪنهن خلقيو آهي؟“ ته ضرور چوندا ”الله!“ چئو ته سڀ واکاڻ فقط الله کي جڳائي ٿي- بلڪ منجهانئن گهڻا اڻڄاڻ آهن. |
لِلَّهِ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ إِنَّ اللَّهَ هُوَ الغَنِىُّ الحَميدُ (آيت : 26) |
جيڪي به آسمانن خواهه زمين ۾ آهي، سو الله جو ئي آهي- بيشڪ الله ته بيپرواهه ۽ واکاڻيل آهي- |
وَلَو أَنَّما فِى الأَرضِ مِن شَجَرَةٍ أَقلٰمٌ وَالبَحرُ يَمُدُّهُ مِن بَعدِهِ سَبعَةُ أَبحُرٍ ما نَفِدَت كَلِمٰتُ اللَّهِ إِنَّ اللَّهَ عَزيزٌ حَكيمٌ (آيت : 27) |
جيڪڏهن زمين جا سڀ وڻ قلم ٿين ۽ سڀ سمنڊ خواهه ان کان سواءِ ٻيا به ست سمنڊ گڏجي مس ٿين، ته به الله جون ڳالهيون نه کُٽنديون، بيشڪ الله غالب، ڏاهپ وارو آهي. |
ما خَلقُكُم وَلا بَعثُكُم إِلّا كَنَفسٍ وٰحِدَةٍ إِنَّ اللَّهَ سَميعٌ بَصيرٌ (آيت : 28) |
اوهان جو خلقڻ خواهه وري جيئارڻ ته فقط هڪ شخص کي پيدا ڪرڻ جهڙو آهي_ بيشڪ الله ٻُڌندڙ، ڏسندڙ آهي. |
أَلَم تَرَ أَنَّ اللَّهَ يولِجُ الَّيلَ فِى النَّهارِ وَيولِجُ النَّهارَ فِى الَّيلِ وَسَخَّرَ الشَّمسَ وَالقَمَرَ كُلٌّ يَجرى إِلىٰ أَجَلٍ مُسَمًّى وَأَنَّ اللَّهَ بِما تَعمَلونَ خَبيرٌ (آيت : 29) |
تو نه ڏٺو آهي ڇا، ته الله رات کي ڏينهن ۾ ٿو داخل ڪري ۽ ڏينهن کي رات ۾ ٿو داخل ڪري ۽ سج ۽ چنڊ کي ائين جڪڙيو اٿس، جو هر ڪو پنهنجي مقرر وقت تائين هلي ٿو، ۽ بيشڪ الله اوهان جي ڪمن جي خبر رکندڙ آهي. |
ذٰلِكَ بِأَنَّ اللَّهَ هُوَ الحَقُّ وَأَنَّ ما يَدعونَ مِن دونِهِ البٰطِلُ وَأَنَّ اللَّهَ هُوَ العَلِىُّ الكَبيرُ (آيت : 30) |
اهو هن ڪري، جو الله ئي سچ آهي ۽ ان کان سواءِ جن ٻين کي ٿا پڪاريو، سي ڪوڙا آهن، بيشڪ الله ئي تمام مٿاهون ۽ وڏو آهي. |
أَلَم تَرَ أَنَّ الفُلكَ تَجرى فِى البَحرِ بِنِعمَتِ اللَّهِ لِيُرِيَكُم مِن ءايٰتِهِ إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايٰتٍ لِكُلِّ صَبّارٍ شَكورٍ (آيت : 31) |
ڇا تو نه ڏٺو آهي، ته ٻيڙيون الله جي فضل سان سمنڊ ۾ هلن ٿيون، ته اوهان کي پنهنجي نشانين مان ڏيکاري_ بيشڪ، انهي ۾ هر ڪنهن وڏي صبر ڪندڙن ۽ شڪر ڪندڙ لاءِ نشانيون آهن. |
وَإِذا غَشِيَهُم مَوجٌ كَالظُّلَلِ دَعَوُا اللَّهَ مُخلِصينَ لَهُ الدّينَ فَلَمّا نَجّىٰهُم إِلَى البَرِّ فَمِنهُم مُقتَصِدٌ وَما يَجحَدُ بِـٔايٰتِنا إِلّا كُلُّ خَتّارٍ كَفورٍ (آيت : 32) |
۽ جڏهن هنن کي لهر، پاڇي وارن جبلن وانگر وڪوڙيندي آهي، تڏهن ته خاص الله کي فقط ڏانهس ئي مهاڙ ڪري سڏيندا آهن- پر پوءِ جڏهن هو کين سُڪيءَ ڏانهن بچائي پهچائيندو آهي، تڏهن وري منجهانئن ڪي وچٿرا هوندا آهن ۽ اسان جي نشانين جو انڪار فقط هر ڪو انجام ڀڃندڙ بي شڪر ئي ڪندو آهي. |
يٰأَيُّهَا النّاسُ اتَّقوا رَبَّكُم وَاخشَوا يَومًا لا يَجزى والِدٌ عَن وَلَدِهِ وَلا مَولودٌ هُوَ جازٍ عَن والِدِهِ شَيـًٔا إِنَّ وَعدَ اللَّهِ حَقٌّ فَلا تَغُرَّنَّكُمُ الحَيوٰةُ الدُّنيا وَلا يَغُرَّنَّكُم بِاللَّهِ الغَرورُ (آيت : 33) |
اي انسانو! پنهنجي ڌڻيءَ کان ڊڄو ۽ ان ڏينهن کان ڊڄو، جنهن ۾ ڪو به پيءُ سندس پٽ جي ڪم نه ايندو، نڪو پٽ سندس پيءُ جي ڪجهه ڪم ايندو- بيشڪ الله جو وعدو سچو آهي، تنهن ڪري اوهان کي دنيا جي حياتي ٺڳي ۽ نڪي اوهان کي الله بابت ڪو ٻيو ٺڳيندڙ ٺڳي. |
إِنَّ اللَّهَ عِندَهُ عِلمُ السّاعَةِ وَيُنَزِّلُ الغَيثَ وَيَعلَمُ ما فِى الأَرحامِ وَما تَدرى نَفسٌ ماذا تَكسِبُ غَدًا وَما تَدرى نَفسٌ بِأَىِّ أَرضٍ تَموتُ إِنَّ اللَّهَ عَليمٌ خَبيرٌ (آيت : 34) |
بيشڪ قيامت جي خبر الله وٽ آهي، هو ئي مينهن ٿو وسائي، جيڪي مادين جي پيٽ ۾ آهي، سو به ڄاڻي ٿو- ڪو به شخص نٿو ڄاڻي ته هو سڀاڻي ڇا ڪندو ۽ ڪو به شخص ڪو نه ٿو ڄاڻي، ته هو ڪهڙيءَ زمين تي مرندو، بيشڪ الله ڄاڻيندڙ، خبر رکندڙ آهي. |