الم (آيت : 1) |
الف ــ لام ــ ميم |
تِلكَ ءايٰتُ الكِتٰبِ الحَكيمِ (آيت : 2) |
هي حڪمت واري ڪتاب جون آيتون آهن. |
هُدًى وَرَحمَةً لِلمُحسِنينَ (آيت : 3) |
هي (آيتون) نيڪوڪارن لاءِ رحمت ۽ هدايت جو ذريعو آهن. |
الَّذينَ يُقيمونَ الصَّلوٰةَ وَيُؤتونَ الزَّكوٰةَ وَهُم بِالءاخِرَةِ هُم يوقِنونَ (آيت : 4) |
جيڪي نماز قائم ڪن ٿا، زڪوات ادا ڪن ٿا ۽ اُهي آخرت تي يقين رکن ٿا. |
أُولٰئِكَ عَلىٰ هُدًى مِن رَبِّهِم وَأُولٰئِكَ هُمُ المُفلِحونَ (آيت : 5) |
اهڙائي ماڻهو پنھنجي پالڻھار جي طرفان (ٻڌايل) سڌي رستي تي آهن ۽ اهي ئي ماڻهو ڪامياب آهن. |
وَمِنَ النّاسِ مَن يَشتَرى لَهوَ الحَديثِ لِيُضِلَّ عَن سَبيلِ اللَّهِ بِغَيرِ عِلمٍ وَيَتَّخِذَها هُزُوًا أُولٰئِكَ لَهُم عَذابٌ مُهينٌ (آيت : 6) |
ماڻهن مان ڪو اهڙو به ماڻهو آهي جيڪو فضول ڳالهين کي اهميت ڏيندو آهي ته جيئن (ان جي ذريعي) ماڻهن کي الله تعالى جي رستي کان بغير علم جي گمراهه ڪري ڇڏي ۽ حق جي دعوت کي مذاق ۾ اڏائي ڇڏي. اهڙن ماڻهن لاءِ ذليل ۽ خوار ڪندڙ عذاب آهي. |
وَإِذا تُتلىٰ عَلَيهِ ءايٰتُنا وَلّىٰ مُستَكبِرًا كَأَن لَم يَسمَعها كَأَنَّ فى أُذُنَيهِ وَقرًا فَبَشِّرهُ بِعَذابٍ أَليمٍ (آيت : 7) |
۽ جڏهن کيس اسان جون آيتون تلاوت ڪري ٻڌايون وڃن ٿيون ته وڏائيءَ سان پُٺي ڦيري ڪن لاٽار ڪري ٿو ڄڻ ته هن ٻڌو ئي ناهي، ڄڻ ته سندس ڪن ئي ٻوڙا هجن. (بس!) تون اهڙي ماڻهوءَ کي دردناڪ عذاب جي خوشخبري ٻڌاءِ. |
إِنَّ الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ لَهُم جَنّٰتُ النَّعيمِ (آيت : 8) |
بيشڪ (باقي) جن ماڻهن ايمان آندو ۽ نيڪ عمل ڪيا تن سڀني لاءِ نعمتن وارا باغ آهن. |
خٰلِدينَ فيها وَعدَ اللَّهِ حَقًّا وَهُوَ العَزيزُ الحَكيمُ (آيت : 9) |
هو ان ۾ هميشه رهندا، الله تعالى جو وعدو بلڪل سچو آهي ۽ هو زبردست حڪمت وارو آهي. |
خَلَقَ السَّمٰوٰتِ بِغَيرِ عَمَدٍ تَرَونَها وَأَلقىٰ فِى الأَرضِ رَوٰسِىَ أَن تَميدَ بِكُم وَبَثَّ فيها مِن كُلِّ دابَّةٍ وَأَنزَلنا مِنَ السَّماءِ ماءً فَأَنبَتنا فيها مِن كُلِّ زَوجٍ كَريمٍ (آيت : 10) |
هُن آسمانن کي بغير ٿنڀن جي بنايو آهي، جن کي توهان باقاعده ڏسو ٿا ۽ زمين ۾ جبل کوڙيائين ته جيئن زمين توهان کي لوڏا نه کارائي ۽ ان ۾ هر جنس جا جانور ڦھلائي ڇڏيا ۽ اسان آسمان مان پاڻي نازل ڪيوسين ۽ (ان جي ذريعي) زمين مان هر قسم جون بھترين شيون ڦُٽايوسين. |
هٰذا خَلقُ اللَّهِ فَأَرونى ماذا خَلَقَ الَّذينَ مِن دونِهِ بَلِ الظّٰلِمونَ فى ضَلٰلٍ مُبينٍ (آيت : 11) |
هي سڀ شيون ته الله تعالى جون پيدا ڪيل آهن (هاڻي) توهان مون کي ڏيکاريو ته توهان جي شريڪن ڇا پيدا ڪيو آهي؟ بلڪ هي ظالم ماڻهو کُلي گمراهي ۾ پيل آهن. |
وَلَقَد ءاتَينا لُقمٰنَ الحِكمَةَ أَنِ اشكُر لِلَّهِ وَمَن يَشكُر فَإِنَّما يَشكُرُ لِنَفسِهِ وَمَن كَفَرَ فَإِنَّ اللَّهَ غَنِىٌّ حَميدٌ (آيت : 12) |
۽ بيشڪ اسان لقمان ($) کي دانائي عطا ڪئي ته جيئن هو الله تعالى جو شڪر ادا ڪري ۽ جيڪو شڪر ادا ڪندو آهي ته اهو شڪر سندس فائدي لاءِ ئي هوندو آهي ۽ جيڪو ناشڪري ڪندو ته بيشڪ الله تعالى بيپرواهه ۽ تعريف جي لائق آهي. |
وَإِذ قالَ لُقمٰنُ لِابنِهِ وَهُوَ يَعِظُهُ يٰبُنَىَّ لا تُشرِك بِاللَّهِ إِنَّ الشِّركَ لَظُلمٌ عَظيمٌ (آيت : 13) |
۽ جڏهن لقمان ($) پنھنجي پُٽ کي سمجهائيندي چيو ته اي منھنجا پٽڙا! الله تعالى سان گڏ ڪنھن کي به شريڪ نه ڪجانءِ. بيشڪ شرڪ ڪرڻ وڏي ۾ وڏو ظلم آهي. |
وَوَصَّينَا الإِنسٰنَ بِوٰلِدَيهِ حَمَلَتهُ أُمُّهُ وَهنًا عَلىٰ وَهنٍ وَفِصٰلُهُ فى عامَينِ أَنِ اشكُر لى وَلِوٰلِدَيكَ إِلَىَّ المَصيرُ (آيت : 14) |
۽ اسان انسان کي پنھنجي ماءُ پيءُ جي باري ۾ (سھڻي سلوڪ ڪرڻ جو) تاڪيد ڪيو آهي. سندس ماءُ تڪليف مٿان تڪليف برداشت ڪري کيس پنھنجي پيٽ ۾ رکيو، پوءِ ٻن سالن تائين کيس کير پياريندي رهي ته جيئن هو الله تعالى ۽ پنھنجي ماءُ پيءُ جو شڪر گذار ٿئي. آخرڪار (سڀني کي) اسان ڏي ئي موٽڻو آهي. |
وَإِن جٰهَداكَ عَلىٰ أَن تُشرِكَ بى ما لَيسَ لَكَ بِهِ عِلمٌ فَلا تُطِعهُما وَصاحِبهُما فِى الدُّنيا مَعروفًا وَاتَّبِع سَبيلَ مَن أَنابَ إِلَىَّ ثُمَّ إِلَىَّ مَرجِعُكُم فَأُنَبِّئُكُم بِما كُنتُم تَعمَلونَ (آيت : 15) |
پر جيڪڏهن ماءُ پيءُ توتي زور رکن ته تون الله تعالى سان گڏ اهڙن کي شريڪ ڪر جن جي باري ۾ تو وٽ ڪو دليل نه هجي ته اهڙي ڳالهه ۾ انهن جو ڪڏهن به چيو نه مڃجانءِ پر دنيا ۾ انهن سان سھڻي سلوڪ سان پيش اچجانءِ ۽ ان ماڻهوءَ جي پيروي ڪجانءِ جيڪو مون ڏي لاڙو رکندو هجي پوءِ توهان سڀني کي مون ڏانھن ئي موٽڻو آهي. توهان جيڪو ڪجهه ڪريو ٿا مان توهان کي سڀ ڪجهه ٻڌائيندس. |
يٰبُنَىَّ إِنَّها إِن تَكُ مِثقالَ حَبَّةٍ مِن خَردَلٍ فَتَكُن فى صَخرَةٍ أَو فِى السَّمٰوٰتِ أَو فِى الأَرضِ يَأتِ بِهَا اللَّهُ إِنَّ اللَّهَ لَطيفٌ خَبيرٌ (آيت : 16) |
اي منھنجا پٽڙا! جيڪڏهن سَرنهن جي داڻي جي برابر به ڪا شيءِ هوندي پوءِ اها چاهي جبل جي هيٺان هجي يا آسمانن ۾ هجي يا زمين جي اندر هجي ته به الله تعالى ان کي ٻاهر آڻي حاضر ڪندو. بيشڪ الله تعالى انتهائي باريڪ بين ۽ خبر رکندڙ آهي. |
يٰبُنَىَّ أَقِمِ الصَّلوٰةَ وَأمُر بِالمَعروفِ وَانهَ عَنِ المُنكَرِ وَاصبِر عَلىٰ ما أَصابَكَ إِنَّ ذٰلِكَ مِن عَزمِ الأُمورِ (آيت : 17) |
اي منھنجا پٽڙا! نماز قائم ڪر، نيڪي جي تلقين ڪندو رهه ، برائي کان روڪيندو رهه ۽ جيڪا تڪليف توکي پھچي ان تي صبر ڪندو رهه. بيشڪ هي سڀ ڪم وڏي همت وارا آهن. |
وَلا تُصَعِّر خَدَّكَ لِلنّاسِ وَلا تَمشِ فِى الأَرضِ مَرَحًا إِنَّ اللَّهَ لا يُحِبُّ كُلَّ مُختالٍ فَخورٍ (آيت : 18) |
۽ تون وڏائيءَ سان منھن ڦيري ماڻهن سان نه ڳالهاءِ ۽ زمين تي آڪڙجي نه هل. بيشڪ الله تعالى کي وڏائي خور ۽ پاڻ پڏائيندڙ ماڻهو پسند نه آهن. |
وَاقصِد فى مَشيِكَ وَاغضُض مِن صَوتِكَ إِنَّ أَنكَرَ الأَصوٰتِ لَصَوتُ الحَميرِ (آيت : 19) |
پنھنجي هلڻ ۾ نرمي اختيار ڪر ۽ پنھنجي آواز کي هلڪو رک. بيشڪ آوازن مان بُري ۾ بُرو آواز گڏهن جو هوندو آهي. |
أَلَم تَرَوا أَنَّ اللَّهَ سَخَّرَ لَكُم ما فِى السَّمٰوٰتِ وَما فِى الأَرضِ وَأَسبَغَ عَلَيكُم نِعَمَهُ ظٰهِرَةً وَباطِنَةً وَمِنَ النّاسِ مَن يُجٰدِلُ فِى اللَّهِ بِغَيرِ عِلمٍ وَلا هُدًى وَلا كِتٰبٍ مُنيرٍ (آيت : 20) |
ڇا توهان نه ڏٺو آهي ته آسمانن ۽ زمين جي هر شيءِ کي الله تعالى توهان جي خدمت ۾ لڳائي ڇڏيو آهي ۽ توهان جي مٿان ظاهري ۽ لڪيل هر قسم جون نعمتون پوريون ڪري ڇڏيون آهن. پر پوءِ به ڪي اهڙا ماڻهو آهن جيڪي بغيرعلم، بغيرهدايت ۽ بغيرروشن ڪتاب جي الله تعالى جي باري ۾ جهيڙو ڪري ويٺا آهن. |
وَإِذا قيلَ لَهُمُ اتَّبِعوا ما أَنزَلَ اللَّهُ قالوا بَل نَتَّبِعُ ما وَجَدنا عَلَيهِ ءاباءَنا أَوَلَو كانَ الشَّيطٰنُ يَدعوهُم إِلىٰ عَذابِ السَّعيرِ (آيت : 21) |
جڏهن کين چيو وڃي ٿو ته جيڪو ڪجهه الله تعالى نازل ڪيو آهي ان جي پيروي ڪريو ته ان جي جواب ۾ هُو چون ٿا ته بس! اسان ته پنھنجي ابن ڏاڏن جي ٻڌايل شين جي ئي پيروي ڪنداسون. ڇا ان صورت ۾ به توڙي جو شيطان کين باهه جي عذاب ڏي سڏي رهيو هجي؟ |
وَمَن يُسلِم وَجهَهُ إِلَى اللَّهِ وَهُوَ مُحسِنٌ فَقَدِ استَمسَكَ بِالعُروَةِ الوُثقىٰ وَإِلَى اللَّهِ عٰقِبَةُ الأُمورِ (آيت : 22) |
جنھن پنھنجو پاڻ کي الله تعالى جي حوالي ڪري ڇڏيو ۽ اهو نيڪي ڪندڙ به آهي، حقيقت ۾ اُن هڪ مضبوط سھارو پڪڙي ورتو ۽ سڀني ڪمن جو فيصلو آخرڪار الله تعالى وٽ ئي ٿيندو. |
وَمَن كَفَرَ فَلا يَحزُنكَ كُفرُهُ إِلَينا مَرجِعُهُم فَنُنَبِّئُهُم بِما عَمِلوا إِنَّ اللَّهَ عَليمٌ بِذاتِ الصُّدورِ (آيت : 23) |
۽ جيڪو ماڻهو ڪفر ڪري ٿو سو ان جو ڪفر توکي ڏک ۾ نه وجهي،ڇوته انهن سڀني جو اسان ڏانھن ئي موٽڻ آهي. پوءِ هنن جيڪي به عمل ڪيا هوندا سي سڀ اسان کين ٻڌائينداسين. بيشڪ الله تعالى دلين جي رازن کي به ڄاڻيندو آهي. |
نُمَتِّعُهُم قَليلًا ثُمَّ نَضطَرُّهُم إِلىٰ عَذابٍ غَليظٍ (آيت : 24) |
اسان انهن ماڻهن کي ٿوري وقت لاءِ خوشحالي ڏينداسين پوءِ کين سخت عذاب ڏانھن گھلينداسين. |
وَلَئِن سَأَلتَهُم مَن خَلَقَ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ لَيَقولُنَّ اللَّهُ قُلِ الحَمدُ لِلَّهِ بَل أَكثَرُهُم لا يَعلَمونَ (آيت : 25) |
جيڪڏهن تون انهن ماڻهن کان پڇندين ته آسمانن ۽ زمين کي ڪنھن پيدا ڪيو آهي؟ ته هو ضرور چوندا ته الله تعالٰي. تون چؤ ته سڀ تعريفون الله تعالى جي لاءِ ئي آهن پر انهن مان گهڻا ماڻهو ڄاڻن ئي نٿا. |
لِلَّهِ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ إِنَّ اللَّهَ هُوَ الغَنِىُّ الحَميدُ (آيت : 26) |
آسمانن ۽ زمين ۾ جيڪو ڪجهه آهي سو سڀ الله تعالى جو آهي. بيشڪ الله تعالى وڏو بيپرواهه ۽ تعريف جي لائق آهي. |
وَلَو أَنَّما فِى الأَرضِ مِن شَجَرَةٍ أَقلٰمٌ وَالبَحرُ يَمُدُّهُ مِن بَعدِهِ سَبعَةُ أَبحُرٍ ما نَفِدَت كَلِمٰتُ اللَّهِ إِنَّ اللَّهَ عَزيزٌ حَكيمٌ (آيت : 27) |
جيڪڏهن زمين جا سڀ وڻ ڦري قلم بڻجي وڃن ۽ سڀ سمنڊ مس ٿي وڃن ۽ پوءِ ٻيا ست سمنڊ به ڦري مس ٿي وڃن تڏهن به الله تعالى جون ڳالهيون (لکڻ سان)ختم نه ٿينديون. بيشڪ الله تعالى زبردست حڪمت وارو آهي. |
ما خَلقُكُم وَلا بَعثُكُم إِلّا كَنَفسٍ وٰحِدَةٍ إِنَّ اللَّهَ سَميعٌ بَصيرٌ (آيت : 28) |
توهان انسانن کي پيدا ڪرڻ ۽ وري مرڻ کان پوءِ جيئرو ڪري اٿارڻ (اسان جي لاءِ) رڳو هڪ ڄڻي کي پيدا ڪرڻ ۽ ٻيھر جيئرو ڪرڻ جي برابر آهي. بيشڪ الله تعالى ٻڌندڙ ۽ ڏسندڙ آهي. |
أَلَم تَرَ أَنَّ اللَّهَ يولِجُ الَّيلَ فِى النَّهارِ وَيولِجُ النَّهارَ فِى الَّيلِ وَسَخَّرَ الشَّمسَ وَالقَمَرَ كُلٌّ يَجرى إِلىٰ أَجَلٍ مُسَمًّى وَأَنَّ اللَّهَ بِما تَعمَلونَ خَبيرٌ (آيت : 29) |
ڇا تو نه ڏٺو ته بيشڪ الله تعالى رات کي ڏينھن ۾ داخل ڪري ٿو ۽ ڏينھن کي رات ۾ داخل ڪري ٿو؟ سج ۽ چنڊ کي (پنهنجي نظام ۾) پابند رکيو آهي. اِهي سڀ هڪ مقرر وقت تائين گردش ڪري رهيا آهن. جيڪو اوهين ڪريو ٿا بيشڪ الله تعالى ان کان خوب واقف آهي. |
ذٰلِكَ بِأَنَّ اللَّهَ هُوَ الحَقُّ وَأَنَّ ما يَدعونَ مِن دونِهِ البٰطِلُ وَأَنَّ اللَّهَ هُوَ العَلِىُّ الكَبيرُ (آيت : 30) |
اهو سڀ ڪجهه ان ڪري آهي جو الله تعالى ئي حقيقي معبود آهي ۽ ان کي ڇڏي جيڪي ٻين کي سڏين ٿا سي سڀ ڪوڙ تي ٻڌل آهن. بيشڪ الله تعالى تمام مٿانھون ۽ وڏي شان وارو آهي. |
أَلَم تَرَ أَنَّ الفُلكَ تَجرى فِى البَحرِ بِنِعمَتِ اللَّهِ لِيُرِيَكُم مِن ءايٰتِهِ إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايٰتٍ لِكُلِّ صَبّارٍ شَكورٍ (آيت : 31) |
ڇا تو نه ڏٺو ته الله تعالى جي مھرباني سان ٻيڙي سمنڊ ۾ هلي رهي آهي ته جيئن هو توهان کي پنهنجيون نشانيون ڏيکاري. بيشڪ انهن ڳالهين ۾ صبر ۽ شڪر ڪندڙ ماڻهن جي لاءِ وڏيون نشانيون آهن. |
وَإِذا غَشِيَهُم مَوجٌ كَالظُّلَلِ دَعَوُا اللَّهَ مُخلِصينَ لَهُ الدّينَ فَلَمّا نَجّىٰهُم إِلَى البَرِّ فَمِنهُم مُقتَصِدٌ وَما يَجحَدُ بِـٔايٰتِنا إِلّا كُلُّ خَتّارٍ كَفورٍ (آيت : 32) |
۽ جڏهن کين سمنڊ جي ڇولي ڪارن ڪڪرن وانگر ڍڪي ٿي ته ان وقت هو دين کي الله تعالى جي لاءِ خالص ڪري صرف ان کي ئي سڏيندا آهن پوءِ جڏهن هو انهن کي خشڪي تي بچائي آڻيندو آهي ته انهن مان ڪن جو خلوص وارو جذبو ٿڌو ٿي ويندو آهي. اسان جي آيتن جو انڪار رڳو وعدي خلافي ڪندڙ ۽ ناشڪر گذار ماڻهو ڪندو آهي. |
يٰأَيُّهَا النّاسُ اتَّقوا رَبَّكُم وَاخشَوا يَومًا لا يَجزى والِدٌ عَن وَلَدِهِ وَلا مَولودٌ هُوَ جازٍ عَن والِدِهِ شَيـًٔا إِنَّ وَعدَ اللَّهِ حَقٌّ فَلا تَغُرَّنَّكُمُ الحَيوٰةُ الدُّنيا وَلا يَغُرَّنَّكُم بِاللَّهِ الغَرورُ (آيت : 33) |
اي انسانو! پنھنجي پالڻھار جي پڪڙ کان بچو ۽ ان ڏينھن کان ڊڄو جنھن ڏينھن ڪوبه پيءُ پنھنجي اولاد کي ڪم نه ايندو ۽ نه ئي اولاد پنھنجي پيءُ کي ڪنھن ڪم ايندي. بيشڪ الله تعالى جو وعدو سچو آهي. توهان کي دنيا جي زندگي ڌوڪي ۾ نه وجهي ۽ نه ئي ڌوڪي باز (شيطان) توهان کي الله تعالى جي باري ۾ ڪنھن ڌوڪي ۾ مبتلا ڪري. |
إِنَّ اللَّهَ عِندَهُ عِلمُ السّاعَةِ وَيُنَزِّلُ الغَيثَ وَيَعلَمُ ما فِى الأَرحامِ وَما تَدرى نَفسٌ ماذا تَكسِبُ غَدًا وَما تَدرى نَفسٌ بِأَىِّ أَرضٍ تَموتُ إِنَّ اللَّهَ عَليمٌ خَبيرٌ (آيت : 34) |
بيشڪ الله تعالى کي ئي قيامت جي اچڻ جو علم آهي. اهو ئي مينھن وسائي ٿو ۽ هو ڄاڻي ٿو ته ماءُ جي پيٽ ۾ ڇا آهي؟ ڪنھن به ساهواري کي اها خبر نه آهي ته هو سڀاڻي ڇا ڪمائيندو؟ ۽ ڪنھن به ساهواري کي اها خبر نه آهي ته هو زمين جي ڪهڙي حصي تي مرندو؟ بيشڪ الله تعالى وڏي علم وارو ۽ هر شيءِ جي خبر رکندڙ آهي. |