الم (آيت : 1) |
الف، لام، ميم . |
تِلكَ ءايٰتُ الكِتٰبِ الحَكيمِ (آيت : 2) |
هي آيتون ڪتاب حڪمت واري جون آهن . |
هُدًى وَرَحمَةً لِلمُحسِنينَ (آيت : 3) |
هدايت ۽ رحمت آهن نيڪوڪارن جي لاءِ . |
الَّذينَ يُقيمونَ الصَّلوٰةَ وَيُؤتونَ الزَّكوٰةَ وَهُم بِالءاخِرَةِ هُم يوقِنونَ (آيت : 4) |
جيڪي قائم ڪن ٿا نماز ۽ ڏين ٿا زڪواة ۽ اهي ئي آخرت تي يقين رکن ٿا . |
أُولٰئِكَ عَلىٰ هُدًى مِن رَبِّهِم وَأُولٰئِكَ هُمُ المُفلِحونَ (آيت : 5) |
اهي هدايت تي آهن پنهنجي رب وٽان ۽ اهي ئي ڪامياب آهن . |
وَمِنَ النّاسِ مَن يَشتَرى لَهوَ الحَديثِ لِيُضِلَّ عَن سَبيلِ اللَّهِ بِغَيرِ عِلمٍ وَيَتَّخِذَها هُزُوًا أُولٰئِكَ لَهُم عَذابٌ مُهينٌ (آيت : 6) |
۽ ماڻهن مان ڪو اهڙو آهي جيڪو خريد ڪري ٿو بيهودي ڳالهه تانته گمراھ ڪري الله جي واٽ کان علم کان سواءِ ۽ وٺي ان کي ٺٺول ڪري اهي انهن جي لاءِ خوار ڪندڙ عذاب آهي. |
وَإِذا تُتلىٰ عَلَيهِ ءايٰتُنا وَلّىٰ مُستَكبِرًا كَأَن لَم يَسمَعها كَأَنَّ فى أُذُنَيهِ وَقرًا فَبَشِّرهُ بِعَذابٍ أَليمٍ (آيت : 7) |
۽ جڏهن پڙهيون وڃن ٿيون ان تي اسان جون آيتون ته پٺي ڦيرائي هليو تڪبر ڪندڙ ٿي ڄڻ ته نه ٻڌائين انهن کي ڄڻ ته ان جي ڪنن ۾ ڳرائي آهي پوءِ ان کي دردناڪ عذاب جي بشارت ڏي . |
إِنَّ الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ لَهُم جَنّٰتُ النَّعيمِ (آيت : 8) |
بلاشڪ اهي شخص جن ايمان آندو ۽ ڪيائون صالح عمل انهن جي لاءِ نعمتن وارا بهشت آهن . |
خٰلِدينَ فيها وَعدَ اللَّهِ حَقًّا وَهُوَ العَزيزُ الحَكيمُ (آيت : 9) |
هميشہ رهندڙ انهن ۾ الله جو وعدو حق آهي ۽ اهوئي غالب حڪمت وارو آهي . |
خَلَقَ السَّمٰوٰتِ بِغَيرِ عَمَدٍ تَرَونَها وَأَلقىٰ فِى الأَرضِ رَوٰسِىَ أَن تَميدَ بِكُم وَبَثَّ فيها مِن كُلِّ دابَّةٍ وَأَنزَلنا مِنَ السَّماءِ ماءً فَأَنبَتنا فيها مِن كُلِّ زَوجٍ كَريمٍ (آيت : 10) |
پيدا ڪيائين آسمانن کي ٿنڀ کان سواءِ ڏسو پيا انهن کي ۽ رکيائين زمين ۾ جبل متان ڌٻي اوهان سان ۽ پکيڙيائين ان ۾ هر (قسم جا) جانور ۽ نازل ڪيوسون آسمان کان پاڻي پوءِ ڄمايوسون ان ۾ هر قسم جو سٺو جوڙو . |
هٰذا خَلقُ اللَّهِ فَأَرونى ماذا خَلَقَ الَّذينَ مِن دونِهِ بَلِ الظّٰلِمونَ فى ضَلٰلٍ مُبينٍ (آيت : 11) |
هيءَ الله جي مخلوق آهي پوءِ ڏيکاريو مون کي ته ڪهڙي شيءِ آهي جيڪا پيدا ڪئي انهن جيڪي ان کان سواءِ آهن بلڪ ظالم کليل گمراهيءَ ۾ آهن . |
وَلَقَد ءاتَينا لُقمٰنَ الحِكمَةَ أَنِ اشكُر لِلَّهِ وَمَن يَشكُر فَإِنَّما يَشكُرُ لِنَفسِهِ وَمَن كَفَرَ فَإِنَّ اللَّهَ غَنِىٌّ حَميدٌ (آيت : 12) |
۽ البته تحقيق ڏني اسان لقمان کي حڪمت ته شڪر ڪر الله جو ۽ جيڪو به شڪر ڪري ٿو پوءِ رڳو پنهنجي جيءَ لاءِ شڪر ٿو ڪري ۽ جيڪو بي شڪري ٿو ڪري پوءِ بيشڪ الله شاهوڪار، ساراهيل آهي . |
وَإِذ قالَ لُقمٰنُ لِابنِهِ وَهُوَ يَعِظُهُ يٰبُنَىَّ لا تُشرِك بِاللَّهِ إِنَّ الشِّركَ لَظُلمٌ عَظيمٌ (آيت : 13) |
۽ (ياد ڪر) جڏهن چيو لقمان پنهنجي پٽ کي ۽ اهو نصيحت پيو ڪري ان کي ته اي پٽڙا منهنجا!ٰ نه شريڪ ڪر الله سان ( ڪا شيءِ) بلاشڪ شرڪ البته وڏو ظلم آهي . |
وَوَصَّينَا الإِنسٰنَ بِوٰلِدَيهِ حَمَلَتهُ أُمُّهُ وَهنًا عَلىٰ وَهنٍ وَفِصٰلُهُ فى عامَينِ أَنِ اشكُر لى وَلِوٰلِدَيكَ إِلَىَّ المَصيرُ (آيت : 14) |
۽ حڪم ڪيوسون انسان کي ان جي پيءُ ۽ ماءُ جي متعلق پيٽ ۾ کنيو ان کي ان جي ماءُ ڪمزوري تي ڪمزوريءَ جي باوجود ۽ کير ڇڏائڻ ان جو ٻن سالن ۾ آهي شڪر ڪر مون لاءِ ۽ پنهنجي والدين جي لاءِ مون ڏانهن ئي موٽڻ آهي . |
وَإِن جٰهَداكَ عَلىٰ أَن تُشرِكَ بى ما لَيسَ لَكَ بِهِ عِلمٌ فَلا تُطِعهُما وَصاحِبهُما فِى الدُّنيا مَعروفًا وَاتَّبِع سَبيلَ مَن أَنابَ إِلَىَّ ثُمَّ إِلَىَّ مَرجِعُكُم فَأُنَبِّئُكُم بِما كُنتُم تَعمَلونَ (آيت : 15) |
۽ جيڪڏهن ڪوشش ڪن توکي هن تي جو شريڪ ڪرين مون سان اها شيءِ جو ناهي توکي ان جو علم پوءِ نه فرمان مڃ انهن ٻنهي جو صحبت ۾ رهه انهن سان دنيا ۾ چڱائي سان ۽ تا بعداري ڪر ان جي واٽ جي جيڪو موٽيو مون ڏانهن ان کان پوءِ مون ڏانهن موٽڻ اوهان جو آهي پوءِ خبر ڏيندس اوهان کي ان جي جيڪي ڪندا هيئو . |
يٰبُنَىَّ إِنَّها إِن تَكُ مِثقالَ حَبَّةٍ مِن خَردَلٍ فَتَكُن فى صَخرَةٍ أَو فِى السَّمٰوٰتِ أَو فِى الأَرضِ يَأتِ بِهَا اللَّهُ إِنَّ اللَّهَ لَطيفٌ خَبيرٌ (آيت : 16) |
اي پٽڙا منهنجا! بيشڪ اها جيڪڏهن هوندي وزن داڻي سرنهه جو پوءِ هوندي ڪنهن پٿر ۾ يا آسمانن ۾ يا زمين ۾ ته آڻيندو ان کي الله بيشڪ الله باريڪ بين خبر رکندڙ آهي . |
يٰبُنَىَّ أَقِمِ الصَّلوٰةَ وَأمُر بِالمَعروفِ وَانهَ عَنِ المُنكَرِ وَاصبِر عَلىٰ ما أَصابَكَ إِنَّ ذٰلِكَ مِن عَزمِ الأُمورِ (آيت : 17) |
اي پٽڙا منهنجا! قائم رک نماز ۽ امر ڪر چڱي ڪم جو ۽ روڪ بري ڪم کان ۽ صبر ڪر ان تي جيڪا پهتي توکي بيشڪ اها ڳالهه همت وارن ڪمن مان آهي . |
وَلا تُصَعِّر خَدَّكَ لِلنّاسِ وَلا تَمشِ فِى الأَرضِ مَرَحًا إِنَّ اللَّهَ لا يُحِبُّ كُلَّ مُختالٍ فَخورٍ (آيت : 18) |
۽ نه ٽيڙو ڪر تون پنهنجو ڳل ماڻهن لاءِ ۽ نه هل زمين ۾ وڏائي ڪندڙ بيشڪ الله نه ٿو محبت رکي هر هٺيلي فخر ڪندڙ سان . |
وَاقصِد فى مَشيِكَ وَاغضُض مِن صَوتِكَ إِنَّ أَنكَرَ الأَصوٰتِ لَصَوتُ الحَميرِ (آيت : 19) |
۽ وچولو ٿي پنهنجي هلڻ ۽ هيٺاهون ٿي پنهنجي آواز ۾ بيشڪ آوازن مان گهڻو برو البته گڏهه جو آواز آهي. ع |
أَلَم تَرَوا أَنَّ اللَّهَ سَخَّرَ لَكُم ما فِى السَّمٰوٰتِ وَما فِى الأَرضِ وَأَسبَغَ عَلَيكُم نِعَمَهُ ظٰهِرَةً وَباطِنَةً وَمِنَ النّاسِ مَن يُجٰدِلُ فِى اللَّهِ بِغَيرِ عِلمٍ وَلا هُدًى وَلا كِتٰبٍ مُنيرٍ (آيت : 20) |
ڇا اوهان نه ڏٺو ته بيشڪ الله مطيع ڪيائين اوهان جي لاءِ اهي جو آسمانن ۾ آهن ۽ جيڪي زمين ۾ آهن ۽ ڀرپور ڪيائين اوهان تي پنهنجون نعمتون ظاهري ۽ باطني ۽ ماڻهن مان اهڙا به آهن جيڪي جهڳڙو ٿا ڪن الله ( جي باري) ۾ علم کان ۽ هدايت ۽ روشن ڪتاب کان سواءِ . |
وَإِذا قيلَ لَهُمُ اتَّبِعوا ما أَنزَلَ اللَّهُ قالوا بَل نَتَّبِعُ ما وَجَدنا عَلَيهِ ءاباءَنا أَوَلَو كانَ الشَّيطٰنُ يَدعوهُم إِلىٰ عَذابِ السَّعيرِ (آيت : 21) |
۽ جڏهن چيو وڃي ٿو انهن کي ته تابعداري ڪيو ان جي جيڪو نازل ڪيو الله ته چيائون بلڪ تابعداري ڪنداسون ان جي جو لڌوسون ان تي پنهنجن پيئرن کي جيتوڻيڪ هجي شيطان جو سڏي انهن کي دوزخ جي عذاب ڏانهن . |
وَمَن يُسلِم وَجهَهُ إِلَى اللَّهِ وَهُوَ مُحسِنٌ فَقَدِ استَمسَكَ بِالعُروَةِ الوُثقىٰ وَإِلَى اللَّهِ عٰقِبَةُ الأُمورِ (آيت : 22) |
۽ جيڪو جهڪائي ٿو پنهنجو منهن الله ڏانهن ۽ اهو نيڪو ڪار آهي پوءِ تحقيق جنبڙيو مضبوط ڪڙي سان ۽ الله ڏانهن ئي سڀني ڪمن جي انتها آهي . |
وَمَن كَفَرَ فَلا يَحزُنكَ كُفرُهُ إِلَينا مَرجِعُهُم فَنُنَبِّئُهُم بِما عَمِلوا إِنَّ اللَّهَ عَليمٌ بِذاتِ الصُّدورِ (آيت : 23) |
۽ جنهن ڪفر ڪيو پوءِ نه ڏکوئي توکي ان جو ڪفر اسان ڏانهن انهن جو موٽڻ آهي پوءِ خبر ڏينداسون انهن کي انهن ڪمن جي جيڪي ڪيائون بيشڪ الله ڄاڻندڙ آهي سيني واريون ڳالهيون . |
نُمَتِّعُهُم قَليلًا ثُمَّ نَضطَرُّهُم إِلىٰ عَذابٍ غَليظٍ (آيت : 24) |
نفعو ڏيون ٿا انهن کي ٿورو ان کان پوءِ مجبور ڪري آڻينداسون انهن کي سخت عذاب ڏانهن . |
وَلَئِن سَأَلتَهُم مَن خَلَقَ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ لَيَقولُنَّ اللَّهُ قُلِ الحَمدُ لِلَّهِ بَل أَكثَرُهُم لا يَعلَمونَ (آيت : 25) |
۽ البته جيڪڏهن پڇندين انهن کان ته ڪنهن پيدا ڪيا آسمان ۽ زمين ته البته ضرور چوندا الله فرماءِ ته سڀ ساراهه الله جي لاءِ ثابت آهي بلڪ گهڻا انهن مان نه ٿا ڄاڻن . |
لِلَّهِ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ إِنَّ اللَّهَ هُوَ الغَنِىُّ الحَميدُ (آيت : 26) |
الله جو ئي آهي جيڪو آسمان ۾ ۽ زمين ۾ آهي بيشڪ الله ئي شاهوڪار، ساراهه ڪيل آهي . |
وَلَو أَنَّما فِى الأَرضِ مِن شَجَرَةٍ أَقلٰمٌ وَالبَحرُ يَمُدُّهُ مِن بَعدِهِ سَبعَةُ أَبحُرٍ ما نَفِدَت كَلِمٰتُ اللَّهِ إِنَّ اللَّهَ عَزيزٌ حَكيمٌ (آيت : 27) |
۽ جيڪڏهن تحقيق جيڪي زمين ۾ وڻ آهن قلم هجن ۽ سمنڊ ان جي مس هجن ها ان کان بعد ست سمنڊ ته نه کٽن ها الله جا فرمان بلاشڪ الله غالب، حڪمت وارو آهي . |
ما خَلقُكُم وَلا بَعثُكُم إِلّا كَنَفسٍ وٰحِدَةٍ إِنَّ اللَّهَ سَميعٌ بَصيرٌ (آيت : 28) |
ناهي اوهان جو پيدا ڪرڻ ۽ اوهان جو اٿڻ مگر هڪ نفس وانگر بلاشڪ الله ٻڌندڙ ڏسندڙ آهي . |
أَلَم تَرَ أَنَّ اللَّهَ يولِجُ الَّيلَ فِى النَّهارِ وَيولِجُ النَّهارَ فِى الَّيلِ وَسَخَّرَ الشَّمسَ وَالقَمَرَ كُلٌّ يَجرى إِلىٰ أَجَلٍ مُسَمًّى وَأَنَّ اللَّهَ بِما تَعمَلونَ خَبيرٌ (آيت : 29) |
ڇا اوهان نه ڏٺو ته بلاشڪ الله داخل ڪري ٿو رات کي ڏينهن ۾ ۽ داخل ڪري ٿو ڏينهن کي رات ۾ ۽ مطيع ڪيائين سج ۽ چنڊ کي سڀ هلن ٿا مقرر ڪيل مدت تائين ۽ بلاشڪ الله جيڪي ڪيو ٿا ان جي خبر رکندڙ آهي . |
ذٰلِكَ بِأَنَّ اللَّهَ هُوَ الحَقُّ وَأَنَّ ما يَدعونَ مِن دونِهِ البٰطِلُ وَأَنَّ اللَّهَ هُوَ العَلِىُّ الكَبيرُ (آيت : 30) |
اهو ان جي ڪري جو يقينًا الله ئي حق آهي ۽ بلاشڪ جن کي ان کان سواءِ پوڄين ٿا باطل آهي ۽ بلاشڪ الله ئي مٿاهون، وڏو آهي . |
أَلَم تَرَ أَنَّ الفُلكَ تَجرى فِى البَحرِ بِنِعمَتِ اللَّهِ لِيُرِيَكُم مِن ءايٰتِهِ إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايٰتٍ لِكُلِّ صَبّارٍ شَكورٍ (آيت : 31) |
ڇا تو نه ڏٺو ته بيشڪ ٻيڙيون هلن ٿيون سمنڊ ۾ الله جي فضل سان تانته اوهان کي ڏيکاري پنهنجين نشانين مان بيشڪ ان ۾ البته نشانيون آهن هر صبر ڪندڙ، شڪر ڪندڙ لاءِ . |
وَإِذا غَشِيَهُم مَوجٌ كَالظُّلَلِ دَعَوُا اللَّهَ مُخلِصينَ لَهُ الدّينَ فَلَمّا نَجّىٰهُم إِلَى البَرِّ فَمِنهُم مُقتَصِدٌ وَما يَجحَدُ بِـٔايٰتِنا إِلّا كُلُّ خَتّارٍ كَفورٍ (آيت : 32) |
۽ جڏهن ڍڪيو انهن کي ڇوليءَ جبلن وانگر ته سڏين ٿا الله کي سچو ڪندڙ ان لاءِ دين کي پوءِ جڏهن ڇڏائي آندائين انهن کي سُڪيءَ ڏانهن پوءِ انهن مان ڪو وچٿرو آهي ۽ نه ٿو انڪار ڪري اسان جي آيتن جو مگر هر ڪوڙ هڻندڙ بي شڪر . |
يٰأَيُّهَا النّاسُ اتَّقوا رَبَّكُم وَاخشَوا يَومًا لا يَجزى والِدٌ عَن وَلَدِهِ وَلا مَولودٌ هُوَ جازٍ عَن والِدِهِ شَيـًٔا إِنَّ وَعدَ اللَّهِ حَقٌّ فَلا تَغُرَّنَّكُمُ الحَيوٰةُ الدُّنيا وَلا يَغُرَّنَّكُم بِاللَّهِ الغَرورُ (آيت : 33) |
اي انسانؤ! پنهنجي رب کان ڊڄو ۽ ڊڄو ان ڏينهن کان جو نه بدلو ڏيندو ڪو پيءُ پنهنجي اولاد جي پاران ۽ نه ڪو اولاد اهو بدلو ڏيندڙ آهي پنهنجي پيءُ جي طرفان ڪجهه به بلاشڪ الله جو واعدو سچو آهي پوءِ هر گز نه ٺڳي اوهان کي حياتي دنيا واري ۽ هر گز نه ڌوڪو ڏئي اوهان کي الله سان ڌوڪو ڏيندڙ . |
إِنَّ اللَّهَ عِندَهُ عِلمُ السّاعَةِ وَيُنَزِّلُ الغَيثَ وَيَعلَمُ ما فِى الأَرحامِ وَما تَدرى نَفسٌ ماذا تَكسِبُ غَدًا وَما تَدرى نَفسٌ بِأَىِّ أَرضٍ تَموتُ إِنَّ اللَّهَ عَليمٌ خَبيرٌ (آيت : 34) |
بيشڪ الله ان واٽ ئي آهي قيامت جو علم ۽ وسائي ٿو مينهن ۽ ڄاڻي ٿو جيڪو ڳڀيرڻ ۾ آهي ۽ نه ٿو ڄاڻي ڪو نفس ته ڇا ڪندو صبحاڻي ۽ نه ٿو ڄاڻي ڪو نفس ته ڪهڙي زمين تي وفات ڪندو بيشڪ الله ڄاڻندڙ، خبر رکندڙ آهي . |